درس و تدريس:
اهڙو اظهار پنهنجي ڪتاب “مرد قلندر” صفحه 21 تي به ڪيو اٿن ته،
“دارالعلوم ديوبند مان فارغ ٿي واپس وطن اچڻ بعد پختو ارادو ڪيم ته، ديني تعليم تي نه پگهار وٺڻو آهي نه ئي مدرسي جي نالي ڪنهن مغرور متڪبر وڏيري جي اڳيان سر جهڪائي بيک ڇڏائڻي آهي جنهن کي اڄوڪي اصطلاح ۾ چندو چوندا آهن، اهي ٻئي معمول بحمدالله اڄ تائين پختگي سان هليا اچن.”
وڌيڪ ساڳي ڪتاب ۾ لکن ٿا ته، منهنجي پهچڻ کان (ست سال) اڳ هتي (مسڻ وڏي ۾) معزز مهربان رفيق شفيق عزيز محترم مولانا محمد اسماعيل لغاري هڪ ديني اداري مدرسه دارالهديٰ مسڻ جو بنياد 2 ذوالقعد 1352هه/مطابق 1934ع ۾ اڳيئي رکي چڪا هئا. (مرد قلندر صفحه 21)
مولانا محمد اسماعيل لغاريؓ جي خودداري، بيباڪي، بي ريائي، اخلاق ۽ للٰهيت استغناء، بلند خيالي، جفاڪشي، جدوجهد، حق گوئي، حق شناسي ۽ اٽل ارادن جهڙين بيشمار خوبين جو مولانا عبدالڪريم تي گهرو اثر پيو. جنهنڪري زندگي ڀر، مولانا محمد اسماعيل جو ٻانهن ٻيلي ٿي رهڻ جو پڪو ارادو ۽ ڪيل وچن نڀائيندي پوري حياتي ساٿ ۾ وقف ڪري پوين پساهن تائين قائم رهيو. پاڻ پنهنجي هٿ اکر کليل آتم ڪٿا ۾ لکن ٿا ته،
جمال ھمنشین در من اثر کرد وگر نہ من ہماں خاکم کہ ہستم
(ترجمو: مجلس ۾ ويٺل محبوب جي جوت جمال مون ۾ اثر ڪيو آهي، نه ته، آئون اهائي مٽي جي مٽي آهيان.) ڌڻي تعاليٰ جي لطف و ڪرم جو بيڪ جان نه بصد جان ممنون و مشڪور آهيان جو دارالعلوم ديوبند کان فراغت بعد مهربان معزز مشفق عزيزي مولانا محمد اسماعيل صاحب لغاريؓ جي رفاقت نصيب ٿي. جنهن جي اٽل ارادن عزمِ مصمم، خودداري، بلند خيالي، جفاڪشي، جدوجهد جو هن بندي تي ضرور اثر ٿيو. انهي نعمت عظميٰ لاءِ سر بسجود آهيان. رب پاڪ منهنجي رڳو مهربان نه، بلڪه مربي (تربيت ڪندڙ مولانامحمد اسماعيل) کي جنت ۾ جايون ڏئي. اسان پوين کي سندس طريق ڪار تي هلڻ جي توفيق عطا ڪري. (آمين)
پهرين هي ته، اسان ٻنهي رفيقن عهد ڪيو هو ته، پنهنجي ساري زندگي ڏتڙيل قوم جي خدمت ۾ صرف ڪرڻي آهي. ڪهڙيون به حالتون سر تي اچن. بقول شاهه لطيف، “پير نه ڇڏج پرين جو، توڙي لُڪون لڳن لک.”
انهي غريب جماعت سان رهڻو آهي. ڌڻي جي دهليز تي آخري پساهه ڏيڻو آهي. ٻيو ته، پنهنجي لاءِ يا قومي ادارن لاءِ ڪنهن به سرمائيدار جي اڳيان هرگز هٿ ڊگهيرڻو ڪونهي. توڙي جو ضرورتون حد کان وڌي وڃن. نه ئي ڪنهن سرمائيدار، زميندار جي دعوت قبول ڪرڻي آهي. سختي سان بو علي قلندر جي مندرجه ذيل پارسي بيت تي عمل ڪرڻو آهي.
بر در سلطاں مرو رویش مبیں گنج قاروں گر دہد سویش مبیں
(خود نوشت سوانح قلمي صه 17)
ترجمو: بادشاهه جي در تي نه وڃ، انهي جو منهن به نه ڏس، جيڪڏهن قارون جو خزانو به ڏئي ته به انهي ڏانهن نه ڏس.
