تصوف

سچل جو فڪر

هن ڪتاب ۾ شامل حزب الله آءِ سومري جا اڪثر مقالا ”سچل ادبي ڪانفرنس“ ۾ پڙهيل ۽ ”سرمست“ ۾ شايع ٿيل آهن. هونئن به ضرورت ان ڳالهه جي هوندي آهي ته ڪنهن به وڏي شاعر جي شاعريءَ جي حوالي سان صف خانه پوري ڪرڻ لاءِ يا ڪانفرنس ۾ نالو ڳڻائڻ لاءِ روايتي ڳالهيون لکڻ بجاءِ ڪا نئين تحقيق ڪجي. حزب الله آءِ سومرو به سچل سائينءَ جي فڪر جي حوالي سان ڪي نيون ڳالهيون ۽ ڪي نوان نقطا ڳولڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي.
Title Cover of book سچل جو فڪر

سچل سرمست رحه جي مستند رسالي جي تربيت

حضرت حافظ عبدالوهاب فاروقي عرف سچل سرمست رحه سنڌ جو اهو صوفي شاعر آهي جنهن اسلام جي حقيقي پيغام کي نروار ڪيو. هتان جي هندو مسلم رهاڪن کي سياسي اتحاد جو درس ڏنو، انگريز سامراج خلاف ماڻهن کي شاعريءَ وسيلي سجاڳ ڪيو پر افسوس سندس ڪلام هڪ جاءِ تي مستند ۽ سولي انداز ۾ ترتيب هيٺ نه آهي.

موجوده صورتحال
سچل سرمست جي ڪلام ڇاهي ڪتاب گردش ۾ رهيا آهن.
1. سچل جو سرائيڪي ڪلام (مولانا محمد صادق راڻيپوري)
2. انتخاب اردو ڪلام سچ سرمست (قاضي علي اڪبر درازي)
3. سچل جو ڪلام (نماڻو فقير)
4. سچل جو رسالو (مرزا علي قلي بيگ)
5. آغا صوفيءَ وارو سچل جو رسالو
6. عثمان علي انصاريءَ جو سچل جو رسالو
7. رشيد احمد لاشاريءَ وارو سچل جو رسالو
8. ان مٿنويون: راز نامو، وحدت نامو، رهبر نامو، عشق نامو، گداز نامو، وصلت نامو، تارنامو ۽ ساقي نامو جمع اردو تراجم:- قاضي علي اڪبر درازي
9. بحر طويل (فارسي) مرتب: قاضي علي اڪبر درازي
10. ديوان آشڪار بمع اردو ترجمو. مترجه: قاضي علي اڪبر درازي
11. گهڙولي (سچل چيئر ۾ محسن بيڪس جي لکيل قلمي بياض ۾ موجود آهي) مون ان تي تحقيق ڪري ڇٽيهه ئي بند دريافت ڪيا آهن.
12. نڪته تصوف (اهو ڪتاب نشر ۾ آهي)
پر مستند رسالو اڄ تائين ترتيب هيٺ نه اچي سگهيو آهي. اڳ سچل جي مستند رسالي جي ترتي ب ڏيڻ لاءِ ڊاڪٽر تنوير عباسيءَ کي اهو ڪم ڏنو هو پر سندس وفات ڪري نامڪمل رهيو ان بعد معلوم ٿيو ته اهو ڪم خادم عباسي کنيو آهي.

مستند رسالي جي ضرورت
سچل سرمست سنڌ جو هڪ صوفي شاعر آهي ۽ تصوف مذهب کي اعتدال تي آڻيندڙ مذهبي تحريڪ آهي. اهوئي سبب آهي جو سنڌ جا نمائندا شاعر ڀٽائيءَ سچل اسلام جا علمبردار شاعر هئا. نالي واري دانشور محمد ابراهيم جوئي صاحب پنهنجي مشهور ڪتاب ”شاه – سچل – سامي“ ۾ لکيو آهي ته ”هڪ پاسي شاهه ۽ سچل هئا جن اسلام جي قرآن پاڪ جو تفسير ۽ تعبير سنڌي ٻوليء ۾ پنهنجي سنڌي سماج (مسلمانن ۽ هندن ٻنهي) کي سيکارڻ ۽ سمجهائڻ ٿي چاهيو ۽ ٻئي پاسي سامي هو جنهن هنڌو ڌرم جي ويدن جو ارڻ ۽ سمجهاڻي ساڳئي ان سنڌي سماج کي يعني هندن ۽ مسلمانن ٻنهي کي ڏيڻ گهريو ٿي (شاه – سچل - سامي ص 29)
اڳتي محمد ابراهيم جوئي صاحب شاه، سچل ۽ ساميء بابت لکيو اٿس ”سنڌ جا هي عظيم شاعرمذهبي ماڻهو هئا (شاه، سچل، سامي ص 63)
افسوس جي ڳالهه آهي ته نه ته ڀٽائيء جو مستند رسالو ترتيب اچي سهگيو آهي ۽ نه وري سچل جو ڪو مستند رسالو ترتيب هيٺ اچي سگهيو آهي. ڀٽائيء جو ڪلام هڪ هنڌ مختلف قسم جي رسالن م موجود آهي هر رسالو پنهنجي جاءِ تي مڪمل آهي پر سچل سائينءَ جو ڪو اهڙو مڪمل رسالو موجود نه آهي جنهن ۾ سچل جو مڪمل ڪلام آيو هجي جنهن ڪري سچل سرمست تي تحقيق ۽ ان جي فڪر جي ڦهلاءَ جو اهو ڪم نه ٿي سگهيو آهي جيڪو ٿيڻ کپندو هو.


