ڪھاڻيون

بلو دادا

ڪتاب ”بلو دادا“ اوهان اڳيان پيش ڪري رهيا آهيون. ھي ڪتاب ڊاڪٽر اياز قادري جي ڪھاڻين جو مجموعو آھي. شيخ عبدالحليم جوش لکي ٿو:

”اياز جي افسانن جي زبان ادبي ھئڻ سان گڏ نھايت سليس مگر سوادي آھي جنھن ڪري سندس افسانن جي افاديت فقط عالمن تائين محدود ڪانه ٿي رھي پر عوام جي ھر طبقي تائين پھچي سگھي ٿي. سندس انداز بيان ايڏو ته دلڪش آھي جو معمولي واقعي يا تجربي کي نھايت موثر انداز ۾ پيش ڪري ويو آھي. فني خوبين افسانن جو معيار ايڏو ته بلند ڪيو آھي جو بجا طور چئي سگھجي ٿو ته اياز جو افسانو ٽيڪنڪ خواھ پلاٽ جي لحاظ کان اردو جي منتخب افسانن جي مقابلي ۾ پيش ڪري سگھجي ٿو.“
Title Cover of book بلو دادا

امڙ مان نه ڪندس

بسين جو کڙڪو ٿيو، ڪي بسيون تختي تان پٽ تي ڪري ٽڪر ٽڪر ٿي ويون. “رمون” رحيما، جا اڱڻ کي ٻھاري ڏئي رھي ھئي، رڙ ڪئي، “نيٺ بسين جو ٻيڙي ٻوڙيئه؟” رمون ائين ڪڇي جيئن ڀت. چور جيان چپ ڪيون بيٺو رھيو. “جيڪڏھن تون پنھنجون حرڪتون بند نه ڪندين ته آءُ تون سان آئنده ڪونه ڳالھائيندس ، بس گھر ڇڏي ھلي ويندس.” رمون آھستي ٻلي وانگر پير ۾ پير پائي ماءُ کي پٺيان اچي ڳراٽڙي وڌي. ماڻس جي سموري ڪاوڙ ڪافور ٿي ويئي. “امڙ تون مون کي سچ پچ ڇڏي ويندينءَ؟ امڙ تون مون سان ڪونه ڳالھائيندين؟”
جڏھن به ماڻس کيس نه ڳالھائڻ جو ۽ گھر ڇڏي وڃڻ جو دڙڪو ڏيندي ھئي ته سندس منھن جو پنو ئي لھي ويندو ھو ۽ دل مايوس ٿي ويندي ھيس. يڪدم ماءُ کي ڀاڪر پائي منٿون ڪندو ھيو، “امڙ ائين نه ڪجانءَ.” ماڻس جو به منجھس ساھ ھو. سڪي سڪي ته ڄائو ھو. مرحوم مڙس جي نشاني. پيرن فقيرن کان پني پني ته مليو ھيو. صبح سانجھيءَ نماز پڙھڻ کان پوءِ ٻئي زال مڙس ڌڻيءَ کان پٽ جي دعا گھرندا ھيا. پيرن فقيرن تي پٽ لاءِ سکائون باسيندا ھئا. يوسف شاھ بخاريءَ جو پڙ، ميان شاھل محمد ڪلھوڙي تي جھنڊ، سائين حاڪم شاھ ڀٽ واري جي ديڳ، حاجن شاھ جو گھنڊ، امامن جو نياز ۽ پيران پير جي يارھين. حليمان، جڏھن ساھيڙين سان وھندي ھئي ته چوندي ھئي، “ادي پيرن ڏنو آھي.” جڏھن رمون پيٽ ۾ ٿيو ته امام ضامن جا مٺيا ورھايا ويا ۽ پنجن مھينن کان پوءِ اڌ ڳڀ ڪيو ويو. جڏھن ڇوڪر ڄائو ته پڻس ڪين گھٽايو – جيڪي ھيس ان کان زياده خوشيون ڪيائين. اڃا ڇوڪر ٻن سالن جو ٿيو ته ڇوڪر جو طھر به ڪري ڇڏيائين. طوھر تي وڏي ڌام ڌوم ڪيائين. مگر پٽ جو سک ڏسي نه سگھيو. طوھر کان جلد ئي پوءِ رمون الله ۽ رحيما جي سپرد ڪري پاڻ الله واھي ڪيائين. مرڻ وقت پٽ کي ڳلي لائي نرڙ تي چمي ڏنائين. اکين ۾ آب آڻي زال کي چيائين، “رحيما! منھنجو رمون ھينئر توکي پھتل آھي. ھنکي متان ڏکيو ڪرين. ھن کي پنھنجي ساھ کان وڌيڪ پيارو رکج.” ائين چئي اشھد ڪلمو پڙھيائين.
مڙس جي مرڻ کان پوءِ رحيما، رمون لاءِ پيءُ نه ھئي ته ماءُ به. جيڪو لھندي ھئي اھو اول پٽ جي حوالي ڪندي ھئي. پھريان رمون کي کارائيندي ھئي پوءِ پاڻ گره کڻندي ھئي. جيڪڏھن رمونءَ کي ڪجھه ٿيندو ھيو ته سندس ساھ ئي ھيٺ مٿي ٿي ويندو ھو. جڳ ۾ ڪا پياري شيءِ ھيس ته رمون. ڪڏھن به پٽ تي ھٿ سڌو نه ڪيائين. ڪھڙي به شرارت ڪندو ھو ته وڌ ۾ وڌ چوندي ھيس “آءُ توسان نه ڳالھائيندس. گھر ڇڏي ھلي ويندس . . . .” رمونءَ لاءِ ان کان وڌيڪ ٻي ڪا ڏکي ڳالھه ڪانه ھوندي ھئي. جيستائين ماڻس نه مرڪندي ھئي تيستائين ماٺ نه ڪندو ھو.

