17. پٿرايل پيار
“احمد تون مون کي وساري ته نه ڇڏيندين؟” شبانه خاموشيءَ جي سلسلي کي ٽوڙيندي پڇيو.
“تون اهو ڇو پڇي رهي آهين؟” احمد مُرڪندي پڇيس.
“بس ائين ئي.” شبانه وارن کي پوئتي ڪندي جواب ڏنو.
“نه! آئون پاڻ کي ته وساري سگهان ٿو پر توکي وسارڻ منهنجي لاءِ ڏاڍو ڏکيو آهي.”
“احمد! وقت هر شيءِ کي ميساري ڇڏيندو آهي ته پوءِ هي پيار ڪهڙي بلا آهي!” هوءَ مسلسل ڳالهائيندي وئي.
شبانه جا اهي جملا احمد جي ڪنن ۾ گرم شيهي وانگر لهي رهيا هئا ۽ کيس اهي سوال ڪافي عجيب به لڳي رهيا هئا پر هن شبانه جي سوالن جا جواب ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيا.
“شبانه، محبت ڪا عمارت ته ناهي، جنهن کي وقت ميساري ڇڏي.”
اڪثر ڪري شبانه جا اهڙا سوال احمد کي پنهنجي وجود تي ڏنڀ وانگر محسوس ٿيندا هئا پر هو هن کي ڪجهه به نه چوندو هو ۽ هميشه کيس چري ڇوڪريءَ چئي سڀ ڪجهه وساري ڇڏيندو هو.
“ مون کي وسارڻ لاءِ توکي ڪيترو عرصو لڳندو.”
“مون کي خبر ناهي پر ايتري خبر اٿم ته مون توکي وسارڻ يا ڇڏڻ لاءِ محبت ناهي ڪئي، ها باقي تنهنجي ڇڏي وڃڻ تي آئون خودڪشي نه ڪندس، ڇاڪاڻ ته جنهن کي ڏسي آئون جيئڻ سکيو آهيان، انهيءَ لاءِ مرڻ منهنجي لاءِ ڀيانڪ تصور آهي.”
“توکي ائين ناهي لڳندو ته هڪ ڏينهن آئون توکي ڇڏي هلي وينديس؟”
“ها لڳندو آهي، ته تون اوچتو ويٺي ويٺي مون کي چئي ڇڏيندينءَ ته آئون توکي اڄ ڇڏڻ لاءِ آئي آهيان ۽ هونئن به مون کي ڪنهن مهل اهو به خوف ٿيندو آهي ته تون مون وٽ منهنجي نه ٿي ايندي آهين ۽ جيڪڏهن تون مون کي ڇڏي به وئينءَ ته آئون توکي روڪي به نه سگهندس.”
“ڇو نه روڪيندين؟” هن هڪدم پڇيو.
“انهيءَ ڪري جو شايد تون مون سان وري اهڙي محبت نه ڪري سگهين پر آئون پنهنجي محبت ۾ تو لاءِ کوٽ نٿو آڻي سگهان ۽ آئون وقت سان مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهيان. توکي ته خبر آهي ته آئون ارادن جو ڪيترو مضبوط آهيان.”
“ضدي به آهين.” شبانه ڳالهه ڪٽيندي چيو.
هنن ٻنهي جون ڳالهيون نه کُٽيون پر پنڌ کُٽي پيو ۽ ٻئي هاسٽل پهچي ويا. احمد شبانه جي اکين کي غور سان ڏٺو، جنهن لاءِ هو چوندو هو ته انهن ۾ سندس ننڍڙي دنيا آباد آهي.
“شبانه آئون ارادن جو ڪيترو به مضبوط هجان پر تنهنجي اڳيان مون رڳو جُهڪڻ سکيو آهي.” اها ڳالهه ڪندي احمد ڏکارو ٿي ويو ۽ جنهن کي ڪنهن حد تائين شبانه به محسوس ڪيو ۽ پوءِ هو شبانه کان موڪلائي هليو ويو. شبانه هاسٽل اندر پنهنجي وجود کي انهيءَ ڪمري حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ ويهي هوءَ ڪهاڻيون لکندي هئي.
