ڪتي جي موت
ڳوٺ جي جھوپڙين جي وچ ۾ وڏيري جو بنگلو، ڄڻ انھن جي غريباڻي حال تي ٺٺولي ڪري رھيو ھو. بخاري ۾ باھ جا الا ڪڏھن ڀڙڪي ٿي اٿيا ۽ ڪڏھن جھيڻا ٿي ٿي ويا. الن جي لالائي مائل روشني ۾ وڏيري جو چھرو ٽامي وانگر لال ٿي ڏسڻ ۾ آيو ۽ ان جي جھيڻي ٿيڻ سان ڪاراٽجي ٿي ويو. ھنجي منھن ۾ سونڊ ۽ نرڙ ۾ گھنج ھيا. پنھنجي وڏن مڇن کي خار مان مروڙي رھيو ھو. ھنجا چپ پئي ڦڙڪيا اکيون ڪرڙيون ڪري پنھنجي نوڪرن ۽ ڪمدارن ڏانھن پئي ڏٺائين نوڪر قطار ۾، انھن ڏوھين وانگي جن کي سزا ٿيڻي ھجي، بيٺا ھيا. ھر ڪو ائين سمجھي رھيو ھو ته اڄ سندس خير ڪونھي. آخر وڏيري رڙ ڪئي، خاموش بيٺل نوڪرن جا جسم لرزڻ لڳا “چئبو اوھان حرام جا ٽڪر ٿا کائو؟ آخر ڪيڏانھن ويو؟” وڏيرو چپ ٿي ويو. “جيڪڏھن منھن جو موتي ھن وقت پيدا نه ٿيو ھجي ته توھانجيءَ پٺي تي کل نه ھوندي.” وڏيري ڏک ڀرين اکين سان منجيءَ ڏانھن ڏٺو، جنھن تي موتيءَ جي جسم کي گرم ڪرڻ لاءِ ريشمي گاديلا خالي پيا ھئا. نوڪر ھوريان ھوريان ھڪ ٻئي پٺيان بنگلي کان ٻاھر نڪري آيا.
وڏيرو موتيءَ متعلق سوچڻ لڳو. گرچه ھن وٽ ٻيا به ڪيترائي ڪتا ھئا مگر ڪوبه موتيءَ جو مٽ ۽ ثاني نه ھو. ٻين ڪتن جي خدمت لاءِ ھڪ ھڪ پر موتيءَ جي خدمت لاءِ ٻه ماڻھو مقرر ڪيل ھئا. ٻين ڪتن جون جايون الڳ ٺھيل ھيون مگر موتي جي منجيءَ وڏيري جي پلنگ جي ويجھو ئي پيل ھئي. صبح جو موتيءَ کي وھنجاري صاف ڪري وڏيري جي خدمت ۾ حاضر ڪيو ويندو ھو ۽ وڏيرو موتيءَ کي ڏسي باغ باغ ٿي ويندو ھو.
رات ڀڄندي ويئي. سردي وڌندي وئي. ڪڪرن مان ھلڪيون بوندون ڪرڻ لڳيون. ھوا جو آواز تيز ٿيندو ويو. ٻاھر گھگھه اونداھي ڇانئجي ويئي. اوچتو وڏيري جي ڪنن تي موتيءَ جي ڀونڪڻ جو آواز پيو. وڏيرو ٽپ ڏيئي بستري مان اٿيو ۽ تڪڙو تڪڙو در ڏانھن وڌيو “موتي”. وڏيري گلو جي ڪڇ مان موتي کي ورتو. گلوءَ جو جسم، جنھن تي ھڪ چيڪ جي پراڻي قميص پيل ھئي، برسات ۾ سڄو ڀڄي ويو ھو. ٿڌي ھوا ۾ ھن جو جسم بيد وانگر پئي ڏڪيو. سندس کاڏي ۽ ڏند کڙڪي رھيا ھئا. “سائين” گلو ڏڪندي چيو ۽ پنھنجا برف جھڙا ھٿ کڻي ڪڇن ۾ وڌائين ”موتي رمون جي ڪتيءَ جي پويان ھليو ويو ھو . گھڻي ڳولا کان پوءِ کيس موچين واري ڊٺل جاءَ مان لڌو اٿم.