ڪھاڻيون

برسات کانپوءِ

نوجوان ڪهاڻيڪار اختر حفيظ پنهنجي ڪهاڻين بابت لکي ٿو:
منهنجيون ڪهاڻيون ڪنهن کي وڻن ٿيون يا نٿيون وڻن انهي تي مون کي اعتراض نه آهي، مون کي صرف ايتري خبر آهي ته منهنجون ڪهاڻيون هن سماج مان ورتل آهن، هونئن به پنهنجي سماج کان ڪٽيل ڪهاڻي جو ڪو سرو نه هوندو آهي
  • 4.5/5.0
  • 2554
  • 783
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اختر حفيظ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book برسات کانپوءِ

4. گُلن وارو

آئون جنهن شهر ۾ نوڪريءَ ڪندي آهيان انهي کان گهڻي واقف ڪونه آهيان مونکي هن شهر ۾ ڪجهه ئي وقت ٿيو آهي، پر واقف ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهيان. هتي اچي خبر پئي ته شهر هڪ جهڙا ڪونه هوندا آهن بلڪه هر شهر جو پنهنجو مزاج ۽ پنهنجو رويو هوندو آهي. ائين هي شهر به پنهنجي رويي ۽ مزاج وارو آهي. هي شهر پنهنجي مزاج ۾ ڪافي رکو آهي بلڪه بي رحم آهي. هتي هر ماڻهو کي تڪڙ هوندي آهي تمام گهڻي تڪڙ ... ماڻهو کي هلندڙ بس ۾ چڙهڻو پوندو آهي ۽ هلندڙ بس مان لهڻو پوندو آهي. هر ماڻهو ٻئي کان گوءِ کڻڻ ٿو چاهي سڀني کي پٺتي ڇڏڻ ٿو چاهي. انهي ڪري هتي رشتا پٺتي رهجي ويا آهن. زندگي پوئتي رهجي وئي آهي. ماڻهو شايد اهو ٿا سمجهن ته وري صبح ڪونه ٿيندو، ٻيو ڏينهن ايندو ئي ڪونه. هتي هر ڪو ٻئي کي لتاڙڻ ٿو چاهي ۽ انهي ميڙ ۾ هڪ ڏينهن اهي به لتاڙجي ويندا، ڌوڙ ٿي ويندا.
تاريخ ٻڌائي ٿي ته ڪافي ڏهاڪا اڳ هي شهر ائين نه هو. هاڻ ته هي والاريل شهر آهي. دنيا جهان جا قبضاگير هتي اچي گڏ ٿيا آهن. جن شهر جي صورت ئي بگاڙي ڇڏي آهي. اڳ هتي سڪون هوندو هو. هاڻ گهر ساڳيا آهن پر گهرواسي مٽجي ويا آهن. آئون ته بس هتي نوڪريءَ ڪرڻ آئي آهيان ۽ روزگار لاءِ علائقي يا شهر کان اهم ته نوڪري هوندي آهي ۽ انهي کان به وڌيڪ اهم اهو پگهار هوندو آهي جيڪو هر مهيني ماڻهو کي ملندو آهي. هتي برسات ايتري ناهي وسندي پر جڏهن وسندي آهي ته ڪافي دير تائين وسندي آهي. آئون آسمان مان ڪرندڙ برسات جي بوندن جي سرگم کي ٻڌندي آهيان، دل کي سڪون ڏيندڙ آواز هوندو آهي پر برسات ۾ وهنجندي مونکي مزو ناهي ايندو، انهي ڪري پنهنجي فليٽ جي دري مان برسات کي وسندي ڏسندي آهيان. انهن ٻارن کي ڏسندي آهيان جيڪي مينهن مان مزو وٺندا آهن. انهن وڻن کي به جيڪي برسات جي ڦڙن ۾ وهنجي وڌيڪ نکري ويندا آهن. آئون انهن ماڻهن کي به ڏسندي آهيان جيڪي نه چاهيندي به برسات ۾ ڀڄي ويندا آهن. برسات جي هر بوند ڄڻ ته پاڻ سان زندگي کڻي ڌرتي جي پيشاني کي چمي ڏيندي آهي. سڄي شهر جون گليون ۽ لنگهه برسات جي پاڻي سان ڀرجي ويندا آهن. ها جڏهن برسات ڪجهه جهڪي ٿيندي آهي ۽ رستن تان پاڻي آهستي آهستي گهٽ ٿيڻ لڳندو آهي ته آئون واءُ سواءُ وٺڻ لاءِ ٻاهر نڪرندي آهيان. ماڻهن کي ڏسندي آهيان انهن جا چهرا پڙهڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان جن تي عجيب خوف ڇانيل هوندو آهي.