مولانا عبدالڪريم لغاري، مولانا محمد اسماعيل لغاري جن جا رفيق بنجي مدرسه دارالهديٰ ۾ درس و تدريس جا فرائض سنڀالڻ لڳا. ٻنهي بزرگن جي گڏيل جدوجهد ڏينهن رات جي محنت، هم آهنگي ۽ هم خيالي سان مدرسه دارالهديٰ ڏينهون ڏينهن ترقي ڪندو رهيو. ٻنهي بزرگن جي علمي مهارت، خلوص ۽ تقويٰ، طالبن سان شفقت، مدرسه جي شهرت ۾ بيحد اضافو ڪيو. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ته ڇا پر بلوچستان، ايران تائين جا شاگرد مدرسه جي هاڪ ٻڌي اچي علم پرائڻ لڳا. بمصداق:
ہر کجا چشمئہ بود شیریں مردم و مرغ و مور گردآیند
ترجمو: جتي به ڪو مٺو چشمو هوندو ته، ماڻهو پکي ماڪوڙيون سڀ اچي ڪٺا ٿيندا.
منهنجو والد صاحب مرحوم (مولوي عبدالرحمان شورو) ٻنهي بزرگن جي اوئلي شاگردن مان هو، سو ٻڌائيندو هو ته، آئون به انهي سال مدرسه دارالهديٰ ۾ داخلا وٺي پڙهڻ لڳو هئس جنهن سال مولانا عبدالڪريم لغاري تازو دارالعلوم ديوبند مان فارغ ٿي اچي مدرسه دارالهديٰ ۾ داخلا وٺي پڙهائڻ لڳو. انهن ڏينهن ۾ 60کان 70 شاگرد مسافر رهندا هئا. مون سان جيڪي شاگرد دوري (هم سبق) هئا تن ۾ ٽي شاگرد ايراني هئا جن کي اسان مڪراني سڏيندا هئاسون. انهن جي ٻولي فارسي هئي ۽ اهي ٽيئي موقوف عليه تائين منهنجا دوري رهيا. انهن جا نالا هئا مولوي سعيد احمد، مولوي عبدالصمد، مولوي عبدالغني . جڏهن اسان مولانا محمد اسماعيلؓ وٽ سبق وٺڻ ويندا هئاسون ته، استاد مولانا محمد اسماعيل اسان سنڌي شاگردن کي ڪتاب جو ترجمو، تشريح، سوال جواب وغيره سنڌي ۾ سمجهائيندو هو ته، اسان جي ايراني ساٿين کي فارسي ۾ سمجهائيندو هو. بلوچستاني شاگردن ۾ هڪ فيض محمد بروهي به هو جنهن کي قدرت واري پرسوز آواز جي ڏات ڏني هئي تنهن جي آواز ۾ اهڙو ته، جادو جهڙو اثر هوندو هو جو جڏهن به اذان ڏيندو هو ته، مسجد جي ڀر ۾ بازار جا واڻيا دڪاندار ڏيتي ليتي ڇڏي بيهي رهندا هئا ته مسجد جي ڀر ۾ واڻين جي گهرن جون واڃاڻيون گهرن جي دروازن وٽ بيهي سريلي آواز جو لطف وٺنديون هيون. نيٺ هڪ ڀيري واڻيا، مولانا محمد اساعيل وٽ هي عرض کڻي آيا ته، سائين! جيڪڏهن روزانه فيض محمد ٻانگ ڏيڻ شروع ڪئي ته، اسان جون واڃاڻيون هڙيئي مسلمان ٿي وينديون. تنهنڪري مهرباني فرمائي انهي ڊيوٽي تي ڪو ٻيو شاگرد مقرر ڪريو.
ابتدا کان وٺي موقوف عليه تائين درس نظامي ۾ شامل فارسي توڙي عربي ڪتاب، مولانا عبدالڪريم جي زير تدريس رهيا. جيئن ته بنده به ابتدائي ڪتابن کان وٺي آخر تائين جي درسي ڪتابن ۾ سندن شاگردن مان هڪ ادنيٰ شاگرد آهي انهي ڪري آئون پنهنجي سمجهه ۽ تجزئي مطابق يقين سان چوان ٿو ته، پاڻ پڙهائڻ دوران هر علم، فن ۽ مضمون ۾ ڪامل مهارت ۽ اعليٰ استعداد وارا ثابت ٿيا. فارسي ادب کان به وڌيڪ کين عربي ادب ۾ مهارت حاصل هئي. سندن علمي جوهر ۽ ڪمال ان وقت ظاهر ٿيندو هو، جڏهن پاڻ ڪو عربي ادب جو ڪتاب پڙهائيندڙ هوندا هئا.
