اڻ ڇپيل ڪتاب
[b]1- ٿڌا وڻ ولهار جا (ٻيو حصو):
[/b]انهي نالي سان پاڻ ڪجهه مضمون لکي هڪ رجسٽر ۾ محفوظ ڪيا هئائون، جن لاءِ سندن ڪوشش هئي ته، جيڪڏهن وقت مليو ۽ حياتي وفا ڪئي ته، تعلقي ٽنڊي الهيار جي قديم خطه ولهار جي تاريخ جو ٻيو حصو ترتيب ڏيئي شايع ڪرائبو. اڃا تائين انهي ڪتاب جي سهيڙڻ ۽ سنوارڻ جو ڪم شروع نه ڪيو ويو آهي. انشاءَالله آئنده پهرين فرصت ۾ انهي رهيل ڪتاب کي ڇپائي منظر عام تي آڻڻ جي ڪوشش ڪبي.
[b]2- بياض ڪريم (سنڌي ۽ فارسي شاعري جو مجموعو):
[/b]هن ڪتاب ۾ حضرت مولانا عبدالڪريم جن پنهنجي هٿن سان پنهنجي شاعري کي ترتيب ڏيئي جمع ڪيو آهي. مذڪوره ڪتاب جي هڪ فوٽو ڪاپي پاڻ خود مدرسه جي لائبريري اشاعت العلوم ۾ رکڻ لاءِ جمع ڪرائي اٿن. بياض ڪريم ۾ شاعري کي ٻن حصن ۾ مرتب ڪيو ويو آهي پهرين حصي ۾ سنڌي شاعري جنهن جا ڪل 88 صفحا آهن ۽ ٻي حصي ۾ فارسي شاعري جنهن جا ٽوٽل 22 صفحا آهن. ڪتاب جي آخر ۾ لکي مڪمل ڪرڻ جي تاريخ 12 ربيع الاول 1409هه ۽ مطابق 25 آڪٽوبر 1988ع ۾ آهي.
[b]3- نقوش زندگي:
[/b]هي ڪتابڙو آتم ڪٿا (خود نوشت سوانح) تي مشتمل آهي جيڪو فل اسڪيپ سائيز جي 19 صفحن تي حاوي آهي. اها اتم ڪٿا لکي مڪمل ڪرڻ جي تاريخ 20 جمادي الثاني 1413هه مطابق 16 ڊسمبر 1992ع آهي.
[b]4- ڊائري (روزنامچو)
[/b]حضرت مولانا عبدالڪريم جن 1978ع کان 1997ع پوري پابندي سان بلاناغھ ڊائري لکندا هئا، تائين ۽ ڪجهه 1998ع جا مهينا به لکيل آهن. اهي ڊائريون حقيقت ۾ 19 ساله ملڪ ۽ قوم جي سياسي، سماجي، اقتصادي ۽ معاشي تاريخ سان گڏاهم واقعات جو هڪ محفوظ رڪارڊ ۽ دستاويز آهن، جيڪي قيمتي ذخيري هجڻ سان گڏ انهي عرصي جي تاريخ جي طالب علم لاءِ هڪ بهترين رهنما ۽ گائيڊ بُڪ آهي.
[b]5- چند ابيات فارسي دربيان حالات حاضره :
[/b]بياض ڪريم جي ترتيب کان ڪجهه سال پوءِ پاڻ ڪي نظم (بيت) فارسي ۾ وقت بوقت لکندا رهيا جيڪي مذڪوره نالي سان هڪ ڪاپي ۾ جمع ڪيا اٿن. 33 صفحن تي مشتمل انهي ڪتابڙي ۾ شيخ سعدي جي ڪتاب ڪريما فارسي جي وزن تي ڪل 90 بيت آهن. جڏهن ته آخر ۾ مناجات بر آستانه عاليھ جي عنوان سان شيخ فريد عطار جي مشهور ڪتاب پندنامه فارسي جي وزن تي 15 بيت شامل آهن. انهي مناجات جو ابتدائي ۽ آخري بيت هن طرح آهي.
