ڪھاڻيون

بلو دادا

ڪتاب ”بلو دادا“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. ھي ڪتاب ڊاڪٽر اياز قادري جي ڪھاڻين جو مجموعو آھي. شيخ عبدالحليم جوش لکي ٿو:

”اياز جي افسانن جي زبان ادبي ھئڻ سان گڏ نھايت سليس مگر سوادي آھي جنھن ڪري سندس افسانن جي افاديت فقط عالمن تائين محدود ڪانه ٿي رھي پر عوام جي ھر طبقي تائين پھچي سگھي ٿي. سندس انداز بيان ايڏو ته دلڪش آھي جو معمولي واقعي يا تجربي کي نھايت موثر انداز ۾ پيش ڪري ويو آھي. فني خوبين افسانن جو معيار ايڏو ته بلند ڪيو آھي جو بجا طور چئي سگھجي ٿو ته اياز جو افسانو ٽيڪنڪ خواھ پلاٽ جي لحاظ کان اردو جي منتخب افسانن جي مقابلي ۾ پيش ڪري سگھجي ٿو.“
Title Cover of book بلو دادا

  فرشتو

جڏھن ھو گھر موٽي رھيو ھو، تڏھن رات ڪافي اونداھي ٿي چڪي ھئي. آسمان ۾ بادل شيطاني روحن جيان ھيڏي ھوڏي ڊڪي رھيا ھئا. گھٽيءَ ۾ ڏينھن جو برسات پوڻ ڪري چڪڻ لڳي پئي ھئي. کڏون کوٻا پاڻيءَ سان ڀرجي ويا ھئا. گند جي ڍيرن مان، جي گھٽيءَ ۾ ھر طرف پکڙيل ھيا گندي بانس پکڙجي ٿي وئي. ميونسپل طرفان لڳايل فانوس ٽم ٽم ڪري رھيو ھو ھوا جي جھوٽي تي سندس لاٽ جھيڻي تي ٿي ويئي، وري ڀڙڪو کائي ٿي اڀري – گھٽيءَ ۾ ھر طرف سانت ئي سانت ھئي. ڄڻ موت جو فرشتو پنھنجا پير گھمائي ويو ھجي. رکي رکي، ڪنھن گھر مان ٻار جي رئڻ يا ڪتي جي ڀونڪڻ جو آواز ٿي آيو، ۽ وري خاموشي ڦھلجي ٿي وئي. ھن پنھنجي جسم ڏانھن نھاريو، جو لاڳيتن بيمارين سبب ھيڻو ٿي ويو ھو، جنھن ۾ نه سگھه ھئي نه قوت – ھڪ ھڏائون پڃرو، جيڪو ڊاڪٽرن وٽ ڏيکاءُ لاءِ پيو ھوندو آھي. ھن پنھنجي کيسي ڏانھن نھاريو، جنھن ۾ ٻه آنا کڙڪي رھيا ھئا. ھن جي چپن تي مرڪ ڦھلجي وئي – اھڙي مرڪ جنھن ۾ ھزارين گھاءُ ڇپيل ھجن، جنھن ۾ ھزارين سور لڪيل ھجن. “سڄي ڏينھن جي ڪمائي صرف چار آنا!” ھو نفرت وچان ڀڻڪيو ۽ ماٺ ٿي ويو. “اھي به ڄڻ خيرات طور مليل!”
