تصوف

سچل جو فڪر

هن ڪتاب ۾ شامل حزب الله آءِ سومري جا اڪثر مقالا ”سچل ادبي ڪانفرنس“ ۾ پڙهيل ۽ ”سرمست“ ۾ شايع ٿيل آهن. هونئن به ضرورت ان ڳالهه جي هوندي آهي ته ڪنهن به وڏي شاعر جي شاعريءَ جي حوالي سان صف خانه پوري ڪرڻ لاءِ يا ڪانفرنس ۾ نالو ڳڻائڻ لاءِ روايتي ڳالهيون لکڻ بجاءِ ڪا نئين تحقيق ڪجي. حزب الله آءِ سومرو به سچل سائينءَ جي فڪر جي حوالي سان ڪي نيون ڳالهيون ۽ ڪي نوان نقطا ڳولڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آهي.
Title Cover of book سچل جو فڪر

پاڻ سڃاڻڻ جو فلسفو ۽ ان جون صورتون

سچل سرمست سميت صوفياء ڪرام ان تي زور ڏنو آهي ته پهريون پاڻ کي سڃاتو وڃي ان لاءِ سندن مشهور مقولو آهي ته مَن عَرَفَ نَفَسه فَقَد عَرَف رَبه (جنهن پاڻ کي سڃاتو پوءِ ان پنهنجي پالڻهار کي سڃاڻي ورتو)
خودشناسيءَ جي غير مسلم فلاسفرن وٽ به موجودگي ملي ٿي. ڊيڪارٽ چوي ٿو ته ”جيئن ته مان غور ڪريان ٿو انهيءَ ڪري مان آهيان“ ڪانٽ جو چوڻ آهي ته پاڻ سڃاڻڻ سمورن علمن جو مرڪز آهي“
سچل سائينءَ فرمايو آهي
پنهنجو پاڻ سڃاڻ، تون تان ناهين آدمي
من عرف نفسه فقد عرف ربه ڪيڏي تون وت ڪاهين
”عرفت ربي بربي“ تنهن ڪون نا ڪهين آپ سڃاتا
هاڻي سوال ٿو پيدا ٿئي ته اهو” پاڻ سڃاڻڻ“ ڇا آهي ۽ ان جا مختلف در جاءِ روپ ڪهڙا آهن.

قرآن پاڪ ۽ خودشناسي
صوفين سڳورن جي پاڻ سڃاڻڻ جو فلسفو قرآن پاڪ مان اخذ ڪيل آهي ان لاءِ هو آيتون پيش ڪن ٿا، مثال طور:-
1. سورت ق 14 ۾ آهي ته: وَنَحنُ اَقرَبُ اِلَيهِ مِن جَبل الورِيدِ
ترجمو: اسان انکي ساهه جي رڳ کان به وڌيڪ ويجها آهيون.
2. سورت الذاريات 21 ۾ آهي ته:
وَفِي الارضِ آيَانِ لِلموء قنِينَ وَفِي اَنفسِکمُ اَفَلا تُبصِرُونَه
ترجمو: ۽ يقين ڪندڙن لاءِ زمين ۾ نشانيون آهن ۽ اوهان جي جانين ۾ به پوءِ نه نٿا ڏسوسچل سائين ان آيت جي مد نظر چيو آهي: وَفِي انفسکم افلاتبصرون – وِيجهو ڪيمَ وسار“ ڀٽائي صاحب فرمايو آهي ته:
وڃي ڇو وڻڪار، هت نه ڳولين هوت کي
لڪوڪين لطيف چئي، ٻاروچو ٻي پار
نائين نيڻ نهار، تو ۾ ديرو دوست جو
يعني انسان ۾ الله تعاليٰ پنهنجون صَفتون رکيون آهن.