(الف) اے کریم کردگار کار ساز بندۂ پرور توئی بندہ نواز
(ب) چوں خداوندت رحیم است و کریم پس مشو مغموم اے عبدالکریم
ترجمو: (الف) اي سخي ڏاتار! اي ٻاجهارا، ڪل جڳ جا ڪلتار!! بگڙيل ڪم بنائڻ وارا ! تون ئي ته ٻانهن کي پاليندڙ آهين! تون ئي ته ٻانهن کي نوازيندڙ مهربان آهين!!
(ب) جڏهن تنهنجو ڌڻي بيحد مهربان آهي ته، پوءِ اي عبدالڪريم! توکي ڳڻتي ڪهڙي؟
ابيات لکي مڪمل ڪرڻ جي تاريخ 15 رمضان 1420هه مطابق ڊسمبر 1999ع آهي.
[b]6- قصيده بُرده شريف جو سنڌي ترجمو:
[/b]هي سندن سڀ کان آخرين تصنيف آهي، جنهن کانپوءِ ڪوبه ڪتاب يا مضمون ڪونه لکيائون. البته ديني اداري مدرسه درالهديٰ (جنهن جا پاڻ مهتمم به هئا) جي مستقبل جي بابت خاص هدايتون رهنما اصول ۽ وصيتون لکي راقم الحروف (مولوي محمد يامين شورو) جي حوالي ڪري سڀني متعلقين کي انهن هدايتن، رهنما اصولن ۽ وصيتن جي روشني ۾ مذڪوره ديني اداري ۽ جامع مسجد جي نظام کي هلائڻ جي تاڪيد ڪيائون. اهڙي طرح ملاقات لاءِ ايندڙماڻهن سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ بجاءِ ڪاغذ تي لکي، آيل مهمان کان حال احوال پڇندا هئا ته وري مهمان به پنهنجي احوال ۽ اچڻ جي مقصد کان واقف ڪرڻ لاءِ جواباً لکي ڏيندو هو. اهڙي طرح لکپڙهه ذريعي ڪچهري ٿيندي هئي. انهي جو سبب هي بنيو جو سندن قوت سماعت (ٻڌڻ جي سگهه) ڪمزور ٿي ويئي هئي انهي ڪري پاڻ لکپڙهه ذريعي آيل ماڻهن سان ڪچهري ڪندا هئا. لکپڙهه جو اهو سلسلو به ڪافي سال هليو. نيٺ لاڏاڻي کان چند مهينا اڳ اهو به سلسلو ختم ٿي ويو. پوءِ صرف اشارن سان آيل کي خير عافيت ڪندا هئا ۽ دعا ڪرڻ جي آٿت ڏيئي اجازت ڏيندا هئا.
جيئن ته پڇاڙي جو حضرت مولانا عبدالڪريم جن انتهائي ضعف ۽ پيري سبب تقريباً لکڻ پڙهڻ جو ڪم ختم ڪري چڪا هئا ۽لازم الفراش بنجي اڪثر ڪري کٺ تي آرامي هوندا هئا. کٽ تان هيٺ لهڻ جي به سگهه ڪانه رهي هئي. اهڙي وقت مون (محمد يامين) کي هڪ دفعي گهرائي فرمايائون ته، ابا! هاڻي منهنجي حالت به ڪمزوري ۽ محتاجي ۾ امام بوصيري جهڙي ٿي ويئي آهي. چاهيان ٿو ته، اهڙي موقعي تي بوصيري جي اقتدا ڪري اهوئي ڪم ڪريان جيڪو هن ڪيو هو. سو مون کي بوصيري جو قصيده بُره شريف هٿ ڪري ڏي ته، ان جو مطالعو به ويٺو ڪريان ته، انجو سنڌي ۾ ترجمو ڪري وندر به ويٺو ڪريان. مون مدرسه جي ڪتبخانه ۾ پيل قصيده بُرده جا هڪ ٻه نسخا آڻي کين پيش ڪيا. پوءِ ٿورو ٿورو ڪندا لکندا رهيا ۽ بعض اوقات اسان کي به لکيل ترجمو، مشڪل الفاظ جو لغوي حل، اشتقاق وغيره ڏيکاريندا رهيا. تان