ڪھاڻيون

بلو دادا

ڪتاب ”بلو دادا“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. ھي ڪتاب ڊاڪٽر اياز قادري جي ڪھاڻين جو مجموعو آھي. شيخ عبدالحليم جوش لکي ٿو:

”اياز جي افسانن جي زبان ادبي ھئڻ سان گڏ نھايت سليس مگر سوادي آھي جنھن ڪري سندس افسانن جي افاديت فقط عالمن تائين محدود ڪانه ٿي رھي پر عوام جي ھر طبقي تائين پھچي سگھي ٿي. سندس انداز بيان ايڏو ته دلڪش آھي جو معمولي واقعي يا تجربي کي نھايت موثر انداز ۾ پيش ڪري ويو آھي. فني خوبين افسانن جو معيار ايڏو ته بلند ڪيو آھي جو بجا طور چئي سگھجي ٿو ته اياز جو افسانو ٽيڪنڪ خواھ پلاٽ جي لحاظ کان اردو جي منتخب افسانن جي مقابلي ۾ پيش ڪري سگھجي ٿو.“
Title Cover of book بلو دادا

مان انسان آھيان

ڪنھن کي خبر نه ھئي ته ھو ڪير ھو؟ ھن جو نالو ڇا ھو؟ ھن جي ذات ڪھڙي ھئي؟ ھن جو مذھب ڪھڙو ھو؟ ھو ڪٿان آيو ھو؟ انھيءَ ھوندي به شھر جو وڏو ننڍو کيس سڃاڻندو ھو. ھن کي ڪافي ورھين کان وٺي ڏسندا پئي آيا. سانت ئي سانت پنھنجي خيالن ۾ گم. ڪڏھن ھو مندرن مان نڪرندڙ ناقوس جي صدا، جا آسمان تائين ڦھلجي ويندي ھئي، ٻڌي مندر جي دروازي وٽ وڃي وھندو ھو، مندرن ۾ وڄندڙ گهنٽين جو شور ۽ پوڄارين جا ڀڄن ٻڌي ھو انھيءَ ۾ مگن ٿي ويندو ھو. ھو پوڄارين کي ديوتائن اڳيان سر نوائي وينتي ڪندو ڏسي خاموش ٿي ويندو ھو ڄڻ ڪنھن فيلسوف وانگر اھڙي ڳوڙھي مسئلي تي ويچار ڪري رھيو ھجي، جنھن جو حل کيس نه ملندو ھجي. مندر مان نڪرندڙ مرد ۽ عورتون ھن کي ڏسي چوندا ھيا ڀڳوان جو سنت آھي سندس ڀڳوان سان لنو لڳل آھي.
صبح جو جڏھن مسجد جي اوچن منارن مان موذن جي الله اڪبر جي صدا ڪائنات ۾ چؤطرف پکڙجي ويندي ھئي، ته ھو خاموشي سان اٿي اچي مسجد جي چائنٺ وٽ ويھندو ھو ۽ وضو ڪندڙن ڏانھن خاموش نظرن سان نھاريندو ھو. جڏھن پيش امام قرآن شريف جو سورتون قراَت سان پڙھڻ شروع ڪندو ھو، ته ان جي مٺي آواز ۾ مست ٿي ويندو ھو، ڄڻ کيس دلي مسرت حاصل ٿي رھي ھجي. جڏھن نمازين کي سجدي ۾ ويندو ڏسندو ھو ته ھو وري اھڙي مسئلي تي سوچ ۾ پئجي ويندو ھو جو ھن کان حل نه ٿيندو ھجي. مسجد مان نڪرندڙ نمازي کيس ڏسي چوندا ھيا، “ويچارو مجذوب آھي. الله جو پيارو ٻانھو آھي.”
ننڍو وڏو، مرد عورت، ھندو مسلمان کيس فقير بابا ڪري سڏيندو ھيو. کيس نه گھر ھو نه گھاٽ مالڪ جي زمين سندس بسترو ھئي ۽ آسمان ھن جي محل جي ڇت جنھن ۾ چند تارن جا لالٽين روشن ھيا. ڪڏھن ھو مندر جي ڏاڪڻ وٽ سمھي پوندو ھيو، ڪڏھن مسجد جي دروزاي وٽ کيس ننڊ وٺي ويندي ھئي، ورنه سڄي رات شھر ۾ پيو گھمندو ھو اھڙيءَ ريت جھڙي ريت ڪو بيقرار روح، سڪون جي تلاش ۾ سرگردان ھجي. شھر جا رولو ڪتا ھن کي ڏسي ڀونڪڻ لڳندا ھيا. مگر ھن کي سڃاڻي وري پنھنجو ڪنڌ ھيٺ ڪري، چپ ٿي ويندا ھيا، ڄڻ کين ازلي ننڊ وٺي ويئي ھجي. چوڪيدار “ڪير ڪير” جي رڙ ڪندا ھن جي ويجھو ايندا ھيا. مگر ھن کي ڏسي چوندا ھيا “فقير بابا، ھينئر رات گذرڻ واري آھي وڃي آرام ڪريو.” ھو مشڪي اڳتي ھليو ويندو ھو، ۽ سپاھي ھن کي تڪيندا رھجي ويندا ھيا.
