ٻھروپي
“ھي انھيءَ دل جو تحفو آھي جنھن ۾ صرف تون آباد آھين.”
“شڪيله، روءِ زمين تي ھن کان وڌيڪ ٻيو ڪھڙو املھه تحفو ٿي سگھي ٿو. ھيءُ اھو تحفو آھي جنھن کي ڏسي ديوتائن جون دليون به ريجھي وڃن ٿيون – مان ته انسان آھيان. شڪيله ھي تنھنجو تحفو مون کي ساھ کان به عزيز آھي. جيڪڏھن مون کي ڪو دنيا جو سموريون نعمتون ڏي ھا، ته به مونکي ايتري خوشي نه ٿئي ھا، جيتري ھن گل ملڻ سان حاصل ٿي اٿم.” شڪيله جو چھرو شرم کان گل وانگر ڳاڙھو ٿي ويو. مجيد ڪنڌ ھيٺ ڪري گل کي لبن سان لڳايو ۽ الوداع ڪيائين. اکيون اکين سان مليون جدا ٿي ويون.
2
“آءُ بلڪل مجبور ھوس ڇا ڪريان.” مجيد التجا ڪندي چيو. “ڇا ڪڏھن ھن کان اول به مون دير ڪئي آھي؟ ڪمبخت غفور رستي تي ملي ويو. تو کي ته خبر آھي ته ھو مڇڏو آھي، چچڙ ٿي پيو. گھڻيون ئي گوھيون ڪيم مگر ھن کان جند ڇڏائڻ مجال ھئي. آخر ڀيٽا ڏئي جند ڇڏائي اٿم.” ثريا جو چھرو ڪاوڙ کان لال ٿي ويو. “اھڙا ڪوڙا بھانا ھن کان اول به ڏئي چڪو آھين.”
“ڇا توکي ھينئر منھنجي زبان تي ڀروسو نه رھيو آھي؟”
“منھنجي دل جو گواھي ڏئي رھي آھي ته تون ڪوڙ ڳالھائي رھيو آھين.”
“ڇا آءُ توسان، ڪڏھن ڪوڙ ڳالھائي سگھان ٿو؟” ثريا جي ڪاوڙ ٿوري ٿڌي ٿي، چپ ڪري بيھي رھي. مجيد پنھنجو ھٿ وڌائي ثريا جي ھٿ ۾ وڌو. ثريا سندس ھٿ کڻي پري اڇلايو، “مون کي اھڙي کيچل پسند نه آھي.”
“ثريا، ڏس مون تنھنجي لاءِ ڪھڙو تحفو آندو آھي. دنيا ۾ ھن کان زياده ٻيو ڪھڙو املھه تحفو ٿي سگھي ٿو. اھو تحفو آھي جنھن کي ڏسي ديوتائن جون دليون به ريجھي وڃن ٿيون. ھي انھي دل جو تحفو آھي جنھن ۾ تون آباد آھين.”
ثريا جون اکيون، مجيد جي ڪالر ۾ لڳل گلاب جي گل ۾ وڃي کتيون، جو ڪنھن مست جوانيءَ جي امنگن ۽ اميدن وانگر ٽڙيو بيٺو ھو. آھستي آھستي مجيد جو ھٿ ڪوٽ جي ڪالر ڏي ويو، گل کي ڇڪي ٻاھر ڪڍيائين، پنھنجو ھٿ وڌائي گل ثريا جي وارن ۾ وڌائين.
گلاب جو گل ثريا جي وارن ۾ ظلمات ۾ نور جي ڪرڻن وانگر چمڪي رھيو ھو. ثريا ٿورو مشڪي، اکيون مليون، ھٿ مليا، ڪاوڙ ختم ٿي وئي.