تصوف

سچل جو فڪر

هن ڪتاب ۾ شامل حزب الله آءِ سومري جا اڪثر مقالا ”سچل ادبي ڪانفرنس“ ۾ پڙهيل ۽ ”سرمست“ ۾ شايع ٿيل آهن. هونئن به ضرورت ان ڳالهه جي هوندي آهي ته ڪنهن به وڏي شاعر جي شاعريءَ جي حوالي سان صف خانه پوري ڪرڻ لاءِ يا ڪانفرنس ۾ نالو ڳڻائڻ لاءِ روايتي ڳالهيون لکڻ بجاءِ ڪا نئين تحقيق ڪجي. حزب الله آءِ سومرو به سچل سائينءَ جي فڪر جي حوالي سان ڪي نيون ڳالهيون ۽ ڪي نوان نقطا ڳولڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي.
Title Cover of book سچل جو فڪر

انگريزي سامراج خلاف جدو جهد ۾ سچل سائين جوڪردار

منهنجي راءِ آهي ته سچل جي صوفياڻي ۽ مذهبي بهتري خاطر ظهور شاعريءَ کان سواءِ سچل شاعريءَ جو پس منظر انگريز سامراج خلاف جدوجهد آهي. ڇو ته سچل جي دور ۾ انگريز برصغير جي گهڻي حصي تي قبضو ۽ سنڌ ۾ هٿ وجهي چڪا هئا.

فرنگي خطرو ۽ ڀٽائيءَ دور انديشي
مرزا عيسيٰ خان جي دور ۾ فرنگين پاران ٺٽي ۾ قتل عام ڪرڻ ۽ غلام ساهه ڪلهوڙي جي فرنگين سان مهربانيون ۽ سنڌ ڀرسان ٻين علائقن ۾ فرنگين جي دخل اندازي ڏسي ڀٽائي فرنگي خطري کي محسوس ڪري ماڻهن ۽ حاڪمن کي سوچڻ جي دعوت ڏني هئي.
دَنگي وچ درياههَ، ڪِي ٻُڏي، ڪي اڀڙي،
هو جي واڍي واڻيا، سي سُونَهڻَ سڀ سڙيا
مُعلمَ ماڳ نه اڳين، ڦِلنگي منجهه ڦِريا
ملاح! تنهنجي مڪڙيءَ اچي ڇو رچڙهيا
جتي ڍينگ ڍريا، تتي تاريءَ تنهنجي
(شاه جو رسالو آڏواڻي سر سريراڳ داستان 3 بيت 9)

سچل جو دور
سچل سرمست جي ولادت سچل چيئر ۾ رکيل فاروقين جي شجري موجب 1170هه ۽ وفات متفقه طور 14 رمضمان 1242هه آهي. اهڙيءَ طرح 1170هه ۾ عيسوي سنه هو 1756هه (تقويم تاريخي از عبدالقدوس هاشمي ص 293) ۽ رمضمان 1224هه ۾ عيسوي سنه هو 1827ع (تقويم تاريخ ص 311)
ان طرح سچل جو دور 1170 هه مطابق 1756 ع کان 1242هه مطابق 1827ع تائين تقريباََ 72 سال رهيو. ان سچل جي حياتيءَ واري دور کان ڪجهه پهريون واريون حالتون به ان دور تي واضع طور اثرانداز هيون. ان وقت سنڌ جون ڪهڙيون حالتون هيون؟
محمدعلي حداد سچل جي دور جو مختصر تجزيو هن طرح ڪيو آهي ”حضرت سچل سرمست جو زمانو سنڌ جي تاريخ جو نهايت پر آشوب دور هيو. سندس زماني ۾ هڪ پاسي پنهجن جا هي پرڪار هئا جو هڪ طرف کهڙن جي مخدومن کي مسجد اندر ماريو ويو، ٻئي طرف ڪلهوڙن ۽ ٽالپرن جي اڻبڻت سبب رت وهيو ته وري چوٿين طرف خود ميرن کي پنهنجي گهران لڳي چڪي هئي. اندروني طرور چئن ئي طرفن کان اوندهه هجڻ سان گڏ ڌريان ئي ڌريان ئي ڌار يا جدا ڪاوڙيل هئا جن مان نادر شاهه، احمد شاه، مدد خان ۽ سک اتر کان، ڪڇ جو راءُ ڏکڻ کان، ته جوڌپور جو راجا اوڀر کان، قلان جو خان اولهه کان سنڌ تي ڪاهون ڪيون ۽ ستم بالاءِ ستم اهو جو انگريزن جون حريص نگاهون به سکي ستادي سنڌ تي کتل هيون (سرمست 17 / 1997ص 7)

