ديباچو
اسين پنھنجي سوسائٽي ڏانھن نھاريون ٿا ته وک وک تي صداقت کي پشيمان، شرافت کي پريشان، انصاف کي سر به گريبان ۽ انسانيت کي حيران ڏسون ٿا، جتي لِڪ چوري آندل سون جي ھڪ تولي تي انصاف خريد ڪري سگھجي اتي سماجي بي انصافن جي موجودگي تعجب خيز نه آھي. اوھين پڇو ٿا ته غريبن جي جھوپڙين ۾ اوندھ ڇو آھي؟ ظلم ۽ تشدد جي انھن محلن ۾ جھاتي پائي ڏسو جتي چراغن جي جھرمر ۾ رقص ۽ سرود جون محفلون گرم آھن. مزدورن ۽ ھارين جي خود غرض رھنمائن کي ڏسو جي چراغن جي روشني ۾ پنھنجي اقتدار جي منزل ڳولي رھيا آھن. غرض ته انسانيت زندگي جي ھر راھ تي، ڪٿي مزدورن جي بوسيده لباس ۾، ڪٿي ھاري جي ڦاٽل وڳي ۾، ڪٿي ڪنھن فنڪار جي بيڪسي ۾، ڪٿي مظلومن جي آنھن ۽ دانھن ۾ ۽ ڪٿي اھل علم جي قابل رحم حالت ۾ ڪڏھن مايوس ته ڪڏھن اشڪبار نظر اچي ٿي. انھن سڀني جي مجبورين جو فائدو اسانجي سوسائٽي جا اھي ”معتبر“ ۽ ”معزز“ وٺن ٿا جن کي شايد اھو پيدائشي حق حاصل آھي ته اھي انسانن جي ھڪ گروه کي پنھنجي وقار ۽ سربلندي لاءِ استعمال ڪندا رھن. اھڙي دردناڪ ماحول ۾ جتي انساني ھمدردي جي جنس پاپيد ھجي اتي ”اتحاد“ اعتماد ۽ تنظيم جو ڏڪر نه ھوندو ته ٻيو ڇا ھوندو؟ اھڙي فضا ۾ صلاحيتون صحرا جي گلن وانگر ختم ٿي وڃن ٿيون ۽ ڪو ڏانھن اک کڻي به ڪونه ٿو ڏسي، سماجي بي انصافي لياقتن کي ظاھر ٿيڻ ته ڇا پر اڀرڻ نه ٿي ڏي. ايمانداري جي راءِ ۾ بيشمار رنڊڪون حاصل ٿين ٿيون. صداقت کي زھر جو پيالو پياري ھميشه لاءِ سمھاريو وڃي ٿو. حق گوئي کي صليب تي چاڙھيو وڃي ٿو. جيڪڏھن ڪو معاشري جي بتن کي ڀڃڻ گھري ته ھن کي نذر آتش ڪيو وڃي ٿو. تلخ نوا نقاد کي شھر بدر ڪيو وڃي ٿو. بھر صورت اسان جي اجتماعي زندگي ھزارھا خرابين جو ھڪ مجسمو نظر اچي ٿي جنھن کي اسين پنھنجي انفرادي زندگي ۾ ته ضرور ننديون ٿا پر سماج جي ھن وڏي وھڪري ۾ ڪکن ڪانن وانگر لڙھي وڃون ٿا.
اھي آھن معاشري جون رنگين تصويرون جي افساني نگار جي خاني ۾ ڌار ڌار عنوانن سان نظر اچن ٿيون. ادب ۾ ڊرامي ۽ ناول کان پوءِ افسانو ھڪ اھڙو زاويو آھي جتان اجتماعي زندگي جون مختلف تصويرون نھايت صفائي سان وٺي سگھجن ٿيون. ڪنھن ملڪ جا افسانا، ان جي معاشري متعلق گھڻو ڪجھه ٻڌائي ويندا آھن. اھوئي سبب آھي جو ادب ۾ ڪھاڻي يا افساني کي ھڪ خاص اھميت حاصل آھي. افساني جو اسلوب ۽ مقصد وقت ۽ ماحول جي لحاظ سان تبديل ٿيندا ويندا آھن۽ معاشري جي تبديلي سان افساني جو مزاج به ڦرندو ويندو آھي. ھڪ فرض شناس افسانه نگار، زندگي جي ڪشمڪش ۾ مظلوم سان ھمدردي جو اظھار ڪري ھن ۾ خوداعتمادي پيدا ڪري ٿو ۽ ساڳئي وقت ظالم مفادپرست کي پنھنجي حرڪتن کي باز آڻڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ھو افساني جي دل ڪش پيرايه ۾ زندگي جون تلخ حقيقتون پيش ڪندو آھي. ھڪ فنڪار جي حيثيت ۾ زبان ۽ بيان جي خوبين سان گڏ فني خصوصيتن جو به لحاظ رکندو آھي. ھڪ ڪامياب افسانه نگار افساني، جي مقبوليت جو پوري طرح فائدو وٺي، عام مفھوم مگر ادبي زبان ۾ انھن سماجي خرابين جي پاڙ پٽڻ لاءِ جدوجھد ڪري ٿو جن کي سياست ۽ سائنس جون شعبده بازيون ختم نٿيون ڪري سگھن.