عام پاڻ سڃاڻ
”پاڻ سڃاڻ جو پهريون درجو اهو آهي جنهن ۾ هنن سوالن جا جواب ملن ٿا.
1. منهجو نالو ڇا آهي؟
2. منهنجي پيءُ جو نالو ڇا آهي؟
3. منهنجي ذات ڪهڙي آهي؟
4. آءُ ڪٿان جو رهاڪو آهيا؟
5. منهنجي ٻولي ڪهڙي آهي؟
6. منهنجو ڌنڌو يا عهدو ڪهڙو آهي؟
7. منهنجا مائٽ عزيز ڪهڙا آهن؟
8. منهنجا دوست ۽ دشمن ڪهڙا آهن؟
9. منهنجي آمدني ڇا آهي ۽ خرچ ڪهڙا آهن؟
اها سڃاڻ هر عقل وارو کي ٿو پر اها سڃاڻ ”پاڻ سڃاڻ“ جي فلسفي ۾ سطحي حيثيت رکي ٿي ۽ اهو شروعاتي درجو ٿي سگهي ٿو.

صلاحيتن جي سڃاڻ
هڪ انسان جيڪو پاڻ کي مجبور سمجهي ڪجهه نٿو ڪري يا مصيبتن ۽ مشڪلاتين ۾ وڪوڙيل آهي يا ڪو انسان پاڻکان غافل آهي اهڙو انسان جيڪڏهن پاڻ سڃاڻ جي فلسفي تي عمل ڪري ته کيس هنن سوالن جا جواب ملي ويندا.
1. ڇا هو ٻين جهڙو نه آهي؟
2. هن ۾ ڪهڙيون صلاحيتن آهن؟
3. هو پنهنجي صلاحيتن مان بهتر طرح فائدو ڪيئن وٺي سگهي ٿو؟
4. هو پنهنجا مسئلا حل ڪري سگهي ٿو.
سچل سائين فرمايو آهي ته:
”ايجها ڪم ڪريجي، جنهن وچ الله آپ بڻيجي“
يعني خدا پنهنجي صفتن مان توکي به ڪجهه ڏنو آهي پوءِ توکي پنهنجي صلاحيتن کي ڄاڻي اهي ڪم ڪرڻ گهرجن.

تاريخي ۽ تهذيب سڃاڻ
”پاڻ سڃاڻ“ ۾ ماڻهو پنهنجي تاريخ ۽ تهذيب بابت نه ڄاڻي ٿو. اوهان سنڌ جي صوفيا ۽ ڪرام جي شاعري پڙهندو ته ان ۾ به سنڌ جي تاريخ ۽ تهذيب جهلڪندي، تاريخ تهذيب جي سڃاڻ تحت هي ڳالهيون ڄاڻي سگهجن ٿيون.
1. اسان جو تعلق ڪهڙي قوم ۽ تهذيب سان آهي؟
2. اسان جي قومي ۽ تهذيبي ڪهڙيون خاميون ۽ خوبيون آهن؟ ته جيئن خوبين کي وڌائي ۽ خامين کي گهٽائي سگهجي؟
3. اسان ڇا ڪيو ۽ ڇا ڪرڻ کپي؟
4. اسان جا قومي ڪردار ڪهڙا رهيا آهن ۽ انهن ڇا ڪيو آهي؟

جسماني طرح پاڻ سڃاڻ
پاڻ سڃاڻ ۾ هي ڳالهيون يا هنن سوالن جا جواب اچي وڃن ٿا جيڪي ڳولي سگهان ٿو.
1. منهنجي کائڻ پيئڻ جون ڪهڙيون ضرورتون آهن؟
2. منهنجي پهرڻ ۽ رهڻ جون ڪهڙون ضرورتون آهن؟
3. آءُ اهي ضرورتون ڪيئن پوريون ڪري سگهان ٿو؟

اخلاقي طرح پاڻ سڃاڻ
پاڻ سڃاڻ واري فلسفي ۾ اخلاقي پاسو به اچي وڃي ٿو جنهن تحت انسان هن قسم جي سوالن جا جواب ڳولي سگهي ٿو ته.
1. منهنجا ڪهڙا حق آهن؟
2. منهنجيون ڪهڙيون جوابداريون آهن؟
3. حقن ۽ جوابدارين جو پتو ڪين پوي؟
4. مونکي ڪحڙا ڪم ڪرڻ کپن؟
5. مونکي ڪهڙا ڪم نه ڪرڻ کپن؟
6. مون کي جو ڪجهه ڪرڻو آهي يا جو ڪجهه نه ڪرڻو آهي اهو علم ڪٿان حاصل ڪريان؟

