علوءَ جا عشق
“ڪھڙي به عورت، چاھي حور ڇو نه ھجي پر جي ھڪ ڀيرو اسان جي اک سان اک مليس پوءِ ڪاڏي ويندي.” ھو ائين ماٺ ٿي ويو جيئن ڪو ڳالھائيندڙ مٺو ٻوليندو ٻوليندو ماٺ ٿي وڃي.
بکر جي ملٽري اسپتال جي وارڊ نمبر ڇھين ۾ صرف ڇھن مريضن جو بندوبست ھيو. جن مان ٽن مريضن کي واپس وئي ڪيترا ڏينھن ٿي ويا ھيا. باقي ٽن مريضن مان پھرين مريض جو نالو علو ھيو. علو مردانيءَ بيماري ۾ ڦاٿل ھو. اصل لاڙڪاڻي جي ويجھو گھاڙ واھ تي رھندو ھو. ڪم جو ڪوس ڳالھين جو گھير. ڪنھن ڪم جو چيس ته ٻرو چڙھي ويندس، انھيءَ ڪري مائٽن ۽ ھن جي پوندي نه ھئي – ھو ڪم جا زور ۽ ھي ڪم جو چور، پيو گسائيندو ۽ گوٿناٿيون ڪندو. باقي مڙس ڪچھريءَ جو مور ۽ مڪانن جو مان ھو. جنھن ڪچھري ۽ مڪان ۾ ويو ته اتي موج مچي ويندي. ھر ڪو ڇڪي پنھنجي ڀرسان ويھاريندس يا ائي اچي علوءَ جي ڀر ۾ ويھندو. پوءِ اوڀاريون لھواريون، ھتان جون ھُتان جون، پنھنجيون پرايون ڳالھيون شروع ڪندو، ڳالھه ۾ لوڻ مرچ ملائي اھڙي نموني پيش ڪندو جو ڳوٺ جي ماڻھن جون ھيٺيون ھيٺ مٿيون مٿي رھجي وينديون. عجب ۾ وات پٽيون ويٺا ھوندا. پر جي علو ڪچھريءَ ۾ نه ھوندو ته ڪچھري اٻاڻڪي پئي لڳندي. نه کل نه ڀوڳ، نه چرچو نه گھٻو، نه ٺڙو نه ٺڪاءُ، ھرڪو وات ٻڌيون ويٺو ھوندو.
مڙس ميلي ملاکڙي جو ڪوڏيو – ڪھڙي به ڪم جي موسم ھجي، ھر ھجي، ريج ھجي، رونبو ھجي، لابارو ھجي، ربيع ھجي يا خريف ھجي ٻن چئن کي کاريون اھو ٿو وڃي.
ڪٿي، ٻه ٽي ڪوھيءَ تي جي ناچن يا رنڊين جي راڳ جو ٻڌائين ته ويھڻ نه ايندس – ضرور اتي اچي ٺڪاءُ ڪندو.
مائٽ ھن مان ڪڪ ھو مائٽن مان بيزار نه ھي انھن جي ڪمن ۾ ھٿ وجھرائي نه ھو ھن جا انگل سھن. ڪنھن ڏيٺ واري ٻڌايس ته ملٽريءَ ۾ ڪم گھٽ، پگھار سٺي، وردي عاليشان ۽ رعب زياده آھي. ته اچي ڀونئري کنيس ڪم کان ڇٽڻ ۽ ڳوٺ وارن تي رعب ڄمائڻ خاطر ملٽريءَ ۾ ڀرتي ٿي ويو.
اسپتال ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ وارڊ جي مريضن، وارڊ بوائز، نرسن ۽ ڊاڪٽرن سان رلي ملي وڃڻ ۾ دير ئي نه ٿيس ائين ٿي محسوس ٿيو ڄڻ اھي سڀ ھن جا عمر کان واقف آھن.
صبح کان جو ڳالھيون شروع ڪندو ته اڌ رات تائين پيون ھلنديون. جيڪو ور چڙھي ويس انھيءَ سان قصا ڪٽڻ شروع ڪندو. سسٽر ميري اسپتال جي اڌير عمر نرس کي ڏسي ڦونڊ ۾ نه سمائبو ھوءَ کلندي چوندي ھيس “ علو تو وٽ ته ڳالھين جو کوھ آھي جو کٽڻ جو ئي ناھي.” جڏھن ڏسندو ته سڀني کي ننڊ وٺي وئي آھي ته پاڻ به مجبور ٿي سمھي پوندو.
ھن جي ڳالھين جو مکيه موضوع ھو “عورت” ۽ “عشق” جڏھن عورت جو ناءُ وٺي پنھنجي عشق جو داستان ڇيڙيندو ھو ته ھن جي آواز ۾ ڇڪ ۽ لفظن ۾ وھڪ پيدا ٿي ويندي ھئي. لفظ ھنجي واتان تڪڙا نڪرڻ لڳندا ھئا. پوءِ ڳالھه کي وٽ سٽ ڏئي ، ور وڪڙ کارائي، اھڙو چوٽ چاڙھي کڻي ڇڏيندو جو ٻڌندڙن جا تختا نڪري ويندا.
ٻئي نمبر مريض جو نالو دل وش ھو. ھنکي خارش جي بيماري ھئي. سڄو ڏينھن کنھي کنھي پنھنجي بت جا رپڙ لاھي ڇڏيا ھئائين. ھو انھن مڪرانين مان ھيو جي پشت به پشت شڪارپور ۾ اسٽيشن ويجھو پشم جي ڪارخاني ۾ ڪندا آھن ھو به پنھنجي پيءُ ڏاڏي وانگر ڪارخاني جي تنگ ۽ تاريڪ ڪوٺڙين ۾ ڄايو ھيو ۽ انھن ۾ ئي وڌي وڏو ٿيو ھو ۽ انھن وانگر ڪارخاني ۾ پشم صاف ڪرڻ ، ڳٺڙين ٻڌڻ ۽ ڳٺڙين ڍوئڻ جو ڪم ڪندو ھو.
