3. رچنا
آئون ڪناري تي ٿڌي ۽ آلي واريءَ تي آهستي آهستي وکون کڻي رهي هيس. منهنجي پيرن جا نشان واريءَ مٿان واضح ٿيندا پئي ويا، جن کي سمنڊ مان اٿندڙ لهر ميساري ٿي ڇڏيو. چوڌاري هر وجود جي ڪنن تائين گوڙ شور پهچي رهيو هو. ٻارڙا پنهنجي دنيا ۾ گم هئا ۽ ماڻهن جا چهرا خوشگوار لڳي رهيا هئا. نوجوان ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون هٿ هٿ ۾ ڏئي چهرن تي مُرڪ سجائي چهل قدمي ڪري رهيا هئا. منهنجو هٿ جهلڻ وارو ڪوبه نه هو ۽ نه ئي وري مون کي انهي جي ضرورت هئي.
انهن ڏينهن ۾ آئون مجسمن بابت تحقيق ڪري رهي هيس. آئون پنڌ ڪندي ڪجهه اڳيان نڪري ويس ۽ منهنجي ڪنن ۾ وائلن جو آواز ٻُرڻ لڳو. اها واقعي به ڏاڍي پياري ڌن هئي. منهنجا قدم انهي آواز ڏانهن وڌڻ لڳا، مون ڏٺو ته پريان هڪ نوجوان شخص جنهن جي اکين تي ڪارو چشمو چڙهيل هو اڪيلو وائلن وڄائي رهيو هو. هو مسلسل وڄائيندو رهيو ۽ پوءِ هن هڪدم حرڪت ڪندڙ آڱريون روڪي ڇڏيون ۽ فضا ۾ وکرندڙ سُر خاموش ٿي ويا.
هو اُٿيو ۽ هن پنهنجي اسٽڪ سنڀالي ۽ پوءِ وڏي احتياط سان اسٽڪ کي زمين تي هڻندو روڊ پار ڪري گذري ويو. انهي وقت سج اڄوڪي ڏينهن کي الوداع چئي غائب ٿي ويو. ٻئي ڏينهن آئون جڏهن انهي ساڳي جاءِ تي پهتيس، جتي هو ويٺل هو. مون ڏٺو ته هو ساڳي ريت وائلن وڄائڻ ۾ مصروف هو ۽ ڪجهه ئي لمحن ۾ هن جون حرڪت ڪندڙ آڱريون رڪيون ۽ موسيقي بند ٿي وئي.
“توهان هٿ روڪي ڇو ڇڏيا؟ وڄايو، توهان تمام سٺو وڄائيندا آهيو.” مون کان اهو جملو ڄڻ ته بي اختيار نڪري ويو.
“ڪير آهي؟”هن هيڏانهن هوڏانهن ڪنڌ ڦيريندي چيو.
“توهان مون کي نٿا سڃاڻو، بس آئون ته توهان جا سُرن ٻُڌڻ آئي آهيان.” مون چيو.
“منهنجا سُر ته اداسي جا سُر آهن توهان کي ڪيئن وڻي ويا ۽ هونئن به آئون وائلن پنهنجي دل کي راحت ڏيڻ لاءِ وڄائيندو آهيان.” هُن اسٽڪ کنئي ۽ چيو “هاڻ مون کي هلڻ گهرجي.”
هو هليو ويو ۽ آئون کيس روڪي نه سگهيس ۽ روڪيان به ڪهڙي ناتي سان ها. اسين ٻئي ته هڪٻئي لاءِ اوپرا هئاسين. مون کي ٻئي ڏينهن تحقيق جي سلسلي ۾ هڪ اسڪلپچرسٽ (مجسمه ساز) سان ملڻو هو. آئون انهيءَ جي گهر پهتيس ۽ جيئن در کليو ته حيران ٿي ويس. ڇاڪاڻ ته هي اهو ئي ماڻهو هو جنهن سان منهنجي ملاقات سمنڊ تي ٿي هئي.
“يس ڪير آهي؟” هن در کوليندي پڇيو.
“جي آئون ياسمين. . . . . “
“ها ها اندر اچو پليز. . . . .”
آئون اندر داخل ٿيس هن جي گهر ۾ هر پاسي مجسما ئي مجسما هئا. مٽيءَ جي سڳند به ڪمري مان اچي رهي هئي. ڪجهه مجسما ته مڪمل هئا پر ڪي اڃا تائين اڻپورا هئا ۽ ڪن جي مٽي سُڪي چڪي هئي. ديوارن تي خوبصورت تصويرون هيون، جن مان هڪ فريم ٽيڙو هو. اها ڪنهن عورت جي تصوير هئي جيڪا ٻار کي کير پياري رهي هئي.
آئون آهستي آهستي وکون کڻندي هن جي ڪمري جو جائزو وٺي رهي هيس. ڪافي بي ترتيب ڪمرو هو. مون کي حيرت انهيءَ ڳالهه تي هئي ته هڪ نابين ماڻهو ايترا سهڻا مجسما ڪيئن ٿو ٺاهي سگهي.