جو اهڙي ضعف ۽ پيري جي باوجود ڏيڍ سئو کان وڌيڪ قصيده جي عربي بيتن جو ترجمو تشريح وغيره مڪمل ڪري ڪاپي جا 240 صفحا لکي پورا ڪيائون. سندن جسماني ضعف ۽ پيري کي ڏسي وري سندن قوت حافظه، جانفشاني، جفاڪشي، عرق ريزي، دماع سوزي وارو ڪم ڏسندو هئس ته آئون ته سندن اها ڪرامت مڃيندو آهيان. ڇو ته اسان جهڙي کي ڪو بخار به اچيو وڃي ته هفتو کن ته، بسترو نه ٿا ڇڏيون پر ماڻهن سان به صحيح ڪونه ٿا ڳالهائي سگهون پر هتي ڪا ٻي طاقت هئي جيڪا کانئن ڪم وٺي رهي هئي. سبحان الله مااعظم شانه
حضرت مولانا عبدالڪريم جن قصيده بُرده جي سنڌي ترجمي ڪرڻ جو هن لاءِ سوچيو ته، سندن پيري ۾ بيوسي جي حالت قصيده بُرده جي مصنف امام بوصيري جهڙي ٿي وئي هئي، ڇو ته امام بوصيري بابت هي روايت مشهور آهي ته، امام بوصيري کي اڌ رنگ ٿي پيو هو جنهن ڪري سندس جسم مفلوج ٿي ويو ۽ پاڻ محتاج بنجي کٽ تي پئجي رهيو. هڪ ڀيري سوچيائين ته، ڇو نه حضور ڪريمﷺ جي شان ۾ قصيده لکي سندن درٻار ۾ بطور نذرانه پيش ڪري کين عرض ڪريان ته، اي الله جا رسول! خدا جي بارگاهه ۾ مون بيمار ۽ محتاج لاءِ دعا فرمائي شفاياب ڪريو. بس اها ڳالهه سوچي امام بوصيري عربي ۾ حضور سائينﷺ ۾ تعريف ۾ قصيده چوڻ ۽ لکڻ شروع ڪيو. جڏهن قصيده جا 165 شعر چئي مڪمل ڪيائين ته پنهنجي دعا ۾ اهو قصيده حضور سائينﷺ جي خدمت ۾ نذرانه طور پيش ڪري شفايابي لاءِ خدا کان دعا گهريائين. رات جي خواب ۾ حضور سائينﷺ جي کيس زيارت نصيب ٿي ۽ پاڻ ڪريمنﷺ خواب ۾ کيس چادر اوڍائي فرمايو ته بوصيري! هاڻي خدا جي حڪم سان تنهنجو مرض دور ٿي ويو. صبح جو امام بوصيري سجاڳ ٿيندي پاڻ کي بلڪل صحتياب محسوس ڪيو ۽ اڌ رنگ جو مرض ڪافور ٿي ويو. امام بوصيري پاڻ سڳورنﷺ جي خواب ۾ انهي زيارت ۽ پاڻ سڳورنﷺ جي چار اوڍائڻ جو قصو ڪنهن سان به نه ڪيو. هڪ ڏينهن اتفاق سان ان وقت جو ڪامل بزرگ امام بوصيري سان واٽ تي مليو چيائينس ته، ادا! اسان کي پنهنجو قصيده ته لکي ڏي؟ امام بوصيري پڇيس ته منهنجو ڪهڙو قصيده؟ بزرگ وراڻيو ته اهو قصيدو جنهن کي مڪمل ڪرڻ کانپوءِ توکي حضور سائينﷺ جن رات جو خواب ۾ اچي زيارت به ڪرائي هئي ته، پنهنجي چادر به اوڍائي هئي.
عربي ۾ بُرده چادر کي چون ٿا. اهو قصيده انهي ڪري قصيده بُرده (چادر وارو قصيدو) جي نالي سان مشهور آهي.
حضرت مولانا عبدالڪريمؓ جن ٻڌائيندا هئا ته، اسان جو استاد مولانا محمد عثمان قراني هميشه فجر نماز کانوءِ قصيده بُرده جو ورد ڪندو هو.
قصيده بُرده جي سنڌي ترجمي جي پڄاڻي تي پاڻ هي نوٽ لکيو اٿن.
