بلو دادا
منھنجي ڄاڻ سڄاڻ ساڻس چاڪيواڙي ۾ ٿي. گھڻو ڪري جھانگيان مڪرانيءَ جي ڪيبن تي ويٺو ھوندو ھئو. ڄنگھون ٽيبل تي ۽ پٺي ڀت سان. پاڻي ۽ چانھه جو گلاس، ڪنھن وقت ڀريل ڪنھن وقت خالي، ھميشه سندس ڀرسان پيا ھوندا ھيا. آءُ لنگهندس ته وڏي واڪي چوندو ”ماستر اچ چانھه پيءُ.“ مونکي ڪنھن وقت “ماستر” ڪنھن وقت “سائين” چوندو ھو. آھستي آھستي، اسان جو ناتو ويو وڌندو. مونکي سندس مڪراني گاڏڙ سنڌي لھجو ڏاڍو وڻندو ھو. چاھيندو ھوس ته ڀل پيو قصا ڪٽي. جي سندس ويجھو ٿيندو ھوس ته ڳراٽڙي پائي کڻي ھٿ ھٿ ۾ ڏيندو ھو. منھنجي ٻين دوستن کي اسان جي سنگت ڀانءَ نه پوندي ھئي. پاڙي وارا به رنج ھئا. مائٽ مٽ به تنگ. اسڪول جا ماستر به چڱو نه سمجھندا ھئا. شاگرد ڪجھه ڪڇندا ته ڪين ھئا، مگر بلو جي داداگيريءَ جا داستان لاھي چاڙھي پيا بيان ڪندا ھيا.
ھڪڙي ڏينھن ھيڊ ماستر به رکي رکي چئي ڏنو ”اوھان کي پاڻ جھڙن تعليم يافته ماڻھن جي صحبت اختيار ڪرڻ گھرجي!“ مائٽن چيو ”توکي ٻيو ڪو ماڻھو ملي ئي نٿو جو ھڪڙي گشيءَ سان کڻي ياراڻو ڳنڍيو اٿئي!” دوستن دڙڪو ڏنو ته “يار، جيڪڏھن تنھنجي انھي گونڊي سان سنگت آھي ته اسان جي الله توھار!” مون به ڪنھن جي پرواھ نه ڪئي، آخر دوستي جو ٿئي.
ھڪڙي ڏينھن، جيئن چاڪيواڙي پھتس، ڏٺم ته گوڙ لڳو پيو آھي. ماڻھن جا حشام بيٺا آھن. بلوءَ جي گارين جو زيپٽ پيو پوي. مون سمجھيو، اڄ خير نه آھي الاءِ ڇا ٿيو آھي. گوڙ کي چيريندو اڳتي وڌيس. ڏسان ته ڪار بيٺي آھي انجي اڳيان بلو ھڪ موٽي سيٺ کي گردن مان جھليو بيٺو آھي، “سالا حرامي جيڪڏھن تو کي ڪار نٿي ھلائڻ اچي ته ڪار ڇو ھلائي ٿو!” سيٺ ڪرڙي وانگر پئي ڦٿڪيو. “ڇا توھان سيٺا دنيا جي نشي ۾ ايترو انڌا ٿي ويا آھيو جو غريبن جي مٿان اکيون ٻوٽي ڪارون ٿا چاڙھيو!” مون وڃي بلوءَ کي پٺيان ڀاڪر وڌو. منھن ورائي دانھن ڪيائين سائين ڏسو، “ھي حرامخور ڪھڙو نه بيپرواھي سان ڪار ٿا ھلائين. غريب ڇوڪري مٿان ڪار چڙھيو اٿس. ان کي اسپتال ڇڏڻ بدران ڪار ڀڄائي ٿو وڃي.” ائين چئي ھڪڙو زور سان چنبو وھائي ڪڍيائينس. مون کڻي سندس ھٿ روڪيو ڪجھه جوش گھٽيو. سيٺ کي چيائين، “کڻ ھن ڇوڪري کي ڪار ۾.” ڇوڪر کي ڪار ۾ کڻائي اسپتال آياسين. ڊاڪٽر جي في سان گڏ ڇوڪرن جي مائٽن کي پنجاھ روپيا وٺي ڏياريائين، تڏھن وڃي سيٺ جي جان ڇٽي.