سچل ۽ مغربي يلغار
سچل سرمست پنهنجي دور جي ٽالپر حڪمرانن کي خبردار ڪري ٿو ته هي جيڪي مغربي آهن اتي اندروني طرح توهان کي کاٽ هڻندا ۽ توهان جي فوج جا لاش پيا هوندا ان ڪري اندروني طرح ذاتيءَ ۽ مذهبي جهيڙا ختم ڪري ڇڏيو.
اولهه سج نه اڀري، الهيٰ متان ٿئي اوڀر
ماري ويندءِ مغربي تاريڪيءَ ۾ تير
ڇڏي ويندءِ ڇپرين، ڍونڍن سندا ڍير
مرد ڏين ٿا ماهه ۾، مانجهي ڪي ميڙ
وَجُهه ٿئي، وجهه پاڻ ۾ هڪڙائي جي هير
ناسوري ناچيز، پٽ پوءِ نابوذ ڪر
دنيا ڏٺو ته ٽالپرن خاطر خواه ڌيان نه ڌريوءِ ميرن مان پنهنجي اختلافن سبب مير صوبدار خان ٽالپر ۽ مير علي مراد خان ٽالپر جڏهن ته هندن مان نائون مل انگريز سان ٻڌجي بيهي رهيا ۽ انگريزن سچل جي وفات 1827ع کان سورهن سال پوءِ 1843ع ۾ سنڌ تي قبضو ڪري ورتو.

مغربي فوج جي قوت ۽ بي رحم جملا
سچل سرمست فرنگين جي فوجي تنظيم 7 انهن جي بي رحماڻن جملن کي وڏي طاقت طور ڏٺو ٿي ۽ اهو پنهنجي شاعريءَ ۾ پنهنجي ماڻهن کي احساس ڏياريو اٿس. هو به اهڙي فوج تيار ڪن جڏهن ته انهن وٽ ڪل وقتي منظم فوج نه هئي.
فوجان حسن ديان چڙهه پيان
جيون چڙهي سپاهه فرنگيان جا
گردا گرد انهين ڪُون، جو ويڙهه گهتن
ڏاڍا تاب انهان، ووتُرنگيان دا
قابو نين سپاهي، سوڪاهه پون
عجب جوڙ ڏٺاسين جنگيان دا
انهان نال برار ڪيوين ڪري
”سچو“ لشڪر روميان زنگيان دا.

مغربين جا معاهدا
انگريزن مختلف طريقن سان معاهدا ڪري ٽالپرن کي ٻڌندا ويا جنهن ڪري هو مقابلي ۽ مدد وٺڻ يا سيد احمد شهيد بريلوي جهڙن مجاهدن جي مدد ڪرڻ جهڙا به نه رهيا. بکر جو قلعو به افغانستان تي حملي لاءِ انگريزن کي اڌارو ڏنائون جيڪو انگريزن قبضي ۾ رکيو جتان هنن ميرن، درياهي گهٽن گهيڙن تي نظر رکي ۽ هتي پنهنجا ماڻهو پيدا ڪيا. سچل اهڙن معاهدن بابت چيو ته:
سچ ٿا مرد چون، ڪنهن کي وڻي نه وڻي
ڪوڙي دوستيءَ جو دم بڻي نه بڻي
ٻني ۾ پيغام، ڪي لکي مڪا سڄڻين
سي نه سمجهن عام، جي آهن مجهه اشارتان
هڪڙي ڏٺم موج ۾، تنهن ۾ مير ملاح
مڃيون مارن اوچتيون، بانڪابي پرواه
لهر بحر جا حڪم ڄاڻي شوريا وتن شاهه
وائڙا رکن، تن مٿان، ويچارا ويساهه
آسرو اڙين ڇو آهي مجهه الله
ڏيئي پاند پناهه، رکي وٺندو راڄ کي
يعني انگريزن جي ميرن سان دوستي ڪوڙي آهي هو معاهدن ۾ اندروني وڏو منصوبو رکن ٿا جڏهن ته هتان جا وائڙا حاڪم ويساهه رکي صحيحون ڪري قاسندا وڃن ٿا.