مستند رسالي جي مرتب جا معيار
منهنجي نظر ۾ سچل جي مستند رسالي جي ترتيب ڏيندڙ ۾ هيٺيون خصوصيتون هجڻ کپن.
1. تحقيق جي اصولن کان واقفيت: رسالي جو مرتب تحقيق جي اصولن کان واقف، تنقيد ۽ ڇنڊ ڇاڻ جي لياقت ۽ تجربو رکندڙ هجي ته جيئن درست نموني ڪلام درج ٿي سگهن.
2. بي تعصبي: رسالي جو مرتب تصوف جي ابتڙ نه ته لا مذهب هجي ۽ نه وري ڪنهن مخصوص فرقي جو ڪٽر پوئلڳ هجي جو سچل سرمست کي پنهنجي نقطئه نظر سان ڏسي ان جو ڪلام ترتيب ڏئي ان مان ديني ڪلام يا گهڙولي ۽ بحر طويل جهڙا ڪلام ڪڍي ڇڏي يا مثنوين مان شعر ڪڍي ڇڏي يا ترجمو نه ڪري جو ان ۾ چئن يارن جي تعريف آهي.
3. تصوف جو صاحب: رسالي جو مرتب تصوف جو صاحب هجي يا ان جي بنياد، رجحانن، تحريڪن، سلسلن ۽ شخصيتن کان واقف هجي نه ته سچل جي ڪلام جي ترتيب ۽ پڙهڻين ۾ ڌوڪو کائي ويندو.
4. مختلف ٻولين جو ڄاڻو: سچل سرمست مختلف ٻولين خصوصاََ سنڌي، سرائيڪي اردو ۽ فارسيء ۾ شاعري ڪئي آهي پر عربي فارسيء جا ڪيترا لفظ، جملا چوڻيون، آيتون ۽ حديثون ڪم آندل آهن ان ڪري سچل جي رسالي جو مرتب مختلف ٻولين خصوصاََ عربي فارسيء کان واقف مرتب ڪلام جي پڙهڻين ۾ وڏيون غلطيون ڪندو.
5. مقامي محقق هجي: اسان ذهني غلاميء سبب هر ٻاهرين لکت کي اهم سمجهندا آهيون ۽ هتي سڀ نا اهل سمجهندا آهيون پر هتان جي ٻولين، تاريخ، ثقافت يا روايتون هتان جو محقق ٻاهرين محققن کان وڌيڪ سمجهي ٿو ۽ ٻاهرن محققن سان هتان جا محقق ساٿي نه هجڻ ها ته اهي اهو ڪم به نه ڪري سگهن ها. جيڪڏهن ڊاڪٽر اينميري شمل جي حسام الدين راشدي مدد نه ڪري ها ته ڇا شمل صاحبه سچل تي اهو ڪم ڪري سگهي ها ۽ هيڏانهن اينميري شمل جي ڪم کي رکجي هيڏانهن حسام الدين راشدي جي ڪم کي رکجي ته سچل جي فن ۽ فڪر جو وڌيڪ ڄاڻو ڪير ٿيندو؟ ان ڪري سچل جو مستند رسالو ڪنهن مقامي محقق کان ترتيب ڏياريو وڃي هونءَ به سچل تي بنيادي ڪم يعني رسالن ۽ ڪلام جي ترتيب جو ڪم هتان جي محققن جوئي ٿيل آهي.