روحاني طرح پاڻ سڃاڻ
پاڻ سڃاڻ جي فلسفي سان تعلق رکندڙ، هنن سوالن جي جوابن جي ڳولا ۾ رهي ٿو.
1. هن کي ڪنهن پيدا ڪيو آهي؟
2. هن کي ڪنهن موڪليو آهي؟
3. هن کي ڇو موڪليو ويو آهي؟
4. هي ڪٿان آيو آهي؟
5. هو ڪيڏانهن ويندو؟
6. هن کي ڇا ڪرڻ کپي ۽ ڇانه ڪرڻ کپي؟
7. هو پنهنجي مرضيءَ سان نه آيو آهي پر موڪليو ويو آهي ته ڇا سندس رهنمائيءَ جو ڪو بندوبست ڪيو ويو آهي؟
حضرت سچل سرمست جا مع انداز ۾ ڪيئن نه فرمايو آهي:
”ٻول پکي پردسيئڙا تو ڪهڙي ديسئون آيا اي“

حيثيت جي سڃاڻ
هر ماڻهو جيڪڏهن پنهنجي حيثيت سڃاڻي ۽ هيٺين قسم جي سوالن جا جواب ڳلي لهي ته هو ”پاڻ سڃاڻ“ واري فلسفي جو خاطر خواه فائدو حاصل ڪري سگهي ٿو.
1. مان ڪيترو جٽادار آهيان؟
2. مان ڇاجي پيدائش آهيان؟
3. مان عقل رکان ٿو ته ڪهڙيون جوابداريون مون تي عائد ٿين ٿيون؟
4. مان انسان آهيان ته مون کي ڇاٿو سونهين؟
5. منهنجي انفرادي طرح ڇا حيثيت آهي؟
سچل سائين ٻڌايو ته:
”ملڪن ٿي سجدا ڪيا، واهه مٽي تنهنجو ملهه“

خود احتسابي واري سڃاڻ
سورت قيامه 2 ۾ آهي: وَلاَاُقسِمُ بِالنفسِ اللوَامته
ترجمو: ۽ ان نفس جو قسم جيڪو پاڻ تي گهڻي ملامت ڪري ٿو.
ڀٽائي صاحب به فرمايو آهي ته:
اٺ ئي پهر ادب سين، پر اهائي پار
پايو منهن مونن ۾، غربت منجهه گذار
مفتي منجهه ويهار ته قاضيءَ ڪاڻيارو نه ٿيئن.
”پاڻ سڃاڻ“ جي فلسفي تهت ماڻهو هنن سوالن جا جواب ڳولي پاڻ ۾ اصلاح آڻي ٿو.
1. مون ڪهڙيون غلطيون ڪيون آهن جيڪي درست ڪري سگهجن؟
2. مون ڪهڙا سٺا ڪم ڪيا آهن جن کي وڌائي سگهجي؟
3. مون ڪيترا حق حاصل ڪيا آهن ۽ جوابداريون ڪيتريقدر نڀايون آهن؟
4. مان ڇا پيو ڪريان ۽ ڇا ڪرڻ گهرجي؟

غلامي ۽ پاڻ سڃاڻ
غلامانه ذهنيت رکندڙ ماڻهو اهو ڇونه ٿا سوچين ته الله هنن کي آزاد پيدا ڪيو آهي، هو پيدا ٿيڻ مهل رسن ۾ ٻڌل ڪونه هئا، هو روئڻ ۾ آزاد هئا. هاڻي سندن غلاميءَ جو جواز ڪهڙو آهي؟ اهڙا ماڻهو يا اهڙيون قومون جيڪڏهن پاڻ سڃاڻ جي فلسفي تي عمل ڪنديون ته اهي غلاميءَ مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺنديون سچل سائين فرمايو آهي:
ٻانهو ڀانءِ مَ پاڻ، توهين مالڪ ملڪ جو
لاخير في عبيد، اهو اٿئي اهڃاڻ
سچو سچ ٿيو، ٻي ٻانهپ ٻولي ناهه ڪا
مرشد ٻانهو ناچيو، سچا تون سردار
(28 سيٽمبر 2007ع تي سچل ادبي ڪانفرنس ۾ پڙهيل)

