ڪھاڻيون

بلو دادا

ڪتاب ”بلو دادا“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. ھي ڪتاب ڊاڪٽر اياز قادري جي ڪھاڻين جو مجموعو آھي. شيخ عبدالحليم جوش لکي ٿو:

”اياز جي افسانن جي زبان ادبي ھئڻ سان گڏ نھايت سليس مگر سوادي آھي جنھن ڪري سندس افسانن جي افاديت فقط عالمن تائين محدود ڪانه ٿي رھي پر عوام جي ھر طبقي تائين پھچي سگھي ٿي. سندس انداز بيان ايڏو ته دلڪش آھي جو معمولي واقعي يا تجربي کي نھايت موثر انداز ۾ پيش ڪري ويو آھي. فني خوبين افسانن جو معيار ايڏو ته بلند ڪيو آھي جو بجا طور چئي سگھجي ٿو ته اياز جو افسانو ٽيڪنڪ خواھ پلاٽ جي لحاظ کان اردو جي منتخب افسانن جي مقابلي ۾ پيش ڪري سگھجي ٿو.“
Title Cover of book بلو دادا

  ڪفن چور

سڄي شھر ۾ ھو ھوا ٿي وئي ته ڪرم الله کي رات ڪفن چوري ڪندي پڪڙي ويو آھي. ماڻھن کي ڏندين آڱريون ھيون جيترا ھيا وات اوتريون ھيون ڳالھيون. ”منھن ۾ ملا اندر ۾ ابليس!“ جڏھن اھڙا ڏسڻا واسڻا ماڻھو اھڙا ڪم ڪندا ته دنيا ويھڻ کان ويئي. ”قيامت آئي ٻيو ڇا! ” ”چوري به ڪھڙي ڪفن جي چوري!” دنيا به چٽ دين به چٽ. ٻنھي جھانن ۾ منھن ڪارڻ! “مردود کي شايد رات اچي کٽي کنيو ھو جو چوڪيدار جي نظر پئجي ويس ۽ وڃي ڳٿر کان جھليائينس. قبر کوٽي مٽي جو ڍير ھڪ پاسي ڪيو ھئائين اڃان مردي جو ڪپڙو لاٿائين پئي ته جھلجي پيو.” “سائين زماني تي ڪھڙو اعتبار!”
ڪرم الله جي سڄي پاڙي ۾ ساک ھئي. ھر ڪو ننڍو وڏو کيس سڃاڻندو ھو. پاڙي جي مسجد جو ٻانگو ھيو. صوم صلوات جو پابند. صبح جو سوير اٿي تھجد پڙھندو ھو – بلند آواز سان ذڪر ڪندو ھو. نفل پڙھڻ کان پوءِ اذان ڏئي ماڻھو کي خير جي عمل جي ڪوٺ ڏيندو ھو. نماز پڙھڻ کان پوءِ وري قرآن شريف جي دور ڪرڻ ۾ مشغول ٿي ويندو ھو. قرآن شريف اھڙي سٺي قراَت سان پڙھندو ھو جو واٽھڙو ڪا گھڙي ته بيھي ھن جو پڙھڻ ٻڌندا ھيا. سڄو ڏينھن سندس چپ پيا چرندا ھيا. دل ئي دل ۾ پيو درود ۽ صلوات پڙھندو ھو، نوراني چھرو، ڊگھي سفيد سونھاري. مٿي تي ملڪن جھڙي سفيد دستار، بدن تي سفيد چولو، جيڪو ھن جي گوڏن کان ھيٺ پيو لڙڪندو ھو. ھلڪڙي ٻه تختي سلوار جنھن جا پاچا ننڍا ۽ سدائين مرين کان مٿي ھوندا ھيا. چوغي جي مٿان خاڪي واسڪوٽ جنھن سان ڳاڙھو سفيد چٽن سان رومال پيو لڙڪندو ھو. ھيٺين کيسي ۾ ناس جي دٻلي جنھن جي مٿان آئينو لڳل ھوندو ھو، جنھن ۾ ناس ڏيڻ وقت پنھنجي صورت ڏسندو ھو ۽ ريش مبارڪ تي ھٿ ڦيريندو ھو. ھٿ ۾ دراز عصا جنھن جي مٿان پٽ چڙھيل. گھٽي مان لنگھندو ھو ته ماڻھن سان ڏاڍي خلق ۽ محبت سان ملندو ھيو. سندس لبن تي سدائين مرڪ ھوندي ھئي. ماڻھو چوندا ھيا “فرشتو آھي فرشتو”
اگرچه ھو ان شھر جو رھاڪو نه ھيو مگر ھن کي ان شھر ۾ آئي ويھه سال کن ٿي ويا ھئا. انھن ويھن سالن ۾ جيڪڏھن ماڻھن ٻڌي ته ھن جي ساراه ٻڌي. ڪنھن بني بشر ڪڏھن ايترو به نه چيو ته ڪو مون سان کھرو ڳالھايو اٿائين.
