شخصيتون ۽ خاڪا

حالات زندگي حضرت مولانا عبدالڪريم لغاري

هن ڪتاب ۾ حضرت مولانا عبدالڪريم لغاري رحمة الله عليه جي حالات زندگي، علمي، ادبي، اصلاحي، سماجي خدمتن جو سرسري جائزو پيش ڪيو ويو آهي.
Title Cover of book حالات زندگي حضرت مولانا عبدالڪريم لغاري

ڇپيل تصنيفون:

سندس تصنيفن ۾ هيٺڍيون تصنيفون شامل آهن.

[b]1- مرد قلندر:
[/b]سنڌي، ٻولي ۾ سندن هي پهرين تصنيف آهي جيڪا سائين صاحب خان نالي سندن هڪ ننڍپڻ جي دوست ۽ علمي ادبي سفر ۾ سندن ساٿي جي زندگي بابت سوانحي خاڪو آهي. مذڪوره ڪتاب ربيع الثاني 1399هه مطابق مارچ 1979ع تي حاجي سليمان جي نفيس پرنٽنگ پريس لڄپت روڊ حيدرآباد مان ڇپجي پڌرو ٿيو. سائين صاحب خان جي علمي ادبي ڪاوشن، رنگ نسل ۽ مذهب جي فرق بنا سندس ڪيل تعليمي ۽ تدريسي خدمتن جا بيحد مداح رهندا هئا ۽ فرمائيندا هئا ته، انسانيت جي حقيقي خدمت اهائي آهي جو بنا ڪنهن مت ڀيد ۽ ذاتي غرض جي ڪئي وڃي، انهي خدمت جو زنده مثال سائين صاحب خان جو ڪردار آهي. هڪ ڀيري فرمايائون ته، پرائمري ماسترن ۾ سائين صاحب خان اولياء آهي.
مذڪوره ڪتاب بابت مولانا لغاري جن جي قلمي پورهئي ۽ اديبانه تحرير جو وڏن وڏن دانشورن، اهل قلم صحافين، سياستدانن، ناميارن ايڊيٽرن پنهنجن اخبارن، رسالن ۽ ذاتي خطن ۾ خوب داد ڏنو آهي. هن وقت مذڪوره ڪتاب جون سموريون ڪاپيون ختم ٿي چڪيون آهن. في الحال مرد قلندر جي ٻيهر ڇپائڻ جو پروگرام ڪونهي ممڪن آهي آئنده ڪو اهڙو پروگرام ٿئي. والله اعلم.

[b]2- سڪ جو سفر:
[/b]هي ڪتاب دارالعلوم ديوبند جي صد ساله جشن منعقده مارچ 1980ع جي اکين ڏٺي احوال ۽ انهي سلسلي ۾ ڪيل سفر جي روئداد، دارالعلوم ديوبند جي تاريخ سان گڏ هندستان جي آزادي لاءِ ڪيل جدوجهد جي احوال تي مشتمل آهي. هن ڪتاب کي خاص ڪري علماءِ ديوبند جي تاريخ سان دلچسپي رکندڙ صاحبن پنهنجي ناقدانه تبصرن ۾ “سنڌي ۾ هڪ بهترين تاريخ” قرار ڏنو آهي.مذڪوره ڪتاب ربيع الاول 1402هه 1982ع ڌاري حاجي سليمان جي نفيس پرنٽنگ پريس لپت روڊ حيدرآباد ۾ ڇپيو هو. ڪتاب شايع ٿيندي ئي هٿو هٿ کپي ويو. هينئر ڪابه ڪاپي بچت ڪونهي. راقم الحروف ان جي ٻيهر ڇپائي لاءِ ڪوشان آهي.
مذڪوره ڪتاب جي ڪمپوزنگ، پروف ريڊنگ مڪمل ڪري بٽر ڪاپي به تيار ڪرائي وئي آهي، انشاءالله ٿوري ئي عرصي ۾ اهو ٻيو ڇاپو شايع ٿي منظرعام تي اچي ويندو، بتوفيق الله وعونه

[b]3- ٿڌا وڻ ولهار جا:
[/b]هي ڪتاب مسڻ وڏي جي قديم و جديد تاريخ بابت آهي. هن ڪتاب کان اڳ حضرت مولانا عبدالڪريم جو پروگرام هو ته، پاڻ ٽنڊي الهيار جي تعلقي ليول تي تفصيلي تاريخ لکندا. جيتوڻيڪ انهي سلسلي ۾ ابتدا ڪري ڪجهه ڪوشش به ڪيائون، پر پيرا نه سالي سبب طبعيت ايڏي وڏي ڪم جو بوجهه برداشت نه ڪري سگهي. انهي ڪري پاڻ ٽنڊي الهيار جي قديم تاريخي خطه “ولهار” بابت تاريخ مرتب ڪرڻ جو رٿيائون. انهي سلسلي ۾ پاڻ ولهار جي مختلف شخصيتن، قديم ماڳن، مڪانن ۽ آثار قديمھ وغيره بابت ڪافي مضمون به قلمبند ڪيائون، جن مان ڪي اخبارن ۽ ماهوار رسالن ۾ به شايع ٿيا هئا، پر پوءِ نيٺ سندن هي راءِ بيٺي ته، في الحال پاڻ ولهار (تعلقي ٽنڊي الهيار) جي هڪ تپي بلغاءِ ۾ واقع ديهه مسڻ جي ڳوٺ وڏي جي تاريخ لکي شايع ڪرائيندا ۽ آئينده مرحليوار جي باقي علائقن جهڙوڪ: تپو ڍالو، تپو پاڪ سنگهار، تپو سنجر چانگ، تپو چمبڙ جي تاريخ به لکي مرتب ڪندا. جڏهن ڪتاب ٿڏا وڻ ولهار جا شوال 1404هه مطابق جولاءِ 1984ع ۾ حيدرآباد مان ڇپجي ويو ته سائين مون کي ۽ ٻين دوستن جهڙوڪ عاصي عبدالواحڊ هڪڙو، خليل احمد کوسو کي جدا جدا وقتن ۾ فرمايو ته ادا مون ولهار جي تاريخ تي ڪم ڪرڻ جي ابتدائي ڪوشش ڪئي، تنهن لاءِ پهرئين مرحلي ۾ هي ڪتاب ڇپيو آهي. هاڻي اسان تصنيف جهڙي محنت طلب ۽ دماغ سوز ڪم ڪرڻ کان پوڙهپڻ ۽ ڪمزوري سبب رهجي وياسون، هاڻي اهو رهيل ڪم اوهان تي ڇڏيون ٿا.
حضرت مولانا جن جي انهيءَ فرمان تي عمل ڪندي مذڪوره دوست جاکوڙي رهيا آهن، اميد ته گڏيل ڪوششن سان حضرت مولانا لغاري جي رهيل ڪم کي مڪمل ڪري سگهبو. انشاءالله تعاليٰ