ھو طبيعت جو ھو سنئون سڌو، نه وڙ نه وڪڙ، جيڪو سچ سمجھندو ھو منھن تي ڦھڪائي ڏيندو ھو. ڪنھن سان کھندو نه ھيو پر جي ڪنھن ٽر ٽر ڪيس ته انکي سڌو ڪري ڇڏيندو ھو. ھڪ ڀيري ڪارخاني جي جمعدار کي سڌيون ٻڌايائين ۽ ٻنھي جي وچ ۾ تون ڇا تون ڇا ٿي پر ٻين مزدورن جي وچ ۾ پوڻ ڪري معاملو ٽري ويو – جمعدار جي ڪاوڙ معنى سيٺ جي ڪاوڙ، نوڪريءَ کان جواب ملي ويس ويتر جو پڻس ڌمال ڪڍيس ته گھر ڇڏي روانو ٿيو. ٻن ٽن ڏينھن جي بک ۽ بيڪاريءَ کان پوءِ ھڪڙي ملٽريءَ ۾ ڀرتي ڪندڙ جي چنبي ۾ اچي ويو.
دل وش، علوءَ جون ڳالھيون، وڏي چاھ سان ٻڌندو ھيو ۽ ڳالھه جي آخر ۾ اھڙو وٺي ڍيڪ ڏيندو ھو جو علوءَ جي سموري ڳالھه تي ليپو پائي ڇڏيندو ھو. علو ڳپل وقت تائين ته ڪياڙي کنھڻ ۾ لڳي ويندو ھو.
ٽين کٽ تي سمھيل مريض جو نالو حفيظ ھو، ھن کي دل جي بيماري ھئي. اصل حيدرآباد جو رھاڪو ھو. ھر وقت ڪنھن خيال ۾ گم ڪنھن ويچار ۾ ٻڏل رھندو ھو. ھر وقت اداس ۽ ڪوماڻل. چپن تي چن، واتان اکر نه اڪلندس. علوءَ جون ڳالھيون به ھن کي پاڻ ڏانھن ڇڪي نه سگھيون. ھن کي ھن جي ڳالھين مان ڪوبه مزو نه ايندو ھو. جي ڳالھه ھن سان چوريندو ھيو ته ھا يا نه چئي کانئس جند ڇڏائيندو ھو. ھن جي وھاڻي ھيٺان ھڪ تصوير پيل ھوندي ھئي جنھن ۾ ھڪ معصوم ٻار ھڪ خوبصورت عورت جي جھولي ۾ ويٺل ھو، گھڻو ڪري انھي تصوير کي پنھنجي ڇاتيءَ تي رکي ڏسندو رھندو ھو. ڪڏھن ڪڏھن ھن جون اکيون ڇلڪڻ لڳنديون ھيون ۽ ڳوڙھن جون ننڍڙيون ننڍڙيون بوندون ڳلن تان وھنديون وھاڻي جي خشڪ ڪپھه ۾ جذب ٿي وينديون ھيون. ڪڏھن ڪڏھن ھن کي ڪنھن جي ياد اچي ويندي ھئي ۽ ھو انھيءَ ڪونج وانگر جيڪا ولر کان وڇڙي اوچتو ڪنھن ماريءَ جي ڄار ۾ ڦاسي پوي، وانگر اداس اداس جھونگارڻ لڳندو ھو جنھن کان ساري ڪمري ۾ اداسائي ڦھلجي ويندي ھئي ۽ وارڊ جي فضا مغموم ٿي ويندي ھئي.
مئٽرڪ پاس ڪرڻ کان پوءِ ھن کي اميد ھئي ته ڪا نوڪري ملي ويندي، مگر گھڻن ڌڪن ڌومن کائڻ کان پوءِ به جڏھن ڪجھه نه ٿيس تڏھن پنھنجي پينشن بردار پيءَ، جو پنھنجي وڏي عيال جي پيٽ پالڻ کان تنگ ھو، پنھنجو، پنھنجي زال ۽ ٻار جو بار وجھڻ واجب نه سمجھيائين. مائٽن جي اجازت کان سواءِ وڃي ملٽريءَ ۾ ڀرتي ٿيو. ڀرتي ٿيڻ کان پوءِ پنھنجي دل واري زال ۽ ٻار جو خيال ايترو ستايس جو ملٽريءَ مان جان ڇڏائڻ جي ڪيترا ڀيرا ڪوشش ڪيائين مگر اجايو. نيٺ، ڳڻتيون ۽ فڪر ڪندي بيمار ٿي پيو ۽ کيس اسپتال داخل ڪيو ويو.
حفيظ علوءَ جي سڄي ڏينھن جي بڪ کان جڏھن بيزار ٿيندو ھو، ته چڙ مان رھڙ ڪڍندو ھوس جنھن کان پوءِ علو جي زبان کي ڪلف لڳي ويندو ھو. علو ماٺ ٿي اٿي ھليو ويندو ھو.
“ڇو منھنجو عورتن تي پکو چڙھيل آھي تنھنجي خير خدا کي، مگر ايترو چوندس ته ھڪ نه مگر سون سان نينھن لڳايو اٿم ۽ جڏھن به لڳايو اٿم تڏھن ڪامياب ٿيو آھيان.”
ان م شڪ ڪونھي ته سھڻي شڪل، مضبوط جسم ۽ شڪار کي ڦاسائڻ جا گر جي جھونن استادن کان گھڻي ٽھل ٽڪور سان حاصل ٿين ٿا، عشق جي معاملي ۾ مددگار ٿين ٿا، پر ڀاڳ جي ڀلائي وڏي ڳالھه آھي ۽ منھنجو ستارو انھي معاملي ۾ ھميشه روشن پئي رھيو آھي.” دل وش جي جسم ۾ ڄڻ سيون ڇپڻ لڳيون ۽ جسم کنھڻ ۾ رنڀي ويو – ڪمبل سوري آھستي آھستي پنھنجي مٿان وڌائين ۽ ڪنڌ ڦيري علوءَ ڏانھن ڪيائين.