ڪرم الله کي ڪورٽ جي ڪٽھڙي ۾ حاضر ڪيو ويو، ڪورٽ ۾ ماڻھن جا حشام اچي مڙيا ھن کان اول شھر ۾ اھڙو واقعو ٿيو ئي ڪين ھو، ڪن ڪرم الله مٿان چٿرون پئي ڪيون، ”سائين اڄ ڪلھه جي ملن جا حال ڏسو،” ڪنھن چيو، “منھن ۾ ملان اندر ۾ ابليس” ڪنھن چيو، “چون به خلوت مي روند کار ديگر مي کنڊ،” ڪن کي ٿوري گھڻي ڪرم الله سان ھمدردي ھئي ۽ انھي راز ٻڌڻ جي فڪر ۾ ھيا ته ڪرم الله اھو ڪم ڇو ڪيو؟
ڪرم الله جو چھرو مرجھايل ٿي معلوم ٿيو، جنھن مان نورانيت غائب ٿي وئي ھئي، سندس پيشانيءَ ۾ گھنج پيل ھيا ۽ اکيون ھيٺ جھڪيل ھيون، مئجسٽريٽ ھٿوڙو ٽيبل تي ھڻي ٻه دفعا خاموش خاموش پڪاريو، ڪورٽ ۾ سانت ڇانئجي ويئي، ڪرم الله کي بيان ڏيڻ لاءِ چيو ويو، ھن آھستي آھستي پنھنجون اکيون مٿي کنيون، سندس نظر ۾ ساري ڪورٽ، ڪرسين تي ويٺل ماڻھو، ڪارن ڪارن جبن سان وڪيل ۽ شاندار ٽيبل تي ويٺل مئجسٽريٽ سرڪس جي گولي وانگر ڦرندا ڏسڻ ۾ آيا، آخر اھي سڀ ڦري ھڪ نقطي تي ختم ٿي ويا. جنھن ۾ ھن کي پنھنجي بيمار زال، جا بيماري سبب مرڻ جي ڀڪ تي ھئي ڏسڻ ۾ آئي. جنھن ۾ ھن جي جوان ڌيءُ جنھن جي جواني ڦاٽل ڪپڙن ۾ اگھاڙي پئي ٿي ڏسڻ ۾ آئي ۽ ان ۾ سندس معصوم پٽ بک وچان رڙندو ٿي نظر پئي آيو. ھن جي اکين مان ڳوڙھا نار ڪري وھڻ لڳا، جي سندس سفيد ڏاڙھي تان وھي زمين ۾ جذب ٿي ويا. ”سائين مونکي پنھنجو ڏوھ قبول آھي.“ ڪرم الله جو آواز نڙي ۾ ڦاسي پيو. ”مگر آءُ ٻيو ڪري ڇا ٿي سگھيس. آءُ ٿر جو رھاڪو آھيان. اتي بک کان بيزار ٿي ھن طرف آيس. الله سائين پنھنجي مھربانين سان مونکي نوازيو. ھتي جلد ئي مونکي پاڙي جي مسجد ۾ ٻانگ ڏيڻ تي مقرر ڪيو ويو. ڏھ روپيه مسجد جي سار سنڀال عيوض مقرر ٿيا. اوڙي پاڙي مان صبح شام ٽڪيون ملنديون ھيم جنھن مان ڪجھه پاڻ کائيندو ھوس ۽ ڪجھه فقيرن کي ڏئي ڇڏيندو ھوس. پنھنجو وقت بي فڪري سان پئي گذريو سستائي جو وقت ھو ڏھ روپين مان ڪجھه لٽي ڪپڙي تي خرچ ٿيندو ھيو ڪجھه ٻين ضروري شين تي تنھن ھوندي به ٻه ٽي روپيا بچندا ھيم. الله جي مھربانين جون ھر وقت ٻه رڪعتون نفل پڙھي شڪريو بجا آڻيندو ھوس. ان وقت ڳوٺ جي چڱي مڙس جي مھرباني، سان منھنجي شادي خانه آبادي ٿي. اڳ ھڪ سر ھئس ھينئر ٻه سر ٿئياسين. ڌڻيءَ پنھنجي ٻاجھه سان پئي اسان جو وقت چڱو گذاريو. ڪڏھن به ڪنھن