سندس وار سنياسين وانگر گھاٽا ۽ ڊگھا ھوندا ھيا. جن جون چڳون مٽي پوڻ سبب ڄمي ويون ھيون. سندس ڊگھي ڏاڙھيءَ، سندس وارن وانگر ھميشه دز ۽ مٽيءَ ۾ ميري رھندي ھئي. جسم تي گيڙوءَ رتي الفي ۽ ڪلھي تي ھڪ رلي، اھا ھئي سندس ملڪيت ۽ ھوءَ انھي ملڪيت جو مالڪ ھو، نه ڪنھن کان گھرندو ھو. ڪڏھن ڪو ديوان ھندو ھن کي ڀوڄن ڪرائيندو ھو، ڪڏھن ڪو رحمدل مسلمان کيس ماني کارائيندو ھو، ورنه ھو پنھنجو وقت بک ۾ ئي گذاري ڇڏيندو ھو. ھوءَ ماني لاءِ ڪڏھن به انڪار نه ڪندو ھو، پر جي کيس ڪو پئسا ڏيندو ھو ته اھي ڦٽي ڪري خار وچان پئسن ۽ پئسن ڏيندڙ ڏانھن اھڙي ريت نھاريندو ھو، ڄڻڪ چئي رھيو ھجي، “ھي دنيا ئي ته آھي جنھن جي موھ ۾ انسان انسان ئي نه رھيو آھي. انسان ڌڻي جو پوڄاري نه پر دنيا جو پوڄاري ٿي ويو آھي.” جڏھن سندس الفي ليڙون ليڙون ٿي ويندي ھئي، تڏھن ڪو سخي دل ھندو يا مسلمان ھن کي نئين الفي پارائي ڇڏيندو ھو. ان ويل ھو انھن ڏانھن ٿورائتين نگاھن سان نھاريندو ھو. جي ڪنھن کي مٿس ڪھل اچي ويئي ته ھن جي سيرب ٺھرائي ڇڏيندو ھيو يا غسل ڪرائي ڇڏيندو ھيو، نه ته ھنکي ڪڏھن به پنھنجي سٺائيءَ صفائيءَ جو خيال نه ايندو ھو. ھو اڪثر خاموش رھندو ھو، ڄڻ سندس زبان کي تالو لڳل ھجي. ڪڏھن ڪڏھن موج ۾ اچي جي ٻه چار لفظ ڳالھايائين ته وڏي ڳالھه ھئي.
اوچتو ئي اوچتو، چوطرف ڪھرام مچي ويو. آباد شھر اجڙ ٿي ويا. چوڌاري باھ جا آلا ئي آلا نظر ٿي آيا. ھندو ھڪ طرف جمع ٿيڻ لڳا، مسلمان ٻي طرف جمع ٿيڻ لڳا. ھندو مسلمانن جي پاڙن مان نڪرڻ ۽ مسلمان ھندن جي پاڙن مان نڪرڻ لاءِ لڏپلاڻ ۾ لڳي ويا ڇاڪاڻ ته پنھنجي جان مال جي سلامتيءَ انھي ۾ ئي سمجھيائون ته پنھنجي دين وارن سان گڏ ھجن. ٻنھي پاسي، ھڪ ٻئي کي لٽڻ مارڻ جو گرما گرم تياريون ٿي رھيون ھيون. ھر گھڙي حملي ٿيڻ جو امڪان ۽ جان جو خطرو ھيو. ڪنھن کي به اھو پتو نه ٿي پيو ته ڪڏھن حملو ٿيندو؟ ڪڏھن مال لٽبو؟ ڪڏھن جان ويندي؟ شھر چؤطرف سنسان ٿي ويو ڄڻ ڪو راڪاس آيو ھجي، ۽ شھر جي ماڻھن کي کائي ڇڏيو ھجائين.
