سماجي ۽ فلاحي خدمتون
عبادت بجز خدمت خلق نیست بہ تسبیح و سجادہ و دلق نیست
يعني درويشي (عبادت) نالو آهي خلق جي خدمت جو، تسبيح ۽ مصلي ۽ کٿي جي گودڙي ۾ فقيري ڪانه رکي آهي.
ڳوٺ سڌار تحريڪ هڪ نج سماجي فلاحي تحريڪ هئي تنهنڪري پاڻ پنهنجي پوري دلچسپي، همت ۽ پُرخلوص جذبي سان ڳوٺاڻن کي ڳوٺ سڌارڻ ۽ ڳوٺ جي فلاحي ڪمن بابت ترغيب ڏيئي ڳوٺاڻن کي پنهنجي مدد پاڻ ڪريو جي بنياد تي نوجوان رضاڪارن جا جٿا ٺاهي گروپن جي شڪل ۾ ڳوٺاڻا ڀرتي ڪري ڳوٺ مسڻ وڏي جي سڌاري جي ڪمن ۾ جُنبي ويا. رات ڏينهن ڪم ڪندي شهر مسڻ وڏي جي شاهي بازار پڪي ٺاهي ورتائون. ڳوٺ جون گهٽيون صاف سٿريون ڪيائون. مسڻ وڏي کان سلطان آباد تائين پنج ميل رستو، پيچري مان بدلائي وڏو ڪشادو ڪچو رستو ٺاهيائون. شهر جي صفائي سٺائي، رات جو شهر جي گلين ۽ ڳوٺ جي گهٽين ۾ روشني جو انتظام ڪرايائون. مجال آهي جو ڪو گند جو ڍير ڪٿي گڏ ٿئي، يا ڪو ڪتو گهٽي ۾ مري وڃي ۽ انهي جي نيڪالي ۽ صفائي لاءِ ڪو رضاڪار موجود نه هجي، گهڙي جو گهڙي ۾ گند ڪچرو نيڪال ٿي ويندو هو ۽ مئل ڪتي کي ٽنگ ۾ رسي وجهي شهر کان ٻاهر ڪنهن کاڻ ۾ اڇليو ويندو هو.
اڄ به مسڻ وڏي جي شهر جا ماڻهو شاهد آهن ته مولانا عبدالڪريم لغاري بذات خود ڪڏهن ڏينهن جو، ڪڏهن رات جو ڪوڏر هٿ ۾ کنيو رستن ۽ گهٽين جا کڏا کوٻا پيو پوريندو هو ۽ ڳوٺ جي صفائي جو جائزو پيو وٺندو هو، جتي به ڪنهن ڪم ۾ ڪمي بيشي ڏسندو هو ته پاڻ اڪيلي سر اها خدمت سرانجام ڏيندو هو.
اهڙي طرح ڳوٺ سڌار جي سلسلي ۾ ڳوٺاڻن ۽ عام ماڻهن ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ وقت بوقت سماجي خدمتن جي موضوع جا سنڌي ۾ مضمون لکي پنهنجي شاگردن ۽ دوستن جي نالي، ڪڏهن ڳوٺ سڌار نالي ماهوار رسالي ۾ ته ڪڏهن مقامي اخبارن ۾ شايع پيا ڪرائيندا هئا.
ڳوٺ سڌار تحريڪ طرفان جيڪي ڳوٺاڻن ڪچهريون ٿينديون هيون، تن ۾ نوجوانن جي همت افزائي خاطر بذات خود شريڪ ٿيندا هئا ۽ اهڙين ڪچهرين ۾ شريڪ ٿيندڙ ڳوٺاڻن کي انسان ذات جي خدمت جي تلقين ڪندا هئا. اڄ به ”ماهوار ڳوٺ سڌار“ جي پراڻن فائلن ۾ سندن لکيل مضمون ۽ ڪچهرين جون تصويري جهلڪيون ڏسي سگهجن ٿيون. ياد رهي ته، ڳوٺ سڌار ڪچهرين ۾ گهڻو ڪري سڀ ڳوٺاڻا شريڪ ٿيندا هئا جيڪي پنهنجي پنهنجي فن، هنر ۽ ثقافت ۽ علم و ادب جو اظهار ڪندا هئا. شاعر، سگهڙ، ڏور بيت ۽ ڳجهارت جا ماهر، دلي تي ڪافيون ڪلام ڳائيندڙ چٽاڀيٽي تقريري مقابلو ڪندڙ شاگرد اهڙين ڪچهرين ۾ پنهنجو فن پيش ڪندا هئا. آخر ۾ محفل جو مور پنهنجا تاثرات پيش ڪري ڳوٺاڻن کي ڳوٺ سڌار بابت آگاهي ڏيئي انهي ڪم کي اڳتي وڌائڻ لاءِ همٿائيندو هو.
علاوه ازين مولانا عبدالڪريم جون اهڙيون خدمتون مسجد ۽ مدرسه لاءِ به، مثالي حيثيت رکن ٿيون. رات جو انڌيري ۾ مسجد جا باٿ روم، پيشاب خانا، هاسٽل جا باٿ روم صفا ڪري ڇڏيندا هئا. اها صفائي راتورات ائين لڪ ۾ ڪري ويندا هئا جو نه ڪنهن ڏٺو نه ڪنهن ٻڌو. ڏينهن جو وري مسجد جي ٻهاري صفائي ته اڪثر سندن ذمي هئي. مدرسه ۾ رهندڙ شاگردن جي ماني ٽڪي ته پاڻ پنهنجي هٿن سان پچائي پوءِ اچي شاگردن کي سڏي کارائيندا هئا. پڇاڙي جو جڏهن مدرسه جو عروج گهٽ ٿيو ۽ مسافر شاگرد نه هئڻ برابر وڃي رهيا هئا ته، رمضان شريف ۾ ڳوٺ جا غريب يتيم ڇوڪرا سڏي انهن کي مدرسه ۾ رهائيندا هئا ۽ پوءِ انهن جي لاءِ سحري توڙي افطار جي ماني ٽڪي پاڻ پنهنجي هٿن سان تيار ڪري پيا کارائيندا هئا. جيڪڏهن اسان مان ڪو کين چوندو هو ته سائين هنن ڇوڪرن جا ته گهر به آهن، هنن کي ڇڏيو وڃي سندن گهر رهن، ته پاڻ وراڻيندا هئا ته، ابا مون کي مٿان حڪم ٿيو آهي ته، مهمان خانو بند نه ڪر، ننگر جاري رک.
اڪثر ڪري پنهنجي هڙان وڙان غريب غربي، مسڪين لاچار کي ته ڪپڙا، پئسا دوائون، گهر لاءِ سيڌو سامان وٺي ڏيڻ به سندن معول هو. رمضان شريف ۾ ته، پاڙي جي ڪيترن غريب گهرن لاءِ پوري مهيني جو راشن وٺي اماڻيندا هئا. عيد جي ڏهاڙي غريب ٻارن کي سڏي گهرائي پيا خرچيون ڏيندا هئا.