جي در تي ھٿ ٽنگڻو نه پيو وقت اھڙي ريت گذرندو ويو. نمازي جيئن پوءِ تيئن ويا گھٽ ٿيندا. منھنجي اولاد وئي وڌندي، ٽڪيون جي اڳ ملنديون ھيون سي ذري گھٽ بلڪل بند ٿي ويون. شيون جي ڪالھه سستيون ھيون سي اڄ چوٽ چڙھي ويون، ڪالھه رپئي ايترو ان ملندو ھيو جو سارو مھينو ھلندو ھيو. اڄ ڏھين روپئي ايترو مس ٿي مليو جو ٻه ھفتا کن مس ھلي. ڪالھه ڪپڙو چئين آني وال ھيو ۽ اڄ اھو ڪپڙو چئين روپي وال به نه ٿي مليو. اڳ ڳائڻ ۽ پھرڻ لاءِ ھڪ سر ھئس پوءِ ٻن مان ڦري پنج ٿياسين. ھڪ نياڻي ۽ ٻه پٽ ڌڻيءَ پنھنجي نوازش سان مونکي عطا ڪيا مگر منھنجي پگھار جا پھرين ڏينھن کان مقرر ٿي ھئي انھيءَ جي شرح ۾ ڪوبه ڦيرو نه آيو. مسجد جي متولين کي ڪيئي بار عرض ڪيم. ھنن ائين چئي ٽڙڪائي ڇڏيو ته ٻيو ان کان زياده ڇا ڏئي ٿو سگھجي؟ منھنجي گھڻين منٿن ۽ آزين نيزارين تي پھريان ٽي پوءِ ٻه روپيا ٻيا به وڌائي ڏنائون. منھنجي وڌندڙ اولاد ۽ شھر ۾ وڌندڙ شين جي قيمت سان منھنجو پورائو نه پئي ٿي سگھيو. اڳ پاڙي مان ايتريون ٽڪيون اينديون ھيون جو سڀ پيٽ ڀري کائي سگھندا ھياسين، ھينئر ڪو وقت اھڙو به ايندو ھو جو سڀ بک تي ويٺا ھوندا ھياسين. اڳ عيد برات تي پاڙي مان ڪو لٽو ڪپڙو به ملندو ھيو مگر ھينئر اھو به بند ٿي ويو. آءٌ سفيد پوش ماڻھو ڪنھن جي اڳيان وڃي ھٿ ٽنگيان. ھڪ ٻه مھربان جن ۾ اميد ھيم اھي منھنجي ھر وقت جي گهر کان اھڙو تنگ آيا، جو مونکي ڏسي منھن کڻي ٻئي طرف ڦيرائيندا ھيا ڄڻ ته اصل واقف ئي ڪين ھيا. منھنجي گهر واري ٻچڙن جي بک ۽ اوگھڙ جي غم ۾ بيمار ٿي پئي. گهر ۾ ھڪ ڪوڏي به نه ھئي جو کڻي خرچ ڪجي. مون روئي ڌڻي در ٻاڏايو، ”اي دنيا کي بخشيندڙ منھنجي زال کي شفا بخش” پنھنجي ننڍڙي بٽ کي بک ۾ رڙندو ڏسي ڌڻيءَ در التجا ڪيم، ”اي جڳ کي روزي بخشيندڙ اسان جي بک دور ڪر. ”ھڪڙي ڏينھن جڏھن پنھنجي گھر آيم ڏٺم ته منھنجي جوان ڌيءُ ھاجران جي اڀرندڙ جواني چولي جي چاڪن مان اگھاڙي ٿي ائين پڪاري رھي ھئي، “بابا ڇا تون مونکي ٻه وال چولي ۽ ٽي وال سلوار لاءِ به وٺي نه ڏيندين جو مان پنھنجي جواني ان ۾ ڇپائي ڇڏيان؟” ان ڏينھن مان بارگاھ الاھي ۾ بيحد ٻاڏايو، سجدي ۾ سر رکي رئندو رھيس “اي پردو ڍڪيندڙ! اي ستار! ڇا تون اسان مسڪينن تي ايتري مھرباني به نه ڪندين جو