چوڌريءَ جي محلي ۾ آس پاس جا پھلوان اچي ڪٺا ٿيا ھيا، “اڄ رات” چوڌريءَ حقي جو ڪش لڳائيندي چيو، “ھنن دين جي دشمن کي سبق سيکارڻو آھي جن سڄي عمر پئي اسان کي لٽيو آھي. ھيءَ اسانجي حق جي لڙائي آھي اسان جي پاڪستان جي جنگ آھي . اسانجي اسلام جو جھاد آھي. اڄ انھن ڪافرن کي ڏيکارڻو آھي ته مسلمان شير ٿيندا آھن، ڀل ھن ڌوتي پوشن کي ڀڳوان ياد اچي وڃي.” فيصلو ٿيوته رات جو ويھه جوان جن ۾ گھڻا ٻاھران آيل مضبوط ۽ بھادر منتخب ڪيا وڃن، جي جھاد لاءِ تيار رھن ۽ سيٺ دمڙي مل جي ڪوٺيءَ تي حملو ڪن.
“ديش مترر ڇا اوھانکي ملڪ جو ورھاڱو قبول آھي؟” سيٺ ڌرمداس نوجوان ھندن کي جي مختلف ھنڌان اچي ڪٺا ٿيا ھيا ، مخاطب ٿيندي چيو، “ڇا اوھان ڀارت ماتا جي سرير کي ٽڪر ٽڪر ٿيڻ ڏيندا؟” اڄ رات ھنن نيچ مسلمانن کي جن ھميشه اسانکي پئي تنگ ڪيو آھي جن جي ڦرين لٽن چورين ۽ ڌاڙن کان اسان ڪڏھن به شانتي ۾ نه رھيا آھيون، ضرور مزو چکائڻ گھرجي. منھن جا مترو اڄوڪي رات جي يڌ اوھان جي ڌرم جي يڌ آھي. ڀارت ماتا جي مان جي يڌ آھي. اچو ته ھنن نيچ مسلمانن کي اھڙو ته سبق سيکاريون جو کين ڇٺيءَ جو کير ياد اچي وڃي ۽ ھميشه ڌڻيءَ کي ياد ڪندا وتن.” آخر فيصلو ٿيو ته ڪجھه نوجوان منتخب ڪيا وڃن جي رات جو چوڌري دين محمد جي گدام تي حملو ڪن.”
سورج غائب ٿي ويو. چؤطرف سانت ٿي ويئي. ورلي ڪو ماڻھو گلين ۾ نظر ٿي آيو. ھر ڪو پنھنجي گھر کي اندران مضبوطيءَ سان ڪڙو ڏئي وڃي ويٺو. آھستي آھستي رات جي اونداھي وڌندي ويئي. گھڙيال رات جا ٻارنھن لڳايا. رستي تي ڪنھن جي پيرن جو آھٽ ٻڌڻ ۾ آيو. ڪتي جي ڀونڪ ٿي. فقير بابا کي ڪتي ڏٺو ۽ سانت ٿي ويو. سنسان رستن تي اھڙي وقت، ھو پنھنجي خيالن ۾ غرق اونداھيءَ ۾ ھيڏانھن ھوڏانھن اھڙي ريت ڦري رھيو ھو، ڄڻ ڪو خاموش تاريڪ پاڇو ھجي. وڻن جي پٺيان سرڪو ٿيو. “خاموش ڪوئي ھيڏي اچي رھيو آھي.” وري سانت ٿي ويئي. “ھڪڙو ڄڻو آھي.” ٻه ٽي نوجوان وڻن کان ٻاھر نڪتا. “تون ڪير آھين؟” “تنھنجو نالو ڇا آھي؟” مگر ھنن کي ڪوبه جواب نه مليو. “تنھنجو مذھب ڪھڙو آھي؟” “سالو ڪافر آھي” ائين ھڪڙو ڇڙو نڪتو جو اونداھيءَ ۾ وڄ وانگر چمڪيو ۽ سندس ڇاتيءَ ۾ گھڙي ويو. ٻيا رھيل ھمراھ به وڻن مان نڪري آيا. انھن مان ڪنھن رڙ ڪئي، “او فقير بابا” انھن جي سردار غصي مان چيو، “ھلو ھلو. دير ٿي رھي آھي جيڪڏھن ٿوري دير ٿي ته موقعو ھٿان ھليو ويندو.” سڀ چپ چاپ پنھنجي سردار جي پويان ھليا ويا.
فقير بابا ھوريان ھوريان زمين تان ڪنڌ مٿي ڪيو سندس لبن تي اھائي مشڪ ھئي. ھڪڙي نظر مٿي کڻي ڏٺائين ۽ وري پنھنجو ڪنڌ مسجد ڏانھن کڻي ڪيائين، ڄڻ وضو ڪندڙن، قرات مان سورتون پڙھندڙ پيش امام ۽ سجدي ۾ جھڪيل نمازين ڏانھن نھاريندو ھجي. ھو آھستي آھستي اٿيو ويران ۽ تاريڪ ڳلين ۾ وڌڻ لڳو.