مون کي چٽو ياد آهي ته، جڏهن اسان وٽن مقامات حريري (نثر ۾ عربي ادب جو ڪتاب) ۽ ٻي سال ديوان متنبي (نظم ۾ عربي ادب جو ڪتاب) پڙهيو هو ته، سبق پڙهائيندي پاڻ هر هر لفظ جي تشريح مشتقات، علم صرف جي مختلف بابن جي لحاظ کان انهي جي معنيٰ، مترادف، عربي ٻولي جي پهاڪن ۽ چوڻين ۾ انهي جو استعمال، جمع واحد، اضداد ۽انهي لفظ مان ٺهندڙ صفتن جا وزن وغيره بيان ڪري حيران ڪري ڇڏيندا هئا. اها ڪامل مهارت شايد هنڪري هئي ته، پاڻ دارالعلوم ديوبند ۾ شيخ الادب والفقه حضرت مولانا اعزاز علي وٽ عربي ادب وڏي شوق ۽ محنت سان پڙهيا هئا، ٿي سگهي ٿو ته، اهو انهي فيض جو اثر هجي. مولانا عبدالڪريم دارالعلوم ديوبند ۾ رائج درس نظامي کي وڏي اهميت ڏيندا هئا ۽ اهوئي نصاب پابندي سان پڙهائيندا هئا ۽ سندن پڙهائڻ جو طريقو به دارالعلوم ديوبند وارو ئي هو. يعني ته گهڻو توجه متن حل ڪرڻ تي ڏيندا هئا. حواشي، شرح شروح ۾ آيل خارجي بحث ۽ اشڪال در اشڪال بنهه گهٽ بيان ڪندا هئا. پاڻ هر شاگرد جي نفسيات کي مدنظر رکي پڙهائيندا هئا جنهن ڪري کانئن منتهي (آخري درجي وارو) شاگرد به ايتروئي مستفيض ٿيندو هو جيترو مبتدي (پهرئين درجي وارو) شاگرد. پاڻ شاگردن جي ذهن، لياقت ۽ عمر کي خيال ۾ رکي تشريح ڪندا هئا، جنهن ڪري ذهين توڙي غبي شاگرد هڪ جيترو استفاده ڪندا هئا. پاڻ سبق پڙهائيندي رعب تاب سان وڏي واڪي نه ڳالهائيندا هئا، بلڪه سادگي سان وچولي درجي واري آواز سان شاگردن کي پيا سمجهائيندا هئا. سندن دستور هو ته، سبق وٺڻ لاءِ آيل شاگردن کان اڳ ۾ ڪالهوڪي سبق بابت پڇا ڪندا هئا ۽ ڪنهن خاص مقام بابت چڱي طرح استفسار ڪري جڏهن کين اطمينان ٿيندو هو ته، ڪالهوڪو سبق پوري طرح سمجهيل ۽ ياد آهي ته پوءِ اڳتي وڌڻ لاءِ پهرين شاگرد کان عبارت پڙهائيندا هئا، عبارت ۾ غلطي تي مبتدي شاگرد کي تنبيهه ڪندا هئا باقي منتهي شاگردن کان جيڪڏهن عبارت پڙهندي ڪا غلطي ٿي ته سخت پڪڙ ڪندا هئا. فارسي توڙي عربي ادب تي ڪامل دسترس هئڻ ڪري کين جديد فارسي ۽ جديد عربي جا آئوٽ آف ڪورس (درس نظامي کانسواءِ ٻيا غير درسي) ڪتاب پڙهڻ ۽ پڙهائڻ ۾ ڪابه دقت ڪانه ٿيندي هئي. مون خود جڏهن سيڪنڊري بورڊ حيدرآباد طرفان مقرر ڪيل منشي فاضل فارسي (انٽرميڊيئيٽ ليول) جو امتحان ٿي ڏنو ته انهي ۾ اڪثر جديد فارسي جا وڏا وڏا ڪتاب جهڙوڪ: آثار جاويدان، افڪار جاويدان وغيره شامل هئا، جن جي تحرير جو انداز فلسفيانه، پيچيده عبارت، سياسي سماجي ۽ اقتصادي نوعيت جي مضمونن ۾ جديد ترين فارسي اصطلاح پڙهڻ ۽ سمجهڻ بنهه مشڪل پر پاڻ اهي مشڪل ترين ڪتاب آساني سان حل ڪري مون کي پڙهايائون ۽ مون انهي آڌار تي امتحان ۾ پوزيشن حاصل ڪئي.