افساني ۽ افسانه نگار جي اھميت معلوم ڪرڻ کان پوءِ جڏھن اسين پنھنجي افسانوي ادب تي نظر ڪريون ٿا ته ادب جي ٻين شعبن وانگر افساني ۾ به افراتفري جو عالم نظر اچي ٿو. نعره بازي، بازاري رومان، جذباتي ھيجان ۽ جنسياتي بي راھروي کي افسانن ۾ پيش ڪري پڙھندڙن جي جذبات کي اڀاريو وڃي ٿو ۽ انھن لاءِ دماغي عياشي جو سامان مھيا ڪيو وڃي ٿو. اھڙن افسانه نگارن کي ترقي پسند سڏي نٿو سگھجي جي ڪنھن سياسي مڪار وانگر، عوامي مسئلن تي محض نعره بازي ۽ جذبات کان ڪم وٺن ٿا. سنڌ جي موجوده افسانه نگارن ۾ اوھانکي اھڙا ڪي ٿورا ملندا جن جي افسانن کي فن، زبان ۽ افاديت جي لحاظ کان معياري سڏي سگھجي. انھن ڪن ٿورن بلند پايه افسانه نگارن مان اياز قادري، پنھنجي علمي سنجيدگي جي لحاظ کان منفرد، موضوع ۽ مواد جي اعتبار کان يگانو ۽ ادبي معيار جي نقطه نگاھ کان ممتاز نظر اچي ٿو.
اياز سان منھنجي واقفيت 1949 ۾ٿي. ان وقت مونکي به شعر و شاعري جو تمام گھڻو شوق ھو ۽ اياز ته ادبي حلقن ۾ اڳي ئي متعارف ھو تنھنڪري اسان جي گفتگو ادب، شعر ۽ تنقيد جي مختلف پھلوئن تي ٿيندي ھئي. ڪراچي جي علمي مجلس ۽ معاشرن اياز ۾ پنھنجي دور جو ھڪ عظيم شاعر نظر آيو جنھن جلوه فرما ھئي. مون ھن جي شخصيت جي آئيني ۾ حسن اخلاق جو عڪس ڏٺو آھي. مونکي اياز ۾ ھڪ اھڙو حساس انسان نظر آيو جنھن جي طبع سماجي بي انصافين کان مضطرب ٿي ويندي ھجي، جنھن جي دل ۽ مظلوم لاءِ ھمدردي ھجي، جنھن جو دماغ تعميري ڳالھيون سوچيندو ھجي ۽ جنھن جون نگاھون وقت ۽ ماحول جا اشارا سمجھنديون ھجن. ھن جڏھن افسانا لکڻ شروع ڪيا ته مون کيس افسانن ڏانھن مائل ٿيڻ کان جھليو. مون سمجھيو ٿي ته جيڪڏھن اياز افسانن ڏانھن رخ ڪيو ته اسانجو شعوري ادب ھڪ با ڪمال شاعر جي زندگي بخش ڪلام کان محروم رھجي ويندو. جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، مونکي اياز جي افسانن ۾ فن ۽ زندگي جو امتزاج نظر اچڻ لڳو. مون ھن جي افسانن جو مطالعو ھن جي شخصيت جي پس منظر ۾ ڪيو آھي ۽ انھن کان ھن ڪري متاثر آھيان جو مونکي اياز جي قول ۽ فعل ۾، شخصي ڪردار ۽ ادبي حيثيت ۾ ھڪ صحت مند يگانگت نظر آئي آھي. مونکي نه ھن جي زندگي ۾ ڪڏھن تصنع ۽ بيجا تڪلف نظر آيو آھي ۽ نه ھنجي افسانن ۾ انساني ھمدردي جو مصنوعي جذبو نظر آيو آھي. جن خرابين جي خلاف ھن افسانن ۾ آواز بلند ڪيو آھي تن جي مخالفت ھو زندگي جي عملي دائري ۾ به ڪندو رھيو آھي. اھوئي سبب آھي جو ھن جي افساني جي آلبم ۾ عورت جون برھنه ۽ نيم برھنه تصويرون نٿيون اچن. ھن جي افساني جي گنبڊ ۾ “نعره بازي ” جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ نٿو اچي. جتي ھو سرمايه دار جي بڇڙاين تي طنز ڪري ٿو اتي عيار سماجي ڪارڪنن ۽ بداخلاق قومي ڪارڪنن ۽ بداخلاق قومي رھنمائن جي پوشيده ڪارنامن کي به بي نقاب ڪري ٿو. (افسانو ھي ليڊر). انھن سڀني ڳالھين کان وڌيڪ ھن جي افسانن ۾ اخلاقي قدرن جو عڪس نظر اچي ٿو ڇو ته ھو انساني عظمت جو قائل آھي (مان انسان آھيان) . ھو رشوت خوري جي مخالفت ۾ قانون جي محافظن جي غير قانوني حرڪتن تي فنڪارانه انداز ۾ نھايت تلخ طنزون ڪري ٿو. (قانون).