“دوست منھنجي الھڙ جواني ھئي. اھا جواني جنھن ۾ عقل گھٽ ۽ عشق زور ھوندو آھي. اڃا دنيا کان اڄاڻ ھوس. وڏيري وٽ ٻيلي ھوس. وڏيري جو مون تي خاص راز ھو ۽ وڏيري جي خاص ماڻھن مان ليکبو ھوس. وڏيري کي ٻين شوقن سان گڏ زالن پرڻجڻ جو به ڏاڍو شوق ھو. سريتن جي جيتوڻيڪ ڪمي ڪانه ھيس تاھم چار شاديون ڪيائين ۽ شادين ڪرڻ کان پوءِ وڏيرو ديرن تي خرچ پکو ته چڱي طرح موڪليندو ھيو پر ڪڏھن به اوڏانھن ڀيرو نه ڪندو ھو.
منھنجو ڪم ھو ٻاھر جي اٿي ويٺي ۽ رات جي چونڪي. منھنجي ماني ٽڪر به انھيءَ ديري تان ايندو ھيو. وڏيرن جي ماني ڪھڙي، جي راضي ته ڪٽيون جي ناراض ته سڪو ڍوڍو ۽ بکون.
پھريان منھنجي قسمت ۾ ھيا لنگھڻ ۽ فاقا ڪڏھن سڙيو ٽڪر ملندو ھيو ته ڪڏھن ٽڪر لاءِ واجھائيندي ويلا گذري ويندا ھئا. ھڪڙي ڏينھن مون ڏٺو ته منھنجي ماني به مکيل آھي ۽ ان تي مکڻ جو چاڻو ۽ کنڊ به پيل آھي. اھڙي طرح کنڊ مکڻ زور ملڻ لڳم. انھي کان سواءِ ٻيون مھربانيون به ھر روز وڌنديون ويون. آءُ دل ۾ خوش ھوس مگر اھو پتو نه ٿي پيم ته اھي مھربانيون ڇو ٿي رھيون آھن؟ ھڪڙي رات ٻانھيءَ چيو، ”سانئڻ چوي ٿي رات راڳ تي نه وڃجانءِ.” منھنجا سڀ سنگتي ۽ ڏيڍيءَ تي رھندڙ ساٿي راڳ تي ھليا ويا آءُ اڪيلو ئي ڏيڍيءَ تي رھجي ويس. خار ته ڏاڍا آيا پر حڪم ھو ڇا ڪيان. ساڙ وچان سوڙ پائي سمھي پيس. ڳپل رات جو گذري ويو. چمني سيراندي کان ٻري رھي ھئي. اوچتو ڪنھن ڦوڪ ڏئي چمنِيءَ کي کڻي وسايو.
مان اڃان ڪڇان ئي ڪڇان ته ھڪ ٻانھيءَ واري، نرم ۽ نازڪ ھٿ منھنجي وات کي بند ڪري ڇڏيو ۽ ميندي جي ھلڪي ھلڪي خوشبو سان منھنجو دماغ پر ٿي ويو – “اھا منھنجي سائنڻ وڏيري جي زال ھئي.”
اڃا علو ڳالھائڻ ٿي گھريو مگر دل وش وچ ۾ ڳالھه کي ڪٽي ڇڏيو “گنوخ” دل وش ٿورو کليو ۽ چيائين، “انھي ۾ تنھنجي ڪاريگريءَ، تنھنجي حسن ۽ جوانيءَ جو ڪھڙو ڪرشمو آھي. اھو ته وڏيري جو ڏوھ آھي. جيڪڏھن ھو پنھنجي ديرن تي اچڻ وڃڻ جو سلسلو جاري رکي ھا، گھڻين زالن بجاءِ ھڪ زال ڪافي سمجھي ھا ته وڏيري تو جھڙي ڄٽ تي نه مري ھا.”
علو اھو اوچتو حملو ٻڌي گھڙي سواءِ لاءِ ته ڍڪرن ۾ پئجي ويو. ڄڻ سندس ڪئي ڪمائي چٽ ٿي وئي، ٿورو سامت ۾ اچڻ کان پوءِ چيائين چڱو ھي ٻڌ، دل وش اٿيو پلنگ کي ٽيڪ ڏئي وھندي چيائين، “ھا.”
“ھڪ ڏينھن ٻني تان گھر پئي آيس. سڄي ڏينھن جي ھر کان پوءِ ھچ ٿي پيو ھوس. سَنڌ سَنڌ پئي سور ڪيو. ڏاند به سڄي ڏينھن جي ڪم جا سٽيل پير پير ۾ پئي ھليا. سڄي ڏينھن جي تائي ۽ تپت ۾ وھڻ کان پوءِ اڃ کان انھن جون زبانون ٻاھر نڪري آيون ھيون. جڏھن کوھ جي ويجھو پھتا ته سڌو منھن وڃي پاڻيءَ ۾ وڌائون. آءُ به پنھنجو ٿڪ دور ڪرڻ لاءِ ھٿ منھن ڌوئڻ لڳس. نار وھي رھيو ھو. نار جو ھلڪو ھلڪو مٺو آواز ڳوٺ جي خاموش فضا ۾ چؤطرف پکڙجي ٿي ويو – شام جو وقت، چؤطرف کبڙيل ٻنيون سج جا آخرين حيات بخش ڪرڻا چوسي رھيون ھيون. نيسر مان وھندڙ آب حيات جھڙو شفاف پاڻي نار جي سر ۽ تار تي نچندو ٽپندو ۽ وڌندو پئي آيو – نيسر مان ھيٺ ڪرڻ کان پوءِ پاڻيءَ جا سفيد ڦوٽا لڏندا لمندا ائين ڪسيءَ مان اڳتي وڌندا پئي ويا ڄڻ ننڍڙا ٻار ڪنھن وڏي واھ ۾ ھڪ ٻئي کي پڪڙڻ جي ڪوشش ڪندا ھجن.
نيسر جي اڳيان ٻڪ جھليم، سرد ۽ صاف پاڻي جا ٻه ٽي ٻڪ ڀري منھن تي ڇنڊا ھنيم، اس ۾ جليل جسم ۾ ڄڻ جان پئجي وئي.