ھن کي ڪارخاني مان ڪڍيو ويو ھو. انھيءَ ڪارخاني مان جتي ھن جي ڏاڏاي ڪم ڪندي زندگي ختم ڪئي ھئي، جتي ھن جو پيءُ ڪم ڪندي پٽي ھيٺ اچي شھيد ٿي ويو ھو، جتي ھن ننڍپڻ کان وٺي ڪم شروع ڪيو ھو. ڇاڪاڻ ته ھو بيمار ھو ۽ ھاڻي ھن جي ڪارخاني ۾ ڪا به ضرورت نه ھئي. ڪنھن وقت ھو پنھنجي ٽوليءَ جو موچارو مزور ليکيو ويندو ھو. ھن جي ڪم سان ٻيا مزور ريس ڪندا ھيا، سيٺ خوش ٿي کيس شاباش چوندو ھو. صبح کان شام تائين ڪم ڪرڻ سان ٻه چار روپيا ڪٽي وٺندو ھو. مگر ھينئر ھو زنده لاش ھو، جيڪو قبر چيري ھن دنيا ۾ آيو ھجي، جنھن کي ماڻھو ڏسي گھٻرائجي وڃن. “نه، بابا! نه، توکان مزوري نه ٿيندي!” “نه، سائين! نه، تون ٽوڪري کڻي نه سگھندين!” “نه، مسٽر! نه، اھڙو وزن کڻڻ تنھنجو ڪم نه آھي!” آخر ھو ڪري به ڇا ٿي سگھيو؟
اھڙو ڪو به انسان نه ھو جو مٿس ڪھل آڻي، کيس چوي ته “اچ، بابا! ھي بار کڻ.”
صبح کان شام تائين بازارين ۽ مارڪيٽن جا ڦيرا پائيندي، ڪجھه به پلئه نه پيس – صرف چار آنا، جنھن مان ھڪ ڊبل روٽي وٺي پاڻ کاڌي ھئائين۽ باقي ٻه آنا انھيءَ خيال کان بچائي رکيا ھئائين ته متان سڀاڻي مزوري نه لڳي ۽ پيٽ کي پٿر ٻڌڻو پوي ڪڏھن اھڙا ڏينھن به ايندا ھيا جو ھن کي ۽ ھن جي ماءُ کي ويلن جا ويلا صرف پاڻيءَ نصيب ٿيندو ھو. ھو ٽٻي ۾ پئجي ويو ھو. اھو سڀ ڪجھه به ته پنھنجي ماءُ لاءِ، جا ھن جي سموري ڪائنات ھئي، ڪري رھيو ھو، ورنه ھو دنيا کان منھن موڙي اھڙي ريت مزي سان چادر پائي سمھي رھي ھا، جو کيس قيامت جي ڏينھن به بيدار نه ڪري سگھن ھا – انھيءَ ماءُ لاءِ جنھن راتين جا اوجاڳا ڪڍي، ھن جي خدمت ڪئي ھئي؛ انھيءَ ماءُ لاءِ جنھن صبح کان وٺي شام تائين جنڊ ڪاھي ھن جي پورت ڪئي ھئي ؛ انھيءَ ماءُ لاءِ جيڪا گرمي توڙي سرديءَ ۾ ھن جي آرام خاطر ڪڏھن به سک ٿي نه ستي! نيٺ سندس چاڪري ڪندي ھوءَ بيمار ٿي پئي حڪيم ۽ ويڄ آيا، ڪجھه نه ٿيو. ڊاڪٽرن فيون ورتيون، ڪجھه نه ٿيو. سرڪاري اسپتالن مان کيس لاعلاج ڪري تڙيو ويو. سندن گھر ۾ جا ميڙي چونڊي ھئي سا ختم ٿي ويئي، سندن گھر جو سمورو سامان وڪامي ويو. سالن پٺيان سال گذري ويا مگر ھن جي ماءُ تندرست نه ٿي، رھندو ھو پاڻ به بيمار ٿي پيو. اڳ چار ڏوڪڙ ڪمائي ماءُ لاءِ ڪجھه کاڌو وٺي ايندو ھو، مگر ھينئر کيس ڪير مزوري ڏيڻ لاءِ به تيار نه ھو ، ڪو به ڪم ڏيڻ جي آڇ ڪونه ڪندو ھوس. صبح کان شام تائين رلندو شام جو ڍڪر کائيندو، اچي گھر ڀيڙو ٿيندو ھو.