اڄ مورخه 10 محرم 1420هه مطابق 2000ع تي باوجود ڪمزوري جي، بوصيري صاحب محمد بن سعيد جي قصيده بُرده جو سليس سنڌي ترجمو شڪر الحمدلله ختم ڪيو اٿم. جيڪو 165 عربي نظم تي مشمتل آهي، سو درٻار رسالت ۾ بطور نذر پيش ڪريان ٿو. شفيع المذنبين ۾ شفاعت جي اميد اٿم. آنحضرت صلي الله عليھ وسلم جو هڪ گنهگار اُمتي، خادم مدرسه درالهديٰ مسڻ وڏي الآثم عبدالڪريم لغاري 10 محرم 1420هه مطابق 2000ع والسلام.
[b]7- حجاز جو پهريون سفر:
[/b]حضرت مولانا عبدالڪريم جن پهريون فريضه حج جي ادائيگي لاءِ 1956ع ۾ حرمين شريفين ڏي ويا هئا. پاڻ اهو سفر بحري جهاز جي ذريعي ڪيائون جنهن ۾ ساڻن گڏ سندن مخلص شاگرد حاجي محمد يوسف سولنگي رفيق سفر هو. حرمين جو اهو پهريون سفر، خليج فارس جي سامونڊي رستي کان شروع ٿيو هو. سفر هلندي وچ ۾ ڪجهه بندرگاهه جهڙوڪ: گوادر، مسقط، عمان ۽ بحرين آيا هئا. پاڻ جيئن ته، ڪراچي کان بحرين جو ٽڪيٽ وٺي سوار ٿيا هئا، تنهنڪري بحرين ۾ لهي هفتو کن اتي رهڻ بعد اتان کان سامونڊي رستي سعودي جي بندرگاهه الخبر پهتا. وري اتان کان روڊ رستي سعوديه جي شهرن الدمام، الاحساء ۾ ترسندا گهمندا رياض پهتا. جتان کان نجد واري رستي وڃي ميقات تي آيا، جتي احرام ٻڌي حرم مڪه شريف ۾ 25 رمضان تي پهتا. اتي عمره، حج، زيارات ۽ عبادات جي ادائگي بعد 30 ذوالحج تي مڪي کان جده ۽ پوءِ مدينه منوره روانا ٿيا. مديني شريف ۾ ٽي مهينا رهڻ بعد واپس وطن موٽيا. جڏهن ته، مڪي شريف ۾ به کين ٽي سوا ٽي مهينا رهڻ جو موقعو مليو. اهڙي طرح سندن حجاز جو پهريون سفر ڇهن ستن مهينن تي مشتمل رهيو، جنهن جو آغاز 1- رمضان شريف 1375هه مطابق 13 اپريل 1956ع کان ٿيو هو. پاڻ انهي پهرين سفر جي مختصر روئداد، فل اسڪيپ سائز جي 13 صفحن تي لکي اٿن.
[b]8- حجاز جو ٻيو سفر:
[/b]حضرت مولانا عبدالڪريم جن حجاز مقدس ڏي 31 سالن کانپوءِ وري ٻيو ڀيرو عمره جي نيت سان 1407هه مطابق 1987ع ۾ حرمين ڏي روانا ٿيا هئا. هن ڀيري ساڻن گڏ سندن ڀاءُ حاجي عبدالله لغاري رفيق سفر هو. سندن روانگي رمضان شريف کان چند ڏينهن اڳ ۾ ٿي هئي. رمضان شريف جيڪو رحمت، بخشش ۽ ڇوٽڪاري جو مهينو آهي، سو انهي ڀلاري ڀون مقدس ماڳ، حرم مڪھ ۽ حرم مدينھ ۾ گذاريائون.
انهي سال جيئن ته، سعودي بادشاهه فهد جو پٽ ڄائو هو، تنهن انهي خوشي ۾ رمضان شريف دوران عمره تي آيل سڀني معتمرين، (عمرو ڪندڙ) ۽ زائرين کي حج ڪرڻ جي به اجازت ڏني هئي پر پاڻ مهينو سوا رهڻ بعد 7 شوال 1404هه تي وطن موٽي آيا.
حضرت مولانا عبدالڪريم جن انهي ٻئي ڀيري حجاز جي سفر جو احوال ٻن ٽن صفحن تي لکيو آهي.
