قانون
ڪلفٽن جي رستي تي بيٺل دراز اليڪٽرڪ جي ٿنڀن ۾ ٻرندڙ بتيءَ جي بلب، سياھي کي شڪست ڏئي رھيا ھئا. بتين جي روشنيءَ ۾ رستو ڪاري مخمل جيان چمڪي رھيو ھو. ڪلفٽن کان ايندڙ ھوا جا تيز جھوٽا خورشيد جي خوشبودار زلفن سان راند ڪندا اڳتي وڌي ٿي ويا. خورشيد جا ڪارا ڪارا لنبا زلف ڪڏھن سندس ڳلن تي جھومي رھيا ھئا ۽ ڪڏھن غفور جي چھري تي پکڙجي ٿي ويا. انھن مان ايندڙ ھلڪي ھلڪي سرھاڻ ۾ غفور ايتري قدر گم ٿي ويو، جو کيس ڪلفٽن کان ايندڙ ۽ ويندڙ تيز رفتار ڪارين، مست رفتار گھوڙي گاڏين ۽ پنڌ ويندڙن واٽھڙن جو نه پتو نه ٿي پيو. ھن کي اھو پتو نه ٿي پيو ته ھو ڪاڏي وڃي رھيو آھي، مگر ھو وڃي رھيو ھو، پنھنجي خورشيد سان اھڙي طرف جتي “تون ھجين ۽ مان ھجان.”
غفور پنھنجي ئي موج دنيا کان بي خبر وڃي رھيو ھو. اوچتو خورشيد “بريڪ” “بريڪ” جون رڙيون ڪيون مگر غفور جي بريڪ لڳائڻ کان اڳ سائيڪل چوسول تي بيٺل سپاھي سان اچي ٽڪري. پوليس واري مٿان خورشيد، خورشيد مٿان سائيڪل ۽ سائيڪل جي پاسي ۾ اچي غفور ڪريو. پوليس واري کي جڏھن خورشيد جو نرم جسم محسوس ٿيو، تڏھن اٿڻ بجاءِ اتي ئي ليٽو رھيو. خورشيد اٿڻ جي ڪوشش ڪئي، مگر سائيڪل جي وچڙڻ سبب وري پوليس مٿان اچي ڪري. پوليس وارو “آ” ڪري پئجي رھيو. غفور ڌڪ کائي اٿيو سائيڪل کنيائين خورشيد کي ھٿ ڏنائين. خورشيد پوليس واري جي پھلو مان ائين اٿي، جئن ڪاري ديو جي پھلو مان سبز پري. پوليس وارو چنگھندو اٿيو. پري بيٺل ٽوپي کڻي ڇنڊيائين مڇ کي وڪڙ ڏئي اڳتي وڌيو.
“جناب! ڇا اوھان کي ڪجھه ڏسڻ ۾ نٿو اچي؟ شايد اوھان ڪجھه پيتل . . . .؟ مگر اوھان کي ڪجھه ڏسڻ ۾ ڪيئن ايندو اوھان سان گڏ جو ميم صاحبه آھي .”
جمعدار صاحب، معاف ڪندا. مون گھڻي بريڪ ھنئي مگر سائيڪل . . . ”
“جناب، آئون سائيڪل ٻائيڪل ڪجھه نه ٿو ڄاڻان اوھان کي پوليس چونڪي ھلڻو پوندو .”
“جمعدار صاحب آئندہ ايئن نه ٿيندو.”
“پوءِ آئنده اوھان کي پوليس چونڪي تي به ھلڻو نه پوندو.” “مگر جمعدار صاحب . . . .”
“مگر . . .. مگر . . . اوھان قانون کي ڇا سمجھيو آھي. اوھان قانون جي ڀڃڪڙي ڪئي آھي. اوھان غير عورت کي وندر لاءِ ڪلفٽن وٺي آيا آھيو، اوھان کي خبر ناھي ته شھر سان گونڊا ائڪٽ لڳل آھي –”
“مگر ھي ته منھنجي مڱيندي آھي.”
جمعدار خورشيد کي پيرن کان وٺي چوٽيءَ تائين ڏٺو ۽ مڇ تي ھٿ رکندي چيو، آءُ اوھان جھڙن نوجوانن کي خوب ڄاڻان ٿو جنکي ھر روز نئين مڱيندي ھوندي آھي. ۽ جناب اوھان سائيڪل تي ٻه ڄڻا سوار ٿيا آھيو ۽ ٻن ڄڻن جي سواري قانون ھيٺ ڏوھ آھي.”
“جمعدار صاحب آئنده ايئن به نه ٿيندو.”
“قانون قانون آھي! اوھان کي پوليس چونڪي ھلڻو ئي پوندو. انھيءَ کان سواءِ اوھان ھڪ پوليس آفيسر جي مٿان سائيڪل چاڙھي قانون جي بي عزتي ڪئي آھي.”
“جمعدار صاحب انھي لاءِ معافي طلب آھيون.”
“جناب قانون قانون آھي! سرڪار اسان کي مفت جون پگھارون نٿي ڏئي. اسان کي قانون سنڀالڻو آھي ۽ اوھان جھڙن نوجوانن کي ٺڪاڻي لڳائڻو آھي. اوھان ٽي ڏوھ ڪيا آھن. غير عورت سان سير و تفريح، ٻن ڄڻن جي سائيڪل سواري، ۽ پوليس آفيسر مٿان سائيڪل چاڙھڻ.”
“جمعدار صاحب آئنده ڪڏھن، ڪڏھن به اھڙي غلطي نه ٿيندي.”
“جناب آءُ به اوھان کي ڪڏھن، ڪڏھن ٿاڻي نه وٺي ھلندس.”
“جمعدار صاحب” خورشيد پوليس واري سان اکيون ملائيندي چيو. اميد ته آئنده اھڙي غلطي نه ٿيندي. جمعدار خورشيد ڏانھن نھاريو ۽ ٿورو نرم ٿي چيو “مگر صاحب قانون قانون آھي.”
“جمعدار صاحب قانون سچ پچ قانون آھي مگر اھڙيون غلطيون انسانن کان ٿيون وڃن. زرا ھيڏانھن اچجو.”
جمعدار اڳتي وڌي خورشيد ڏانھن وڌيو. خورشيد ٻه چار قدم اڳتي ھلي. پرس کلڻ جو آواز ٿيو. خورشيد جو نرم ۽ نازڪ ھٿ جمعدار جي ھٿ سان مليو. جمعدار جي جسم ۾ ڄڻ بجليءَ ڊوڙي وئي. جمعدار پنھنجي ھٿ ۾ ڪاغذ جھڙي ڪا چيز محسوس ڪئي ، آھستي آھستي جمعدار جي چھري تي مرڪ ڦھلجي وئي.
“اميد ته آئنده اھڙي غلطي نه ٿيندي.” خورشيد جمعدار جي ھٿ مان ھٿ کسڪائيندي چيو.
“مگر قانون . . . . قانون” باقي اکر جمعدار جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا.
خورشيد سائيڪل تي اڳيان ٿي ويٺي. غفور پئڊل تي زور سان پير ھنيو. فضا ۾ سيٽي جو ھلڪو آواز ڦھلجي ويو.
“سرکاري سڙک ھي يه تيرا گھر تو نھين ھي.”