هوءَ ڪهاڻيون ڏاڍيون سٺيون لکندي هئي. هن جون ڪهاڻيون پڙهڻ کانپوءِ ائين لڳندو هو ته هن جي ڪردارن کي مايوسي ۽ اُداسي ورثي ۾ مليل آهي. ڪڏهن ڪڏهن کيس ائين به محسوس ٿيندو هو ته اڪيلائيءَ ۾ هن جون سڀئي ڪهاڻيون هن سان ڳالهائڻ لڳنديون آهن ۽ پوءِ هوءَ انهن سان ڪچهريون ڪري انهن کي پنهنجي اندر ۾ سمهاري ڇڏيندي آهي، هوءَ پنهنجين ڪهاڻين لاءِ اهو چوندي هئي ته منهنجيون ڪهاڻيون منهنجي اندر مان جنم وٺن ٿيون ۽ منهنجين ڪهاڻين جا ڪردار منهنجي وجود جو ئي حصو آهن. ڪڏهن ڪڏهن ته کيس اهو احساس ٿيڻ لڳندو هو ته ڪهاڻيون لکندي لکندي هوءَ به هڪ ڪهاڻي ٿي چڪي آهي. جيڪا هميشه پنهنجي بُت تي اُداسي ويڙهي ٿي هلي ۽ انهيءَ ڪهاڻيءَ جو ڪلائيمڪس ڇا آهي؟ انهيءَ جي کيس به خبر نه هئي. هونئن ته هن جي دنيا تمام مختصر هئي جيڪا هاسٽل جي ڪمري تائين محدود هئي پر احمد جي اچڻ سان هن اها ڳالهه محسوس ڪئي هئي ته ٻاهرين دنيا ايڏي خراب نه آهي جيترو هوءَ انهيءَ کي سمجهي ٿي. ڪڏهن ڪڏهن سندس ڪمري ۾ قبر جهڙي اونداهي ۽ موت جهڙي ماٺ به هن سان هم بستر ٿيندي هئي. هن انهيءَ ڪمري ۾ کوڙ ساريون ڪهاڻيون لکيون هيون. هن کي خاموشيءَ سان به ايتري محبت هئي، جيتري پنهنجين ڪهاڻين سان هئي. انهيءَ ڪري هوءَ احمد کي چوندي هئي ته جڏهن خاموشي مون سان ڳالهائيندي آهي ته آئون انهيءَ کي غور سان ٻُڌندي آهيان ۽ ائين ڀائيندي آهيان ته اها به ڪهاڻي ٻڌائي رهي هجي.
احمد ئي پهريون ماڻهو هو جيڪو هن جي مزاج کي سمجهي سگهندو هو. انهيءَ ڪري هوءَ احمد جي تمام گهڻو ويجهو ٿي وئي هئي. هوءَ ايترو ته ويجهو اچي چڪي هئي جو کيس اهو ڊپ ٿيڻ لڳندو هو ته ڪٿي اها قربت ڪنهن وڇوٽيءَ جي علامت ته ناهي ۽ ٻيو کيس اهو خوف به ستائيندو هو ته هوءَ جنهن خاندان سان تعلق رکي ٿي اُتي پيار ڪرڻ ۽ ڪنهن جي تصوير اکين ۾ سجائي هلڻ کان ٻيو ڪو وڏو ڏوهه آهي ئي ڪونه، ڪڏهن ڪڏهن ته احمد کيس اهو چئي چيڙائيندو هو ته تون به هڪ اڇوت سان پيار ڪري ويهي رهي آهين ۽ هو انهيءَ ڳالهه تي ڪاوڙجي پوندي هئي. شبانه کي چڱيءَ ريت ياد آهي ته هن ڪيئن احمد سا ن پيار جو اظهار ڪيو هو پر هو چوندو هو ته محبت کي لفظن ذريعي اظهارڻ جي ضرورت ناهي هوندي، انهيءَ کي رڳو محسوس ڪرڻ گهرجي. احمد کي شبانه جون ننڍڙيون اکيون جيڪي گهاٽين پنبڙين سان ڍڪيل هيون هميشه ڪنهن خط وانگر نظر اينديون هيون، جنهن ۾ لکيل هر تحرير کي هو پڙهي وٺندو هو پر شبانه ڪڏهن به احمد جي اکين کي پڙهڻ جي ڪوشش نه ڪئي. ٻنهي جي وچ ۾ هڪ عجيب ڳالهه اها هئي ته ٻئي هڪٻئي سان تمام گهڻي محبت ڪرڻ باوجود روز اهو يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ته اهي ٻئي ڌار نٿا ٿي سگهن ۽ هر ايندڙ صبح شبانه کي احمد سان ملڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندو هو. احمد جي هڪ جهلڪ کيس هن سان گڏ ويهارڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندي هئي. احمد کي سدائين مرڪندڙ چهرا وڻندا هئا.
