مذهبي پرچار ۽ وعظ و تبليغ:
ڪنهن به فرقي ۽ گروپ تي تنقيد يا تبصرو هرگزڪونه ڪيائون، ماڻهن جي اخلاقي سڌارن ۽ شريعت جي خالص احڪام سمجهائڻ تي گهڻو توجه ڏيندا هئا. سندن وعظ ۾ ناصحانه نڪتا نمايان هوندا هئا. ماڻهن کي پيار ڀرين ٻاجهارن لفظن سان مخاطب ٿي اسلام ڏي راغب ڪندا هئا جوش ۽ ڌمڪي وارو جارحانه انداز ڪڏهن به اختيار نه ڪيائون. پيشه ور واعظين وانگر سرتار سان وعظ ڪرڻ جو کين ڪڏهن به شوق ڪونه ٿيو. سندن وعظ ۾ عام طرح سيرت النبي، صحابه ڪرام ۽ اوليائن سڳورن جي زندگين مان ڪي واقعا ضرور شامل هوندا هئا، جن کي مثال طور پيش ڪري پنهنجي پاڻ کي پرکڻ ۽ ڀيٽڻ جي دعوت ڏنل هوندي هئي. سندن وعظ جو مرڪزي نقطو رجوع الي الله (الله ڏي موٽي اچڻ) هوندو هو. گهڻو ڪري بيهي وعظ ڪندا هئا، منبر تي ويهي ڪڏهن به ڪونه ڳالهايائون. هميشه قرآن شريف هٿ ۾ کڻي پهرين حوالي طور چند آيتون پڙهي پوءِ ڪا حديث پيس ڪري پوءِ انهن جي روشني ۾ وعظ ڪندا هئا. وعظ ۾ شاهه لطيف جو ڪونه ڪو بيت موضوع جي مناسبت سان ضرور پڙهندا هئا، يا وري مثنوي رومي ۽ شيخ سعدي جي ڪتابن مان ڪونه ڪو واقعو، مثال، بيت وغيره بيان ڪندا هئا.
مولانا عبدالڪريم لغاري ڪڏهن ڪڏهن مسڻ وڏي جي آسپاس ڳوٺن، راڄن ۾ وڃي ماڻهن سان خالص مذهبي پرچار جي حوالي سان ڪچهريون ڪندا هئا. ڪڏهن ڪڏهن ته وڃي وعظ تقرير به ڪندا هئا، پر اهڙي صورت ۾ ڪو به اڳواٽ پروگرام طئي نه ٿيندو هو، نه ڪي اطلاع ڏنو ويندو هو، بس هڪ ٻه شاگرد ساڻ وٺي پيدل روانا ٿي ويندا هئا. اهڙي طرح ڳوٺن ۾ وڃي اسلام بابت پکڙيل غلط فهمين جو ازالو ڪري دين جي صحيح ڄاڻ ۽ فڪر کان ماڻهن کان واقف ڪندا هئا. سندن اهڙين ڪچهرين ۾ انسانيت جو درس، خلق جي خدمت، هڪ ٻئي سان همدردي، خير خواهي ڀائيچاري ۽ محبت جي وڌ کان وڌ ترغيب هوندي هئي ڪنهن ڪنهن سال ته پاڻ پنهنجي جامع مسجد ۾ خالص مذهبي جلسا به ڪرائيندا هئا. جهڙوڪ: غالباً 1962ع ڌاري هڪ وڏو ديني جلسو ڪرايائون جنهن ۾ نه رڳو آسپاس جي ڳوٺن جا ماڻهو پر گهڻو پري پري جا ماڻهو به شريڪ ٿيا هئا جن جي قيام و طعام جو بندوبست به پاڻ ڪيائون. انهي جلسي جي صدارت شيخ السنڌ مولانا عبدالحق رباني نصرپوري ڪئي هئي ته مهمان خاص ۽ جلسه جو مقرر مولانا عبدالشڪور دينپوري هو. جلسه جي ميزباني جا فرائض ۽ آيل سڀني مهمانن جي لاءِ ڪيل انتظام جي نگراني مولانا محمد اسماعيل لغاري سرانجام ڏني هئي. جامع مسجد مسڻ وڏي جي تعمير مڪمل ٿيڻ کانپوءِ 1975ع تي خاص دلچسپي وٺي هڪ وڏو ديني جلسو ڪرايائون، جنهن جي سرپرستي مولانا محمد اسماعيل لغاري جن ڪئي هئي ته، مهمان خاص ۽ مقرر حضرت مولانا عبدالڪريم شاهه بخاري ديري غازي خان وارو هو. جيتوڻيڪ پوءِ به سندن سرپرستي ۾ وقت بوقت ديني جلسا ٿيندا رهيا پر پاڻ ذاتي طرح جلسن ۾ دلچسپي نه ورتائون. پوءِ جي ٿيندڙ جلسن ۾ مقررين مان شيخ الحديث استاذالعلماء حضرت مولانا عبدالغفور قاسمي، استاد الحديث مولانا غلام محمد سومرو، حضرت مولانا محمد حسن لانگاهه، حضرت مولانا مفتي محمد صادق سومرو ۽ حضرت مولانا محمد خان نوحاڻي خاص طور قابل ذڪر آهن.علاوه ازين پاڪستان قائم ٿيڻ کان به پهريان مولانا محمد لغاري ۽ مولانا عبدالڪريم لغاري جن جي گڏيل ڪوششن سان ديني جلسا ٿيندا هئا. اهڙن جلسن ۾ مختلف وقتن تي آسپاس جي مقامي عالمن کان سواءِ ٻاهر جا علماء سڳورا به اچي وعظ ڪندا هئا. جهڙوڪ: مولانا محمد صادق کڏي ڪراچي وارو، مولانا عبدالحئي نوحاڻي ڪنگورو ميرواهه گورچاڻي، مولانا محمد هاشم رڪن وارو، حڪيم مولانا محمد صالح سمون خطيب جامع مسجد ميرپورخاص، مولانا عبدالحق رباني، شيخ الحديث مولانا ميان احمد متعلوي، مولانا عطاءُالله پٺاڻ جيڪب آبادي وغيره.