عام عادتون ۽ اخلاق:
پوري زندگي ڪنهن به شاگرد يا معتقد کان نه زور ڏياريائون، نه ڪي مٿي تي تيل جي تري لڳرايائون، انهي کي سخت عيب سمجهندا هئا.
گهڻو ڪري ماڻهن سان ميل جول کين پسند ڪونه هوندي هئي، پر جيڪڏهن هو هلي ايندو هو ته ان سان خنده پيشاني سان ملي گهڙي کن ويهي ان جي ڳالهه ٻڌي سندس مسئلو حل ڪندا هئا. ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻئي جي ڳالهه اڌ ۾ ڪونه ڪٽيندا هئا، بلڪه ان جي پوري ڳالهه ٻڌي پوءِ مناسب ۽ مختصر جواب ڏيندا هئا.
سندن رهائش واري ڪمري ۾ ڪانه ڪا ٻلي اچي رهندي هئي جنهن کي حضرت ابوهريره اصحابي وانگر کير پياري، کاڌو کارائي پيا پاليندا هئا. “پکي پکڻ، جيت جڙن لاءِ بچيل ماني جا ڀورا ڪري پليٽن ۾ رکي انهن کي کارائڻ کين ڏاڍو وڻندو هو.”
هر ماڻهو کي سندن نفسيات مطابق مخاطب ٿيندا هئا. ٻارن سان ٻاراڻي ٻولي ۾ ته وڏن سان سندن سمجهه آهر.
پاڻ خوش مزاج به هئا. ڪڏهن ڪڏهن ڪو ڀوڳ ۽ مذاق به ڪندا هئا. شاگردن سان بيحد شفقت هين. پنهنجي خاص رفقين، جماعت جي ساٿين جو بيحد احترام ۽ قدر ڪندا هئا. معمولي ماڻهوءَ کي به گهڻي عزت ڏيندا هئا. ڪنهن به سوالي کي خالي نه موٽايائون. مهمان نوازي ۽ سخاوت ته سندن نس نس ۾ سمايل هئي، ايثار ايترو جو پنهنجو کاڌو به ٻين کي ڏيئي، پاڻ رکي سکي تي گذارو ڪندا هئا. ڪتابن سان بي انتها محبت هين. فرمائيندا هئا ته، ابا! ڪتاب آهن علم جي بئنڪ، علم ته خدائي امانت ۽ خدا جي صفت آهي تنهن ڪري ڪنهن به ڪتاب جي بي ادبي نه ڪريو.