سو هو اهو ئي چاهيندو هو ته شبانه پنهنجين ڪهاڻين جي ڪردارن وانگر اُداس ۽ مايوس نه رهي بلڪه انهيءَ جي چهري تي هميشه مُرڪ رهي پر الئه ڇو ويٺي ويٺي اُداسي شبانه جي چهري تي پنهنجا پر پکيڙي ڇڏيندي هئي ۽ احمد وري ڪا اهڙي حرڪت ڪري ويهي رهندو هو جو شبانه جي گلابي چپن تي مرڪ رقص ڪرڻ لڳندي هئي.
احمد ڪافي دفعا انهيءَ جو سبب ڳولهڻ جي ڪوشش ڪئي ته اُداسي شبانه جي چهري تي ڇو ايندي آهي پر هن کي ڪو به جواب نه ملي سگهيو. هن کي زندگيءَ جا رنگ شبانه جي چنيءَ تي چٽيل رنگن جيترا ئي خوبصورت لڳندا هئا. انهيءَ ڪري شبانه کي احمد جي اکين ۾ ڪڏهن به ڪو مايوسيءَ جو ترورو نظر نه آيو ۽ نه وري هن کي شبانه سان ڪا شڪايت ڪرڻ جي عادت هئي، حالانڪه هن وٽ ڪيتريون ئي شڪايتون هيون، جيڪي هن ائين سنڀالي رکيون هيون جيئن عورتون چنيءَ جي پلاند ۾ پئسا ٻڌي رکنديون آهن.
شبانه کي هن جو چهرو سدائين آئيني وانگر صاف نظر ايندو هو پر هن سان ملڻ کانپوءِ کيس الئه ڇو بي چينيءَ جو احساس ٿيڻ لڳندو هو، جيڪو کيس هر لمحي تنگ ڪندو رهندو هو.
ٻئي ڏينهن هو وري فيلڪٽيءَ جي ڪاريڊور ۾ ويهي پاڻ ۽ پنهنجي پيار بابت ڳالهائڻ شروع ٿي ويا.
“توکي ائين ناهي لڳندو ته جڏهن ماڻهو پيار ڪندا آهن ته ڪائنات جا رنگ وڌيڪ خوبصورت ٿي ويندا آهن، هي ڪائنات وڌيڪ نکري ويندي آهي ۽ سڀ ڪجهه وڻڻ لڳندو آهي!”
“ها! ائين ته آهي، آئون به انهيءَ ڳالهه کي محسوس ڪندي آهيان. مون کي ائين لڳندو آهي ته تون نه هوندي به منهنجي آسپاس هجين ۽ ڪنهن مهل ائين به محسوس ٿيندو آهي ته تون ساهه بڻجي منهنجي وجود ۾ سمائجي ويو آهين ۽ ........” هوءَ اوچتوماٺ ٿي وئي.
