ڪھاڻيون

بلو دادا

ڪتاب ”بلو دادا“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. ھي ڪتاب ڊاڪٽر اياز قادري جي ڪھاڻين جو مجموعو آھي. شيخ عبدالحليم جوش لکي ٿو:

”اياز جي افسانن جي زبان ادبي ھئڻ سان گڏ نھايت سليس مگر سوادي آھي جنھن ڪري سندس افسانن جي افاديت فقط عالمن تائين محدود ڪانه ٿي رھي پر عوام جي ھر طبقي تائين پھچي سگھي ٿي. سندس انداز بيان ايڏو ته دلڪش آھي جو معمولي واقعي يا تجربي کي نھايت موثر انداز ۾ پيش ڪري ويو آھي. فني خوبين افسانن جو معيار ايڏو ته بلند ڪيو آھي جو بجا طور چئي سگھجي ٿو ته اياز جو افسانو ٽيڪنڪ خواھ پلاٽ جي لحاظ کان اردو جي منتخب افسانن جي مقابلي ۾ پيش ڪري سگھجي ٿو.“
Title Cover of book بلو دادا

  ھاجران

چوٿينءَ جو چنڊ اڀرڻ سان ئي لھي ويو. سياري جي رات ھڪ ٿڌي ٻي ڪاري. جھوپڙين مان نڪرندڙ دونھون ھوريان ھوريان بس ٿي ويو. ڳوٺاڻن جون ڪچھريون ڳپل وقت کان پوءِ ماٺ ٿي ويون – مڪانن ۾ ٻرندڙ مچ آھستي آھستي سرد ٿي ويا. اتر جي ھوا سوساٽ پي ڪيا. پاري جي پوڻ جا پڪا آثار ھيا. سيءَ کان بچڻ لاءِ مائرن پنھنجي ٻارن کي ڇڪي ڇاتيءَ سان لائي ڇڏيو ھو.
پري کان ڪنھن جھونگاريو.
“ڏٺي جن ھيڪار، صورت ساھڙ ڄام جي،
سک ٿي ستيون ڪين ڪي، ڀري ساڻ ڀتار.”
آواز پھريان ڌيمي نڪتو. پوءِ زور سان چؤطرف ڦھلجي ويو ۽ ھوريان ھوريان چپ ٿي ويو. ھاجران جي دل ۾ ڄڻ ٻاڻ لڳي ويو. سندس لڇ پڇ وئي وڌندي. دل اڌما ڏيڻ لڳس. پنھنجي چوگرد اک کڻي نھاريائين، ھر طرف سانت ھئي. سندس ور کي سمھڻ سان ئي اچي نيستيءَ نھوڙيو ھو. رکي رکي کونگھرا ٿي ھنيائين. ائين ٿي محسوس ٿيو ڄڻ قيامت تائين اٿڻ جو نانءُ ئي نه وٺندو. ھونءَ به ته مرڻ جي ڪنڌيءَ تي ھو. سٺ ٻاھٺ جو مڙس. ھاجران کي نيڻين ننڊ نه ھئي، پئي لڇي ۽ ڦٿڪي. جوان ونيءَ کي پوڙھي ور جي پاسي ۾ ڀلا ننڊ به ڪيئن اچي. ھن پنھنجي گلابي وڳي ڏانھن ڏٺو جنھن تي زريءَ جي جھالر ۽ ستارا لالٽين جي روشني ۾ چمڪي رھيا ھيا. ھن پنھنجي ميندي رڱن ھٿن ۽ پيرن ڏانھن نھاريو جن تي لالائي ھيئنر ھلڪي ٿيندي ٿي وئي. ھن جي دل ۾ آيو ته جيڪر لالٽين کڻي ڪپڙن، گھر ۽ ور کي ساڙي ڇڏيان. ٻه ڳوڙھا ٽم ٽم ڪري وھاڻي تي ڪري پيا. پلاند کڻي اکين کي اگھي ڇڏيائين. کيس پراڻيون ڳالھيون ھڪ ٻي پٺيان ياد اچڻ لڳيون. ڪيئن سھيلين سان گڏجي کوھ تي پاڻي ڀرڻ ويندي ھئي. جتي ڳوٺ جي جوانن جون ڳالھيون نڪرنديون ھيون. ھر ڪا حمزي جي واکاڻ مان نه ڍاپندي ھئي. سون جي مٽ آھي. ڪم جو جوڌو، کاٽيءَ جو مڙس، ٻلھاڙي ۽ ملھه ۾ ته ڪنھن کي وارو ئي نه ڏي، چانپئي ڏاڙھي، شھپر وڏا، ڀرون جاڙيون، نڪ ڊگھو، اکيون شينھن جھڙيون رعب ۽ تاب سان ڀڙيل، چپن تي سدائين مرڪ. ھن کي ياد آيو ته ڪيئن حمزو ملاکڙي ۾ سوڀ ڪيون پئي آيو. ھن کي ڏسي نرڙ مھٽيائين. جنھن جو مطلب ھو سلام. خبر نه آھي ته ڇو سندس دلا کسڪي ويا ۽ پٽ تي اچي ڪريا. سندس سمورو بت ڀڄي آلو ٿي ويو. سندس دلن جا ٽڪر چوگرد پيا ھيا. ھن ان ڏينھن کان محسوس ڪيو ته ھن جي دل به سڄي ۽ سلامت نه ھئي – اشارا ٿيا، سلام ٿيل نياپا آيا ۽ ويا، سوکڙين جي مٽاسٽا ٿي، لڪي ڇپي ملاقاتيون به ٿيون، اھڙي طرح دليون ويون ٻڌپيون.
