ھي ليڊر
اڄ ھن ڳالھايو. دل کولي ڳالھايو – سماج جي ان بدنام داغ لاءِ جنھن کي عصمت فروش ڪوٺين ٿا، جا چند سڪن تي پنھنجو جسم ٻين جي حوالي ٿي ڪري! ھن چيو ته پاڪ آستان ۾ اھڙي پليديءَ جا اڏا بند ڪيا وڃن، جنھن مان گناھ جي باھ ڀڙڪي ٿي اٿي جن جي آلن ۾ ھزارين گھر سڙي خاڪ ٿي ويا آھن.
ھن جي تقرير ختم ٿيڻ تي ماڻھن جوش مان نعرا بلند ڪيا. ھنجي “زندھ باد ” جا نعرا – “خرابيءَ جا اڏا مرده باد” جا نعرا. ھن جي زبان جادوءَ جو اثر ٿي رکيو – ان کان سواءِ ھن عوام جي ترجماني ٿي ڪئي – پليديءَ جا اڏا، جنھن مان ڪو به سلامت نه وريو. ھڪ ٺھراءُ پاس ڪري سرڪار کان گھر ڪئي ويئي ته “يڪدم اھي بند ڪيا وڃن، جي اھي بند نه ڪيا ويا ته ان خرابيءَ جو سيلاب اڃان به زياده راڱا ڪندو.”
ھو خوش ھو – ڏاڍو خوش ھو – پنھنجي تقرير کان، ماڻھن جي جوش کان، سندن تاڙين کان، انھن جي نعرن کان، سندس “زنده باد” جي نعرن کان، “پليديءَ جا اڏا مرده باد” جي نعرن کان. ھن جي ڪنن ۾ اڃان به تاڙين جي ڦھڪن ۽ نعرن جو شور ٻڌڻ ۾ ٿي آيو. ھو ڪپڙن ۾ نٿي ماپيو. ھن کي بيحد ھار وڌا ويا، ايتري قدر جو سندس دم گھٽجي رھيو ھو. ماڻھن کي سندس نيڪ جذبي ۽ تحرڪ تي مبارڪون ٿي ڏنيون. آخر ھو ملڪ جو وڏو ليڊر ۽ سياستدان ھو.
ھو جڏھن گھر موٽيو، ۽ ٻيا به دوست کيس “خدا حافظ” چئي پنھنجي پنھنجي گھر روانا ٿي ويا، تڏھن ھو وري اڄوڪي جلسي جي خيالن ۾ گم ٿي ويو. اڄوڪي جلسي ۾ ماڻھن جو ھجوم ۽ سندن جوش، پنھنجي جادو بيان تقرير ۽ ان جي طلمسي اثر، پنھنجي وڌندر شھرت ۽ اقتدار جا خيال کيس وسڪي جي بوتل جھڙو سرور ڏئي رھيا ھئا ۽ ھوريان ھوريان ھو انھيءَ نشي ۾ گم ٿي ويو. اوچتو چپراسيءَ کيس ٻڌايو، “ھڪ عورت اوھان سان ملڻ ٿي گھري.” ھن جي خيالن جي ڪڙي ٽٽي پئي ۽ ھن جي خيالن ۾ رخنو پئجي ويو. ھن خيال ڪيو ته ڪھڙي عورت ٿي سگھي ٿي؟ شايد سندس تقرير کان متاثر ٿي ڪا عورت کيس مبارڪ ڏيڻ آئي ھجي. چپراسيءَ کي کيس اندر موڪلڻ لاءِ چيائين ۽ پاڻ وري خيالن – شھرت جي خيالن، ليڊري جي خيالن، سياست جي خيالن ۾ گم ٿي ويو. اوچتو “ڇم ڇم” جي آواز سندس خيالن کي ٽوڙي ڇڏيو. ھن ڪنڌ ورائي ڏٺو ته ھڪ جوانيءَ جون منزلون طئي ڪيل عورت ھار کنيو بيٺي آھي. ھن جي دماغ تي ڪنھن ھٿوڙو وھائي ڪڍيو. ھو سوچڻ لڳو، ھن جي ذھن تي جھونو نقش جنھن تي وقت گرد وغبار چاڙھي ڇڏيو ھو، تازو ٿيڻ لڳو. گذري ويل زمانو – رنگين زمانو. مستيءَ ڀريو زمانو، جنھن ۾ ڪيف ۽ سرور ھو. سڀ جوان ھيا – امنگ جذبا – ھوءَ ۽ ھو! عورت اڳتي وڌي، آھستي آھستي چيو، “آءُ انھي ھنڌان آئي آھيان، جنھن کي پليديءَ جا اڏا ڪوٺيو ٿو وڃي. آءُ اوھان کي مبارڪ ڏيڻ آئي آھيان. مون سان گڏ منھنجي ڌيءُ به آئي آھيان.” نوجوان ڇوڪري اڳتي وڌي. ماڻس ھن ڏانھن مشڪي نھاريو. سندس انھيءَ مشڪڻ ۾ ھزارين زخم پنھان ھيان. “امڙ، ھي اسان جي قوم جو ليڊر آھي! ھن جا سڄي قوم ٿي ٿورا آھن! خاص طرح اسان تي ھن جون وڏيون مھربانيون آھن!.” اھو زھر جو ڍڪ جو سندس لبن تي پھچي ويو ھو، ھوءَ پي وئي ۽ سانت ٿي وئي. ڇوڪريءَ ھن کي ھار وڌو. ماءُ ۽ ڌيءُ ٻاھر ھليون ويون. “اسان تي ھن جون وڏيون مھربانيون آھن!” جا اکر سندس سيني ۾ ڇپي ويا انھيءَ ڪنڊيءَ وانگر جو لڳڻ کان پوءِ ڀڄي پئي ۽ سندس ڪجھه حصو اندر ئي رھجي وڃي. ھن جي اڳيان ماضيءَ جو ڦٽل نقش آھستي آھستي چٽي طرح اڀرڻ لڳو. اھو ڏينھن جنھن ڏينھن کان ھوءَ ترقي جي راھ تي گامزن ٿيو، اھو ڏينھن جنھن ڏينھن ھن ڪنھن جي اميدن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. ھن کي اھا رات جا سندس گناھن وانگر ڪاري ھئي. ياد اچڻ لڳي – جنھن رات ھوءَ پنھنجي مائٽن کي خيرباد چئي، ھن سان وڃڻ لاءِ نڪري آئي ھئي – جنھن رات ھن دنيا کي ڇڏيو مگر ھو پاڻ دنيا کي چھٽي پيو – جنھن رات ھن سماج جي ڪا به پرواھ نه ڪئي، مگر ھو سماج کان ڊڄي ويو. جنھن رات ھن عزت کي محبت مٿان قربان ڪيو؛ مگر ھن عزت خاطر محبت ڇڏي ڏني – ڇو؟ ڇاڪاڻ ته ھن دنيا ۾ ڪجھه ٿيڻ ٿي گھريو. ھن جون آھون ۽ دانھون ته سندس پٿر جھڙي دل کي نرم نه ڪري سگھيون. سندس محبت واسطن به سندس دل تي اثر نه ڪيو. جڏھن ھن کي ھر ھر گھر واپس وڃڻ لاءِ ٿي چيو، مگر ھو تڏھين گھر ڪيئن ٿي واپس وڃي سگھي! ھو مائٽن کي ڇڏي آئي ھئي. ان کان سواءِ، ھو ماءُ ٿيڻ واري ھئي. اھڙي حالت ۾ ڪھڙي ڇوڪري مائٽن لاءِ لاءِ ڪارنھن جو ٽڪو بڻجي، زندگي تائين طعنا ۽ تنڪا سھندي رھي! ھو سوچي رھيو ھو انھن ڏينھن ۾ ھن جي ستاري چمڪڻ شروع ڪيو ھو. ھن ان کي اونداھيءَ جي ڪڪرن ھيٺ آڻڻ نه ٿي گھريو. ھن جي عوام ۾ عزت وڌندي ٿي ويئي، ۽ ھن کي پنھنجي آئيندي جو خيال ھو. ھن کي رئندو ڇڏي ھليو ويو ھو “تون گھر وڃ، آءُ توسان شادي نٿو ڪري سگھان. منھنجي عزت کي ڌڪ لڳندو. آءُ زندگي ۾ ڪٿان جو ڪين رھندس ۽ منھنجي وڌندر شھرت . . . . .”
اڄ وري گھڻيءَ مدت کان پوءِ اٽڪل پندرنھن ويھن ورھين کان پوءِ جڏھين سندس شھرت جو ستارو اوج تي ھو، جڏھين سندس نالو ھر ڪنھن جي وات ۾ ھو، جڏھين ھو ملڪ جو مشھور سياستدان ۽ قوم جو ليڊر ھو، تڏھين ھوءَ ھن جي اڳيان آئي – محبت جو اھو گل جنھن کي واس وٺڻ کان پوءِ پيرن ھيٺ ڇيپاٽي ڇڏيو ھئائين – شراب جي اھا بوتل جنھن جي ورتائڻ کان پوءِ زمين سان ٽڪرائي پاش پاش ڪري ڇڏيو ھئائين! مگر ھوءَ اڄ نئين رنگ ۾ ھئي – سماج جو ھڪ بدنام داغ ھئي! ۽ ھن سان ھن جي ڌيءُ به ھئي! ھو سوچيندو رھيو – ھي دنيا ۽ سماج جا بدنام داغ، ڪارنھن جا ٽڪا مگر . . . . سندس دل بيھجي وئي.
ٻي ڏينھن دنيا جي اخبارن ۾ وڏين وڏين سرخين سان سندس موت جي خبر شايع ٿيل ھئي. سندس واکاڻ ۽ تعريف ۾ خاص نمبر ڪڍيا ويا. ھن جي زندگيءَ جي ھر پھلو تي روشني وڌي ويئي. ھو قوم جو ليڊر ھو. ملڪ جو وڏو سياستدان ھو. ھن خرابي جي اڏن برخلاف ھلچل ھلائي، پاڻ کي ماڻھن ۾ مقبول بنايو ھو. ملڪ ۾ ماتم جي لھر ڇانيل ھئي. ھن جي لاش سان ھزارين ماڻھو ھيا. پير پائڻ جي جاءِ به نه ھئي. ڀيڙ جيئن پوءِ تيئن وڌندي ٿي وئي. ھن جي لاش مٿان بيحد گل وڌا ويا. ھو گلن ۾ پورجي ويو. ھو عوام جو ليڊر ھو ، جنھن عصمت فروشيءَ جي اڏن خلاف برخلاف ھلچل ھلائي ھئي.