اُڀ ۾ ڪڪر مڙي ويا، ڄڻ آسماني ديوتائون دنيا جي رھاڪن خلاف سازش سٽي رھيا ھئا. رکي رکي، بجلي چمڪي ٿي. ھلڪي بوند پوڻ لڳي. ھن آھستي آھستي قدم جھوپڙيءَ ۾ رکيو. ٺڪر جو ڏيو ٽم ٽم ڪري رھيو ھو. ھن جي ماءُ ڪنڊ ۾ ۾ نيم مرده جي حالت ۾ پئي ھئي. پنھنجي پٽ جي پير جي آھٽ ٻڌي، ڳالھائڻ جي ڪوشش ڪيائين، مگر کنگھه سبب سندس اکر ھن جي نڙيءَ ۾ رھجي ويا. ٿوري دير بعد سامت ۾ آئي ۽ آھستي چيائين، “ابا دير لڳائي ڇڏيئه.” پوءِ ٿوري دير لاءِ چپ ٿي وئي. “ابا! منھنجي دوا!” ھن جون اکيون ھوريان ھوريان وڃي پٽ جي چھري تي پيون. “امڙ! . . . . ” اکر ھن جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا. حڪيم چيو، “دوا اڃا تيار نه آھي – سڀاڻي انشاءالله تيار ٿي ويندي.” دوا جو نالو ٻڌندي پوڙھي جي جان ۾ جان آئي. “ابا! ھن جيئڻ کان موت ڀلو! جيڪو زھر مليم ته زندگيءَ جي سورن کان ڇٽي پوان! ” ھن ڊبل روٽي ماءٌ جي اڳيان وڌائي، جنھن مان ھڪ ٻه ڀور وات ۾ نيئي، ليٽي پئي.
ھوا تيز ٿيندي وئي. مينھن به اوھيرا لائي ڏنا، ڄڻ آسمان کان آبشار ليٽي پيا ھيا. ھن جي ماءُ سڄي رات رڙندي رئندي، چنگھندي ڪڻڪندي کنگھندي ۽ سھڪندي گذاري. ڏيو ھوا جي جھوٽن تي ڦڙ ڦڙ ڪري رھيو ھو. ھو مٿي ھيٺان ٻانھون ڏيئي سمھي رھيو ھو. ھن جون اکيون کليل جون کليل رھجي ويون. ھو پنھنجي ۽ ماءُ جي زندگيءَ تي سوچي رھيو ھو. سمجھي نه پئي سگھيو ته جيڪڏُھن اھا “زندگي” ھئي ته پوءِ “موت” ڇا ھو؟ ھو ماءُ جي دانھن ۽ ڪوڪن کي ٻڌي رھيو ھو. ھن دوا لاءِ سوچيو مگر ڪٿان ايندي؟ ايترو عذاب ڪيستائين؟ ھن کي ماءُ جا اکر ھر گھڙي ڪنن ۾ وڄڻ لڳا! “ابا ھن جيئڻ کان موت ڀلو زھر ملي وڃيم ته ھن زندگيءَ جي سورن ڏکن کان ڇٽي پوان.” ھو پاسا ورائيندو رھيو. ڪر موڙيندو رھيو. ٻاھر جيئن پوءِ تيئن برسات تيز ٿيندي ويئي. ڏيو ٽم ٽم ڪري وسامي ويو. مگر ھن جون اکيون اڃان ٽمڪي رھيون ھيون. ھن کي آخر زندگيءَ جي سمورن ڏکن ۽ سورن جو علاج ھٿ آيو. ھن جون اکيون يڪدم ماءُ ڏانھن وڌي ويون، جنھن رڙيون پئي ڪيون، “ھن سورن واري جيئڻ کان موت ڀلو!” ھن جي اکين مان ڳوڙھا ٽم ٽم ڪري وھڻ لڳا. ڄڻ چئي رھيا ھيا: “امڙ ! توکانسواءِ منھنجو ھن دنيا ۾ ڪير آھي؟”