گھڙن واريون مٿي تي ۽ چيلھه تي گھڙا رکيو لڏنديون لمنديون پئي آيون. کوھ جي پاسي ۾ گھڙا رکي ھڪ ٻي سان ڳالھين ۾ لڳي ويون – اوچتو ڪنھن منھنجي ڀرسان اچي گھڙو رکيو ۽ گھڙو رکي ٿورو پٺتي ٿي بيٺي. ڪنڌ ورائي ڏٺم ته ھڪڙي جوانڙي گلابي وڳو پھريل، ھٿن پيرن تي مھندي ۽ چپن تي مساڳ ھنيل، اکين ۾ ڪجل جي ڪاري ڌار چنڊ وانگر چمڪي رھي ھئي. کوھ تي بيٺل عورتون ھن سان چرچا ڪري رھيون ھيون مگر ھو شرم ٻوٽيءَ وانگر وئي پئي پنھنجي شرم ۾ سسندي. مان ته ڏسڻ سان ئي دل ڏئي ويٺس شھزورن وانگر ڌاڙو ھڻي دل ڦري ورتائين.
“ھي انسان آھي يا پري؟” مان سوچي رھيو ھوس مگر اسان جي ڳوٺ ۾ آئي ڪٿان؟ ديسي ته ناھي ضرور ڪا پرديسڻ ھوندي. پر جي پرديسي ھجي ھا ته کوھ تي پاڻي ڀرڻ ڪيئن اچي ھا ! آءُ ٿورو پٺتي ھٽي بيٺس ھوءَ اڳتي وڌي، مينديءَ رتن ھٿن سان گھڙي کي ڌوتائين، گھڙو ڀري ٻانھه ورائي کڻي چيلھه تي رکيائين ۽ ھو ھوريان ھوريان ھلڻ لڳي – مون آھستي جھونگاريو
“اي گھڙا مين تيڪون ڀن سٽان –
تون ميڏي محبوب دي چيلھه رنجائي.”
ھن ٿورو ڪنڌ پٺتي ورايو ۽ مون اکين ئي اکين ۾ سلام ڪيس. ڪاوڙ ۾ منھن ڦيري تڪڙيون تڪڙيون وکون وجھندي ھلي وئي. ھوءَ ڇا ويئي مون کي به ڍڪر ڏئي وئي.کوھ تي بيٺل عورتن مان ڪنھن چيو، “ڪھڙو نه خوشنصيب آھي جمعو لوھر، پيريءَ ۾ به زال پٺاڻيءَ ملي اٿس.” تنھن تي ٻيءَ وٽ کائيندي چيو، “مئي ٽڪن جو به ته ٻڪ ڀريو آھي، چون ٿا ڏاج ڏيوڻ کان سواءِ به ٻه ٽي ھزار ڏنا اٿائين.” مون کي جمعي لوھر جي نصيب سان ريس ٿيڻ لڳي پنجاھ پنجونجاھ ۾ به زال دل جو ٺار ھٿ ڪئي اٿائين ان جي ڀيٽ ۾ اسان جھڙا جوان وٺن ٺيھا کائيندا.
دل ۾ اچي ھورا کورا ٿي ته ان کي ڪيئن ھٿ ڪجي. گھڻا ئي جتن ڪيم پر منھن ئي نٿي ڏنائين. آخر جوانن کان ڪاڏي ويندي – مون به ھن جو وقت تاڙي، کوھ تي وڃڻ پنھنجو نيم ڪري ڇڏيو – پھريان منھن ۾ سونڊ ۽ ڪاوڙ ھيس – نيٺ مشڪي، پوءِ اکيون ملايائين ۽ آخر دل به ملايائين. دل ته ملي پر ملڻ جو موک ئي نٿي ٿيو – نيٺ پنھنجي ملڻ لاءِ يوسف شاھ تي ماھين پھرين سومر جو ڏينھن مقرر ڪيوسين. مون کي ته پڪ ئي نه پئي ته ڪا ايندي پر ڏٺم ته مڙس کي ناڪيلي وجھي وٺي آئي. انھيءَ ڏينھن کان پوءِ اسين پاڻ ۾ ملي ھڪ ٿي وياسين. منھنجو ھن ۾ ساھ ھيو ۽ ھوءَ مون تان ساھ صدقي ڪندي ھئي. جيستائين ڏسندي نه ھئي ته لوڙھي کان پئي ليئا پائيندي ھئي.” ڳالھه اڌ ۾ ڇڏيندي علوءَ دادا طلب نگاھن سان دل وش ڏانھن نھاريندي چيو، “چئه دوست ڇا ٿو چوين؟ مڃين ٿو مڙسن کي يا نه؟”
دل وش کنگھيو ۽ کنگھي کڻي ٿڪ اڇليائين. “جوان، انھي ۾ تنھنجي مڙسي جو ڪھڙو ڪارنامو آھي، اھو ته ھن ٻڍي لوھر جي ڪم عقلي جو نتيجو آھي. شادي ڪرڻ وقت اھو ته سوچيائين ته جوان۽ سھڻي زال ھجي. مگر اھو نه سوچيائين ته ساڳئي بيل گاڏيءَ ۾ ٻڍو ۽ جوان ڍڳو ڪيئن ھلي سگھندا. انھيءَ مائي جو به جيڪڏھن ھم عمر جوان مڙس ھجي ھا ته توڏانھن اک کڻي به نه ڏسي ھا – ڪراڙو مڙس سوڙ جو ساڙ ، ھو پيو کونگھرا ھڻندو ھوءَ پئي پاسا ورائيندي. ٿيو ائين جو پھريان تو پاسو ڏنس تون ڦٻي وئي پر جي ٻيو ڪو اڳتي ھٿ وڌائي ھا ته اھو به لنگھي وڃي ھا.” علوءَ کي اھا ڳالھه نه وڻي، غصي ۾ چيائين، “تون مڙسن کي ڪڏھن به نه مڃيندي چاھي ڌرتي سوني ٿي پوي. پر توکي مڃڻو ئي پوندو ته علو مڻيا وارو مڙس آھي.”