مغريبن جي مفاد ۾ اندروني حالتون
سچل سرمست جو دور اندروني طور انتشار، تعصب ۽ غلامانه ذهنيت وارو هو جيڪو ڪنهن ٻاهرين جمله آور لاءِ بهترين وقت هوندو آهي.
1. مسجد ۽ مدرسي جو روايتي انداز: مسجد ۽ مدرسي ۾ اصل اسلام بجاءِ سمي اسلام رهيو هو. مذهبي عالم کاڌيءَ دولت ڪڍ هئا ۽ ماڻهن جي اڳواڻي نه پيا ڪن ان جو اظهار سچل هن طرح ڪيو.
مسجد دي وچ ڪاڻ ٽڪردي، ڏيون بانگ صلواتان
منهن چٻَي، ڏاڙهي ڏنگي، خام پڙهن صلواتان
عالمَ ليکي روزي رکندي، پر هِن کاوڻ ديان آفاتان
سچل راهه نه اها سچ تدي، برهه والبان ٻيا باتان
رک ڪَي ورد وظيفي اڳون، جهڻ جهڻ ٻهون ڪريندي
مسجد وچ مراقبي ڪرڪَي، مکيان ويک مريندي
سچي ڳالهه هادي دي اُتي، نا اعتبار ڪريندي
رعب ڪاڻ دنيادي، سچل نوين سبق پڙهندي
قاضي مين سچ آکان تينون، ڇوڙ مسائل مصلا
آءُ پيئون هڪ سرڪي مئي دي، مورُ نه ٿيون ملا
سچل جهن حق حاصل ناهين، راهه ڪنون اوڀلا
يعني عالمن جو مقصد دولت ميڙڻ هوءِ اسلام جي تعليم موجوب دفاعي سگهه ۽ جهان بجاءِ ماڻهن کي ننڍن مسئلن ۾ الجهائي ڇڏيائون.
2. خاتقا جو روايتي انداز: سچل جي دور م پير پزرگ به عوامي قيادت بجاءِ وظيفن ۾ پورا هئا ۽ ترڪ دنيا جا داعي هئا سو ماڻهن ۾ غلاماني ذهنيت پيدا ڪرڻ جا ڪارڻ بڻجي رهيا هئا، سچل سائين فرمائي ٿو:
مڪر بازي وچ فعل گهڻيري، طرحون طرح ڪريندي
نوعان نوع عالم دي اڳون، لاف گراف مريندي
اسان ديوين تي، اسان اونوين، سي کوٽي ماڻ ڀريندي
ڪوڙي ڪوڙ والي تان سچل، ٻيٽي ٻاٽ ڏريندي
مذهبن لڪ ۾ ماڻهو ن منجهايا
شيخي، پيري، بزرگي بيحد بلايا
ڪي نمازون نوڙءَ پڙهن، ڪن مندر وسايا
اوڏو ڪين آيا، عقل وارا عشق کي

3. هندو مسلم تعصب:- سنڌ ۾ ڪن جاين تي هندن کي رسو چوڻ يا ڪنهن مسلمان کي ڀاءُ چوڻ تي زوري مسلمان ڪيو ٿي. جنهن ڪري هندن ۾ بي چيئي هئي سچل پنهجي پيغام ۾ چيو ته هندن کي پاڻ سان گڏ کڻي هلوءِ انهن سان ناجائزيون بند ڪريو نه ته اهي توهان جي خاتمي جو سبب ٿيندا ۽ دنيا ڏٺو ته نائون مل انگريزن جو ساٿي ٿي بيٺو. سچل هندو مسلم جو سياسي اتحاد جو قائل هو نه نه ڪي مذهبي اتحاد جو ۽ سندس وفات کان ايڪهٽ سال پوءِ سنه 1888ع ۾ هندو مسلم سياسي اتحاد ”ڪانگريس“ جي صورت ۾ وجود ۾ آيو.