مگر اوچتو ڪيس ٿي ويو – سندس ماءُ پيءُ کي ڏوڪڙ ڏنا ويا، ماءُ پيءُ ڇوڪريءَ جي سک جو خيال ڪيو دل جو خيال نه ڪيو – سڀ ڪنھن چيو چڱو گھر آھي مال متاع وارو پئسي ڏوڪڙ وارو، ڇوڪري بادشاھي ڪندي، جي گھوٽ عمر ۾ وڏو ٿيو ته ڇا ٿيو. حمزي گھڻي ئي مٿا ڪٽ ڪئي، پر ھن وٽ پئسو ڏوڪڙ ڪٿي؟ ھئس ڏاندن جو جوڙو، جي کڻي اھو وڪڻي ھا ته به ڇا ٿين ھا؟ چار ڪي پنج سؤ. ھت ته ھزارن جو سودو ھو – دل جو سودو ته اول ئي ھاجران ڪري چڪي ھئي، ھينئر ھن جي جسم جو سودو سندس ماءُ پيءُ ڪري ڇڏيو. ڄڃ آئي، شرنايون وڳيون، جھمريون پيون، گھورون گھوريون، ديڳيون رڌيون.
لاون ويل ھاجران پنھنجي ور جي شڪل ڏسنديئي بيھوش ٿي ويئي – مرجھايل گل ۽ ٽرندڙ مکڙيءَ جو ميل ! ڪنوار کي بيل گاڏيءَ ۾ چاڙھي کڻي ڏورڻا ڏنائون.
پري کان ڪنھن دانھن ڪئي.
“سي سڄڻ ٿين م ڌار، جي ھنئين ۾ حل ٿيا.”
گاڏيءَ ۾ ڪنھن چيو ڪو جدائيءَ جو ماريل آھي. ھاجران جو سمورو جسم ڪرڙيءَ وانگر ڏڪي ويو. اکين مان ڳوڙھا ٽم ٽم ڪري وھڻ لڳس.
اڄ وري ساڳيو آواز ھوا جي پردن کي چيريندو سندس دل ۾ گھڙي ويو – ھوءَ سوچڻ لڳي، “چئبو منھنجو نياپو حمزي کي پھچي ويو، تڏھن ته آيو آھي نه ته ڇو اچي ھا.” ڪتن جي باھوڙ ٿي، ڪتي جي ڪوڪڻ جو آواز آيو. ڄڻ ڪنھن ڪتي کي لوڙھ وھائي ڪڍي ھجي. ٿوري مھل کان پوءِ وري چپ چاپ ٿي وئي، ھاجران پاسو ورائي اٿي. پنھنجي ور ڏانھن ڏٺائين جو اڃا تائين کونگھرا ھڻي رھيو ھ. ھاجران گھر ۽ ور کي پويون سلام ڪري پير پير ۾ پائي ٻاھر نڪتي. اوچتو ھلڪي چيخ ٿي وري ۽ وري خاموشي ڦھلجي وئي.
اَن پيھڻ واريون ان لاءِ اٿيون. ھاجران جي ڏيرياڻي ڏڍ جي چاڏي ولوڙڻ لڳي. مسجد مان ملي جي اذان جو آواز آيو. ھاجران جي ڏيرياڻي سوچ ۾ پئجي وئي ته ڀنڀرڪي به ٿي وئي آھي ته به اڃا تائين ھاجران ڪم لاءِ نه اٿي آھي. شايد سندس گھوٽ جي سڪ اڃا پوري نه ٿي آھي جو اڃا سمھاريو پيو اٿس.
ٻاھران رڙ ٿي “اڙي ھي ڪير ڪريو پيو آھي !” سڀ ڊڪندا اچي ڪٺا ٿيا، ڏٺائون ته ھاجران جي پيرن ھيٺان ڪاري بلا پيل ھئي ۽ ھاجران جي روح جو پکيئڙو اڏامي ويو ھو.
صبح جو حمزو سندس جنازي سان اچي شامل ٿيو. ھن جي اکين مان ڳوڙھا ٽم ٽم ڪري وھي رھيا ھيا جي ڄڻ چئي رھيا ھيا، “ھاجران ڏس مان تنھنجي نياپي تي ملڻ لاءِ ڪٿان آيو آھيان. سياري جي سڄي رات ولھه ۾ تنھنجي ملاقات لاءِ بيٺو رھيو آھيان.”