“توهان کي شايد حيرانگي هجي ته هڪ بي نور ماڻهو ائين مٽيءَ مان مجسما ڪيئن ٿو ٺاهي سگهي؟” هن پاڻ ئي منهنجي ذهن ۾ جنم وٺندڙ سوال جو جواب ڏنو ۽ ڳالهه کي جاري رکندي چيائين “اصل ۾ هي سڀ مجسما مون انهيءَ وقت ٺاهيا هئا جڏهن آئون دنيا کي ڏسڻ جي قابل هئس. آئون پيدائشي نابين ڪونه آهيان. ڪجهه عرصو پهرين هڪ حادثي ۾ مون پنهنجيون اکيون وڃائي ڇڏيون ۽ پوءِ آئون ڪوبه مجسمو ڪونه ٺاهي سگهيو آهيان. انهيءَ ڪري هتي توهان کي ڪجهه اڻپورا مجسما به نظر ايندا هوندا. معاف ڪجو مون توهان کان چانهه جو ڪونه پڇيو.”
“نه انهيءَ جي ڪابه ضرورت ناهي. ڇا هاڻ توهان جي دل مجسما ٺاهڻ لاءِ ڪونه چوندي آهي؟”
“منهنجين آڱرين هميشه مٽيءَ مان ڪنهن ڪنهن صورت کي تراشيو آهي. اها مٽي به عجيب آهي انهيءَ ۾ اڻ ڳڻيون صورتون لڪل آهن، بس انهيءَ کي تلاشڻ وارو ڪو هجي. اڄ به دل چوندي آهي آئون مٽيءَ کي خوبصورت شڪل ڏيان پر منهنجي دنيا جنهن ڏينهن کان بي نور ٿي آهي ڄڻ ته سڀ ڪجهه ختم ٿي ويو آهي.” هن مايوسي ۾ چيو.
“پر اونداهي جو ته ڪوبه پنهنجو وجود ناهي هوندو، بس اتي سوجهرو ناهي هوندو.” مون ديوار تي لڳل تصوير کي سڌو ڪندي چيو، “جيڪي هٿ وائلن جي تارن تي ڦرندي آلاپ پيدا ڪري سگهن ٿا شايد اهي مٽيءَ مان وري به ڪنهن شڪل کي تخليق ڪري وٺن.”
“ته ڇا توهان. . . . . . . جنهن سان آئون سمنڊ ڪناري مليو هئس.”
“ها آئون اها ئي ڇوڪري آهيان، جنهن توهان جي سرن ۾ هڪ پيڙا ۽ درد کي محسوس ڪيو آهي. بهرحال اصل ڪهاڻي ڇا آهي انهيءَ کان وڌيڪ مون کي توهان جي ڪم ۾ دلچسپي آهي.”
پوءِ مون سندس فن بابت ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪيون. جيڪا اصل ۾ منهنجي اسائنمينٽ هئي ۽ ائين منهنجي اسائنمينٽ طويل ٿيندي وئي. ڪڏهن ڪڏهن هن سان سمنڊ ڪناري ڪجهه گهڙيون چهل قدمي لاءِ به ملي وينديون هيون.
هڪ ڏينهن اسين ٻئي سمنڊ تي هئاسين ته هن پڇيو، “ياسمين تو ڪڏهن لهندڙ سج کي غور سان ڏٺو آهي.”
“ها آئون ته روز ڏسندي آهيان.”
“ڪيئن لڳندو آهي؟”
“تمام سٺو. لهندڙ سج سان ماڻهو اکيون ملائي سگهي ٿو، انهي جي موڪلاڻي مان لطف اندوز ٿي سگهي ٿو.”
“ها تون صحيح ٿي چوين ۽ مون جهڙي ماڻهو لاءِ سوين سج به هجن ته به ڪجهه نٿو ڏسي سگهان، جڏهن آئون رچنا سان . . . . . . “ هن بي اختيار ڪنهن ڇوڪريءَ جو نالو ورتو ۽ ڳالهه اڻپوري ڇڏي ڏنائين.
“رچنا اها ڪير آهي؟” مون چيو “توهان ڳالهه پوري ڪيو.”
هُن کن دير لاءِ ويچاريو ۽ پوءِ چيو “رچنا منهنجي زندگيءَ ۾ انهي وقت آئي جڏهن منهنجين اکين ۾ روشني هئي ۽ جڏهن منهنجي زندگي بي نور ٿي ته هوءَ مون کي ڇڏي هلي وئي.” هن کن دير رکي وري چيو “حالانڪه مون چاهيو ٿئي ته آئون هن جي اکين سان هيءَ دنيا ڏسان پر.... پر هوءَ هلي وئي.” هو اداس ٿي ويو.