4. فرقي بازي: سچل سرمست فرقن جنهن کي هو ”مذهب“ سڏي ٿو انهن ۾ يقين رکندڙ نه هو. ماڻهن ۾ فرقي بازيءَ سبب تقسيم ٿي رهي هئي. مير حاڪم شيعه هئا ۽ رعيت سني هئي ان ڪري شيعه سنيءَ جي وڏي ٽڪراءُ جو انديشو هو ته سچل ان خلاف اٿي ٻيٺو ته فرقي بازي ختم ڪريو.
مذهبن ملڪ ۾ ماڻهو منجهايا
ڪڍ مذاهب من مان ساجهر ساڻ سويل
اتي ڪفر نه اسلام، آهي سڀني کي سلام
مذهب مور نه مڃان، آءُ مشرب منجهه کي سلام
يعني سياسي طرح ڪفر اسلام جي تفريق جو وقت نه آهي ۽ فرقا ته آءُ موران ئي نه مڃان
نا مين شيعه نامين سني، صوفي صاف برهه دي منِي
5. غلامانه ذهنيت: سچل جي دور ۾ مقامي بادشاهن جي دٻدٻي، عالمن ۽ پيرن جو ورد وظيفن ۽ نمازون روزن ۾ وڪوڙجي ملڪي حالتن کان الڳ ٿي وڃڻ ڪري عام ماڻهو جي ذهنيت غلامانه ٿي وئي هئي پر سچل سرمست اها ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجي شاعريءَ کي اسعتمال ڪيو.
تون ئي مالڪ ملڪ جو، ٻانهو ڀانءِ مَ پاڻ
صورت منجهه سڃاڻ، پاڻ پنهنجو پاڻهي
پٺتي ڄڃ مَ ڄُل ، منجهه تماشي نه پوين
ڇوڙ گمان گدائي والا، شملو ٻڌ شاهاڻو
مرشد ٻانهو نا چيو، سچو تون سردار
ه
ٽوڙ رواج ۽ رسمون ساريون، مرد ٿيئن مردانو
پاڻ بيگانو مور نه ڄاڻين، آهين يار يگانو
وهم سچل ڪڍ ٻانهپ والا، شملو ٻڌ شاهانو
ه
سوئي ڪم ڪريجي، جنهن وچ الله آپ بڻيجي
وچ ميدان محبت والي، پهلي پهر پڙهيجي
مار نعارا اناالحق دا، سولي سر چڙهيجي
اندر ٻاهر هڪوهووين، موتو قبل مريجي
وچ ڪفر اسلام ڪڏاهان عاشق تان نه اڙيجي
سبحاني يا اعظيم شاني، سچل سُر سڻيجي
يعني سچل ماڻهن مان غلامانه ذهنيت ختم ڪرڻ لاءِ کين اٿاريو ۽ کين سمجهايو ته هوئي ملڪ جا اصل مالڪ آهن ان ڪري اهڙا ڪم ڪن جيڪي حاڪمن ۽ مالڪن کي سونهن.

6. حڪومت جي تقسيم: سچل جي دور ۾ سنڌ جي حڪومت ٽن حصن ۾ تقسيم هئي.
(الف) ميرپور خاص سرڪار
(ب) خيرپور سرڪار
(ج) حيدرآباد سرڪار
حيدرآباد سرڪار جيڪا مرڪزي سرڪار جي حيثيت رکي پئي ان جو حال اهو هوجو چار چار بادشاهه هڪ وقت حڪومت ڪن پيا جن کي چوءياري چيو وڃي ٿو. اها تقسيم در تقسيم ملڪ کي ڪمزورئي ڪندي. سچل سرمست ان چوياري سسٽم (تقسيم حڪومت) کي تسليم نٿو ڪري ۽ وري به هڪ بادشاهه واري پنهجي علائقي واري حڪومت کي پسند ڪري ٿو ڇو ته هڪ بادشاهه، هڪ ئي پاليسي اختيار ڪندو پر چار بادشاهه معنيٰ چار پالسيون جيڪو ملڪ لاءِ سٺو سنوڻ نه آهي اهوئي سبب آهي جو حيدرآبادي حڪومت ۾ مير صوبدار جهڙا پنهنجي بادشاهي حق وٺڻ لاءِ انگريزن سان مليا. سو سچل فرمائي ٿو.
ڇوڙڪي ديس چو ياري والا
اس اسان گڏ جالِ

