سندن مجلس جو نمونو:
مولانا لغاري جن سماجي براين ۽ بداخلاقين جي اصلاح تي گهڻو زور ڏيندا هئا ۽ دوستن، يارن کي اهڙي ڪوشش ڪرڻ لاءِ همٿائيندا هئا. مجلس ۾ ڪڏهن ڪڏهن سندن زباني برصغير جي آزادي جو به ذڪر ٿيندو هو ته، هندستان جي آزادي جي متوالن جا ڪارناما بيان فرمائيندا هئا.
سنڌ ۽ سنڌي ٻولي سان کين خاص لڳاءُ ۽ محبت هئي، گهڻو ڪري ڌرتي جي محبت جو ذڪر، مذهبي حوالي سان فرمائيندا هئا.
موجوده پاڪستاني سياست کان بنهه خفا ٿيندا هئا ۽ اهڙو اظهار اڪثر ڪري ڪندا رهندا هئا.
زندگي جي هر شعبي سان واسطو رکندڙ ماڻهو ساڻن ملاقات لاءِ ايندا هئا، جن ۾ سياستدان، سماجي ڪارڪن، مذهبي اڳواڻ، عالم اديب، شاعر سگهڙ، سرڪاري آفيسر، دانشور، هاري مزدور، صحافي شامل آهن، تن سان ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن مسئلي، ملڪي حالتن، اصلاحي طريقن، سرڪار جي روين بات خوب بحث مباحثو به ٿيندو هو.
سنڌ جي قومي ڪاز لاءِ ڪم ڪندڙ ڪارڪنن ۽ اڳواڻن سان خاص همدردي هوندي هئن. البت اهي ماڻهو جيڪي انهي آڙ ۾ پنهنجا مفاد حاصل ڪن ٿا ۽ فقط سنڌ جو نعرو هڻي، سنڌ جو ڪارڊ استعمال ڪري پنهنجا غرض، مطلب ۽ مفاد پورا ڪن ٿا، تن کان پاڻ بيحد ناخوش هئا. مجلس ۾ آزادي جي ذڪر تي، آزادي جي هيرن، رهنمائن ۽ ڪارڪنن جا ڪارناما بيان ڪري نت نوان نقطا ٻڌائيندا هئا. اهڙي موقعي تي امام الهند ابوالڪلام آزاد، شيخ الهند مولانا محمود حسن، امام انقلاب عبيدالله سنڌي، آزادي جي رهنما مولانا محمد صادق ميمڻ کڏي ڪراچي واري، حريت پسند اڳواڻ مولانا سيد تاج محمود امروٽي ۽ پنهنجن استادن شيخ العرب والعجم سيد حسين احمد مدني، شيخ السنڌ مولانا عبدالحق رباني جو ذڪر ۽ سندن ڪارناما وقت بوقت بيان ڪندا هئا.
هڪ ڀيري مجلس ۾ ويٺل دوستن ۽ شاگردن آڏو 1940ع جي روزانه حريت (اردو) جو هڪ پرچو کولي مون (محمد يامين) کي فرمايائون ته، ابا! هن ۾ هڪ نظم پڙهي ٻڌاءِ جنهن جو عنوان آهي ”پاڪستان ۾ ڪيا ڪيا هوگا“ سندن حڪم تي آئون انهي نظم کي پڙهڻ لڳس ته، وچ وچ ۾ مون کي روڪي پاڻ هر هر بند جي تشريح ڪرڻ لڳا ۽ فرمايائون ته، علامه انور صابري کي الله تعاليٰ ڪهڙي نه دور انديش فڪر سان نوازيو هو جو اڃا پاڪستان ٺهڻ کي ڪافي سال پيا هئا ته پاڻ اڳ ۾ ٻڌايائون ته انهي ملڪ ۾ ڇا ڇا ٿيندو؟ پوءِ مجلس ۾ ويٺل ماڻهن کان پڇيائون ته، توهان ساک سان ٻڌايو ته، ڀلا جيڪي انور صابري اڳواٽ ٻڌايو سو هينئر ٿي رهيو آهي يا نه؟ وڌيڪ فرمايائون ته، ، مومن نه رڳو ظاهري اکين سان ڏسي ٿو پر اهو باطني نور ۽ بصيرت قلبي سان اهو ڪجهه ڏسي، پرکي ۽ پروڙي وٺي ٿو جيڪو عام ماڻهوءَ جي احساسات ۽ سندن ذهني رسائي کان گهڻو مٿي هوندو آهي.
مجلس ۾ آيل ماڻهوءَ واتان ڪنهن جي به گلا، شڪايت ٻڌڻ پسند ڪونه ڪندا هئا. جيڪڏهن ڪو ماڻهو اهڙي ڪا شڪايت، غيبت وغيره اچي ڪندو به هو ته، يا ته کيس ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيندا هئا، يا ته مجلس مان اٿي هليا ويندا هئا.