10. برسات کانپوءِ
سارنگ جنهن سان سندس ملاقات ڪجهه ڏينهن اڳ ٿي هئي. هو کيس برسات جي ٺهيل ڇوڪريءَ سڏيندو هو ۽ هوءَ هن کي سدائين مرڪندڙ چهري سان ڏسندي هئي، جنهن تي ڏاڙهون جي داڻن جهڙا گلابي ۽ ڳاڙهي رنگ جا موهيڙا هئا. هن جي مرڪ به عجيب هئي. هوءَ کلندي هئي ته ائين لڳندو هو ڄڻ ڳڙن سان برسات ٿيندي هجي ۽ اُداس ٿيندي هئي ته ڄڻ گجگوڙ ڪندڙ برسات اوچتو بيهي رهي. سارنگ هن شهر ۾ ڪجهه عرصو اڳ آيو هو، ڪافي سهڻو شهر هو، خوبصورت ٽڪرين وچ ۾ سهڻن وڻن ۽ ڪشادن روڊن وارو شهر، جنهن جي اوچين ٽڪرين تي ڪڏهن ڪڏهن برف جو سفيد پهراڻ به نظر ايندو هو.
سارنگ سياري جي مند ۾ پهتو هو ۽ انهن ئي سرد ڏينهن ۾ تيز هوائن سان برسات وسڻ جو سلسلو شروع ٿيو، هن کي هڪ يونيورسٽي ۾ ليڪچررشپ ملي هئي، جتي سحر به هئي.
سارنگ سان سحر جي ملاقات پهرين ڏينهن ئي ٿي هئي. انهي ڏينهن سارنگ بس جي انتظار ۾ بيٺل هو ته اوچتو برسات شروع ٿي وئي. سحر هن کي ڇٽي شيئر ڪرڻ لاءِ چيو ۽ ائين ٻنهي وچ ۾ واقفيت ٿي وئي. سحر ڇٽي بنا ئي ايندي هئي، يونيورسٽي مان واندو ٿيڻ کانپوءِ جيڪڏهن برسات ئي پوندي هئي ته سحر سارنگ کي گهر تائين هلڻ جو چوندي هئي. هن جو گهر سارنگ جي رهائش کان ٿورو ئي پريان هو. ٻئي تيز برسات ۾ هڪ ئي ڇٽي هيٺ آهستي آهستي وکون کڻندا روانا ٿيندا هئا. هو هميشه انهي ڳالهه جو خيال رکندو هو ته سحر مينهن ۾ نه پسي ۽ هن کي بچائڻ لاءِ سارنگ پاڻ ڀڄي ويندو هو. انهي ڏينهن جڏهن ٻئي بس مان لٿا ۽ موسم ڪافي جهڙالي هئي ۽ برسات به شروع ٿي چڪي هئي، هو سحر سان گڏ کيس گهر تائين ڇڏڻ پئي ويو ته سحر پڇيس.
“توکي هي شهر ڪيئن لڳو؟”
“ڪافي سٺو آهي پر مون کي ائين لڳندو آهي ته هن شهر جي سيني ۾ دل ناهي، تو ڪڏهن غور ڪيو آهي ته تنهنجي شهر ۾ شام کان پهرين رات ٿي ويندي آهي. جنهن شهر ۾ شام نه ٿيندي هجي، انهيءَ جي رات به مزو ناهي ڏيندي.” هن چيو.
“هتي شام کان پهرين ئي رات ٿي ويندي آهي، انهي باري ۾ مون ته ڪڏهن به ناهي سوچيو، پر اها آهي عجيب ڳالهه” سحر ڪجهه اچرج ۾ چيو.
“ها مون محسوس ڪيو آهي ته اڃا آسمان تي هڪ تارو کڙندو ئي مس آهي ته هتي قبرستان جهڙي خاموشي ۾ سڄو ماحول وڪوڙجي ويندو آهي ۽ اسان جي سنڌ جا شهر ته جاڳندا رهندا آهن.” هن ڪجهه خوشي واري تاثر ۾ چيو.
“مون ٻڌو ته سنڌ ڪافي گرم آهي، اتي رهڻ ڪافي ڏکيو آهي.”