2
گھٽيءَ ۾ ٻار راند کيڏي رھيا ھيا. کيڏندي کيڏندي ڳالھه وڃي تون ڇا تون ڇا تي پھتي – رمون ھڪڙي ڇوڪر کي کنج ڪڍي وٺي گھر ڀڳو. ماءُ جي نظر بچائي کٽ ھيٺ لڪي ويھي رھيو. ڇوڪر اچي ماڻس کي دانھن ڏني. ماڻس ڪاوڙ ۾ چيو “اچڻ ڏيوس، آءُ ٿي لپري لاھيانس. بس پٽ آئنده توسان نه وڙھندو.” ڇوڪر روئندو سڏڪا ڀريندو گھر ھليو ويو. رمون آھستي آھستي کٽ ھيٺان نڪري چپ چپ ڪري اچي ماءُ کي ڀاڪر وڌو، ماڻس ٿڏي ٿي ويئي، “نه، نه ، آءُ توسان ڪيئن ڳالھائيندس، آءُ گھر ڇڏي ھلي ٿي وڃان . . . تون جو ڪنن ڇوڪرن سان گھمين ٿو ۽ وڙھين ٿو .”

3
سج لھي ويو، اونده ٿي وئي، رمون گھر نه موٽيو. ماءُ جي من ۾ ھورا کورا اچي لڳي. “الائي ڇو اوير ڪئي اٿائين؟ ضرور ٻارن سان کيڏندو ھوندو. شل ڌڻي ڪوسو واءُ نه لائيس.” مگر ماءُ جي من کي آرام ڪٿ، ايلاز ڪري پاڙي جي ڇوڪر کي موڪليائين ته وڃي وٺي اچيس. اڃان رمونءَ گھر ۾ پير پاتو ته ماٺ ڪري ويھي رھي. “امڙ” رمونءَ ھوريان چيو. “چانور” “جيڪا تنھنجي ماءُ ھجي وڃي ان کان گھر. آءُ توسان ڪين ڳالھائيندس. آءُ ھينئر گھر ڇڏي ھلي ٿي وڃان. تون اڌ اڌ رات تائين وتندين رلندو.” رمونءَ ماءُ کي اچي ڀاڪر وڌو.

4
رمون اسڪول مان ڦرھي سليٽ ڳوٿريءَ ۾ وجھي کسڪي ھليو ويو، اسڪول جا ڇوڪر به شڪارين جيان اچي سندس پٺيان پيا. سھڪندو سھڪندو اچي گھر پھتو. رمون اڳيان ڇوڪر پٺيان، رمونءَ وڃي ماءُ جي ڀر ۾ بيٺو. ڇوڪر در تان سڏ ڪيو. ماڻس رمونءَ ڏانھن نھاريو، رمونءَ جي منھن جو پنو لھي ويو. “ بس جي تون اسڪول کان ڀڄي ٿو اچين ۽ پڙھڻ نه ٿو وڃين ته پوءِ منھنجو ھن گھر ۾ رھڻ جو ڪھڙو ضرور آھي، آءُ ھينئر ئي ھلي ٿي وڃان.”
رمونءَ جي اکين مان ڳوڙھا ٽم ٽم ڪري وھڻ لڳا، ڳوٿري کنيائين، ائين ٿي ويو، جيئن ٻڪري ڪسڻ ويندي ھجي.