“تون اوچتو چپن کي خاموشيءَ سان سبي ڇڏيندي آهين نه، انهيءَ کان مون کي ڊپ لڳندو آهي. تون ڳالهائيندي ڳالهائيندي ماٺ ٿي ويندي آهين ته خوف منهنجي اندر پاسا ورائڻ لڳندو آهي.” احمد ڪجهه پريشان ٿيندي چيو.
“احمد تون ته اجايو پريشان ٿي ويو آهين، بس مون کي لفظ ڪونه پئي مليا، انهيءَ ڪري ماٺ ڪري ويهي رهيس.”
“تو کي لفظ نه ملن، اهو ڪيئن ٿو ٿي سگهي، تون ته لفظن سان کيڏندي آهين، پوءِ تو وٽ لفظ ڪيئن ٿا کُٽي سگهن!”
“احمد توکي خبر ناهي ڇا ڪڏهن ڪڏهن لفظ به ساٿ ڇڏي ويندا آهن پر خير ڇڏ انهن ڳالهين کي.”
هن احمد جو هٿ جهليو ۽ هن جي سنهڙين ۽ نرم آڱرين احمد جي تريءَ تي مسافت شروع ڪري ڏني ۽ هوءَ هن جي تريءَ تي اُڀريل لڪيرن کي غور سان ڏسڻ لڳي ۽ پاڻ کي انهن لڪيرن ۾ ڳولڻ لڳي.
“شبانه محبت لڪيرن ۾ ناهي هوندي، اها اندر ۾ هوندي آهي. جڏهن تون مون کي پنهنجي اندر ۾ محسوس ڪندينءَ نه ته توکي خبر پوندي ته توکي واقعي به مون سان محبت آهي.”
“مون کي پنهنجن خوابن سان محبت آهي ۽ آئون چاهيان ٿي ته اُهي سڀ خواب پورا ٿين پر لڳي ٿو ته اُهي پورا نه ٿي سگهندا ۽ هونئن به خواب جڏهن ذرا ذرا ٿي ويندا آهن ته انهن کي وکرڻ کان ڪير به بچائي نه ٿو سگهي.” اها ڳالهه ڪندي شبانه کي وري اُداسي وڪوڙي وئي.
“ها! پر اکين کي ڪير سمجهائي ته اُهي خواب نه ڏسن، جيئن اسين خوابن جي وس ۾ نه آهيون، ائين خواب به اسان جي وس ۾ نه آهن.” احمد جي ڳالهه اڃا پوري نه ٿي ته شبانه اُٿي بيٺي.
“منهنجي خيال ۾ اسان کي هاڻ هلڻ گهرجي.”
“منهنجين ڳالهين مان بيزار ٿي پئي آهين ڇا؟”
“نه اهڙي ڳالهه ناهي، سڄي فيڪلٽي خالي ٿي پئي آهي، هاڻ اسان کي به هلڻ گهرجي.”
“تنهنجي دل جي فيڪلٽي ته خالي ناهي ٿي نه!” احمد ٽوڪ ڪندي پڇيو.
“نه اڃا تائين ته ناهي ٿي.”
هو ٻئي هاسٽل ڏانهن روانا ٿي ويا. احمد شبانه کان موڪلائي هليو ويو. شبانه جيئن ئي ڪمري ۾ پهتي ته بيچينيءَ جي ور چڙهي وئي. انهيءَ حالت ۾ هن پاڻ کي بستري جي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ هن جي اک کُلي ته هن جي چوڌاري اونداهي ۽ خاموشي هئي.