ايترو ڪپڙو عطا ڪرين جو منھنجي حاجران جي اوگھڙ ڍڪجي سگھي.” منھنجون دعائون بي اثر ثابت ٿيون. آءُ جڏھن به گھر ويندو ھوس ته ھر وقت حاجران جي عريان ٿيندڙ جواني اھو ساڳيو سوال مون کان ڪندي ھئي. آءٌ شرم جو ماريو زمين ۾ گھري ويندو ھوس. ڏينھون ڏينھن منھنجا حوصلا خطا ٿيندا ويا. ڪجھه سمجھه ۾ نه ٿي آيو ته ڇا ڪجي، نه ڪنھن ۾ اميد نه ڪنھن ۾ آسرو. نماز پڙھائڻ وقت ساڳي آيت ٻه ٽي ڀيرا پڙھي ويندو ھوس، سجدي ۾ ويندو ھوس ته اٿڻ تي دل نه ٿيندي ھئي. وقت تي رڪعتون وڌي وينديون ھيون ۽ وقت تي گھٽ ٿي وينديون ھيون. متولين مونکي گھرائي ڇنڀ ڪڍي. ان وقت دل ۾ آيو ته وڏي واڪ کين چئي ڏيان ته ڪاش! اوھان جي گھر ۾ به ڪا جوان ڌيءُ ھجي ، ان جي جواني ڦاٽل ڪپڙن مان عريان ٿيندي ھجي ۽ اوھان وٽ ڪجھه به نه ھجي جوان جي اوگھڙ ڍڪي سگھو.
ڪنھن ۾ به اميد نه ساريم. ٻيو طريقو به نظر نٿي آيو. سوچيم ڪپڙا ڦاڙي ڪشتو کڻي پنان، مگر ائين به نه ڪري سگھيس. انھيءَ ڏينھن جڏھن آءُ مقام ڏانھن ويس ڏٺم ته مردي کي نئين ڪپڙي ۾ ويڙھي دفنايائون. مون سوچيو آخر مئن کي جيئرن کان وڌيڪ ڪپڙي جي ڪھڙي ضرورت آھي. مردي کي ڪفن نه ھوندو زمين ان جي اوگھڙ ڍڪي ڇڏيندي، پر جي زنده ماڻھو وٽ ڪپڙو نه ھوندو ته دنيا جي نظرن کان ان جي اوگھڙ ڪيئن ڇپي رھندي. مون محسوس ڪيو ته حاجران کي ان لاش کان ڪپڙي جي زياده ضرورت ھئي جو سندس اوگھڙ ڍڪي سگھي. افسوس مان پنھنجي حاجران جي اوگھڙ ڍڪي نه سگھيس.”
ڪورٽ ۾ چؤطرف سانت ڇانئجي وئي. ھر ھڪ جو چھرو اداس ٿي ويو. جج صاحب اٿي پنھنجي چيمبر ۾ ويو، ڪورٽ ۾ ماڻھن جو چوٻول شروع ٿي ويو. سڀ جج صاحب جي فيصلي جا منتظر ھيا. جج صاحب پنھنجي چيمبر مان اٿي اچي ڪرسيءَ تي ويٺو، ھٿوڙو کڻي ٻه دفعا ٽيبل تي ھنيائين، “خاموش – خاموش” جي آواز سان ڪورٽ ۾ ماٺ ٿي ويئي.
”ان ۾ شڪ ڪونھي ته ڪرم الله اھڙو ڪم ڪيو آھي جو قانوني ۽ اخلاقي خيال کان ڏوھ آھي مگر ھن جي اڳين چال چلت ۽ مجبوريءَ کي ڏسي ڪورٽ مٿس رحم آڻي.” جج ڪنڌ مٿي کڻي ڪرم الله نھاريو، “ٽي مھينا سخت پورھئي سان جيل جي سزا ڏئي ٿي.”
ڪرم الله جي اکين مان ڳوڙھا ٽم ٽم ڪري وھڻ لڳا، ڄڻ چئي رھيا ھيا، ”ڌيءُ مونکي قيد جي پرواھ نه ٿئي ھا جيڪڏھن مون کي اھو يقين ھجي ته ھينئر تنھنجي جواني اگھاڙي نه رھندي.“