تصوف

سچل جو فڪر

هن ڪتاب ۾ شامل حزب الله آءِ سومري جا اڪثر مقالا ”سچل ادبي ڪانفرنس“ ۾ پڙهيل ۽ ”سرمست“ ۾ شايع ٿيل آهن. هونئن به ضرورت ان ڳالهه جي هوندي آهي ته ڪنهن به وڏي شاعر جي شاعريءَ جي حوالي سان صف خانه پوري ڪرڻ لاءِ يا ڪانفرنس ۾ نالو ڳڻائڻ لاءِ روايتي ڳالهيون لکڻ بجاءِ ڪا نئين تحقيق ڪجي. حزب الله آءِ سومرو به سچل سائينءَ جي فڪر جي حوالي سان ڪي نيون ڳالهيون ۽ ڪي نوان نقطا ڳولڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي.
Title Cover of book سچل جو فڪر

قادري طريقي جو صوفي باصفا

صوفي ٿيڻ جو مطلب اهو ٿو ورتو وڃي ته هن کي غلط صحيح، سچ ڪوڙ، ڪفر ايمان، حلال حرام، پاڪ ناپاڪ جي خبر نه پوي يا خبر نه رکي ائين آهي ته رشوت خور، وياج خور ۽ ٻيا بدڪار وڏا صوفي ٿي پوندا. اڄ ڪلهه نشيءَ پاڻ کي صوفي قرار ڏين ٿا. دنيا کان لاتعلق رهندڙ پاڻ کي صوفي قرار ڏين. اڄ جيڪو ناڪاره آهي اهو پاڻ کي صوفي قرار ڏئي ٿو ڇا ائين آهي؟ ڇاگيڙو ڪپڙو ڍڪي ماڻهن جي رت چوسجي يا سامراج جي غلامي ۽ بدڪاريءَ ۾ مبتلا ٿجي ۽ پوءِ پاڻ کي صوفي سڏائي سگهجي ٿو. نه بلڪل نه اهي سڀ هٿ جا ٺهيل غلط اصول آهن اصل صوفي ايئن نه رهيا آهن. اصل صوفي نه مذهب کان باغي رهيا آهن نه اخلاق کان بيزار رهيا آهن. اڄ جو نالي جو صوفي اهڙو ٿي ويو آهي جهڙي منظر نگاري انقلابي شاعر غلام عباس ڀنڀري پنهنجي هڪ نظم ۾ هن طرح ڪئي آهي.
واريءَ تي ٿا ليڪا پايون،
جهڙا آهيون تهڙا ناهيون
ڪاريون پٽيون، خالي ٻانهون
دانهون پنهنجيون ناهن ڪاهون
بند اسان جا رند ۽ راهون
رت ۾ رڱيل واٽون واهون
وڏ ڦڙي جيئن نيڻ ٽمايون
جهڙا آهيون تهڙا ناهيون
صوفي ٿيا سون تلڪ لڳائي
سنڌ جا خالي گيت ٿا ڳايون
جهڙا آهيون تهڙا ناهيون.


ان ڪري تلڪه لڳائڻ، ڳچيءَ ۾ تئي لٽڪائڻ رڳو گيڙو پائڻ، نشي ڪرڻ، مئه خاني وسائڻ، حلال حرام جي تميز نه ڪرڻ تصوف نه آهي اگر اهوئي تصوف آهي ته ڪو اعليٰ پيغام نه ڏئي رهيا آهيون. ڇا سچل سرمست الله رسول، چئن يارن، پنجن تنن ۽ پيران پير کان ڪڏهن بغاوت اختيار ڪئي! ڇا سچل سرمست ڪڏهن چيو ته حلال حرام جي تميز نه ڪريو. ڇا سچل سرمست بلڪل تارڪ الدنيا هو يا کيس گهر ۽ گهرواري به هئي.ڇا سچل سرمست نشو ڪندو هو. ڇا سچل سرمست ڇوڪرن يا ڇوڪرين جو عاشق هو يا رب سائين جو عاشق هو. پوءِ اهو سڀ ڪجهه سمجهو ٿا ته سچل سائين الله رسول جي حڪم جو مڃيندڙ نشي کان پار جو گهر ۽ گهروارئي وارو هو. هو رب سائين جو عاشق هو الله کان سواءِ ڪنهن جي ٻانهپ جو قائل نه هو. الله جي رسول جي رستي جو راهي هو چئن يارن سڳورن، پنجن تنن ۾ پيران پير جو وڏو مداح هو ته پوءِ تصوف ۽ صوفيءَ جي ابتي وصف ڇوٿا بان ڪري؟
صوفيءَ بابت ڀٽ جو شاهه ڇا ٿو چوي؟ هن جي نظر ۾ تصوف ۽ صوفيءَ جون ڪهڙيون وصفون آهن ته سندس بيت پيش ڪريان ٿو.
صوفي صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو،
تهان پوءِ ٿيو جيئري پسڻ پرنيجو.
(شاه جو رسالو آءِ آءِ قاضي – سريمن ڪلياڻ داستان 5 بيت 5)
صوفي لا ڪوفي، ڪونه ڀائنس ڪير
منجهان ئي منجهه وڙهي، پڌر نه آهيس پير
جين ساڻس وير، ٿئي تنين جو واهرو
(شاه جو رسالو آءِ آءِ قاضي – سر يمن ڪلياڻ داستان 5 بيت 6)