اياز جي افسانن جي زبان ادبي ھئڻ سان گڏ نھايت سليس مگر سوادي آھي جنھن ڪري سندس افسانن جي افاديت فقط “عالمن” تائين محدود ڪانه ٿي رھي پر عوام جي ھر طبقي تائين پھچي سگھي ٿي. سندس انداز بيان ايڏو ته دلڪش آھي جو معمولي واقعي يا تجربي کي نھايت موثر انداز ۾ پيش ڪري ويو آھي. فني خوبين افسانن جو معيار ايڏو ته بلند ڪيو آھي جو بجا طور چئي سگھجي ٿو ته اياز جو افسانو ٽيڪنڪ خواھ پلاٽ جي لحاظ کان اردو جي منتخب افسانن جي مقابلي ۾ پيش ڪري سگھجي ٿو.
مان گھران ٿو ته اياز جي ھر ھڪ افساني ۾ مونکي جيڪي به خوبيون نظر اچن ٿيون سي پڙھندڙن تي واضع ڪريان پر افسوس ته ديپاچي جي تنگ داماني ھن ڳالھه جي اجازت نٿي ڏئي. صرف ھڪ افساني جو اجمالي تذڪرو ڪريان ٿو جو اميد ته نامناسب نه ٿيندو.
اياز جو افسانو “مان انسان آھيان” ھڪ اھڙي دردناڪ واقعي جي تصوير آھي جنھن جو تعلق ملڪي ورھاڱي وارن حيواني فسادن سان آھي. انھن فسادن ۾ سچ پچ ته انسانيت کي جنھن بيدردي سان ڪٺو ويو تنھنجي تصوير اگرچه ھندو پاڪ جي سڀني معياري افسانه نگارن پيش ڪئي آھي پر اياز پنھنجي اسٽائيل ۾ وري به منفرد نظر اچي ٿو. ھن افساني جو مرڪزي ڪردار ھڪ اھڙو فقير آھي جو مذھب ۽ ڌرم جي متعصبانه تفريق کان بي نياز انساني عظمت جي ھڪ اھڙي بلند مقام تي نظر اچي ٿو جتي پھچي ھو عام انسانن کي باھمي تعصب ۽ ذاتي خود غرضين کان گھڻو بلند ڏسڻ گھري ٿو. اياز ھن افساني جي مرڪزي ڪردار جو تعارف ھن ريت ڪرائي ٿو.
“ڪنھن کي خبر نه ھئي ته ھو ڪير ھو؟ ھن جو نالو ڇا ھو؟ ھن جي ذات ڪھڙي ھئي؟ ھن جو مذھب ڪھڙو ھو؟ ھو ڪٿان آيو ھو؟ انھيءَ ھوندي به شھر جو ننڍو وڏو کيس سڃاڻندو ھو. ڪڏھن مندرن مان نڪرندڙ ناقوس جي صدا، جا آسمان تائين ڦھلجي ويندي ھئي، ٻڌي مندر جي دروازي وٽ وڃي وھندو ھو . . . . . صبح جو جڏھن مسجد جي اوچين منارن مان موذن جي الله اڪبر جي صدا ڪائنات ۾ پکڙجي ويندي ھئي، ته ھو خاموشي سان اٿي اچي مسجد جي چائنٺ وٽ ويھندو ھو . . . . ”
افساني جي ابتدا سوال جي نشانين سان ٿئي ٿي ۽ انھن کي اسٽائيل جي خوبي چئجي يا فن جي نزاڪت جو پڙھندڙ، افساني جو ماحول ۽ پلاٽ جي نوعيت معلوم ڪرڻ کان اڳ، “شھر جي ننڍن وڏن” وانگر “فقير بابا” جي انساني عظمت کان متاثر ٿئي ٿو. فساد جو دور شروع ٿئي ٿو. ھندو مسلمانن کي ۽ مسلمان ھندن کي مذھبي جنون وچان قتل ڪرڻ لڳن ٿا. قتل ۽ غارتگري جي ھن ھيبت ناڪ عالم ۾ ھڪ شام اھڙي به اچي ٿي جڏھن . . . . “ٻه ٽي نوجوان وڻن کان ٻاھر نڪتا، تون ڪير آھين؟ تنھنجو نالو ڇا آھي؟ تنھنجو مذھب ڪھڙو آھي؟ سالو ڪافر آھي ايتري ۾ ھڪ ڇرو اوندھ ۾ وڄ وانگر چمڪي ٿو ۽ فقير بابا جي ڇاتي ۾ پيوست ٿي وڃي ٿو. انسانيت جو ھي زخمي نمائيندو ويران ۽ تاريڪ ڳلين ۾ اڳتي وڌي ٿو ته ايتري ۾ انسانيت جا ٻيا شڪاري مٿس حملو ڪن ٿا. “تون ڪير آھين؟ تنھنجو نالو ڇا آھي؟ ڀتين جي پاڇن ۾ بيٺل ٽن نوجوانن ھن کان پڇيو پر ڪنھن کي جواب به ڪونه مليو. آخر فقير بابا کي اسلام جو ليبل لڳائي پيٽ ۾ ڪرپان ھنيو وڃي ٿو. فقير بابا جي زندگي سوال جي نشانين کان شروع ٿي سوال جي نشانين تي ختم ٿي وڃي ٿي. مرڻ کان اڳ ھو ڊاڪٽر کي چوي ٿو:
“ڊاڪٽر صاحب مان ھندو . . . . . . نه نه . . . . مسلم . . . . . نه نه ڊاڪٽر صاحب مان انسان آھيان. منھنجو مذھب انسانيت جو مذھب آھي. ڊاڪٽر صاحب مونکي زخم ٻنھي ھندو . . . ۽ مسلمانن . . . کان رسيا آھن. . . منھنجا زخم انسانيت جا آھن . . . . منھنجو موت انسانيت جو موت آھي. ڊاڪٽر صاحب منھنجو لاش ھندو مسلم ٻنھي جي حوالي ڪجو، جنھن ۾ ھو پنھنجي شڪل ڏسي سگھن. جن ۾ ھو ڀڳوان جي اڳيان سر نوائڻ الله اڳيان سجدا ڪرڻ چٽيءَ طرح ڏسي سگھن. پري کان ناقوس جي صدا آئي ، اذان جو آواز آيو . . .
ڪيڏو نه دردناڪ داستان ھي سوسائٽي جي ظاھري ديانتداري ۽ تقدس تي ڪيڏي نه مناسب چوٽ آھي. فقير بابا جي “وصيعت” افساني جي پڇاڙي کي نه فقط وڌيڪ دردناڪ بڻائي وڌو آھي پر مجموعي تاثر ۾ اضافو ڪيو آھي.
تصوير ڪشي يا منظر نگاري فقط شاعر جي زبان ۽ مصور جي قلم تائين محدود نه آھي پر فن جي دنيا ۾ ھڪ ڪامياب افسانه نگار کي مصور جي خاموش ۽ ساڪن تصويرن کي متڪلم ۽ متحرڪ ڪري پيش ڪرڻو آھي. نه فقط ايترو پر انھن تصويرن ۾ زندگي جون علامتون به ڪي قدر تفصيل سان ڄاڻائڻيون آھن. جيڪڏھن اياز جي افسانن تي نظر ڪبي ته تصوير ڪشي ۽ منظر نگاري جا بھترين مثال ملن ٿا جي ھن جي بيان جي قدرت ۽ فنڪارانه عظمت تي دلالت ڪن ٿا. “مان انسان آھيان” ۽ “بلو دادا” ان نقطئه نگاھ کان پنھنجي عروج تي آھن.
مون پنھنجا تاثرات بنا ڪنھن تصنع ۽ مبلغي جي پوري ذمي داري سان پيش ڪيا آھن. اياز جا افسانا اوھان جي اڳيان آھن. تنقيد جي ڪسوٽي تي افساني جي ھر پھلو کي پرکيندا ھلو. شايد اوھان کي اڃا به وڌيڪ خوبيون نظر اچن جي مون کي واضع نه ٿيون ھجن.
انھن گذارشن کان پوءِ مان محترم اياز حسين اياز قادري کي گرانقدر افسانن جي ھن شاندار مجموعي ڇپائڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿو. مونکي قوي اميد آھي ته ھي ڪتاب سنڌ جي ادبي حلقن ۾ غير معمولي مقبوليت حاصل ڪندو.
شيخ عبدالحليم جوش
20 06 1957ع