بي شرم
ڪاليج جو پيرڊ ختم ٿيو، ٻاھر نڪتاسين، دوستن چيو اڄ توکي چانھه پيارڻي پوندي. مون کي پنھنجي بجيٽ جي اڳ ئي خبر ھئي ته کوٽ ۾ آھي. خيال ڪيم ته مھيني جون پويون تاريخون آھن، جي ٿو ھنن مولائن کي ھوٽل ۾ وٺي وڃان ته سندن ٻيگھي مچي ويندي باقي منھنجو ته ڏيوالو نڪري ويندو. مھيني جا رھيل ڏينھن ٻڙيون کائڻيون پونديون. مان صفا اٽ ھڻي بيٺس ته کيسا خالي آھن. جن ڇڏي ڀوت ڇڏي پر ھو ڪٿي ڇڏين. ھڪڙي چيو اگر پيسا ڪين اٿس ته آءُ ٿو مفلر گروي رکانس، ٽئين کڻي ھٿ وڌايو مفلر ڏانھن. منھنجي ڇڏ ڇڏان ھنن جي وٺ وٺان. اوچتو کڻي ھٿ ڪڍيائون. خبر تڏھن پئي ته جو پير اکڙي ويا ۽ ھڪڙي ڇوڪريءَ مٿان اچي ڌڙام ڪيم، ٻئي ڦھه ھيٺ. ڇوڪريءَ شوڪجي چيو “بي شرم.” جان کڻي ڏسان ته ھيءَ ته بال واري ڇوڪري آھي. منھنجا ٽين کڙڪي ويا. ھيٺيون ھيٺ مٿيون مٿي، وايون بتال ٿي ويون، واتان اکر نه نڪري. آخر ھمت ڪري ٽٽل لفظن ۾ چيم ، “منھنجو . . . ڪو قصور . . . ڪونھي.” يڪدم ڪپڙا ڇنڊي ڪتاب کڻي پيرن تي زور ڏنم گھر پھچڻ تائين “بي شرم” پئي ڪنن ۾ وڳو. شڪرانه ٿي ڪيم جو ايتري ۾ جان بچي، وگر نه ته ڪجھه خدمت ٿي وڃي ھا ته شڪ ڪين ھو. رات جو ڪتاب کولڻ تي پتو پيو ته منھنجو ڪتاب ھن ڏانھن بدلجي ويو آھي ۽ ھن جو ڪتاب مون ڏانھن ھليو آيو آھي. ڪتاب جي ڪنڊ تي لکيل ھو “اشرف” جيترو آءُ نالي تي غور ڪري رھيو ھوس اوترو نالو ويو ٿي وڌيڪ پيارو ٿيندو. صبح جو ڪاليج وڃڻ کان اڳ پئڊ ڪڍي ان تي لکيم ، “منھنجو ڪو قصور ڪونھي معاف ڪندا.” ڪاليج پھچڻ شرط آيا (ڪاليج جي پٽيوالي کي) چيم ته ھي ڪتاب “اشرف” کي ڏيندا. ٻي پيرڊ کان پوءِ آيا مونکي منھنجو ڪتاب آڻي ڏنو. دل ۾ طرحين طرحين جذبا بيدار ٿيڻ لڳا. دعائون ٿي گھريم ته من ڪو جواب ھجي. ڪتاب کوليم ته منھنجي اکرن جي ھيٺان ڳاڙھي پينسل سان لکيل ھيو، “بي شرم.”
بابي چيو خانصاحب احمد دين جي گھران تاريخ تي ڪتاب کڻي آءُ. سندس بنگلي تي پھتم ته در بند ھو. در کڙڪايم آواز ڪين آيو. آخر گھڻي دير بعد در کليو، ڇا ڏسان ته اشرف ! منھنجون اکيون پٽيل ئي رھجي ويون. ھيءَ ھت ڪيئن، اڳ ته کيس ڪين ڏٺو اٿم. يڪدم چيائين، “حڪم صاحب.” دل ٻڌي چيومانس، “اوھان جي ملاقات.” شوخ ٿي چيائين، “بي شرم.” مون مشڪندي چيو، شايد اوھان وٽ ملاقاتين جو آدرڀاءُ انھن لفظن سان ٿيندو آھي؟” “يڪدم وٺو ٿا پنھنجو رستو يا سڏ ڪيان چوڪيدار کي.” مون چيو، “آيا آھيون ته چانھه پيئڻ کان سواءِ ائين ائين ڪيئن ورنداسين.” بلند آواز ۾ پڪاريائين، ”چوڪيدار، چوڪيدار.” چوڪيدار پاڻ کان به وڏي لٺ سان ڊڪندو آيو، “حڪم صاحب.” “ذرا ھن صاحب کي رستو ڏيکاريو.” ايتري ۾ خان صاحب احمد دين ٻاھر نڪري آيو، “ڇاھي، ڇاھي؟” “مرحبا ٿي رھي آھي.” مون وراڻيو. “اچ، اچ اشرف تون به آءُ” “ھيءَ آھي منھنجي ڀائٽي اشرف. ھينئر تازو سکر کان ھت آئي آھي ۽ ڪاليج ۾ داخل ٿي آھي.” “ھي آھي عزيز منھنجي دوست رئيس امير احمد جو فرزند ڪاليج ۾ پڙھندڙ آھي. اشرف عزيز لاءِ چانھه جو بندوبست ڪر.” آءُ مشڪندو رھيس ۽ ھوءَ وٽ کائيندي اٿي وئي، چانھه آئي، خانصاحب احمد دين ڪٻٽن مان ڪتاب ڪڍي رھيو ھو. “جناب اوھان کي چيم ته چانھه پيئڻ کان سواءِ واپس نه ورندس، اوه ذرا شڪر ڪيم.” ھوءَ تيز نظرن سان گھوريندي رھي.
شادي طئي ٿي وئي. آءُ بيحد خوش ھوس، ھڪ شادي ٻيو پنھنجي مرِضيءَ تي. ھينئر خيال ڪيم ته انھن لفظن جو کانئس پورو پورو حساب وٺندس. جڏھن لائون جو وقت آيو تڏھن زور سان مٿو کڻي سندس مٿي سان ٽڪرايم. سنھڙي چيخ سان سندس واتان نڪتو، “بي شرم.”
شاديءَ جي ڪمري ۾ گلابي سيج مٿان، گلابي وڳي ۾ گھونگھٽ ڪڍيو ويٺو ھئي. مون اڃا ڪمري ۾ قدم رکيو ته گھونگھٽ وٺي سرڪايائين، جيئن آءُ سيج ڏانھن وڌندو ويس، تيئن وئي گھونگھٽ کي سرڪائيندي. جيستائين آءُ سيج وٽ پھتس تيستائين ايترو پاڻ کي ڍڪي ڇڏيائين جو پتو نه ٿي پيو ته عورت آھي يا ڳٺڙي. مون کلندي چيو، “حسن گھونگھٽ کان ٻاھر سھڻو ٿو لڳي.” ائين چئي يڪدم کڻي سندس گھونگھٽ مٿي ڪيم. اکين کي شرم کان ڍڪيندي چپن ۾ ڪجھه ڀڻڪي.