سچل جي موسيقيءَ جي تيزي
سچل سرمست ماڻهن کي اٿارڻ ۽ مقابلي جهڙو بنائڻ لاءِ تيز موسيقيءَ کي اختيار ڪيو ڊاڪٽر تنوير عباسي ان بابت تمام بهتر لکيو آهي ته:
شاهه لطيف جي درگاهه تي جيڪا موسيقي ان دور کان هلندي پئي اچي، انهيءَ ۾ عشق آهي گهرائي آهي، انهيءَ ۾ ماٺار آهي، ان ۾ خيال آهي، فڪر انگيزي آهي. انهيءَ ۾ اهي ئي ڳالهيون آهن پر سچل سائين وٽ اچي اها موسيقي تبديل ٿي ٿئي نه رڳو موسيقي تبديل ٿئي ٿي پر گڏوگڏ سچل جي شاعريءَ جو انداز به تبديل ٿو ٿئي. اهو مان چوندو آهيان ته هڪڙي عجيب فنامنا آهي ته شاهه لطيف کان وٺي سچل سرمست تائين شاه لطيف جي وفات 1752ع ۾ سچل جي وفات 1826ع (درست 1827ع) ته 75 سالن ۾ ايڏي وڏي تبديلي! ايڏي وڏي تبديلي 75 سالن جي عرصي ۾ آخري ڪهڙي ماجدا؟ اها آهي ته شاه لطيف جي زماني ۾ سنڌ آزاديءَ ۾ مرڪزيت ڏانهن وڌي رهي هئي نور محمد ڪلهوڙو ۽ ان کان پوءِ غلام شاهه ڪلهوڙو انهن جي زماني ۾ سنڌ ذري گهٽ مغلن جي چنبي کان آزاد ٿي ۽ متعد ٿي.
سچل سرمست جي زماني ۾ سنڌ Disintegration جي طرف وڌي رهي هئي ۽ سنڌ غلاميءَ جي طرف وڌي رهي هئي. سچل سرمست جي وفات کان سترهن سال (درست سورهن سال) پوءِ سنڌ تي انگريزن جون فوجون اِهي اچن پيون ۽ چيو اٿائين.
ماري ويندءِ مغربي تاريڪيء ۾ تير
اهي لفظ اٿس ۽ تنهن کان پوءِ هن ڏٺو ته هندن کي هن درازن جي درگاهه کان ڪجهه ئي ڪلوميٽر پري زوري مسلمان ڪيو ٿو وڃي. مٽياريءَ ۾ زوري مسلمان پئي ڪيو ويو ته اهي سڀ ڳالهيون سنڌ کيDisintegration جي طرف وٺي ٿي ويون ته سنڌ ۾ مذهبي طور تي منافرت پيدا ٿئي جيئن انگريز آسانيءَ سان قابض ٿي سگهن. انهيءَ جي ڪري سچل سرمست جو لهجو شاعريءَ ۾ هڪڙو کلمه کلا (Strait Farward) رهيو آهي. هن شاهه لطيف وانگر ڳجهارتن ۾ نه ڳالهايو آهي. هن جي شاعري Direct Impact آهي. هن سڌو سنئون چيو آهي ته:
وقت اها ٿئي وِير، دوئي دور ڪرڻ جي
ڪڍ مذاهب من مان، ساجهر ساڻ سوير
ڪابه لڪ لڪرئي ڳالهه ڪانهي ڪا، ڪوبه Symbolism نه آهي ته جهڙيءَ طرح سچل ۾ انداز شاعريءَ ۾ سڌو آهي اهڙي طرح سچل جي موسيقي جيڪڏهن شاه لطيف جي موسيقيءَ جي آڏو رکجي ته ان ۾ وڏو فرق نظر ايندو ته اهو والهانه آهي، سچل سرمست جي موسيقي وجد آفرين آهي ان ۾ وجدائي ڪيفيت آهي ان ۾ نرت تال آهي ناچ جو رنگ آهي. سچل جي ڪلام ٻڌڻ وارو چپ ڪري ويهي نه سگهندو ان جا هٿ پير چرندا، هٿ پير لڏندا پر شاه لطيف جو ڪلام ٻڌڻ وارو چپ ڪري منهن مونن ۾ وجهي ويهندو. اهو آهي فرق ۽ اهو فرق تاريخي فرق آهي جنهن جو سبب مون توهان کي ٻڌايو ته سچل ان وقت چاهيو پئي ته ماڻهو جذباتي ٿين ماڻهو وجد ۾ اچن، ماڻهو والهانا نموني سان اٿن ۽ حالتن جو مقابلو ڪن.
(سڀني کان سهڻي ساڀيا ص 17 کان 19)