اوچتو ڊاڪٽر ۽ نرس ڪمري ۾ داخل ٿيا ڊاڪٽر جي ھٿ ۾ ٿرماميٽر ھو ۽ نرس جي ھٿن ۾ داوئن جو ٽري ھو. ڊاڪٽر علوءَ کي ڳالھائيندي ڏسي چيو “ضرور علوءَ جي عشق جو قصو ھوندو جو نه ڪڏھن پورو ٿيو آھي نه ڪڏھن پورو ٿيندو.” علو اڃا ڪجھه چوڻ وارو ھو ته ڊاڪٽر ٿرماميٽر کڻي وات ۾ وڌس، علوءَ جو وات بند ٿي ويو ۽ لفظ نڙيءَ ۾ اٽڪي پيس. ڊاڪٽر مريضن جو ٽيمپريچر ورتو، نرس سڀني کي دوائون پياريون، ٻئي سڀني مريضن کي دم دلاسا ڏيندا ٻي وارڊ ڏي ھليا ويا.
دل وش اٿي پنھنجي پلنگ کي ڇنڊيو، چادر صاف ڪري پٿاري، ڪمبل کي ته ڪري رکيائين. ڄنگھون ھيٺ لڙڪائي وھاڻو سٿرن تي رکي علوءَ ڏانھن ڪن ڏيئي ويھي رھيو. حفيظ منھن ٻئي پاسي ورائي پنھنجي پورن ۾ پئجي ويو ۽ علوءَ وري پنھنجو داستان شروع ڪيو. “چڱو يار جيڪڏھن انھن ٻن ڳالھين ¬کي نٿو مڃين ته ٽين ٻڌ. شادي جي ڳالھه تي مائٽن کان رسي ڳوٺ کي الله واھي چئي شھر جو رخ رکيم. ٻڌو ھيم ته شھر ۾ ڪم به گھڻا. جڏھن شھر پھتس ته ڪجھه ڏينھن ٻاٿون پئي کاڌم، کيسا خالي ملڪ جو والي، نه ڪم نه ڪار ڀيٽوءَ جي آچار پئي ڀٽڪيس، ٿورن ڏينھن جي ٿاٻن کان پوءِ ھڪڙي صاحب وٽ پٽيوالي ملي ويم. ڪم ته ڪو خاص ڪونه ھو، باقي سڄو ڏينھن صاحبن جي در تي ويھڻو پوندو ھو ۽ صاحبن جي ٻارن کي وندرائڻو پوندو ھو. اھڙي ريت نوڪريءَ ڪندي ڳچ ڏينھن گذري ويا. مان ڀي شھر ۾ رھي شھري ٿي ويس – ھڪڙي ڏينھن جيئن صاحب جي ٻارن کي کيڏائي رھيو ھوس ته سامھون واري دري کلي ڪنھن جي کلڻ جو آواز آيو ۽ دري بند ٿي ويئي. مون سمجھيو مڙئي ڪو معاملو ھوندو. پوءِ ته ھر روز، صبح شام، پنھنجيون اکيون دري ۾ اٽڪائيءَ وھندو ھوس. دري ٿورو کلندي ھئي، کلڻ جو آواز ايندو ھو ۽ دري وري بند ٿي ويندي ھئي. ڪڏھن ڪڏھن گيتن ڀريو آواز منھنجي دل جي جذبن کي ڀڙڪائي ڇڏيندو ھو. دوست، جڏھن عشق جي ابتدا ھوندي آھي ۽ پاڻ کي ڪٿي پسند ڪرائڻو ھوندو آھي ته ٺاھ ٺوھ ڪرڻو ئي پوندو آھي. آءٌ به پاڻ کي ھر روز زيادھ چمڪائڻ لڳس، تيل ڦڻي ۽ صاحب جي ڏنل ڪپڙن مان پورو پورو فائدو ورتم. ھڪڙو مڙس ملوڪ ويتر جو ٺٺ وارا ڪپڙا پائڻ لڳس ته شھزادو ٿي پيم – جھڙي تھڙي تي ته اک به نٿي ٻڏي.
ھڪڙي ڏينھن منھنجي صاحب پنھنجي ڪنھن دوست کي ٿي ٻڌايو ته احد خان جون ڌيئر اچي جوان ٿيون آھن مگر ھو اڃا ٿڌو مانجھاندو ڪيون ويٺو آھي. تڏھن مون سمجھيو ته پکي ھڪ نه پر گھڻا آھن جي عشق جو ڄار پکڙيو ته ھڪ نه ھڪ شڪار پاڻھيءَ ڪوڙڪي ۾ اچي سر اٽڪائيندو.” علو مڇ کي ٿورو مروٽي وڪڙ سڌا ڪري سانت ٿي ويو ۽ ٿوري ساھي پٽي چوڻ لڳو “درين جو اھو کلڻ ۽ درين جو بند ٿيڻ ھر روز جي ڪار ھئي مگر ڳالھه انکان اڳتي وڌي ئي نه ٿي. استاد جي ھڪ نصيحت ياد آيم جو ھميشه چوندو ھيو ته پٽ، جيستائين مرد عورت ڏانھن ھٿ نه وڌائيندو عورت کي ڪڏھن به ھٿ ڪري نه سگھندو. تڏھن پڪو پھه ڪيم ته قدم کي اڳتي وڌائي مورچو ھٿ ڪرڻ گھرجي. ھينئر جڏھن به دري جي کلڻ جو آواز ايندو ھو ۽ دريءَ مان اکڙيون جھاتيون پائينديون نظر اينديون ھيون ته آءُ صاحب جي ننڍڙي پٽ ڏانھن منھن ڪري چوندو ھوس ، “صاحب سلام” سلامن مان به ڪجھه نه کٿو. اھي اکڙيون اھا دري جي وٿ، اھو کلڻ، اھو گيتن ڀريو آواز. گھڻي سوچ ويچار کان پوءِ ڳالھه کي وڌائڻ جي ترڪيب کوپڙي ۾ ويٺي. جڏھن ڏٺم ته دري کلي آھي تڏھن صاحب جي پٽ جو پس بال دري ڏانھن اھڙي ريت اڇلايم ڄڻ ته پاڻ مرادو اوڏانھن ھليو ويو،پوءِ بال گھرڻ لاءِ اواڏانھن ويس. اھڙي ريت ڳالھائڻ جو سلسلو شروع ٿيو. مون ڏٺو ته ڌڪ پوري نشان تي لڳو آھي. آخر ھڪڙي ڏينھن چيائين، “رات جو ٻي بجين تنھنجي انتظار ۾ در کليل رھندو.”
