ڀوڪ
“آءُ چوڻ ٿو گھران . . . . آءُ . . . . ”
“جي”
“معاف ڪندا، مون کي پتو نه ٿو پوي ، ڇا چوان، ڪيئن چوان؟”
“تڪليف جو ضرور ناھي، جيڪي ڪجھه اوھان کي چوڻو آھي اھو سڌن لفظن ۾ چئي ڏيو.”
“سڌن لفظن ۾، ائين ڪيئن ٿيندو. اوھان ناراض ته نه ٿيندا؟”
منھنجي نرڙ تي آھستي آھستي پگھر جون بوندون جمع ٿيڻ لڳيون ۽ ڄنگھون ٿڙڪڻ لڳيون.
“نه، نه ناراضگي جو ته سوال ئي نه ٿو ٿئي.”
“جميله ، ھا سچ پچ آءُ چئي ڏيان جيڪي ڪجھه چوڻ گھران ٿو؟”
“ضرور” سندس اکين ۾ شرم جي سرخي ڇانئجي وئي ۽ سندس ڳل حيا کان ڳاڙھا ٿي ويا.
مون ڳيتون کائيندي ۽ پنھنجي خشڪ لبن تي زبان ڦيريندي چيو، “مگر . . . . جيڪڏھن توھان انڪار ڪيو ته منھنجون سڀ اميدون، منھنجا خواب سڀ خاڪ ۾ ملي ويندا.” مون رومال ڪڍي چھري تان پگھر جون بوندو اگهيون.
ھن شرم کان اکيون ھيٺ جھڪائيندي چيو، “ڪجھه ته چئو.” مون ڏٺو ته منھنجون ٽنگون ھينئر منھنجي بار جھلڻ کان عاري آھن. پاڻ کي ٿنڀي جو، سھارو ڏيندي چيم، “آءُ اھڙي مسئلي ۾ منجھي پيو آھيان جنھن جو حل صرف اوھان ئي ڪري سگھو ٿا.”
“مگر اھا ڪھڙي ڳالھه آھي؟” سندس آواز پھريان کان بلڪل آھستي نڪتو جنھن مان سندس دل جي دڪ دڪ محسوس ٿي رھي ھئي.
“جيڪڏھن اوھان ھائو ڪئي ته منھنجي لاءِ باعث مسرت ٿيندو ورنه . . . .” وڌيڪ آءُ جذبات جي جوش کان ڪجھه چئي نه سگھيس ھن قدم اڳتي وڌائيندي چيو، “آخر ڪجھه چوندا به .”
“خدا جي واسطي ٿورو ترسو. منھنجي گذارش به پوري ٿيڻ ڏيو.” ٿوري وقت لاءِ سانت ٿي وئي ۽ منھنجي اکين جي اڳيان ترورا ڦرڻ لڳا. “آءُ چوڻ ٿو گھران.” ٻن چئن ڳيتن کائڻ کان پوءِ ھڪ ئي ساھيءَ ۾ چيم، “امتحان لاءِ اوھان جا لکيل نوٽس.”
مون اڃان ايترو مس چيو ته سندس چھرو ڪاوڙ ۾ ڪاراٽجي ويو. غصي ۾ چيائين، “ڀوڪ”. مون کي پتو نه پيو ڦھڪو اچي ھيٺ ڪيم. جڏھن اک کوليم ته ڏٺم آءُ ڪار ۾ ستو پيو آھيان ۽ ٻه چار دوست ارد گرد ويٺا آھن. مون دل ۾ سوچيو واقعي آءُ ڀوڪ آھيان.