[b]9- ستن ڪلاڪن جو سفرنامو:
[/b]اسان هتي پڙهندڙن جي ذوق خاطر، حضرت مولانا عبدالڪريم جن جو لکيل مسڻ وڏي کان ڳوٺ دولت لغاري تائين “ستن ڪلاڪن جو سفرنامو” پيش ڪريون ٿا، جيڪو سندن عالمانه ۽ اديبانه تحرير جو هڪ عمدو مثال آهي. وڌيڪ انهي تحرير تي پڙهندڙ پاڻ تبصرو ڪن.
“پنهنجو آستانو ڇڏي، سير سياحت لاءِ ٻاهر نڪري پوڻ کي عام طور سفر چيو ويندو آهي، توڙي جو شرعي سفر نه ئي سهي. اهو ڪلاڪن جو هجي يا ڏينهن جو، هفتن جو هجي يا مهينن جو، ديس جو هجي يا پرديس جو، مڙيوئي سفر ۾ شمار آهي.
پنهنجي وطن جي نظارن ۾ ڪهڙي ڪمي آهي؟ جو اسان پنهنجو قيمتي وقت ۽ اٿاه سرمايو برباد ڪري، بيروني ملڪن جي وڏن شهرن جي سياحت کي ترجيح ڏيئي، پرائي ڏيهه جي پٿرين کي هيرا جواهر، ڪوڏين جي چمڪ کي سچا موتي، بيجان تصويرن کي حورون پريون سمجهي مٿن جان پيا قربان ڪندا آهيون.
ہر ہلاکی امت پیشیں کہ بود زانکہ بر جندل گمان کردند عود
مولانا رومي چوي ٿو ته، ڪيتريون اڳيون قومون هن ڪري برباد ٿي ويون، جو خوش فهمي ۾ مبتلا ٿي، ڪارين پٿرين کي عود، عنبر سمجهڻ لڳيون.
ڇا اسان پنهنجي ديس جي رنگين مناظر کي، ڪڏهن غور سان ڏسڻ جي به ڪوشش ڪئي آهي؟ ڇا هتي جون پُرفريب رسيليون راتيون، صبح جي هير، باغن جون بهارون، چپه چپه تي سرسبز واديون، من موهيندڙ کيتيون، هنڌين ماڳين اهي فطرت جا نظارا، انسان جي اُداس دل جي لاءِ راحت جو سامان ميسر ڪونه ڪري رهيا آهن؟ “وڃين ڇو وڻڪار؟ هت نه ڳولين هوت کي.”
وري هتي جي شهرن جي ڀيٽ ۾، ديهاتي زندگي لاءِ فطرتي سونهن لازوال حسن آهي. شهرن ۾ بناوٽ ملاوٽ فقط ظاهري جڙتو ڏيکاءُ آهي، ٻيو مڙيئي خير.
عرب جي مشهور شاعر “متنبي” پنهنجي ديوان ۾، انهي مضمون کي هن ريت ورجايو آهي ته، “ٻهراڙي جو حسن خدا داد ۽ قدرتي آهي، انهي جي بر خلاف شهرن جي ساري رونق هٿرادو، بناوٽي ۽ رنگ روغن تي مبني آهي. اڳتي چوي ٿو ته، ڀلا ٻڪري ۽ جهنگل جي هرڻي ٻئي سونهن ۾ برابر آهن؟ نه ڙي نه، هرڻي جي اکين جي چمڪ، سڊول جسم، نازيلي چال جهڙيون بي نظير صفتون ٻڪري جي جهوجهير جسم ۾ ڪٿي؟ اهوئي ته سبب آهي جو هڪواري برپٽ ۾ جڏهن هرڻين جو ولر، مجنون جي پاسي کان اچي لانگهائو ٿيو، مولائي جي به ڪا اوچتي مٿن نظر پئجي وئي، مجنون اڳتي وڌي واڪو ڪري مخاطب ٿي چيو ته،
بالله ياظبيات القاع قلن لنا،
اليلاي منکن ام من البشر.