سڄو وقت ٻڏتر ۾ ھوس، وڃان يا نه وڃان، پرايو شھر جي پڪڙجي پيس ته موچڙا ھڻي نور وڃائي ڇڏيندا، ڪو به پاسو کڻڻ وارو نه لڀندو، پر جي ڦٻي ويس ته پنجئي گيھه ۾.
رات جو ميونسپل جي ٽاور زور سان ٻن جا ڌڪ ھڻي ماٺ ٿي ويو. اڻٽيھين جي رات چؤطرف اوندھ انڌوڪار لڳو پيو ھو. اٿي ڪپڙا بدلايم. منھن کي لڪائڻ لاءِ ٻٽ ٻڌم. ھٿيار مڙس جو بچاءُ آھي، ھٿ ۾ ڪڙين واري مضبوط لوڙھ کنيم. ٻاھر نڪري ڏٺم ته ڪڪڙون ڪون لڳي پئي ھئي . سياري جي رات ھئي ھر ڪو پنھنجي گھرن ۾ واڙيو پيو ھو. شھر جا چوڪيدار سيءَ کان بچڻ خاطر ڪا ڪنڊ پاسو ڏئي سرڪاري گرم ڪوٽ ويڙھي سمھي پيا ھيا. رستي جي پرينءَ ڀر ستل ڪتي ڪنڌ مٿي کڻي مون ڏي ڏٺو پڇ کي لوڏي ڀونڪڻ شروع ڪيائين ۽ پنھنجي جاءِ تان اٿيو ٿورو اڳڀرو وڃي ھڪڙي نانوائيءَ جي دڪان جي صندل ھيٺان، پڇ چڏن ۾ ڏئي اکيون ٻوٽي ائين سمھي پيو ڄڻ ڪجھه ڏٺو ئي نه ھيائين. شھر جي لوسي ڪتن جو ڪھڙو حال آھي، ڳوٺن جا ڪتان عاشقن جا ويري شل نه اک پوين پوءِ ڳوٺ مٿي تي کڻي ڏيندا. مجال آھي جو پٺ ڇڏين، مرندا پر مڙندا ڪونه، لتر کائيندا به کارائيندا به.
آءُ ھوريان ھوريان چؤطرف نھاريندو، در وٽ پھتس در کي آھستي ھٿ ھنيم. ٿورو چيڪٽ ٿيو ۽ در کلي پيو. آءُ يڪدم ڦڙتائيءَ سان اندر داخل ٿي ويم. ڏٺم ته اندر ڪو منھنجي اوسيئڙي ۾ بيٺو آھي. وڌي کڻي ٻک وڌومانس، پوءِ مدت جا سڪايل روح ھڪ ٻئي کي ملي ھڪ ٿي ويا.” علو ٿورو مشڪيو ۽ دل وش جي ڪلھي تي ڌڪ ھڻي چيائين، “دوست، ھيئنر ته بس توکي مڃڻو پوندو.” دل وش وٺي وڏو ٽھڪ ڏنو ۽ ھن جي پلنگ جا اسپرنگ ھيٺ مٿي ٿيڻ لڳا، “يار، تون اڃا عورت جي مجبوريءَ کي نه سمجھي سگھيو آھين انھيءَ ڇوڪريءَ جو پيءُ جيڪڏھن انھيءَ ڇوڪري جي شادي وقت سر ڪرائي ڇڏي ھا ۽ ھن جي جوانيءَ جا ڏينھن اھڙي ريت اڪيلائي ۾ گذرڻ نه ڏي ھا ته ھوءَ توسان نينھن لڙائڻ جو نالو ئي نه وٺي ھا نه پنھنجي پيءُ جي عزت خراب ڪري ھا.” دل وش خاموش ٿي ويو.
علو زھر جو ڍڪ پي ويو. دل ۾ سوچڻ لڳو شايد دل وش ڪڏھن به ڪنھن سان محبت نه ڪئي آھي تڏھن ٿو اھڙيون ڳالھيون ڪري نه ته جيڪر جوانن کي داد ڏيڻ کان سواءِ ڪٿي رھي سگھي ھا. علو خار مان اٿيو ۽ ڪمري ۾ ھيڏي ھوڏي ڦرڻ لڳو ۽ دل وش کي ڪاوڙ مان گھوريندي چيائين، “دل وش تون ملو زيادھ، ماڻھو گھٽ آھين، تنھنجي دل مئل آھي. تو وٽ جوانن جو قدر گھٽ آھي. خدا جو قسم، جيڪڏھن تنھنجي جاءِ تي ٻيو ڪو ھجي ھا ته مونکي استاد مڃي ھا، مگر تون آھين جو پنھنجي تي بيٺو آھين.” ھو ڪمري ۾ ڦرندو رھيو ۽ دل وش ڏانھن خار ۾ گھوريندو رھيو. ھو سوچي رھيو ھو ته ھن کي ڪا اھڙي ڳالھه ٻڌايان جو ٺپ ئي ٺري پونس ۽ اعتراض ڪرڻ جو موقعو ئي نه مليس، “چڱو ٻڌ، تنھن زماني ۾ مان اسٽيشن تي ريلوي گوديءَ ۾ ڪم ڪندو ھوس. اسٽيشن جي ويجھو وڏيري شھداد خان جي بنگلي ۾ ھڪ ڪوٺي مليل ھيم ان ۾ رھندو ھوس. شھر ۾ نئون نئون آيو ھوس – ڪمائي به جام ھئي، جيڪو ڪمائيندو ھوس سو اڏائيندو ھوس. ڄڻ ھٿن ۾ ٽنگ ھيا، رکان ته رکان ڪنھن جي لاءِ، نه رن نه روڳڙي نه آل نه اولاد، ڇڙو سر. جيڪو آيو سو ويو. پيسا ھڪ سان وٺندو ھوس ٻي ھٿ سان ڦوڪي ڇڏيندو ھوس. ھونئن به مال انھن وٽ مڙي جي موذي ھجن. نه ھوندن اٽو نه ھوندن لٽو، نه بت تي پورو ڪپڙو نه پيٽ ۾ پورو ڪڻو. سڄو ڏينھن ڍورن وانگر ڳھندا تن کي تسيھا ڏيندا تڏھن وڃي ڪجھه مڙندن. پوءِ اھو به ھتي ڇڏيون خالي ھٿين ائين ويندا جو نه تو ڏٺا نه مون ڏٺا. ۽ انھن جي ميڙئي مان پونير پيا موجون ڪندا. ڀلجي وڏن کي ختمو به نه ڏياريندا نه انھن جي ناءُ تي ڪو ماني ڳڀو ڏيندا. ڀلا جن پنھنجي لاءِ پنھنجي زندگيءَ ۾ پاڻ ڪجھه نه ڪيو انھن جي لاءِ پوينر ڇا ڪندا.