مَن عَرَفَ نَفسَه فَقَد عَرَفَ رَبَه
سچل سرمست رحه جي پاڻ سڃاڻن وارو پيغام در حقيقت اسلام جو پيغام آهي. الله ماڻهوء کي ڇا بڻايو آهي مختصر طور هيٺ قرآن پاڪ جي حوالي کان ڏجي ٿو.
1. انسان مسجود الملائڪه آهي.
وَاِذقُلنَا لِلمَلائِڪَت اسجُدُوا لاِدَمَ فَسَجَدُ واِلا اِبِلِيس اَبيٰ وَاستَکبَرَ وَکَانَ مِنَ الڪَافِرِين ه (بقره 34)
ترجمو: ۽ جڏهن اسان ملائڪن کي چيو ته آدم کي سجدو ڪريو ته پوءِ ابليس کان سواءِ سڀن سجدو ڪيو انڪار ڪيائين ۽ وڏائي ڪيائين ۽ ڪافرن مان ٿيو. هاني سڀن جو مسجود انسان آهي ۽ انسان جو مسجود رڳو هڪ ”الله“ آهي.
وَمَاخَلقتُ الجِن وَالانسَ اِلا لِيَعبُلونِ ه (ذاريات 56)
ترجمو: ۽ جنن ۽ انسان کي ان لاءِ پيدا ڪيو اٿم ته جيئن (منهنجي) عبادت ڪن.
يَااَيُها الذِينَ اٰمَنُوا اردڪَعوا وَاسجُدُوا وَاعبُدُوا رَبکُم (حج 77)
ترجمو: اي ايمان واروئو پنهنجي رب لاءِ رڪوع، سجدو ۽ عبادت ڪريو.
ان صورت ۾ انسان الله کان سواءِ ڪنهن آڏو نه جهڪي ۽ ان کان سواءِ ڪنهن کي نه پوڄي ڇو ته هن کان افضل فقط رب جي ذات آهي ۽ باقي مخلوق لاءِ هن جي حثيت خدا واري آهي.