پنهنجي زمين جي حفاظت
سچل هتان جي حاڪمن ۽ عوام کي ڌرتيءَ جي حفاظت لاءِ اساهيو آهي:
هڪ جُوءِ، ٻي جوءِ، مرد نه نه ڇڏن مينڌڙا
تو پڻ پرين پوءِ، ڪوهه لڄايو ڪاڪ کي
ه
هڪ جُوءِ، ٻي جوءِ، ڇڏن ڪين جوان
اهي به انسانن جي ننگن تان نثار ٿيا
مير رستم جهڙي پير مرد کي مخاطب ٿيندي چيو اٿائين.
سچل عشق ٻڍا نه ٿيوي، توڙي چٽي هوي ڏاڙهي
۽ ڪفر (انڪار) جو درس ڏيندي سچل انگريز تسلط کان انڪار سيکاريو آه:
سچو راهه ڪفر دي، سانون مرشد آپ بتايا

سچل جي مغربي خطري خلاف تحريڪ جا اثر
سچل پنهنجي فن ۽ فڪر ذريعي تفرتي بازي ۽ هندو ملسم تعصب گهٽ ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ پڻ فرنگين سان مقابلي لاءِ هتان وارن ۾ روح ڦوڪيو ان جا وڏا اثر نڪا:
1. سچل جا مير رستم خان سان سٺا تعلقات هئا ايتري قدر جو سندس مقبرو به مير رست خان ٺهرايو مير رستم جي انگريزن خلاف ويڙهه جي فيصلي م سچل جي فڪر جو به وڏو اثر رهيو .
2. حيدرآبادي ميرن بنسبٿ خيرپوري ميرن ۾ هندن لاءِ نفرت گهٽ هئي. نائون مل به حيدرآبادي ميرن جي هلت سبب غدار ٿيو. ان کان سواءِ شيعه سني تعصب حيدآباد ميرن ۾ زياده ۽ سچل ڪري خيرپور ميرن ۾ گهٽ هو جيئن علي اڪبر درازي 1972ع ۾) لکيو آهي ته ”ماستر محمد بخش ميمڻ صاحب پنهنجي ڪتاب ۾ وڌيڪ ڏيکاريو آهي ته حيدرآباد جي مير صاحبن منجهان مير واحد بخش خان، مير علي مراد خان ڏانهن لکي موڪليو ته اوهان مت جا موڙ هيا ۽ ڳهيلا آهيو جو اوهان فاروقين جي مريديءَ معتقدي اختيار ڪئي آهي جو اهل شيعت وارن تي بد نما داغ آهي جنهن تي مير علي مراد خان جواب ۾ لکيو ته”سچل سرمست وڏو ڪامل اڪمل عارف اولياءُ آهي هن تي رب رسول جو وڏو راز آهي هن جو منڪر مردود آهي (درازي درٻار جا دُر ص 17)

يعني مذهبي تعصب جي ڪمي جو سبب سچل سرمست هو.
3. سچل جي هندو مسلم سياسي اتحاد جي ڏنل سوچ اهڙو زور ورتو جو سندس وفات کان ايڪهٽ سال پوءِ 1888ع ۾ هندو مسلم سياسي جماعت ڪانگريس ٺهي.
4. مولانا عبيدالله سنڌي موجب هن ۾ سامراج خلاف جدوجهد لاءِ سچل جي سٿ ”ڇوڙ گمان گدائي والا شملو ٻڌ شاهانا“ روح ڦوڪيو. ان کان سواءِ هن علائقي جي سيد صبغت الله شاهه شهيد ۽ مولانا تاج محمود امروتي کي انگريز مخالف تحريڪ هلائڻ ۾ سچل سرمست جو وڏو اثر معلوم ٿئي ٿو. اهي صاحب هندو مسلم سياسي اتحاد جا علمبردار هئا جيڪو سچل جو ڏنل فڪر هو.