ادا، مولائن جو مولا، سخي ۽ شوم جو ليکو ٻارھين مھينو ھڪ جيترو، اسان به ملنگ مڙس ھياسين اھو عنيدو ته اڄ ڪمايون اڄ کائون سڀاڻي جو بلو پاڻھي الله ڪندو.
شھر ۾ رھڻ ڪري ڇنڊ ڦوڪ ۽ ڪپڙي لٽي جو خيال زياده رکڻو پوندو ھيو – ھونئن به ڪپڙو جوانيءَ جو پر آھي. ڪم تي صبح جو سويل ويندو ھوس ۽ شام جو سويل موٽندو ھوس شام جو تڙ پاڻي ڪري ڪپڙا بدلائي شھر جا خوب چڪر لڳائبا ھيا. ۽ دوستن سان رھاڻيون ڪبيون ھيون.
جنھن بنگلي ۾ آءُ رھندو ھوس اتي ھڪ ٻڍو ۽ ھن جي ٻڍي زال به رھندا ھيا. ھو شھداد خان طرفان بنگلي جي نگھباني ڪندا ھيا. جي وڏيرا بنگلي ۾ اچي رھندا ھيا ته سندن ماني وغيره به پچائيندا ھيا ۽ ٻيو به اٿ ويھه جو ڪم ڪندا ھيا. اھي ٻئي مون سان اھڙو ٺھي ويا جو مونکي پنھنجو پٽ ڪري سمجھندا ھيا. مان به کين ابو امان ڪري سمجھندو ھوس.
ٿورن ڏينھن کان پوءِ شھداد خان آيو ھن سان گڏ ديرا به ھيا. ديرا بنگلي جي مٿان رھيا ۽ شھداد خان ھيٺ رھيو. ٻڍي ٻڌايو ته وڏيري جي ڀيڻ بيمار آھي ان جي علاج لاءِ آيا آھن. ھڪڙي ڏينھن ٻڍيءَ ٻڌايو ته وڏيري جي ڀيڻ مير شاھل خان جي زال آھي، مير شاھل خان پنھنجي تر جو وڏو زميندار ھو ۽ شھداد خان جو سوٽ ھو. مير شاھل خان ويچارو پنج سال کن ٿيندا ته بنا اولاد گذاري ويو آھي ۽ ھن جي سموري زمين، باغ ۽ جايون ڀيڻ جي ڪري شھداد خان جي حوالي آھن. زال ۽ مڙس جي پاڻ ۾ ڏاڍي پريت ھوندي ھئي. مڙس جي مرڻ کان پوءِ مائي سنئين لڱين ناھي، ھڪ نه ٻي کيس ڇڏي نٿي. اڃان چاڪ مس ٿي ٿئي ته وري ڊھي ٿي پئي. گھڻو ئي علاج ڪرايو اٿائونس مگر فائدو ئي نه ٿو پويس ھينئر ھت شھر ۾ وٺي آيا اٿس ته من ڪنھن ڊاڪٽر جي دوا لڳيس.
شھداد خان جي اچڻ سان بنگلي جي رونق ئي بدلجي وئي. ڪچھريون ۽ محفلون شروع ٿي ويون. آءُ ته ڪچھريءَ جو مور ڀلا ڪچھِريءَ کان سواءِ ڪٿي رھي سگھان، جيستائين ڪٿي ڄاڙي نه لڳي ته مغز کي آرام ئي نه اچي. شھداد خان مون سان لوھ لڳي ويو. جي مون اچڻ ۾ دير ڪئي ته ڪٿي به ھوندس ته ماڻھو موڪلي گھرائي وٺندو. پوءِ قصا ڪھاڻيون ھلندا ڳجھارتون ۽ پروليون ڏبيون، ڊاڙون ڊشون ھلنديون. ڪڏھن ڪڏھن راڳ به ٿيندو. يڪتاري جي تار ٺيڪ ٿيندي، گھڙي کي اڳيان ڪري رکبو ۽ ڍولڪ تي ھٿ لڳڻ سان الو ميان ٿيندي.
“ڪانگل آءُ ته ڪڍي ڏيان جيءَ اندر جيئرو
وڃي به کاءُ اتھين جتي دوستن جو ديرو
من پڇني ھڪ ڀيرو، ھيءَ قرباني ڪنھن ڪئي.
پھريان ھڪ ٻه بيت ڏبا پوءِ ڪلام شروع ٿيندو.
ڪونجان ڏيو ته خبر منھنجا مارون ڪٿي
مون کي قسمت ڪيو آھي قيد ھتي –
ڪونجان ڏيو ته خبر.