هتي منهنجي وڻندڙ جاءِ سمنڊ آهي .....سمنڊ.... ڪيڏي گهرائي آهي سمنڊ ۾، سمنڊ چاهي ته پاڻ ۾ سڀ ڪجهه سمائي سگهي ٿو. جيئن هن جي ڀاڪر ۾ آسمان سمايل آهي. ماڻهو هتي رڳو مزو وٺڻ لاءِ ايندا آهن، ڪو به سمنڊ سان ناهي ڳالهائيندو انهي کي پنهنجي دل جو حال ناهي ٻڌائيندو پر آئون سمنڊ سان ڳالهائيندي آهيان. ڏينهن ۾ ٿيل سموري وارتا سمنڊ آڏو بيان ڪندي آهيان. ڇو ته سمنڊ کي آئون پنهنجو دوست سمجهندي آهيان. ڪڏهن ڪڏهن دل چوندي آهي ته سمنڊ کي پاڻ ۾ سمائي ڇڏيان ۽ انهي مٿان شرارتون ڪندڙ ڪڪرن کي پنهنجي پرس ۾ رکي ڇڏيان ۽ جڏهن من چوي ته انهن سان راند کيڏان ۽ وري جڏهن سمنڊ تي واپس اچان ته انهن کي آسمان تي وکيري ڇڏيان پر آئون ته فقط انهن کي ڏسي ٿي سگهان ڇهي به نٿي سگهان. سمنڊ جي ماٺار ڪيڏو سڪون ڏيندي آهي، اها هتي اچي خبر پئي آهي. رات جو آئون آسمان تي تارن کي ڏسڻ جي ڪوشش ڪندي آهيان پر تارا اڪثر آسمان تان غائب رهندا آهن. جڏهن شهر جي بجلي ويندي آهي ۽ شهر کي اونداهي ٻکيندي آهي ته آسمان تي آهستي آهستي تارا ظاهر ٿيڻ لڳندا آهن. تڏهن مون کي آسمان ڪنهن سهاڳڻ جي گج جيان لڳندو آهي، جنهن تي ستارا ٽوئنرن جيان ٽانڪيل هوندا آهن.
منهنجي فليٽ جي سامهون واري فليٽ ۾ هڪ اڌڙوٽ عمر جو ماڻهو رهندو آهي. مونکي انهي جي باري ۾ گهڻي خبر ناهي بس هن کي ڏسندي آهيان، هو اڪثر پنهنجي فليٽ ٻاهران آرام ڪرسي تي ڪتاب يا اخبار پڙهندي نظر ايندو آهي. هن مون سان ڪجهه به ناهي ڳالهايو. بس آئون کيس سلام ڪندي آهيان ۽ هو ڪتاب ۾ کتل ڪنڌ مٿي کڻي ڪنڌ لوڏي جواب ڏيندو آهي پر سندس منهن تي سدائين سنجيدگي رهندي آهي. مون ڪڏهن به هن جي چپن تي مرڪ ناهي ڏٺي. خبر ناهي هو اڪيلو ڇو آهي؟ ڪڏهن به هن جي فليٽ تي ڪنهن ماڻهو کي ايندي نه ڏٺو اٿم. ها مونکي پاڙي مان خبر پئي هن جو پٽ جنهن ڏينهن هٿياربندن هٿان مارجي ويو هو، انهي ڏينهن کان هو ائين چپ آهي. هڪ ڏينهن منهنجي فليٽ جي لائيٽ خراب ٿي پئي هئي. هن جي فليٽ جو در کڙڪائي لائيٽ جي پڇا ڪئي هيم. تڏهن هن صرف پنهنجي منڍي فليٽ جي در مان ٻاهر ڪڍي ڪنڌ ذريعي ناڪار ڪئي هئي پر اکر نه ڪڇيو. پوءِ بس انهي ڏينهن کان پوءِ هن سان ڪو به رابطو نه ٿيو ۽ هو اتي ئي آرام ڪرسي تي نظر ايندو آهي. آئون جنهن رستي تان آفيس ويندي آهيان انهي جي سگنل تي هڪ ٻارڙو روز گل کڻي بيٺو هوندو آهي ۽ اهو مونکي گل وٺڻ لاءِ چوندو آهي. آئون انهي کان گل وٺندي آهيان، هن مونکي پهرين ڏينهن کان گل ڏيڻ شروع ڪيا هئا، گل ڏيڻ وقت هن جي چهري تي مرڪ ائين ظاهر ٿيندي آهي ڄڻ ته گل هن جي هٿن ۾ هينئر ئي ٽڙيا هجن. هو تمام سهڻو آهي جيئن سڀئي ٻار ٿيندا آهن پر هو ڳالهائي نٿو سگهي. مونکي ائين لڳندو آهي هو جيڪو ڪجهه چوڻ چاهي ٿو، اهو گلن وسيلي چوندو آهي. هو اسڪول ناهي ويندو بس هن جو وقت انهي سگنل تي گل کپائيندي گذري ويندو آهي. مونکي به هن کان گل وٺندي تمام گهڻي خوشي ٿيندي آهي. سڄو شهر ڳالهائيندو آهي، گوڙ ڪندو آهي، بڪواس ڪندو آهي پر خبر ناهي ڪيترا ٻار هوندا جيڪي ڳالهائين ئي نٿا، ڪيڏو سٺو ٿئي ها جو هي سمورو شهر گونگو ٿي وڃي ۽ فقط ٻارن کي ئي زبان هجي جيڪي ماٺ آهن.
