شخصيتون ۽ خاڪا

حالات زندگي حضرت مولانا عبدالڪريم لغاري

هن ڪتاب ۾ حضرت مولانا عبدالڪريم لغاري رحمة الله عليه جي حالات زندگي، علمي، ادبي، اصلاحي، سماجي خدمتن جو سرسري جائزو پيش ڪيو ويو آهي.
Title Cover of book حالات زندگي حضرت مولانا عبدالڪريم لغاري

ولادت:

تعلقه ٽنڊي الهيار، تپي ڍالو، ديهه ڳاڙهو صدر، ڳوٺ “اله کاهي جي ڪسي” ۾ نج ٻهراڙي جي ماحول ۾ لغاري بلوچن جا زراعت پيشه مالوند مارو خاندان رهاڪو هئا جن ۾ تعليم تمام گهٽ هئي ۽ اهي ايامن کان پنهنجي اباڻن ڪکن ۾ رهڻ جا عادي هئا. نه هٺ نه وڏائو. سادگي سندن سڃاڻپ ته نوڙت نيازمندي نس نس ۾ سمايل هين. اهڙي پاڪيزه ماحول ۽ بردبار گهراڻي جي هڪ فرد حاجي علي محمد لغاري جي گهر ۾ خميس جي پرهه ڦٽي مهل، 25 ربيع الثاني 1333هه مطابق 12 مارچ 1915ع تي هڪ سدا ملوڪ سلڇڻو، سدورو سڪيلڌو ڀاڳن جو ڀريون کڻي پيدا ٿيو. گهر گهر ۾ ان جي ڄمڻ تي خوشي جون کيرون ۽ مٽن مائٽن کي مبارڪون ڏنيون ويون.
حاجي علي محمد پنهنجي نئين ڄاول نينگر جو نالو “ڄام” رکيو. اوڙي پاڙي جي مٽن مائٽن کي ڪهڙي ڪل ته، اهو نينگر اڳتي هلي اسم با مسميٰ (جهڙو نالو تهڙو مرد) ثابت ٿيندو؟ پر وقت ثابت ڪيو ته هي نه رڳو ڄام پر “ڄامن جو به ڄام” آهي جنهن جي دنيا صبح شام سلامي پئي ڪئي، ڇو ته،
ساري رات سبحان جاڳي جن ياد ڪيو،
ان جي عبداللطيف چئي، مٽي لڌو مان،
ڪوڙين ڪن سلام اچيو آسڻ ان جي.