2. فضليت انساني
الله تعاليٰ انسان کي افضل ڪيو آهي.
وَلَقَد کَرمنَا بَنِي اٰدَمَ (بني اسرائيل 70)
ترجمو: ۽ تحقيق اسان آدم جي اولاد کي عزت ڏني آهي.
لَقَد خَلقنَا الانسَانَ فِي اَحسَنِ تقوِيم ه (التين 4)
ترجمو: تحقيق انسان کي اسان سهڻي صورت ۾ پيدا ڪيو آهي.
آدم افضل علم ۽ اخلاق سبب ٿيو آهي. جيئن الله تعاليٰ فرمايو آهي ته وَعَلَمَ آدَمَ الاسمَآءَ کُلهَا ثُمَ عَرَضَهُم عَلَي المَلائِکتهِ فَقَالَ اَنبِئونِي باسمَاءِ هٰولآءِ اِن کُنتُم صَادقِينه (بقره 31) ترجمو: ۽ آدم کي سڀنن شين جا نالا سيکاريائين پوءِ انهن کي ملائڪن آڏو آندائين پوءِ کين چيائين ته هنن جا نالا ٻڌايو اگر سچا آهيو.
ان ڪري انسان کي انسان رهڻو آه ته علم سکي ۽ علم لاءِ عمل لازمي آهي جيئن الله تعاليٰ فرمايو، اصَوابِالحَقِ وَتَوَاصَلا بِالصَبره (عصر 1،2،3) ترجمو: زماني جو قسم بيشڪ انسان نقصان ۾ آهي پر اهي نه جن ايمان آندو ۽ سڌريل ڪم ڪيا حق ثابت قدمئي جي تلقين.
يعني ايمان سان گڏ عمل ضروري آهي. انسان جي فضليت جو ٻيو سبب اخلاق هو جنهن ۾ ايمان يعني مڃڻ هيو. پهريون مڃڻ اهو ٿيو جو پنهنجي غلطي مڃائين، غلطي مڃڻ اخلاق جو اعليٰ وصف آهي. ايمان ۾ رب سائين کي پنهنجو سڀ ڪجهه مڃڻ به آهي جيڪو اقرار پهرين انسان غلطي مڃڻ وقت ڪيو. شيطان غلطي نه مڃي ۽ هو رب جي مقابلي ۾ ٿي بيٺو جو حڪم نه مڃائين جيئن قرآن پاڪ ۾ آهي.
اَبيٰ وَ استَکبَرَ وَکَانَ مِنَ الکَافِرينَ ه (بقره 34)
ترجمو: نافرماني ڪيائين ۽ تڪبر ڪيائين ۽ ٿوي انڪار ڪندڙ مان.
شيطان کي رب جي نافرماني، تڪبر يا غلطي نه مڃڻ ۽ ڪفر يا انڪار ئي ابليس بڻايو پر آدم غلطي مڃي رب آڏو توبه ڪئي رب کي مڃيو ان ڪري انسان واري فضليت وري حاصل ڪري وريائين قرآن پاڪ آهي ته :
فَنَسِي وَلَم نَجِدلَم عَزمــاََه (طـــ!ـه 115)
ترجمو: ۽ پوءِ وساري ويٺو ۽ اسان کي پختي ارادي وارو نه ڏٺو.
شيطان نافرماني ڪئي، آدم غلطي ڪئي، شيطان جو حڪم نه مڃيو ۽ آخر ان کي صحيح چوندو رهيو ته مان ڀلو آهيان جيئن قرآن پاڪ ۾ آهي:
قَال مَمَنَعَلڪَ اَلاَ تَسجُدَ اِذ اَمَرتُلڪَ قَالَ اَناخَيرُ مِنهُ خَلَقتِي مِن نارِِ وَ خَلقنَه مِن طِين قَالَ اَنظِردنِي اِليٰ يَومِ يُبعَتُونَ ه قَالَ اِنڪَ مِنَ المُنظَرِينَ ه قَالَ فَبِمَا اَغوَيتَنِي لاَ قعُدَنَ لَهُم صِراطڪَ المستقِيمَ ه ثُمَ لاتِيَنَهُم مِن م بَينِ اَيَدِيهِم وَ مِن خَلفِهِم وَعَن اَيمَانِهِم وَعَن شَمَائِلهِم وَلاَ تَجدُ اَکثَرَهُم شَاکِرِينَ ه قَالَ اخروج مِنهَا مَذءُ وَ مَا مَدحُورََا لِمَن تَبعَلڪَ مِن هُمَ لاَملَلئَنَ جَهَنمَ مِنکُم اَجمَعِينَ ه (اعراف 12 کان 18)