“ گلوءَ پنھنجي اگھاڙن پيرن جنکي عمر ڀر شايد جوتو نصيب نه ٿيو ھو، گرم ڪرڻ لاءِ ھڪ ٻئي مٿان رکيو. وڏيري ڄڻ گلوءَ جي ڳالھه ٻڌي ئي نه. “تون ته سيءَ ۾ ڏڪي رھيو آھين.” وڏيرو موتي کي بخاري جي ويجھو کڻي آيو ” جيڪي رول ھوندا آھن تنجو اھڙو حشر ٿيندو آھي. ھت باھ جو سيڪ وٺ.” وڏيرو اٿيو يڪدم ٽوال کڻي آيو. موتيءَ جي جسم کي خوب مھٽيائين. گرم کير ڪڍي ٿورو موتيءَ جي پيالي ۾ وڌائين. موتي ڪوڪاٽ ڪرڻ لڳو ڄڻ وڏيري کي پنھنجو ۽ رمون جي ڪتيءَ جو عشق جو داستان ٻڌائي رھيو ھو. وڏيري گلوءَ ڏانھن ڏٺو جنھن جو سڄو جسم ڏڪي رھيو ھو ۽ ڪپڙن مان مينھن جون بوندون ٽم ٽم ڪري وھي رھيون ھيون. “اڙي گلو تون اڃان بيٺو آھين؟” گلو ڏڪندو ڏڪندو در کولي ٻاھر ھليو ويو. ٻاھران ھوا جو برف جھڙو سرد جھوٽو اندر لنگھي آيو. “ڪھڙي نه ٿڌ آھي!” وڏيري اٿي در بند ڪيو ۽ منجي کي سوري باھ جي ويجھو رکيائين. گديلي تي موتيءَ کي سمھاري ان جي مٿان ڪمبل وجھي ڇڏيائين پر موتي سڄي رات ڪوڪاٽ ڪندو رھيو.
صبح ٿيو مگر موتيءَ جا ڪوڪاٽ بس نه ٿيا. وڏيرو وڏي ڳڻتي ۾ پئجي ويو ”ضرور موتيءَ کي سيءَ جي سٽ اچي وئي آھي.” وڏيرو بيچين ٿي ويو. اڳي پپي به ٿڌ لڳڻ ڪري اھڙي ريت ڪوڪاٽ ڪري مري وئي ھئي. سج مٿي چڙھي آيو، مگر موتيءَ ماٺ نه ڪئي ۽ وڏيري جي ڳڻتي وڌندي وئي. موتيءَ کي يڪدم ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ گھرجي. ڊرائيور کي ڪار ڪڍڻ لاءِ چيائين، ڊرائيور ادب سان چيو، ”برسات سبب شھر ڏانھن وڃڻ جو ڪو رستو نه آھي. اڄ جي سج رھيو ته سڀاڻي رستو ٿي ويندو.“ وڏيري کي ڍڪر وٺي ويا ۽ ڪنھن ڳوڙھي ويچار ۾ پئجي ويو. ”سائين گلو کي سردي لڳي وئي آھي. لڱ مچ ٿا ٻرنس. ڪرڙيءَ وانگر ٿو ڏڪي ۽ رکي رکي ٿو وڦلي.“ ڊرائيور ھٻڪندي چيو. وڏيرو ڊرائيور کي خار مان گھورڻ لڳو ”مان ڇا ڪيان؟ ڏسين نه ٿو ته مونکي ڪنھن ڳالھه جو ھوش ڪونھي.“
سڄو ڏينھن ۽ رات موتي ڪوڪندو رھيو، گلو وڦلندو رھيو. وڏيري کان جيترا جتن ٿي سگھيا اوترا موتيءَ جي ماٺ ڪرائڻ لاءِ ڪيائين مگر موتيءَ ماٺ نه ڪئي. صبح جو سوير وڏيري ڊرائيور کي ٻاھر ڪار ڪڍڻ لاءِ چيو، موتيءَ کي ڪمبل ويڙھي گود ۾ وھاريائين. اوچتو ويجھو جھوپڙي مان رڙ ٿي، “ابا گلو!” ڪار تيز تيز ڊڪندي شھر ۾ جانورن جي ڊاڪٽر جي در تي اچي بيٺي.