ھڪڙي ڏينھن، جيئن اسڪول ۾ گھڙيس ته ڇوڪرن چيو، “ سائين رات اسان جي پاڙي ۾ وڏو جھيڙو ٿيو آھي.” مون سمجھيو ضرور ، بلوءَ ڪو دنگو مچايو ھوندو. “سائين رات بلو دادا ٽن چئن اشرافن جي لاک لاٿي آھي. ويچارن کي خوب موچڙا ھنيا اٿس. سندس رت ڪتو ڪونه چٽي. بس کين اڌ مئو ڪري، ڇڏي ڏنائين.” مونکان ھينئر ته پڙھائڻ وسري ويو. اچي اڻ تڻ لڳي ته رات الائي ڪھڙو معاملو ٿيو آھي. جيئن تيئن ڪري، وقت گذاريم. جڏھن اسڪول کان ڇُٽي ملي، ڏسان ته جھانگيان جي ڪيبن تي مڙس اکيون سڄايو ويٺو آھي. وڃي ڀرسان ويٺومانس، ھوٽل جي ڇوڪر کي واڪو ڪري چيائين، چانھه کڻي آءُ. “مون چيس”، آءُ “تنھنجي چانھه نه پيئندس.”
“آخر ڇو؟”
“تو ڪيترا ڀيرا مون سان وعدو ڪيو آھي ته داداگيري نه ڪندين، مگر جيئن ٿڌ تيئن وڌ.”
يڪدم وراڻيائين، “سائين ، پھرين ڳالھه ته ٻڌ، رات ڇا ٿيو. ٽي حرامزادا سوٽيل بوٽيل، پاڙي جي ڇوڪرين جي پٺيان پيا ڦرن. ڀلا سائين ، تون چئو، اھڙي وقت بلو بس ڪري ويھي؟ ٻه ٽي لپاٽون ھڻي، سالن کي سبق سيکاري ڇڏيم.”
ھڪڙي دوست جي شادي جي ملير ۾ ڪوٺ ملي. بلوءَ کي چيم گڏجي ھلنداسون. پروگرام رکيوسون ته ھتان آچر ڏينھن، ڏھين ڌاري، چاڪيواڙي کان نڪري، لي مارڪيٽ وٽان بس پڪڙي، ملير ھلنداسون. سڏ واري ڏينھن، اڃان چاڪيواڙي کان سؤ کن وکن جو مس کنيوسين ته ڀت جي پاڙ ۾ ڪنھن مسڪين جو لاش نظر آيو. سمجھه ۾ ائين پئي آيو ته ڪو پرديسي بيمار آھي، جنھن کي رات سيءَ سڪائي ڇڏيو آھي. ڏسندي چيائين، “سائين، ھن جو ٺڪاڻو ڪيون.” مون اڃان ڪڇيو ئي ته جھٽ وراڻيائين، “ڪنھن جي شادي ۾ وڃڻ بدران ڪنھن جي غمي ۾ شريڪ ٿيڻ ڀلو آھي.” آءٌ چپ ڪري بيھي رھيس بگي واري کي سڏ ڪيم. بگي وارو پڙ ڪڍي بيٺو چي “آءُ پنھنجي بگي تي لاش نه کڻندس.” بلوءَ سو قميص کان ڇڪي ھيٺ لاٿس. بگيءَ وارو ائين ڪڇي جھڙي ڀت. لاش بگيءَ ۾ کڻي، اچي مسجد وٽ پھتاسون. مون وٽ پويون تاريخون بلوءَ وٽ پئسو ٺھي ڪونه.
“بلو ھينئر ڇا ٿيندو؟”
“سائين، ھي بليڪ مارڪيٽيز” سيمنٽ جي ٺھيل وڏي بلڊنگ ڏي اشارو ڪندي چيائين، “اسان جي ئي پئسن سان شاھوڪار ٿيا آھن، اڄ اسانجي موت تي ھنن کي پئسا ڏيڻا پوندا.” مونکي لاش وٽ بيھاري، پاڻ سيمينٽ واري بلڊنگ ۾ گھڙي ويو ۽ ٿوري دير کان پوءِ موٽي آيو. سندس ھڪ ھٿ ۾ ڏھين ڏھين روپين جا ٻه نوٽ ھيا ۽ ٻئي ھٿ ۾ کليل چاقو. “بلو، ھي چاقو!” “سائين، پھريان ته گوٿ ناٿ پئي ڪيائين، مگر ھن کي ڏسي ڍڍر ئي ڍرا ٿي پيس.”
جيئن وئڪيشن ختم ڪري، ڪراچي وريس اندر ۾ اُڪير ھيم ته بلو سان ملان، جڏھن جھانگيان جي ڪيبن وٽ پھتس، ڏٺم ته بلو غائب ھو. جھانگيان ٻڌايو ته بلو مڪران ھليو ويو آھي.
“ڇو؟” مون يڪدم پڇيس.
“سائين”، سيمينٽ جي بلڊنگ ڏانھن اشارو ڪندي چيائين، “سيٺ صاحب، بلوءَ کي گونڊا ائڪٽ ھيٺ شھر نيڪالي ڏياري ڇڏي آھي.”
مان سوچ ۾ پئجي ويس، ڇا بلو سچ پچ گونڊو ھو؟