اي پوٺي جون هرڻيون! قسم اٿئو خدا جو!! تڪڙ نه ڪريو دم گهڙي ترسو!!! مون کي مهرباني ڪري ٻڌايو ته سهي ته، مون واري ليلا اوهان جي جنس مان آهي يا اسان ماڻهن مان؟ سنڌ جي مشهور شاعر ”شاهه لطيف“ برپٽ، ميدانن، جهنگلن جا اڻانگا پيرين پنڌ سفر ڪري جيڪي نڪتا گڏ ڪيا آهن، اهي ٻهراڙي جي سونهن سو ڀيا جي ساک ڀري رهيا آهن، جن ۾ مارن جي محبت، سانگين جي سڪ، ڌراڙن پنهوارن جي پريت، ڀنگا ۽ ڀٽون، وليون ۽ وڻڪار، ڇپر ۽ ڇنا، انهي عنوان جا عيني شاهد آهن. هڪ هنڌ چوي ٿو ته، کارا کٻڙ ڏيهه ۾، ٻيا واري منجهه وٿاڻ
ساٿين کي سيد چئي، ڀريو ڏين ڀاڻ،
عمر! اِي اماڻ، ثابت رکج سومرا
شهرن جي محل ماڙين، بخمل بافتن، قيمن ڪبابن جي بجاءِ لاک رتيون لويون، پيرن ۽ پڪن، ڏٿن کي هزار بار بهتر ٿو سمجهي.
ڳاڙهاڳن ڪهاڙيين، لاکيون لويون جن،
ميڙي رتيون مڃر مان، پاڳون پنهوارن،
تون ڪيئي سنديون تن، جهنگلان آڻيو جهليين.
مورخه 13 مارچ 1991ع وارو رونقدار زندگي جو صبح تا دير ياد رهندو، جنهن ۾ اسان هيٺان پنج رفيق راهه هر هڪ، اسان جي بستي جو بزرگ محترم شيخ محمد حسن صاحب، مولوي محمد يامين شورو، ولهار مڊل اسڪول جو عربي ٽيچر امان الله گلال، سندس ننڍو ڀاءُ زاهد علي ۽ راقم الحروف 8-9 سالن جي وقفي بعد، هڪ اهڙي ديهاتي ڳوٺڙي جو سفر اختيار ڪيو، جنهن سان ننڍپڻ کان وٺي روحاني توڙي قومي قريبي رابطا قائم آهن، جيڪو مسڻ وڏي کان سر اوڀر ۽ ميرپورخاص کان جنوبي جانب پنج ميل مفاصلي تي “دولت لغاري” جي نالي سان مشهور آهي. ٻنهي ڳوٺن کي نهرو ويسٽ جمڙائو هڪ ٻئي کان الڳ ڪري ڇڏيو آهي. مسڻ وڏي کان ميرپورخاص وايا دولت لغاري کان بس سروس، روڊ سارو پڪو آهي. کاٻي توڙي ساڄي قسمين قسمين قدرتي مناظر، ڪيئي وستيون واهڻ، ڳوٺ گام، آباديون، باغ باغيچا چڱو چهچٽو مچايو بيٺا آهن. وري جو مٿان بهار جي موسم، سبزي ساوڪ، گلن جي خوشبوءِ، سبحان الله! هن روڊ کي وڌيڪ رنگين بنائي ڇڏيو آهي. جڏهن مسافرن سان ڀريل بس، جمڙائو جي ٻاويهه ميل موري تي پهتي ته، سندس سبزه زار فضا تي ويهه سال اڳ جيڪو سنڌي نظم لکيو هوم، سو هڪ واري واري نئين طرح دل تي لهي آيو، جنهن جا پهريان ٻه بند هي آهن.
جس ڙي جمڙائو! تنهنجي موري ٻاويهين ميل جي،
سال ٿيا توکي سوين، ٿو ڳالهه ڪريان هيل جي.
هر طرف هيرون هوائون، ڇانوَ هيٺ آهي ڇٻر،
واهه وڻ! وڻڪار وسندي، ۾ ڏٺم ويٺل ولر.