“سحر ڌرتي گرم هجي يا سرد انهي سان پيار ڪبو آهي، انهي جي مٽي کي پاڻ کان ڌار نه سمجهڻ گهرجي، تو حيدرآباد جي شام جي باري ۾ ٻڌو هوندو، هڪ دفعو تون اها شام ڏسي وٺين ته توکان سڄي حياتي اها نه وسرندي. اها ماڻهو جي من ۾ لهي ويندي آهي ۽ اتان جون هوائون ڪنهن شاعر جي خوبصورت خيالن کان وڌيڪ آزاد آهن. هوا جي هٿن توکي هڪ دفعو ڇهي ورتو ته تون چاهيندينءَ ته هميشه انهي جي ٻانهن ۾ هجين.
برسات ڪجهه جهڪي ٿي چڪي هئي پر تڏهن به اهي ڇٽي هيٺ هئا، آسمان تي ڪارا ڪڪر اڃا به هڪ ٻئي کي ڀاڪر پايو بيٺا هئا. سج ڪڪرن جي ڪاراڻ ۾ منهن لڪائي سرد ٿي چڪو هو. هوا جا سرد ۽ تيز جهوٽا ٻنهي جي جسمن سان ٽڪرائيندا گذري رهيا هئا. وڻن جي پنن تي ڪرندڙ بوندون انهن کي غسل ڏئي رهيون هيون. هنن جي وکن جي رفتار اڃا به آهستي هئي، چوڌاري برسات جي وسڻ جو گوڙ واضح ٻڌڻ ۾ پئي آيو. سارنگ هن کان موڪلائي هليو ويو، سارنگ لاءِ هن شهر ۾ رهڻ هڪ عجيب تجربو هو، ڇاڪاڻ ته جڏهن هو پنهنجي شهر جي مزاج کي هن شهر سان ڀيٽيندو هو ته سڀ ڪجهه کيس مختلف نظر ايندو هو.
اڄ رات جو هن کي اهي سڀ دوست ياد آيا جيڪي هن سان ڌرتي جا مسئلا بحث هيٺ آڻيندا هئا، هو حيدرآباد ۾ روز رات جو دير تائين روڊ تي دوستن سان وقت گذاريندو هو پر هتي ڪو به اهڙو ماحول نه هو ۽ هو محدود ٿي ويو هو، صرف سحر هئي جنهن سان ڪجهه وقت گذرندو رهيو. ٻئي ڏينهن هو چانهه پيئڻ لاءِ هڪ ريسٽورينٽ ۾ وڃي ويٺا.
“سارنگ توهين ماڻهو هر ننڍي ننڍي مسئلي تي تمام گهڻو سوچيندا آهيو سڀ اخبارون اوهان جي احتجاجن ۽ مظاهرن جي خبرن سان ڀريل هونديون آهن اسين ته ائين ڪونه ڪندا آهيون.” سحر چيو.
“هڪ سوچيندڙ ذهن ئي ذهانت جي علامت هوندو آهي، اسين انهي ڪري سوچيندا آهيون جو اسان وٽ اهو سڀ ڪجهه ناهي جيڪو اوهان وٽ آهي شايد اوهان کي لڳي ٿو ته زندگي اهائي آهي جيڪا اوهين گذاري رهيا آهيو....... پر ائين ناهي. زندگي جو غربت وارو ۽ عذاب ڀريو چهرو تو ڏٺو ئي ناهي، اهو هڪ بکايل ٻڌائي سگهي ٿو، اهو هڪ سياسي ڪارڪن ٻڌائي سگهي ٿو. جنهن جي سڄي حياتي جيل جي ڪال ڪوٺڙي يا پنهنجي حقن لاءِ جدوجهد ڪندي گذري ٿي يا اهو ٻار ٻڌائي سگهي ٿو جيڪو ڪچري ۾ پنهنجو رزق ڳوليندو آهي ۽ رات جو فٽ پاٿ جي سيني تي بنا چادر جي سمهي ٿو. ڇا اڃا به اسان کي نه سوچڻ گهرجي.”
“نه پر وري به اوهين هر معاملي تي حساس لڳندا آهيو” سحر ڳالهه کي جاري رکيو.