صبح ٿيندي ئي شھر کان پري نڪري ويو – جتي ٿوھر جا جھڳٽا ھيا، جن جي کير جا پنج اٺ ليپا انساني حياتي وٺڻ لاءِ ڪافي ھيا زھر ڀريل ٿوھر جنھن کي ڏسي جانور به ونءُ ويندا آھن. ھن پنھنجي کيسي مان شيشي ڪڍي ٿوھر جو کير شيشي کي ائين ڀري رھيو ھو جيئن ننڍي لاءِ سندس خالي پيٽ کي ماءُ جي ٿڃ. ھن کي ماءُ جو شفقت ڀريو چھرو نظر آيو، جو مسڪرائي ڏانھنس نھاري رھيو ھو. ھن کان ڇرڪ نڪري ويو، ۽ شيشي پٽ تي ڪري پيئي. ھو ڇرڪ ڀري ٿو. “ھان مان ڇا ڪري رھيو آھيان!” ماءُ جو ڪنجھندڙ، غم ڀريل چھرو ھن جي اکين اڳيان ڦرڻ لڳو – “ابا ھن جيئڻ کان موت ڀلو، زھر ملي وڃيم ته زندگيءَ جي سورن کان ڇٽي پوان.” ھن جي ڪنن ۾ ڊاڪٽرن جا اکر وڄڻ لڳا، “ھن مڙھيءَ جو ڪو علاج ڪونھي.” پوءِ ھن کي ماءُ جون عذاب ڀريون راتيون اکين اڳيان ترڻ لڳيون. ھن جي اکين جي اڳيان ماءُ جا ڏک ڀريل ڏينھن ڦرڻ لڳا ۽ ھو ماٺ ٿي ويو، ھن وري ڏڪندڙ ھٿن سان شيشي کڻي اکيون پوري ٿوھر ھيٺ جھلي. شيشي ڪنھن غمزده جي حياتيءَ جيان ڀرجي ٽمٽار ٿي وئي.
اڃان قدم جھوپڙيءَ ۾ رکيائين ته ماءُ جي ڪنجھڻ جو آواز آيو. ھن جي کنگھه سان ڄڻ سڄي جھوپڙي ڏک ۾ ڏڪي ٿي وئي. پٽ کي ڏسندي ئي ھن جي چھري تي رونق اچي وئي “ابا!” ھو ٿوري دير لاءِ سانت ٿي وئي. “اڄ ته ضرور منھنجي لاءِ دوا آندي ھوندئه!” ھو ڀت جيان ماٺ ٿي ويو. “ابا! ھن جيئڻ کان موت ڀلو!” ھو ماءُ جي ويجھو آيو، ۽ ماءُ کي ڳلي ملي، اچي روئڻ ۾ ڇٽڪيو، “ھا، امان اڄ مان تنھنجي لاءِ دوا آندي آھي.” سندس آواز سڏڪن ۾ گم ٿي ويو. ھوريان ھوريان اٿيو، شيشي ڪڍيائين. سندس ھٿ ڏڪڻ لڳا. ساھ تيز کڄڻ لڳو. اکين اڳيان اوندھ ڇانئجي ويس. مٿو ڦرڻ لڳس. ڪجھه ٽپڻا پياليءَ ۾ وجھي، پاڻي ملائي، کڻي ماءُ کي ڏنائين، جنھن کي ھو امرت سمجھي ھڪ ئي ساھيءَ سان ڳٽ ڳٽ ڪري پئي ويئي، پوءِ ھن جي چھري تي مرڪ ڇانئجي وئي. “ابا! توکي منھنجو ڪيڏو نه خيال آھي! ابا، تون فرشتو آھين فرشتو!.” ھن ڪنڌ کڻي ماءُ جي جھولي ۾ وڌو. ماڻس جو ھٿ آھستي آھستي ھن جي وارن ۾ ڦرڻ لڳو، ڄڻ ھوءَ پنھنجي آڱرين سان سندس وارن کي ڦڻي ڏيندي ھجي.