اسان واري “فتاة الصحراء” تيزرو يعني “پوٺي جي جوانڙي” فضا کي امالڪ چيريندي هنڌين هنڌين هارن هڻندي جڏهن منزل مقصود تي پهتي ته، بس اسٽاپ دولت لغاري تي لهڻ وقت استقبال لاءِ آيل ڪيترن ڄاتل سڃاتل چهرن تي نظر پيئي، جيڪي ڏاڍي قرب ڪشش سان مليا، ڄڻ سالن جا وڇڙيل هئاسون. مغموم چهرن مان سمجهه ۾ پئي آيو ته، اهي پراڻا يار دوست استقبال لاءِ نه پر بنده ناچيز کي پنهنجو پراڻو رفيق ۽ همدرد سمجهي، زبان حال سان هي شڪوا کڻي آيا آهن ته، جنهن پاڪستان بنجڻ لاءِ دعائون پئي گهريون سون زنده باد جا نعرا پئي هنياسون، مڃتائون پئي باسيون سون، انهي ۾ اڄ اسان بي يارو مددگار آهيون. داد نه فرياد، اغوا ۽ بدامني جي هراس، اسان جي ننڊ حرام ڪري ڇڏي آهي. ٻنيون ٻارا، ڪڙم ڪاروبار سارو ٺپ ٿي ويو آهي. سندن اداس چهرا ڏسي دل ڀرجي آئي. آخر ڪري به ڇا ٿي سگهيس. دل ۾ شيخ سعدي شيرازي جو مشهور پارسي بيت دل تي تري آيو.
چو دشمن خرروستائی بہ برد ملک باج دہ یک چرا میخورد
“ڳوٺاڻي غريب جي درتي هوئي هڪ گڏهه، سو ته چور ڪاهي ويس. خبر ناهي ته، حڪومت عشرو ۽ ڍل ڇا جو وصول ڪري رهي آهي.”
دولت لغاري ۾ پهچڻ سان، ماضي جي تاريخ جا هزارين باب کلي پيا. وساريان پر نٿيون سرن، ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون. گذريل دور جون يادگيريون هڪ هڪ ٿي اڳيان اچڻ لڳيون.
ڪيترا غير معروف ڳوٺڙا هڪ تاريخي شخصيت جي وجود ۾ اچڻ سبب ايڏي ته شهرت ۽ شرف کي پهچيو وڃن، جو وڏن شهرن کان به گوءِ کڻيو بيٺا آهن. دهلي جي اردو شاعر ”غالب“ جو هڪ ئي بيت انهي تي ترجمان حال آهي.
مکان کا شرف مکین سے ہے اے اسد
مجنوں مرگیا ہے، جنگل اداس ہے۔
يعني ڪنهن مڪان جو شرف ۽ شهرت، مڪان واري سان وابسته آهي. هن ديهاتي اجڙيل بستي (دولت لغاري) کي هڪ واحد شخصيت ”استاد صاحب خان لغاري“ پنهنجي لياقت، جفاڪشي، ايثار، اخلاق سان ايترو ته مٿانهين مرتبي تي پهچائي ويو آهي، جو ٿرپارڪر جو ڪوبه ٻهراڙي جو ڳوٺ سندس همسري ڪرڻ کان قاصر آهي. يارهن سالن جي گذرڻ بعد به زمانو سندس يادگار ميسارڻ ۾ هرگز ڪامياب ڪونه ٿي سگهيو آهي. مرحوم جي فيض جي پالوٽ، تعليمي سرگرميون، سندس حسن اخلاق، فياضي طبع ۽ وفا شعاري جهڙين چيده خصلتن جي اڄ به هر هنڌ هاڪ آهي. “هر ڳلي هر ڳوٺ ۾، ڳالهيون گهڻا ڳائين پيا.”
هن وقت ڳوٺ جي شمالي جانب، پنهنجي اباڻي قبرستان ”دولت شهيد“ ۾ هڪ سرسبزڄار جي اوٽ ۾ آسوده خواب آهي. سندس تُربت جي لوح مزار تي، مغل شهزادي ”زيب النساء“ جو مشهور پارسي بيت اڪر ٿيل آهي.
بر مزار ماغریبان نے چراغ ونے گلے،
نہ پرے پروانہ سوزد، نے صدائے بلبلے۔
يعني اسان غريبن جي مزار تي، نه ڪي ته ڪو چراغان ٿو ٿئي جنهن تي پروانن جا پر سڙندا هجن، نه ئي ڪا گلن جي چادر چاڙهي ويندي آهي، جنهن تي ڪا بلبل جي صدا ٻڌڻ ۾ ايندي هجي.