5
رحيما پٽ جي اسڪول وڃڻ کان پوءِ ھن جي آئنده تي سوچڻ لڳي رمونءَ جي شادي سندس ماروٽ سان ڪرائيندس. ڇوڪري پنھنجي به آھي ۽ سھڻي به آھي. اھڙي ريت اسان ڀاءُ ڀيڻ ھميشه لاءِ ڳنڍجي وينداسين. رمونءَ جي خيالن ۾ ويٺي ھئي ته سندس بت گرم ٿي ويو. اٿي کٽ تي آھلي پئي. رمون اسڪول کان موٽي آيو. اچڻ سان ماءُ کي ڀاڪر پاتائين، “امڙ تنھنجو بت گرم آھي، امڙ توکي بخار آھي.” ڊاڪٽر آيو رحيما کي ڏسي چيائين، “مائي کي گردن ٽوڙ بخار آھي.” سڀني جا طاق لڳي ويا. پرڀات ويل رحيما موڪلائي ڪئي. گھر ۾ مانڌاڻ مچي ويو. رمون ننڊ مان ڇرڪ ڀري اٿيو. يڪدم ڊوڙي ماءُ وٽ ويو، “امڙ . . . امڙ . . . ” مگر کيس جواب نه مليو. “ امڙ . . . امڙ ڇو تون مون سان ڳالھائين نه ٿي. تون مون سان ڪاوڙي آھين ڇا؟ امڙ جواب ته ڏي. مامل امڙ مون سان رٺي آھي. امڙ اڳتي مان اسڪول کان ڪونه گسائيندس . . . امڙ تنھنجو چيو ڪندس. دير سان گھر نه ايندس . . . . امڙ ڪنھن ڇوڪرن سان نه کيڏندس ۽ نه وڙھندس، نه وري شرارت ڪندس. امڙ جيئن تون چوندين تيئن ڪندس . . . ” رمونءَ جا اھي لفظ ٻڌي سڀ اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳا. رمونءَ وائڙو ٿي ويو. “ھي روئن ڇو ٿا؟ ” “اوھين روئو ڇو ٿا؟” “ھي روئن ڇو ٿا؟” “پٽ اچ ته ٻاھر ھلون، تنھنجي ماءُ کي بخار ھيو نه . . . ان کي ھينئر ننڊ آئي آھي .”
رحيما کي وھنجاري سھنجاري آخري ڀيرو رمونءَ کي ماءُ جو منھن ڏيکاريائون. رمونءَ ماءُ کي ڀاڪر وجھي ڳلن کي چمڻ لڳو. “مٺڙي امڙ . . . جيجل امڙ . . . اکيون ته کول ڇو مون سان ڳالھائين نه ٿي؟”
رمون کي اھا ڳالھه سمجھه ۾ نه ٿي آئي ته امڙ گذاري وئي آھي. کيس ريجھائي وٺي ويا. رحيما جو جنازو کڻي ويا. رمون جڏھن گھر آيو ته ماءُ کي سڏڻ لڳو “امڙ . . . او امڙ! . . . ”
“پٽ تنھنجي ماءُ حج تي ويئي آھي.” نانھنس چيو. “ نه نه، امڙ مونکي اڪيلو ڇڏي نه ويندي. ضرور مون کان ھو ڪاوڙجي وئي آھي. ” ”امڙ ! خدا جو قسم اڳتي اسڪول کان ڪونه گسائيندس، ڪڏھن به دير ڪري گھر نه ايندس، ڪڏھن به ڪنن ڇوڪرن سان نه کيڏندس ۽ نه وڙھندس، ڪڏھن به شرارت نه ڪندس، امڙ مونکي ھيڪلو ڇڏي نه وڃ، امڙ مون کي پاڻ سان وٺي وڃ.” ”امڙ ! . . . او امڙ ! ”