ان جو مطلب ته صوفي لاڪوفي آهي صوفي ڪوفي يعني (ظالم يا بي وفا) نه آهي. ڪنهن جو حق نه ڇنندو آهي لالچي نه هوندو آهي اصول يا اخلاقي حدون نه اورانگيندو آهي. اوهان سچل سرمت طرفان انگريز سامراج خلاف انهن جي غلامي خلاف ٻانهپ کي رد ڪرڻ ۽ هندو ملسم جي سياسي اتهاد کي غلط رنگ ڇو ٿا ڏيو. اوهان خدا جي ٻانهپ کي بندي جي ٻانهپ ۾ تبديل ڇوٿا ڪريون اوهان سامراج خلاف نچڻ کي مجازي عشق تائين محدود ڇو ٿا ڪريو. اوهان هندو مسلم سياسي اتحاد کان هندن جي رسمن کي اختيار ڪرڻ جو درس ڇو ٿا وٺو؟
ڀٽائي رڳو صوفي باصفا نٿو پاهي پر سچل سرمست به قادري طريقي جو صوفي هو. ڪو ڇڙواڳ نه هو. قادري طريقو حضرت عبدالقادر جيلانيءَ جي تقويٰ يا پاڪائي وارو سلسلو آهي. جيڪي ماڻهو سچل سرمست کي شريعت کان باغي سمجهن ٿا اهي صحيح نه آهن ڇو ته تصوف جا چارئي مشهور طريقا قادري، نقشبندي، سهروردي ۽ چشتي شريعت تي بهتر نموني عمل جا طريقا آهن. سچل سرمست قادري سلسلي جي هڪ بزرگ هستي شاهه عبيدالله جيلاني بابت گهڙولي جنهن جو قلمي نسخو سچل چيئر ۾ موجود آهي چيو آهي.
شاه عبيد الله جيلاني - بخشش ڪيئي حق سلطاني
ڄم دراز شهردي هان.
سلسله طريقيت قادريه سان وابسگتيءَ جو اعلان سچل سرمست جنهن نظم ۾ ڪيو آهي اهو مولوي محمد صادق راڻيپوريءَ جي جمع ڪيل سچل جو سرائيڪي ڪلام ص 320 تي هن طرح ڏنو ويو آهي.
هادي مهدي مرشد مَيڏا، قادريه هئي ڪامل
عارف عبدالحق بهَر دم، نال مريدان شامل
مهدي شاهه مُربي ميڏا، رهبر راه ڏسيندا
حق محقق، مستي مَي دي، بيشڪ اوبخشيندا
شاهه عبيدالله اسان ڏا خواجه پيران پير
آل نبي اولاد علي، هي حضرت ميدان مير
ڏاڏا اُس دا غُوث االاعظم، مرشد ڪل اولياوان
قدم مبارڪ هويا تَحقق، گردن سڀ سرتاجان،
ڀٽائي سچل سرمست اهو طريقو تصوف پاڪائي لاءِ اختيار ڪيو ان ڪري ائي اسان صوفياء ڪرام کي اولياءَ الله چئون ٿان. خدا تعاليٰ ”ولي“ جي وصف قرآن پاڪ هن مطرح ٻڌائي آهي . اَلاَ اِن اَولِياءَ اللهِ لاَ خَوفُ عَلَيهِم وَلاَهُم يَحزَنُودنَ ه اَلذِينَ اٰمَنُودا وَ کاَنُودا يَتقُودنَ ه (يونس 62 – 63) ترجمو: بيشڪ خدا جي ولين تي نه خوف آهي نه غم. اهي اهي آهن جن ايمان آندو ۽ پرهيز گاري اختيار ڪئي.