اهڙي طرح سندن بعض شاگردن سنڌ يونيورسٽي ۾ ايم-اي عربي ۾ داخلا ورتي ته پاڻ انهن شاگردن کي فرمايائون ته، ڪورس جا جيڪي به ڪتاب هجن سي وٺي هٿ ڪريو انشاء الله آئون توهان کي اهي ڪتاب حل ڪرائيندس. مون کي ذاتي طرح تجربو آهي، ڇو ته، مون خود سنڌ يونيورسٽي مان ايم-عربي ريگيولر جو ڪورس ڪيو آهي ته ايم-اي عربي جي ڪورس جا ڪتاب، جن ۾ ڪي جديد عربي جا ڪتاب به شامل آهن سي ڏاڍا ڏکيا آهن. مدرسن واراعام مولوي حضرات اهي ڪتاب حل ڪري نٿا سگهن، پر مولانا عبدالڪريم جن پنهنجي شاگردن کي ايم-اي عربي جو مڪمل عربي ڪورس سبق سبق ڪري پڙهايو ۽ اهي شاگرد تمام سٺن گريڊن ۾ پاس ٿيا.
مطلب ته، فارسي توڙي عربي ۾ کين ڪتاب داني جي اعليٰ مهارت هئي، اهڙي مهارت مون کي ٻين مولوين ۾ نظر ڪانه آئي. کين هن ڳالهه جو بيحد شوق هو ته، سندن شاگردن ۾ اهڙي صلاحيت پيدا ٿئي جو هو رڳو عربي جا چند درسي ڪتاب پڙهي انهن تي اڪتفا نه ڪن، بلڪه منجهن اهڙي استعداد پيدا ٿئي جو قديم توڙي جديد عربي جو ڪهڙو به ڪتاب، ڪنهن به عنوان ۽ موضوع تي هجي بخوبي پڙهي سمجهي حل ڪري سگهن. اهوئي سبب هو جو اسان کي ابتدا کان وٺي جديد عربي جو ڪورس پڙهائي ننڍا وڏا جملا عربي ۾ ترجمو ڪرڻ جي مشق ڪرائيندا پئي رهيا. اڳتي هلي ڪنهن به سنڌي ڪتاب، اخبار يا رسالي جي هڪ ٻن صفحن جو به عربي ۾ ترجمو ڪرڻ جي روزانه مشق ڪرائيندا هئا. اهڙي طرح عربي ۾ مختلف عنوان تي ننڍا ننڍا مضمون لکڻ جي به ترغيب ڏيندا ٿي رهيا. اسان به غلط سلط مضمون لکي آڻي پيش ڪندا هئاسون جن جي درستي ڪرڻ وقت، ترجمي ڪرڻ جي طريقي، معنيٰ ۽مفهوم کي ترجمي واري ٻولي جي گهاڙيٽي ۽ اصطلاح وغيره متعلق بهترين سمجهاڻيون ڏيندا هئا.
مولاناعبدالڪريم لغاري لڳاتار 46 سالن تائين مدرسه درالهديٰ مسڻ وڏي ۾ درس و تدريس جا فرائض انجام ڏيندا رهيا. انهي سان گڏ مدرسه جي اندروني نظام کي سنڀالڻ، استادن ۽ شاگردن جي نگهداشت، تعليمي نظام کي بهتر بنائڻ جهڙيون ذميواريون به سندن سر تي هيون. جڏهن ته مدرسه سان واسطو رکندڙ ٻاهريان ڪم ڪار، مدرسه جي مواقفت يا مخالفت ۾ ٿيندڙ معاملن واقعن ۽ مدرسه جي موافق يا مخالف ماڻهن کي منهن ڏيڻ، اهڙي هر قسم جي دفاع ۽ برتاءِ جي اهم جوابداري مولانا محمد اسماعيل جي حوالي هئي.
تقريباً 48 سالن تائين مولانا محمد اسماعيل جي رفاقت ۾ مدرسه جي نظامت، آئي وئي مهمان جي خاطر تواضع، مسافر شاگردن جي ديک ڀال جهڙا فرائض نڀائي 1989ع ۾ مولانا محمد اسماعيل باني مدرسه دارالهديٰ ۽ مهتمم اول جي انتقال کانپوءِ مدرسه جي اهتمام جي ذميواري به سنڀاليائون جيڪا پوين پساهن تائين (يعني پنڌرهن سالن تائين) احسن طريقي سان نڀائيندا رهيا.