اسان کيس نذرانه عقيدت پيش ڪري، واپس اتان رکيوسون شهر ڏانهن رخ، سندس قائم ڪيل لائبريري ڏانهن، جيڪا هن وقت سندس هڪ مخلص شاگرد عبدالمجيد صاحب لغاري جي نظرداري هيٺ آهي. هن ۾ ڪيترا قديم ناياب نسخا بمبئي پريس مان ڇاپيل موجود آهن. هينئر جيڪڏهن ڪو شوقين صاحب ثروت لک روپيا خرچ ڪري، تڏهن به اهڙو اصلي ڇاپو حاصل ڪرڻ ناممڪن. آڳاٽو انگريزن جي دور ۾، استاد صاحب پنهنجي معمولي پگهار مان پيسو پيسو بچائي، ڪيترا ناياب ڪتاب ۽ ماهوار مختلف رسالن جا فائل، سندس چونڊ پارسي، سنڌي اردو ۽ سرائڪي ۾ خوشخطي سان لکيل ڪتبا ۽ پارسي ڪتابن جا ترجما ڪري، سميٽي سهيڙي جتي هٿ سان رکيا اٿس اتيئي محفوظ پيا آهن. ڄڻ ته مالڪ اجهو هتان ڪنهن ڪم سانگي ٻاهر نڪري ويو آهي.
افسوس! ته هن ناياب جنس جا خريدار الائي ڪيڏانهن غائب ٿي ويا آهن.عرب جي هڪ فيلسوف (متنبي) جو هيٺيون شعر آب زر سان لکڻ جو لائق آهي.
اعز مکان في الدنيا سرج سابح خير جليس في الزمان کتاب
“يعني دنيا ۾ ڪا عزت ڀري جڳهه آهي ته، اها آهي ڀلي گهوڙي جو زين، زماني ۾ ڪو بهترين رفيق ٿي سگهي ٿو ته اهو آهي ڪتاب.”
حافظ شيرازي ته، انهي مضمون تي، مٿئين يار کان اڳڀر هليو ويو آهي. چوي پيو ته،
دو یار زیرک وازبادۂ کہن دومنے- فراغتے و کتابے و گوشئہ چمنے
من ایں مقام بدنیا و آخرت ندہم۔ گرچہ درپیم افنند خلق انجمنے
ڪنهن باغ جو ڪنڊ پاسو هجي ڪتاب ساڻ هجي، بيف ڪري هجي پراڻو شراب هجي ۽ ٻه داناء دوست گڏ هجن.
يعني اها جڳهه اهڙي ته، دلپسند اٿم، جو انهي جي بدلي مون کي دنيا ۽ آخرت جون ساريون نعمتون آڇين ۽ انهي جي ڇڏائڻ لاءِ انبوهه خلق نڪري پوي، پر اتان هرگز ڪونه هٽندس.
اڄوڪي دؤر ۾ اگرچه ٻه سياڻا رفيق ۽ پراڻي شراب جو پالو نه سهي، چاءِ جو پيالو به اهو ڪم ڏيئي سگهي ٿو. چمن جو گوشو (باغ جي ڪنڊ) ۽ ڪتاب به ملڻ جوڳا آهن، باقي فراغت (واندڪائي/بيفڪري) جو ميسر اچڻ غير ممڪن. هينئرو ڪو انسان هزارين پريشانين ۾ جڪڙيل آهي. اها متاع بي بها هٿ ڪرڻ نهايت مشڪل.
شام جو دولت لغاري کي الوداع ڪرڻ لاءِ پنهنجي ميزبانن هر هڪ رئيس محمد صالح خان، رئيس حاجن خان لغاري ۽ عبدالمجيد صاحب کان موڪلائي، واپسي ۾ رئيس هوت خان لغاري جي ڳوٺ رئيس محمد عالم خان سابق چيئرمين يونين ڪائونسل دولت لغاري جي بيمار پُرسي ڪري دير سان خير جو واپس پنهنجي آستاني تي پهتاسون.
عبدالڪريم لغاري
پوسٽ مسڻ وڏي وايا ٽنڊوالهيار
31 مارچ 1991ع
نوٽ: مٿين تاريخ تي روزانه اخبار آفتاب حيدرآباد کي مٿيون سفرنامو ڇپائڻ لاءِ مولوي محمد يامين شوري هٿان موڪليو ويو.