“اسين جنهن سماج ۾ رهون ٿا، اُتي هر صبح هڪ نئين مسئلي کي منهن ڏيندا آهيون، سڄو سماج طبقاتي نظام جي ور چڙهيل آهي پر اسين مسئلن کان منهن نه موڙيندا آهيون ۽ نه وري انهن آڏو جهڪندا آهيون، تو ڪڏهن پنهنجي ايئر ڪنڊيشنڊ ڪمري جي دريءَ مان سواءِ برسات جي ڪجهه ٻيو ڏٺو آهي، هن ئي شهر ۾ انهن پيرين اگهاڙي ٻارڙن کي ڏٺو آهي، جيڪي اميرن آڏو هٿ ڦهلائي بيهندا آهن پر انهن کي هڪ سڪو به ناهي ملندو. انهي ڪري جو تون انهي باري ۾ نٿي سوچين ڇو ته تنهنجي دنيا الڳ آهي ۽ اسان جي الڳ....” سارنگ ڳالهه ختم ڪئي.
سحر کي پهريون دفعو احساس ٿيو هو ته ڪمري کان ٻاهر رڳو برسات ناهي وسندي بلڪه ٻيو به گهڻو ڪجهه آهي، جيڪو هن کي نظر ئي ناهي آيو. هڪ اهڙي دنيا جنهن کان هوءَ ۽ ٻيا ماڻهو نظرون چورائيندا رهيا آهن. هن کي سارنگ جي اکين ۾ پنهنجي ماڻهن ۽ ڌرتي لاءِ سچائي نظر ايندي هئي. “توکي ته پنهنجي ٻولي به ناهي ايندي، انهي باري ۾ تو ڪڏهن ڪا ڳڻتي ڪئي آهي يا ڪا پشيماني ٿي آهي توکي.....” سارنگ ساعت کانپوءِ پڇيو.
“نه انهي ۾ پشيماني يا پريشاني جي ڪهڙي ڳالهه آهي.” سحر لاپرواهه ٿيندي چيو.
“تو ڪڏهن انهي باري ۾ ڪجهه گهڙين لاءِ غور ڪيو آهي؟ هن چيو.
“نه مون ناهي ڪيو ڇو ته انهي باري ۾ سوچڻ فضول آهي.”
“پر اسان لاءِ ٻوليءَ زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، اسين انهيءَ لاءِ وڙهيا آهيون. انهي جي بقا لاءِ قربان ٿيا آهيون. جيڪڏهن مون کي منهنجي ٻوليءَ نه اچي ته آئون شرمندو ٿيندس ۽ اهو منهنجي لاءِ ڪنهن عذاب کان گهٽ نه هوندو، ڇو ته اها مون کي سڃاڻپ ڏئي ٿي، جيڪي نسل پنهنجي ٻوليءَ کي وساري ڇڏيندا آهن، انهن کي ڌرتي به وساري ڇڏيندي آهي ۽ اُهي هميشه لاءِ يتيم ٿي ويندا آهن. اسان جون مائرون جڏهن ٻارن کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ لوليءَ ڏينديون آهن ته ننڊ کي به سڪون ملي ويندو آهي.”
