لباس ۽ کاڌو:
جيئن ڪپڙي پائڻ ۾ سادگي معمول رهي تيئن وري کائڻ پيئڻ ۾ به سادگي ۽ قناعت قائم رهي.
زندگي گذارڻ جون ٻه واٽون آهن هڪ “خوردن براءِ زيستن يعني کائو جيئڻ لاءِ” ٻي زيستن براءِ خوردن يعني جيئو کائڻ لاءِ، ته حضرت مولانا عبدالڪريم جن حياتي بچائڻ ۽ جيئڻ ڪاڻ کائيندا هئا ۽ اهوئي اسلام جو ڏسيل طريقو آهي.
منهنجي سمجهه مطابق اسلام کائڻ پيئڻ ۾ جيڪا ويهي کائڻ ۽ ويهي پيئڻ جي تلقين ڪئي آهي تنهن جي حڪمت ۽ فلسفو هي آهي ته، جيئن جسم کي گهرج آهر خوراڪ مهيا ٿي سگهي ۽ حد کان وڌيڪ خوراڪ نه هجي، پو ته انهي صورت ۾ کاڌي جو اضافي بوجهه، جسم کي ڪنهن نه ڪنهن هاڃي ۽ مرض ۾ مبتلا ڪندو. يورپ جي جديد تهذيب کائڻ پيئڻ ۾ جيڪو بيهي کائڻ وارو فيشن متعارف ڪرايو آهي سو ته، جانورن واري ڇڙواڳ زندگي جو تصور آهي. جيتوڻيڪ اسلام کاڌي پيتي ۾ هي احتياط ڏسيو آهي ته، کائڻ وقت جيڪڏهن اڃا ڪجهه ٻن ٽن گراهن جيتري گنجائش سمجهجي ته، کاڌي مان هٿ ڪڍي ڇڏجي، صحتمند رهڻ جو اهو بهترين اصول آهي، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته، خود دين جا داعي ۽ مذهبي قائد به انهي اصول تي عمل پيرا ٿيندا گهٽ پيا نظر اچن.
حضرت مولانا عبدالڪريم جن هميشه پنهنجي هٿن جو تيار ڪيل کاڌو کائيندا هئا پوءِ ڪڏهن ڪڏهن مدرسي ۾ شاگردن لاءِ ايندڙ فقر تي به گذارو ٿيندو هو.
ڪنهن به مير پير وڏيري جي دعوت قبول نه ڪندا هئا ۽ نه ڪي عام شادي مرادي جي دعوتن ۾ وڃي شريڪ ٿيندا هئا. اوچي کاڌي جو نه ڪڏهن شوق ڪيائون، نه ڪي کاڌائون. اتفاق سان جيڪڏهن ڪو دوست گهران سٺو کاڌو تيار ڪري آڻي پيش ڪندو هو ته، مدرسي جي شاگردن کي سڏي کارائي ڇڏيندا هئا. صحت ۽ جواني واري وقت ۾ به هڪ اڌ ماني ڪڏهن ڪنهن عام رواجي ٻوڙ يا چٽڻي سان، ته ڪڏهن کنڊ ملايل پاڻي سان کائي ڇڏيندا هئا.
هڪ دفعي کاڌي جي موضوع تي ڳالهائيندي فرمايائون ته، مون کي انهن واعظي مولوين تي عجب آهي جيڪي سڻڀا سٺا چڱا چوکا هضم ڪري، چونري کير جي چٽ ڪري پوءِ اچي منبر تي نبيﷺ جي ثنا خواني ۽ سيرت بيان ڪندا آهن ته، پاڻ ڪريمنؐ سڄي ڄمار جون جي ماني به ڍو ڪري نه کاڌي، ڀلا جن ماڻهن جو خود سنت تي عمل ناهي تن جي زبان ۾ ڪهڙو اثر هوندو جو سندن واعظ تي خلق وري عمل ڪندي.