علامه غلام مصطفيٰ قاسمي وٽ سچل جي صوفياڻي فڪر جون خصوصيتون
تصوف مذهب تي عمل جو نالو
تصوف کي علامه قاسمي صاحب مذهب جي روح تي عمل جو نالو ڏيندي لکيو آهي ته: ”تصوف مذهب جي احڪامن کي خلوص سان ڪرڻ جو نالو آهي. هو انسان کي مذهب جي صحيح روح سان گڏ ڪندو آهي ۽ هو هر انسان کي سچو خدا پرست بنائيندو آهي. انسان خدا کي ڪيئن لهي؟ انسان جا حواص محدود آهن انهن سان ته رڳو ٺوس ۽ جسماني شين کي ڇهڻ، ڏسڻ وغيره سان معلوم ڪيو ويندو آهي. ٻئي پاسي ذات مجرد اسان جي خيال کان بلند ۽ بالا آهي. انهن ٻنهي جو لاڳاپو ڪيئن ٿئي؟ خاڪ جي هڪ ذريءَ ۾ سج ڪيئن سمائجي؟ هر قوم پنهنجي پنهنجي دو ر۾ انهن مسئلن بابت سوچيو پنهنجا نظريا بنايا. هڪ ٻانهو ڪيئن خدا تائين پهچي سگهي ٿو؟ ان جون واٽون ٻڌايو، اهو سندن تصوف هو پر تصوف رڳو ڳالهه ڪرڻ يا سمجهائڻ جو نالو نه آهي پر ان تي عمل به ڪري ڏيکاري ٿو. ان ڪري تصوف رڳو قال نه آهي پر حال جو نالو آهي ان لاءِ مشقون مقرر ڪيون (سرمست 2 – 1982 ص 46)
علامه صاحب اها ڳالهه هن طرح به لکي آهي ”تصوف عملي صورت ۾ ته خاتم الانبياءَ سيد نا محمد رسول الله صلي عليه وسلم جي مبارڪ دور ۾ موجود هو پر ان جي فني حيثيت ۽ اوسر ان دور ۾ ٿي جڏهن مسلمانن ۾ سرمائيداري ۽ ملوڪيت، چور درازي کان سرڪي اچي وئي. اهڙي سماج دشمن دور ۾ ضروري هو ته عوام کي هٿ ڪري اسلام جي روح ۽ تعليم کي فنا ٿيڻ نه ڏنو وڃي. (سرمست 5 – 1985 ص 29)
تصوف دين خلاف نه آهي
علامه قاسميءَ ٻڌايو آهي ته تصوف شريعت خلاف نه آهي پر ماڻهن جي پروپئگنڊه سميت ائين سمجهيو ويو آهي ته تصوف دين جي خلاف آهي. علامه صاحب لکيو آهي.
”اسان جو سچل سائين جيتوڻيڪ حلاج، سيخ اڪبر ۽ عطار وانگر وحدت وجودي صوفي هو ۽ هن فڪر جو وڏو مبلغ به هو پر ان سان گڏ طاهري شريعت جو به پابند هو، قرآن مجيد جو حافظ ۽ ديني علوم جو ڄاڻو هو. اهڙن بزرگن کي ڪي اوباش ماڻهو شريعت جي مخالفت جو الزام هڻندا آهن جيئن اڳين بزرگن لاءِ به چيو ويو پر حقيقت ان جي خلاف هئي. شيخ اڪبر ابن عربيءَ لاءِ مخالفن وڏا الزام مڙهيا پر جڏهن اسپين جو واقعو ۽ سانحو وجود ۾ آيو ته مسلمانن جي پريشان حال کي ڏسي هيءَ حالت ٿي پئي جو هڪ خط ۾ لکي ٿو:
کسبت کتابي والد موع تسيل + ومالي ليٰ ماارتصيه سبيل
اريداري دين النبي محمد + يقام ودين المسلمين يزيل
(آئون هن حال ۾ پنهجو خط لکي رهوي آهيان جو منهنجا ڳوڙها وهي رهيا آهن ۽ منهنجي وس ۾ نه اهي جو ان کي راضي ڪيان. آئون گهران ٿو ته محمد رسول الله صلي الله عليه وسلم جي دين کي بلند ٿيندو ڏسان ۽ ڪوڙن جو مذهب مٽجي وجي. فتوحات مڪيه جلد 4 ص 692 ڇاپو مصر (سرمست 3 – 1983 ص 42)
تصوف سان هندن جو اسلام ويجهو اچڻ
برصغير ۾ صوفي نه هجن ها ته اسام ايترو نه پکرجي ها ۽ اڄ ايترا نه ته مسلمان هجن هانه وري اهي ٿورائپ هوندي محفوظ رهن ها. مسلمان صوفين هندن جي مذهب، ويدانيت ۽ تمدن جو مطالعو ڪري اهڙو لائحه عمل طئي ڪيو جو هندو انهن ڏانهن متوجه ٿيا جنهن ۾ راڳ اختيار ڪرڻ گهٽ ذات هندو اڪثريت کي ويجهي آڻڻ لاءِ انهن کي ويجهو رکي عزت ڏيڻ. نفرت بجاءِ محبت جي پرچار ڪرڻ. هندو معاشري جي انهن رسمن جيڪي شرڪ واريون نه هيون تن کي مسلمان بنائي اختيار ڪرڻ وغيره شامل آهن، علامه قاسمي صوفين جي ان رخ کي اجاگر ڪري توجه ڏياريو آهي.
برصغير ۾ مسلمان صوفينم هندو جوڳين واريون رياضتون سکي انهن کي بت پرستيءَ کان پاڪ ڪيو ۽ هندن کي انهن جي تعليم ڏني جن خوشيءَ سان ان تصوف کي قبول ڪيو ۽ اسلام جي اشاعت وڌندي رهي غير مسلمانن کي اسلام جي ويجهو آڻڻ ۾ مسلمان صوفين وڏو ڪم ڪيو آهي سنڌ ۾ سچل سائين جهوڪ شريف وارا صوفي ۽ ٻيا انهن جي درگاهن جا اڪثر مريد هندو آهن جي باقاعده ذڪر اذڪار به ڪندا آهن صلوات پر پڙهندا آهن جهوڪ ۾ وقت تي نماز به پڙهي وٺندا آهن. اڃا تائين اهي انهيءَ اعتقاد تي قائم آهن. ڀارت ۾ انهن بزرگن جا ڏينهن به ملهائيندا آهن. (سرمست 2 – 1982ع ص 65 – 66)
اها ڳالهه علامه قاسميء ٻئي هنڌ فرمائي ٿو:
”وحدت وجودي هجڻ ته سنڌ جي صوفين جو پراڻو نظريو هو جنهن ذريعي هتي جا مسلم ۽ غير مسلم ڏاڍي پريم ۽ پيار سان گڏ زندگي گهارايندا هئا نه رڳو ايترو پر غير مسلم سچي اسلام جي گهڻو ويجهو اچي ويا هئا جنهن جو ثبوت اڄ به انهن درگاهن تان ملي سگهي ٿو. (سرمست 5 – 1985ع ص 34)