هوءَ ڪمري جي بتي ٻاري دريءَ وٽ بيهي رهي. جتان هن کي پوئين تاريخن جو اڻپورو چنڊ نظر پئي آيو، جيڪو پنهنجي سهائي ڇاڻي رهيو هو. پريان سندس نظر ڪنهن تاري سان ٽڪرائي ۽ انهيءَ وقت هن کي احمد سان ڪيل سڀ ملاقاتون ياد آيون، جيڪي ڳڻپ کان ٻاهر هيون پر وري هن سوچيو ته، جنهن کي هوءَ ته حاصل ڪرڻ چاهي ٿي پر حالتون کيس هن کي ڇڏڻ تي مجبور ڪري ڇڏينديون پر هاڻ هن کي پنهنجي ويجهو آڻي ائين هن کي اڪيلو ڇڏي ڏيڻ به غلط هو ۽ هن جي اکين ۾ هن هميشه پنهنجي لاءِ پيار ڏٺو هو، جنهن هن سان ڪڏهن ڪا به شڪايت ناهي ڪئي، انهيءَ کي.....انهن سڀني خيالن شبانه کي مُنجهائي ڇڏيو۽ هوءَ بلڪل به پاڻ کي بي وس محسوس ڪري رهي هئي.
ڪيترائي ڀيرا هن سوچيو ته هوءَ احمد کي ڇڏي هلي ويندي پر وري به الئه ڪهڙي قوت هئي جيڪا هن کي احمد اڳيان اهو سڀ ڪجهه چوڻ نه ڏيندي هئي. هن کي اها پڪ هئي ته وڇوٽيون ئي سندس مقدر آهن.
هوءَ ٻئي ڏينهن احمد سان ملي.
“احمد اڄ موسم سٺي آهي نه.” هن آسمان جو جائزو وٺندي چيو.
“موسمون ٻاهر ته هونديون ئي ڪونهن، اهي ته اندر ۾ هونديون آهن. جڏهن اندر جون موسمون سٺيون هونديون آهن ته هر موسم سٺي لڳندي آهي پر مون کي لڳي ٿو ته آئون تنهنجي اندر جي موسم کي تبديل نه ڪري سگهيو آهيان.”
احمد کي هميشه ائين لڳندو هو ته شبانه جي اندر ۾ بهار نٿي اچي سگهي. هن شبانه جي خاموشيءَ کي محسوس ڪندي پڇيو، “شبانه تون ماٺ ڇو ٿي وئي آهين”
“احمد آئون پنهنجي ماضيءَ ڏانهن ورڻ ٿي چاهيان”
آئون سمجهي نه سگهيس، ماضيءَ ڏانهن ڪيئن ٿي وري سگهين؟”
“توکي خبر ناهي، اسين ٻئي قطعي ملي نٿا سگهون، هڪ خوف هميشه منهنجو پيڇو ڪندو رهيو آهي. اُهو اِهو ته آئون ڪڏهن به توکي حاصل نه ڪري سگهنديس.” شبانه جي اکين مان ڳوڙها ڪرندا ڳلن تائين پهتا ۽ اتي ئي پنڌ ڪندي بيهي رهيا.
“شبانه ڇا توکي مون تي اعتبار ناهي، يا تون مون کي انهيءَ ڪري ڇڏي رهي آهين جو آئون اوچي ذات وارو ناهيان. بس اهو ئي ڏوهه آهي منهنجو؟” احمد مايوس ٿيندي پڇيو.
“نه!ائين ناهي، آئون ڏوهاري آهيان، ڇاڪاڻ ته آئون اوچي ذات واري ٿي پئي آهيان ۽ انهيءَ ڪري وقت اسان ۾ وڇوٽيون وجهي رهيو آهي.” احمد شبانه کي بُت بڻيو ٻُڌندو رهيو.
“احمد انهيءَ ۾ تنهنجو ڪو به ڏوهه ناهي، مون کي ائين نه ڪرڻ گهرجي ها، آئون چاهيان ٿي ته انهيءَ مايوسيءَ ۽ اُداسي جي دنيا مان نڪري اچان پر وقت وري مون کي اتي بيهاري ڇڏيو آهي، جتان تون منهنجو هٿ جهلي مون کي ڪڍي آيو هئين ۽......” لفظ هن جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا هوءَ اُٿي بيٺي ۽ احمد کي هڪ نظر ڏسي تڪڙا تڪڙا قدم کڻندي احمد جي نظرن کان اوجهل ٿي وئي، احمد کي ائين لڳو ته سندس پيار پٿرائجي ويو هو.