پيش لفظ
منھنجي افسانن جا پلاٽ نه ڌاريا آھن ، نه خيالي ھي اھي تلخ حقيقتون آھن جنکي اسين پنھنجي زندگيءَ ۾ ھر روز ڏسون ٿا، مون فقط ايترو ڪيو آھي جو انھن کي افسانوي رنگ ڏئي پيش ڪيو آھي.
منھنجي افسانن جا ڪردار نه فرشتا آھن نه شيطان ھو فقط سادا سودا انسان آھن جن ۾ ڪيترن خوبين سان گڏ خاميون به آھن ڪيترن خامين ھوندي به خوبيون به آھن. ھو پنھنجي ماحول جي پيداور آھن ۽ پنھنجي ماحول کان متاثر ٿئي ڪو عمل ڪن ٿا جن کي اسين گناھ يا ثواب سڏيون ٿا. جنھنڪري انکي فرشتو يا شيطان جو لقب ملي ٿو.
آءُ پھريان شاعر ۽ پوءِ افسانه نويس آھيان – مون جڏھن ڏٺو ته منھنجي سماج ۾ جيڪي وھي واپري ٿو، جيڪو منھنجي دل ۾ اٿل پٿل پيدا ڪري ٿو سو شاعري کان وڌيڪ افساني ۾ پيش ڪري سگھجي ٿو تڏھن مون شاعري سان گڏ افسانا لکڻ شروع ڪيا. منھنجي ڪيترن دوستن ائين ڪرڻ کان روڪيو – ھنن جو چوڻ ھو ته ھڪ ھٿ ۾ ٻه گدرا نه ايندا مگر منھنجي افساني جي پھرين ڪوشش ايتري مقبوليت حاصل ڪئي جو مونکي يقين ٿي ويو ته آءُ افسانا لکي سگھان ٿو ۽ مان سواءِ ھٻڪ جي افسانا لکڻ شروع ڪيا.
منھنجي دوستن مان نورالدين سرڪي ۽ عبدالحليم “جوش” ھر وقت منھنجي ھمت افزائي ڪندا رھيا جنھن ڪري پاڻ نئين ميدان ۾ بي ڌڙڪ وک وڌائيندو رھيس.
مولوي عبدالواحد سنڌي ۽ محمد ابراھيم جوئي به جنھن نموني منھنجي افسانن کي پنھنجي رسالن “نئين زندگيءَ” ۽ “مھراڻ” ۾ جاءِ ڏئي منھنجي ھمت افزائي ڪئي آھي تنھنکي به وساري نٿو سگھجي. محمد ابراھيم جوئي، جو سنڌ ۾ افساني جو وڏو ڄاڻو آھي، جي تنقيدن بحثن ۽ مشورن افسانوي فن کي سمجھڻ ۽ ادا ڪرڻ ۾ منھنجي وڏي مدد ڪئي آھي.
ھن ڪتاب جو وجود ۾ اچڻ جو سھرو ديوان موتيرام رامواڻي ۽ نورالدين سرڪيءَ جي سر آھي جن مونکي ھن ڪتاب ڇپائڻ لاءِ تيار ڪيو.
ھن ڪتاب جي مختلف افسانن کي مختلف ھنڌان نقل ڪرڻ ۾ عبدالغني بلوچ جا محنت ڪئي آھي تنھن لاءِ سندس شڪر گذار آھيان.
اياز قادري
لارڪاڻو
25 جون 1957ع