سارنگ کي ڪئين دفعا ائين به محسوس ٿيو ته سحر کي لڳي ٿو ته سنڌ جا ماڻهو پٿر جي دور ۾ جيءَ رهيا هئا، جتي ڪا زندگي ناهي بس تڪليفن جو هڪ اڻ کٽ سلسلو آهي پر هنن کي خبر نه هئي ته اڻ ڄاڻائي ڪيتري خطرناڪ هوندي آهي. زندگي جون سڀ تلخ حقيقتون رڳو سنڌ سان واڳيل نه هيون پر هن به زندگي جو اهو روپ هتي ڏٺو هو، جيڪو هتان جي ماڻهن ڏسڻ جي ڪوشش نه ڪئي هئي. ائين هن کي هتي ڪجهه وقت گذري ويو ۽ هن کي ڪافي ڪجهه سمجهه ۾ اچي چڪو هو. سحر سان اڪثر ڪري ملڻ ٿيندو رهندو هو.... پر اوچتو وري سڀ ڪجهه تبديل ٿيڻ لڳو. هن سارنگ سان ويڇا وڌائي ڇڏيا ۽ ڪنهن امير ماڻهو سان وقت گذارڻ لڳي، کيس خبر پئي هئس ته اهو ماڻهو ٻاهر وڃي رهيو آهي ۽ سحر کي به پاڻ سان وٺي ويندو. سارنگ لاءِ سحر جو اهو رويو ڪجهه عجيب هو پر هن سحر سان ڪا شڪايت نه ڪئي پر ڪجهه ڏينهن کانپوءِ سحر وري بنا ڇٽي جي کيس بس اسٽاپ تي نظر آئي ۽ هن کيس پنهنجي ڇٽيءَ آڇي. هن کي خبر پئجي چڪي هئي ته اهو ماڻهو جيڪو سحر سان پيار جو دعويدار هو، اهو کيس ڇڏي پاڻ ٻاهر هليو ويو. انهي ڏينهن جڏهن هو سحر سان ڪچهري ڪري رهيو هو ته سحر چيس “سارنگ تو صحيح چيو هو ته هن شهر جي سيني ۾ دل ناهي، بلڪه هتان جي ماڻهن جي سيني ۾ به دل ناهي.” هوءَ ڪافي اداس پئي لڳي.
سارنگ کي ائين لڳو پئي ته هو هتي ضايع ٿي رهيو آهي. هن لاءِ سنڌ وڃڻ وڌيڪ اهم هو. هن جيڪو ڪجهه ڪرڻ ٿي چاهيو اهو هو اُتي ئي ڪري ٿي سگهيو. انهي ڪري هن واپسي جو فيصلو ڪيو، ڇو ته ڪڏهن ڪڏهن واپسي ۾ ئي ڪاميابي نصيب ٿيندي آهي. هن پنهنجي فيصلي بابت سحر کي ٻڌائي ڇڏيو هو ۽ هو آخري دفعو سحر سان مليو.
“ته ڇا تنهنجو اهو آخري فيصلو آهي.” سحر ڪجهه پريشاني ۾ چيو.
“ها! هاڻ منهنجي واپسي آهي، مون سوچيو آهي ته آئون پنهنجن ماڻهن ۾ رهي ڪم ڪنديس. آئون هتي صرف پنهنجي سُک لاءِ آيو هئس پر انهن جي درد کي وساري نه سگهيو آهيان، ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو ٻين لاءِ جيئندو آهي ته پاڻ به جيءَ سگهندو آهي.”
“ائين نٿو ٿي سگهي ته تون هتي رهي پوين ۽ آئون به توسان......” سحر ڳالهه اڻپوري ڇڏي ڏني.
“نه اهو ممڪن ناهي، اسان ٻنهي جا مقصد ٻيا آهن. ڪي لڪيرون اهڙيون هونديون آهن جيڪي ڪڏهن به مٽجي ناهن سگهنديون. اسان جي وچ ۾ به ڪجهه اهڙيون لڪيرون آهن، جيڪي تاريخ مٽائي ناهي سگهي. اسين اوهان لاءِ غير مهذب آهيون پر وقت ثابت ڪندو ته اسين ڇا آهيون، هاڻ مون کي هلڻ گهرجي..... ۽ ها هي ڇٽي تون رکي ڇڏ. وري زندگي موقعو ڏنو ته توسان ضرور ملبو. تيستائين شايد تون پنهنجي ٻوليءَ به سکي وٺين.”
هو کيس ڇٽي ڏئي آهستي آهستي وکون کڻي هلندو ويو ۽ سحر مسلسل هن کي ڏسي رهي هئي ۽ پوءِ هو تمام پري هليو ويو. انهيءَ وقت سج پنهنجي آب تاب سان چمڪي رهيو هو، آسمان بلڪل صاف هو، ڪوبه ڪڪر آسمان تي آوارگي ڪونه ڪري رهيو هو، نه جهڙ هو نه هوا، نه طوفان پر پوءِ به برسات ٿي رهي هئي، ڇاڪاڻ ته سحر پنهنجي ئي لڙڪن جي برسات ۾ ڀِڄي رهي هئي.