ترجمو: (رب) چيو ته توکي سجدي ڪرڻ کان ڪنهن روڪيو جڏهن مون توکي حڪم ڪيو چيائين ته مان ان کان ڀلو آهيان مون کي باهه مان ۽ ان کي مٽيءَ مان پيدا ڪيو اٿئ. چيائين ته هتان لهي وڃ توکي هتي رهي وڏائيءَ و ڪو حق نه آهي پوءِ نڪري وڃ تون ذليلن مان آهين چيائين مون کي ٻيهر جيئري ٿي اٿڻ واري ڏينهن تائين مهلت ڏي چيائين تون مهلت ڏنلن مان آهين چيائين پوءِ قسم آهي ان جو جنهن ڪري تو مو ن کي ٿيڙيو آهي مان ضرور انهن کي تنهنجي سڌي رستيءَ کان ٿيڙيندس پوءِ انهن جي اڳيان، پٺيان، ساڃي ۽ کاٻي ايندس. تون انهن مان گهڻن کي ٿورا مڃيندڙ نه ڏسندين چيائين نڪري وڃ تون هٽايل ٿڙيل آهين انهن مان جيڪو تنهنجي پيروي ڪندو ته ضرور اوهان سمورن سان جهنم کي ڀريندس.
ان مان معلوم ٿيو ته شيطان پنهنجي خالق جي سامهون ٿيو ان کي آڏا ترڇا جواب ڏنائين جيڪا هڪ بد اخلاقي پڻ آهي ته شيطان جي لعنتي ٿيڻ ۾ نافرماني، تڪبر ۽ ڪفر سان گڏ بد اخلاقي به شامل هئي جيڪو به اهي شيون اختيار ڪندو اهو شيطاني راهه تي آهي ۽ ان جو اهوئي انجام ٿيندو جيڪو شيطان جوآهي.
پاڻ سڃاڻڻ جي فلسفي موجب انسان پاڻ کي سڃاڻي ته هو شيطان نه آهي هن جو شان يا رويو شيطان وارو نه پر پهرين انسان آدم عليه السلام جهڙو هجڻ کپي جنهن ايمان – توبه يعني غلطي مڃڻ ۽ اخلاق کان ڪم ورتو هو ڇو ته هن وٽ علم هو. علم (ڄاڻ) ئي پنهنجي حيثيت ۽ سڃاڻ نصِب ڪري ٿو ان ڪري قرآن پاڪ ۾ آهي ته:
اِنمَا يَخشَي الله مِن عِبَادِهِ العُلمَآءُ (فاطر 28)
ترجمو: بيشڪ الله کان علم وارا بندائي ڊڄن ٿا. علم انسان کي پنهنجي رب جي سڃاڻ ڏئي ٿو الله سائين فرمايو:
فَتَلقيٰ آدَمَ مِن رَبه بِڪَلمَاتِ فَتَابَ عَلَيهِ ه اِنه هُوَ التَوَابُ الَرَحِيمٰ (بقره 37)
ترجمو: پوءِ آدم پنهنجي رب کان ڪجهه ڳالهون سکيو پوءِ هن ان جي توبه قبول ڪئي بيشڪ اهو توبه قبول ڪندڙ رحم وارو آهي.
يعني آدم عليه السلام ڪجهه ڳالهيون الله کان سکيو ان ڪري الله ان جي توبه قبول ڪئي ٻيو ته آدم عاجزي ڏيکاري تڪبر نه ڏيکاريو جيئن قرآن پاڪ ۾ آهي ته:
قَالاَ رَبَنَا ظَلَمنَا اَنفُسَا وَ اِن لَم تَغفِرکنَا وَتَرحَمنَا لَنَکُونَنَ مِنَ الخَاسِرِينَ ه (اعراف 23)
ترجمو: ٻنهي (آدم ۽ حوا) چيو ته اي رب اسان جا اسان پنهنجو پان تي ظلم ڪيو آهي ۽ جيڪڏهن تو اسان کي نه بخشيو ۽ رحم ڪيو ته اسان ضرور تقصان وارن ما ٿي پونداسين.
ان سڄي بحث جو مطلب هو ته انسان کي فضليت علم – ايمان - اخلاق ۽ عاجزيءَ سبب ملي آهي ۽ ان علم سبب ئي انسان پنهنجي حيثيت ۽ رب سائين جي حيثيت کي سڃاتو ان ڪري چيو ويو آهي ته جنهن پاڻ سڃاتو ان رب سڃاتو. سچل سائين به ان جو درس ڏنو آهي.

ب – بَاسَ اِهائي بات مَيڏي – اَي يار تون غير نه آهين
خامُ خيالُ ، جو ٻانهپ والا، ”لا“ وچ لاشڪ لاهين
”مَن عَرَفَ نَفَسَه فَقَد عَرَفَ رَبه، ڪيڏي تون وَت ڪاهين
ت - تحقيق هق اُهوئي، غير جو تَين هَي ڄاتا
”عَرفتُ رَبي بربي“ تنهن ڪُون، ناڪَهين آپ سُڃاتا
ڪُل اُنهان نُن ڪل اِهين دي، پيرايڏانُهن جَين پاتا.

(سچل جو سرائيڪي ڪلام ص 315 مرتب مولوي محمد صادق راڻيپوري)