مستند رسالي جي ترتيب لاءِ تجويزون
سچل سرمست جي مستند رسالي جي ترتيب لاءِ منهنجيون ڪجهه تجويزون آهن جيڪي هن طرح آهن.
1. سچل سرمست جو غير ڇاپي ڪلام مختلف جاين (قلمي نسخن ۽ صوفي ڳائڻن وٽان) گڏ ڪري فل احال هڪ جلد ۾ جيئن جو تين شايع ڪيو وڃي ته جيئن اهو به منظر عام تي اچي وڃي اهو ڪم ناميارن محققن کان ڪرايو وڃي نه ته ڪيتري علام رهائڻ ۽ غلط درج ڪرڻ جو انديشو آهي.
2. سچل جي مستند رسالي جي ترتيب کان اڳ ان جي ڪلام جا ڇاپي نسخا بنا ڪٽ سٽ جي اصل حالت ۾ ڇپايا وڃن.
ڇاپي توڙي عير ڇاپي نسخا ڇپائڻ جو مقصد اهو آهي ته جيئن اهي سڀني وٽ دستياب ٿي وڃن ۽ مستند رسالي جي ترتيب اچڻ کان پوءِ ان جي ڪلام ۽ پڙهنين جي تصديق ۽ وڌيڪ ڇنڊ ڇاڻ مختلف محقق ڪري سگهن.
3. سچل سرمست جي مستند رسالي کي چئن جلدن ۾ ورهايو وڃي پهرين جلد ۾ فارسي ڪلام (اگر عربي ڪلام ملي ته اهو به ان ۾ ڏنو وڃي) ٻئي جلد ۾ اردو (هندي ڪلام به ان ۾ ڏنو وڃي) ٽيئن جلد ۾ سنڌي ڪلام ۽ چوٿين جلد ۾ سرائيڪي ڪلام (ان ۾ پنجابي ڪلام به) ڏنو وڃي.
4. مستند رسالي ۾ جتي مناسب هجي اتي راڳن ۽ داستانن جي به نشاندهي ڪئي وڃي.
5. مستند رسالي ۾ مختلف ڪلامن، لفظن ۽ جملن جي مختلف پڙهڻين جي به حاشيي ۾ يا آخر ۾ نشاندهي ڪئي وڃي.
6. جن ڪلامن جي شعري صنف غلط ٻڌايل هجي مثال طور ڪيترن عزلن کي ڪافي ڳڻيو ويو آهي اها درست ڪئي وڃي.
7. جتي جتي ماڻهن جي بدل سدل يا ڪاتبن جي سمجهه سبب وزن بحر جون ڪي معوملي چڪون ڪيو ويون آهن سي درست ڪرايون وڃن ۽ اهڙي نشاندگي حاشيي ۾ ڪئي وڃي.
8. مستند رسالي ۾ مشڪل لفظن ۽ جملن جي معنيٰ ڏني وڃي جيڪا آخر ۾ لغت جي صورت ۾ ڏنل هجي.
9. عربي فارسيء ۽ هندي ڪلام سان گڏ ان جو نثري ترجمو اول سنڌيء ۾ ڏياريو وڃي.
10. سچل جي مستند رسالي ۾ اهو سڀ ڪلام به شامل ڪيو وڃي جيڪو غفلت يا تعصب ڪري رهايو ويو آهي يا اڻ ڇپيل آهي جنهن ۾ خاص طور بحر طويل ۽ گهڙولي شامل آهن.
11. سچل جي رسالي تي جامع نموني مهاڳ يا مقدمو ڪنهن نامياري ڏيهي محقق کان لکرايو وڃي جنهن ۾ سچل جي فني ۽ فڪري يا سن کان جامع جائزو ورتو وڃي.
12. سچل جي مستند رسالي ۾ سچل سرمست جي سوانح بابت مختلف اختلافن جي به نشاندهي ڪئي وڃي ته جيئن تحقيق جو عمل وڌندو رهي.
13. سچل جو مستند رسالو ترتيب ڏيڻ لاءِ اهڙي محقق کي ڏنو وڃي جيڪو تحقيق جي اصولن کان واقف به هجي ۽ تعصبي به ته هجي. تصوف سان واسبته به هجي عربيء ۽ فارسيء جو به ماهر هجي ان لاءِ منهنجي تجويز آهي ته ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر نواز علي شوق ۽ ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو مناسب آهن. اگر انهن صاحبن مان ڪوبه مصروفيت سبب سڄي رسالي جو ذمو اڪيلي سر نه پڻي ته پوءِ رسالي جا مختلف جلد ڪري هڪ هڪ يا ٻه ٻه جلد هر هڪ محقق کي ڏنا وڃن.
14. سچل سرمست جي رسالي جي ترتيب ۽ ڇپائي لاءِ شاه عبداللطيف يونيوسٽي خيرپور جي سچل چيئر کي اڳتي اچي اهڙي رٿا تيار ڪرڻ گهرجي.

(2002ع ۾ شاه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۾ سچل سيمينار ۾ پڙهيل)