“تون ڪير آھين؟” “تنھن جو نالو ڇا آھي؟” ڀتين جي پاڇي ۾ بيٺل ٽن نوجوانن ھن کان پڇيو مگر ڪنھن کي به ڪو جواب نه مليو. “تنھنجو ڌرم ڪھڙو آھي؟” “مسلم آھي” – ھڪ آواز آيو – “ماريو نيچ کي.” ھڪ ڪرپان ھوا ۾ ڦريو ۽ سندس پيٽ ۾ ڇپي ويو. “آھ” جو آواز ٿيو. ٻيا پٺتي رھيل به ساٿي اچي ھنن سان مليا. “فقير بابا!” ھڪ جوان حيرت مان چيو. “اوير نه ڪيو باقي ٿوريون گھڙيون بچيون آھن، جي ھي مھل ھٿان نڪري ويئي ته پوءِ افسوس جون تريون مھٽڻيون پونديون.” سڀئي پنھنجي اڳواڻ جي پٺيان ھليا ويا. فقير بابا گھڻي دير کان پوءِ سامت ۾ آيو. آسمان ڏانھن نھاريائين – وري سندس اکيون مندر ڏانھن کڄي ويون. جنھن ۾ ڄڻ کيس ناقوس جي صدا – پوڄاري جا ڀڄن – گھنٽين جو آواز پوڄارين جون ڀڳوان اڳيان سر نوائڻ ڏسڻ ۾ ٿي آيا. ھن آھستي اٿڻ جي ڪوشش ڪئي ¬– ٿورو اڳتي ھليو ۽ وري ڪري پيو.
شھر ۾ وٺ وٺان ٿي ويئي. عورتن جو رڙيون، ٻارڙن جو روئڻ، “بچايو بچايو” جا آواز، بندوقن جا ٺڪاءَ ، گولين جا زوڪاٽ، لٺين جو ٺھڪو، ڇرن ۽ خنجرن جا چمڪاٽ، لٽيو ماريو، جي خوفناڪ شور کان زمين آسمان ھڪ ٿي ويو. شھر ۾ باھ لڳل گھرن جي ڄڀي آسمان سان ٿي لڳي. “ماريو ڪافر آھي.” “ماريو مسلم آھي.” “وٺو وٺو نه ڇڏيو.” اوچتو اوچتو سيٽيون وڳيون – ملٽري پوليس جي مشن گنن جا آواز ڦھلجي ويا. چؤطرف ملٽري پھرو بيھجي ويو. ريڊڪراس جي لارين ۾ مئلن ۽ زخمين کي اسپتال نيو ويو.
“تون ڪير آھين؟” “تنھنجو نالو ڇا آھي؟” ڊاڪٽر جي جواب ۾ صرف زخميءَ مشڪي ڏنو. “تنھنجو مذھب ڪھڙوآھي؟” زخميل وڏو ٽھڪ ڏنو. بيٺل ڊاڪٽر ۽ نرس ٻئي ڏڪي ويا. “شايد ديوانو آھي.” نرس چيو. “ڊاڪٽر صاحب مان ھندو . . . . . نه نه . . . . . مسلم . . . . . نه نه .. . . . . ڊاڪٽر صاحب، مان انسان آھيان. ڊاڪٽر صاحب، مونکي زخم ٻنھي ھندو . . . . ۽ مسلمان کان رسيا آھن . . . . منھنجا زخم انسانيت جا زخم آھن. ڊاڪٽر صاحب، منھنجو موت انسانيت جو موت آھي. ڊاڪٽر صاحب، منھنجو لاش ھندو مسلم ٻنھي جي حوالي ڪجو جنھن ۾ ھو پنھنجي شڪل ڏسي سگھن، جن ۾ کين ڀڳوان اڳيان سر نوائڻ، الله اڳيان سجدا ڪرڻ ٻئي چٽيءَ طرح ڏسڻ ۾ اچڻ.” زخمي چپ ٿي ويو. سندس لبن تي ابدي مشڪ ڦھلجي ويئي. جا چئي رھي ھئي “مان انسان آھيان”. پري کان ناقوس جي صدا آئي، اذان جو آواز آيو، پوڄارين ڀڄن ڳايا. نمازين الله اڪبر پڪاريو. ھندن ڀڳوان اڳيان سر نوايو. مسلمان سجدي ۾ جھڪي پيا.