مون کي سندس ڳالهه ٻُڌي حيرت ٿي، چيم “پر ائين ته ڪوبه ناهي ڪندو جنهن سان ماڻهو محبت ڪندو آهي، انهيءَ کي ته هر حال ۾ ۽ هر گهڙيءَ ۾ گڏ هجڻ گهرجي. ڇا هن کي فقط توهان جي اکين سان پيار هو؟”
“آئون انهي باري ۾ ته ڪجهه نٿو چئي سگهان،” هُن چيو “پر هڪ عرصي کان مون کي هن جو ئي انتظار آهي. ائين لڳندو اٿم ته هن جي واپسي مون ڏانهن ئي ٿيڻي آهي. شايد اها وڇوٽي ڪجهه وقت لاءِ هجي ۽ هوءَ مون لاءِ روشني بڻجي اچي.” هو هلندي هلندي بيهي رهيو.
“ها شايد ائين ٿئي.” مون ڄڻ ته هن کي حوصلو ڏيڻ لاءِ ائين چيو. پوءِ اسين اتان هليا آياسين.
آئون سڄي رات رچنا جي باري ۾ سوچيندي رهيس، جيڪا کيس انهيءَ ڪري ڇڏي وئي جو هو ڏسي نٿو سگهي.
مون کي هُن سان همدرديءَ هئي يا ٻيو ڪجهه، بهرحال اسين ڪافي سٺا دوست ٿي وياسين ۽ هر روز سمنڊ ڪناري ملندا هئاسين. ڪڏهن ڪڏهن هن جي گهر به ملاقات ٿيندي هئي.
مون کي الائي ڇو ائين لڳڻ لڳو ته جيڪا همدردي مون کي هن سان پهرين هئي سا پيار ۾ بدلجي وئي هئي. آئون جنهن شام هن سان ڪونه ملندي هيس ته بي چين ٿيڻ لڳندي هيس.
آئون اهو ته نه ڄاڻي سگهيس ته هن کي مون سان محبت هئي يا نه پر مون کي پنهنجي باري ۾ چڱي ريت خبر هئي.
هڪ ڏينهن شام جو جڏهن آئون هن جي گهر پهتيس ته هن جا ٻئي هٿ مٽي سان لٿ پٿ هئا شايد هن وري مجسما ٺاهڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو هو.
“هي ڇا آهي توهان ڇا پيا ڪريو؟” مون پڇيو.
“آئون بس..... مجسمو ٺاهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهيان. بس ڪنهن خوبصورت چهري جي ڳولا آهي. آئون پنهنجي آڱرين سان انهي چهري جي نقش کي محسوس ڪرڻ چاهيان ٿو پوءِ ئي اها ڪوشش ڪامياب ٿي سگهي ٿي.” هن مٽي ۾ هٿ ڦريندي چيو.
مون کي هڪدم خيال آيو ته اهو مجسمو منهنجو هجڻ گهرجي “ڇا توهان منهنجو مجسمو ٺاهڻ چاهيو ٿا؟”
“تنهنجو مجسمو؟”
“ڇو آئون به ته سهڻي آهيان، توهان ڪڏهن محسوس ناهي ڪيو ڇا؟”
“نه نه اهڙي ڳالهه ناهي هون به فرينچ مجسما ساز رودان چيو آهي ته دنيا جي ڪابه عورت جڏهن محبوب جي ٻانهن ۾ ايندي آهي ته اها حَسين ٿي ويندي آهي”
“ته پوءِ ٺاهيو نه منهنجو مجسمو” مون پنهنجو چهرو هن اڳيان ڪندي چيو.
هن آهستي آهستي چيڪي مٽي ۾ ٻُڏل هٿ منهنجي چهري ڏانهن وڌايا ۽ هن جون آڱريون پهرين منهنجي پيشاني کي ڇهنديون اکين، چپن ۽ کاڏيءَ ۽ پوءِ سڄي چهري تي ڪجهه گهڙين لاءِ مسافت ڪنديون رهيون.
منهنجي چهري تي پهريون ڀيرو ڪنهن وجود ايتري دير تائين هٿ ڦيريا هئا. پوءِ مون چهري تي لڳل مٽي صاف ڪئي.
هو هٿ هٽائي وري انهي بي جان ۽ بي شڪل مٽيءَ کي صورت ڏيڻ لڳو ۽ ڪجهه ئي وقت ۾ هن مٽي مان هڪ خوبصورت چهرو ٺاهي ورتو... ۽ آئون ڏسي حيران ٿي ويس. ڇاڪاڻ ته اهو مجسمو منهنجو نه بلڪه ڪنهن ٻي ڇوڪري جو هو.
“ڪيئن ٺهيو آهي مجسمو؟” هن خوش ٿيندي پڇيو.
“ تمام سٺو” ٻيو آئون چئي به ڇا ٿي سگهيس.
مون اتان وڃڻ جو فيصلو ڪيو. آئون هن کان موڪلائي اداسيءَ واري ڪيفيت ۾ جيئن ئي هن جي گهر جي در تي پهتيس ته سامهون اها ئي ڇوڪري بيٺل هئي، جنهن جو هن مجسمو ٺاهيو هو.
آئون سمجهي ويس ته اها هن جي رچنا هئي، جنهن جو کيس انتظار هو ۽ جنهن جي شڪل اکيون نه هوندي به هُو ٺاهي چڪو هو.