اھا ڪچھري ڳپل وقت ھلي ھلندي تان جو چنڊ لڙي ويندو. ھر ڪو آھستي آھستي اٿندو ويندو شھداد خان جون اکيون ننڊ ۾ ڀرجي وينديون ڪر موڙيندو، اوٻاسيون ڏيندو پوءِ ڀوتار جي بادشاھيءَ جو خير چئي ڪچھري پوري ڪبي. آءُ به شھداد خان کي خوش ڪرڻ لاءِ ٻه ٽي ڪلام ڳائيندو ھوس. راڳ وقت ڏسندو ھوس ته ڪوٺي کان ڪي پاڇا ھيٺ نھاريندا رھندا ھيا ۽ وري گم ٿي ويندا ھيا. ھڪڙي ڏينھن جيئن ٻڍي بنگلي تان ھيٺ آئي ته مون کي چوڻ لڳي، “ابا، اڄ شھزادي پڇيو پئي ته رات اھو ڪلام ڪنھن پئي چيو.
“مان عاشق تنھنجو آھيان
او سھڻا سائين
تون دل ڏي دل ڏي دلبر.”
مان ڦونڊ ۾ ڀرجي پيس، “شھزادي ڪير آھي؟”
“ابا، شھداد خان جي ڀيڻ.”
“امڙ، تو پوءِ ڇا چيس؟”
“ابا، مان چيس علوءَ کان سواءِ ٻيو اھڙا ڪلام ڪير چوندو.”
ٻڍي اھڙي ريت روز شھزاديءَ جون ڳالھيون ڪندي ھئي جنھن ۾ منھنجو مڙئي ذڪر ھوندو ھو. آءُ به پير پيو سوڙيان – مولا جي ٿو اگھان ته سوا رپئي جي مٺائي ورھائيندس. علاج مھينو کن ھليو مگر فائدي بجاءِ بيماري وئي وڌندي. آخر شھداد خان فصل جي موسم جي ڪري ڳوٺ ھليو ويو ۽ ھڪڙو ڇوڪرو ديرن جي سنڀال لاءِ ڇڏي ويو. ويندي وقت ٻڍي ۽ مونکي به پارت ڪندو ويو.
شھداد خان ھليو ويو – ڪچھريون ماٺ ٿي ويون ۽ وري اٻاڻڪائي شروع ٿي وئي – ڪوٺي تان پاڇن جو نھارڻ به بند ٿي ويو. ٻڍي جون ڳالھيون به چپ ٿي ويون. ٻه چار ڏينھن اھڙي طرح اداسائي ۽ مونجھه ۾ گذريا. ھڪڙي ڏينھن ٻڍي مونکي ھڪ رڪيبيءَ ۾ ھڪ اٽي جي چاڻي ۾ ڪجھه سيون لڳل آڻي ڏنيون چيائين، “ھي شيون شھزاديءَ تولاءِ ڏنيون آھن.” اسان به ته استادن جا ھٿ ڌوئاريا آھن، انھي پرولي سلڻ ۾ دير ئي نه لڳي جواب ۾ مان به پڙي ۾ ڪجھه وار ۽ ڪجھه تيليون وجھي ڏياري موڪليا مانس. شھزادي جي “چاڻي ۽ سئن”جو مطلب ھو ته تو من ۾ محبت جون ميخون ھڻي ڇڏيون آھن ۽ منھنجي ”وارن ۽ تيلين” جو مطلب ھو ته منھنجي وار وار کي باه لائي ڇڏي اٿي.
اھڙي ريت نياپا سنيھا اچڻ وڃڻ لڳا. شھزادي ٻڍي کي گل تي جتي ۽ نئون وڳو وٺي ڏنو. ھڪڙي ڏينھن ٻڍي چيو ته تنھنجي لاءِ نياپو مليو آھي ته سج لٿي کان پوءِ پٺين پاسي ڏاڪڻ وٽ ڪو تنھنجي لاءِ انتظار ۾ بيٺو ھوندو. سج لٿي مھل ڏاڪڻ وٽ ويس ڪنھن ڏاڪڻ جو در بند ڪيو ۽ ھٿ ھٿ ۾ ملائي مون کي بنگلي تي وٺي ويو. علوءَ، دل وش ڏانھن اھڙين نظرن سان نھاريو ڄڻ چئي رھيو ھوس ھاڻ توکي داد ڏيڻ کان سواءِ ٻيو چارو ئي ڪونھي.
دل وش پنھنجو منھن کڻي ٻي پاسي ڪيو ۽ چيائين، “جي ڪڇندس ته ٽانڊاءَ لڳي ويندءِ تنھن ڪري مٺي به ماٺ، مُٺي به ماٺ.”
علوءَ جي بت ۾ ڄڻ مچ ٻري ويو جلندي چيائين، “ڪجھه ته بڪ.” دل وش علوءَ ڏانھن منھن ڪري چيو، “شھداد خان جي دل ۾ پنھنجي رن زال ڀيڻ جي ملڪيت ڦٻائڻ جي لالچ نه ھجي ھا ۽ ھن جي مڙس مرڻ کان پوءِ جلد ئي ھن کي پرڻائي ڇڏي ھا ته جيڪر ائين نه ٿئي ھا جيئن ٿيو، ۽ ويچارو علو شھزاديءَ جي در تائين به پھچي نه سگھي ھا.”
علوءَ جي اکين مان آلا نڪرڻ لڳا، ڳٽا تپي لال ٿي ويس سڙندي چيائين، “خدا جو قسم جيڪڏھن تون اڃان به نٿو مڃين ته آءُ توکي صبح تائين پنھنجا سوين ڪارناما ٻڌائيندس ۽ آخر توکي قبول ڪرائيندس ته علو بيشڪ علو آھي.”
حفيظ پنھنجي کٽ تان چڙ مان رڙ ڪئي، “علو، صبح کان وٺي اڌ رات تائين پئي ڪوڙ سٽيا اٿيئي اڃا تنھنجا ڪوڙ کٽن ئي نٿا. خدا کي مڃ ھينئر ته ڪوڙن کان پاسو ڪر.” علو ۽ دل وش، حفيظ ڏانھن نھاريو – دل وش اٿي بتي وسائي. علو ۽ دل وش پنھنجي کٽن تي ڪمبل ويڙھي اھڙي ريت ماٺ ڪري سمھي پيا ڄڻ سڄو ڏينھن ڪوڙ ڳالھائڻ ۽ ڪوڙ ٻڌڻ کان سواءِ ٻيو ڪم ئي نه ڪيو ھيائون.