هن شهر ۾ دهشتگردي جو راڄ به آهي. انهي ڪري هر ماڻهو جو ساهه ڄڻ ته مٺ ۾ هوندو آهي. خبر ئي ناهي پوندي ڪنهن پاسي کان ايندڙ گولي ڪنهن جي زندگي ختم ڪري ڇڏي. گولين جا آواز ۽ ماڻهن جو موت زندگي کي مفلوج ڪري ڇڏيندا آهن. دهشتگردي جي ڏانئڻ جڏهن شهر جي وجود ۾ پنهنجا ڪاڻيٺا کُپائيندي آهي ته پوءِ شهر جي رستن تي رت سان ريٽيل وجود نظر ايندا آهن. ڪنهن جو سهاڳ اجڙي، ڪو يتيم ٿئي، ڄڻ ته زندگي جي ڪنهن کي ڪا پرواهه ئي ناهي هوندي. گولين سان پروڻ ٿيل ڪيترائي لاش اباڻن قبرستانن ڏانهن روانا ٿيندا آهن پر زندگي ۽ وقت ڪنهن لاءِ به ڪونه بيهندا آهن، زندگي جو ڪم ته گذرڻ آهي وري رستن ۽ گهٽين ۾ زندگي نظر ايندي آهي. ماڻهو مرندا آهن، وڇڙندا آهن ۽ زندگي هلندي رهندي آهي. گلن وارو ٻارڙو ڄڻ ته منهنجو دوست ٿي ويو آهي، جيتري دير به منهنجي گاڏي سگنل تي بيهندي آهي ۽ آئون هن سان ڪچهري ۾ لڳي ويندي آهيان. آئون هن جي اشارن جي ٻوليءَ ڪجهه ڪجهه سمجهڻ لڳي آهيان. پوءِ هن کان گل وٺي فليٽ تي گلدان ۾ سجائي رکندي آهيان ۽ ٻئي ڏينهن وري ٻيا گل انهي گلدان کي سينگاريندا آهن. منهنجي پلازا ۾ ته ماڻهو هڪ ٻئي کان ائين منهن موڙي هلندا آهن، ڄڻ دشمن هجن. انهي ڪري آئون هتي اڪيلائي جو شڪار آهيان پر ٻيو ڪو حل به ناهي انهي ڪري بس ڪوشش ڪندي آهيان ته گهمڻ ڦرڻ وڃان ۽ پنهنجي منهن نڪري پوندي آهيان، شهر جي گلين ۽ بازارن ۾ مونکي به خوف ٿيندو آهي ته ڪنهن ٽارگيٽ ڪلر جي گولي مونکي به لڳي سگهي ٿي پر ڇا ڪجي ائين فليٽ ۾ بند ٿي رهڻ مون کي وڻي ئي نٿو.
ڪجهه ڏينهن اڳ جڏهن آئون پنهنجي لاءِ ڪجهه ڪپڙا خريد ڪري رهي هيس ته مون کي هن ننڍڙي ٻار جو به خيال آيو ته هن لاءِ ڪجهه وٺان پوءِ مون هن لاءِ به پينٽ شرٽ ورتا ۽ هو جڏهن ٻئي ڏينهن مون کي شام جو گل ڏيڻ آيو ته مون هن کي اهي پينٽ شرٽ ڏنا، پهرين ته هن انڪار ڪيو پر پوءِ جڏهن مون کيس زور ڀريو ته هن اهي ڪپڙا وٺي ڇڏيا. هن واعدو به ڪيو ته هو جلدي اهي ڪپڙا پائي مون کي ڏيکاريندو. انهي ڏينهن شام جو آئون آفيس ۾ هيس ته اوچتو تيز برسات شروع ٿي وئي. مون برسات جهڪي ٿيڻ جو انتظار ڪيو، جڏهن برسات جهڪي ٿي ته آئون ڊرائيور سان گهر لاءِ نڪري پيس. برسات سبب وري رستن تي پاڻي جمع ٿي ويو هو پر آهستي آهستي گهٽجي رهيو هو.
اسان جي گاڏي سگنل تي بيٺي مون هيڏانهن هوڏانهن هن ٻارڙي کي ڏسڻ لا نظرون ڦيرايون هو روڊ جي ٻئي پاسي ڪنهن کي گل وڪڻي رهيو هو، هن کي اهي ئي ڪپڙا پاتل هئا جيڪي مون کيس وٺي ڏنا هئا. هو انهن ڪپڙن ۾ سهڻو لڳي رهيو هو. جيئن هن منهنجي گاڏي کي ڏٺو ته مون ڏانهن وڌڻ لڳو ته اوچتو اتي فائرنگ شروع ٿي وئي، ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وئي. جنهن کي جتي وجهه مليو پئي اوڏانهن ٿي منهن ڪيائين.
مون به خوف وچان ٻئي ٻانهون مٿي کي ڏئي گاڏي ۾ پاڻ کي لڪائي ڇڏيو. ڪجهه دير ۾ فائرنگ بند ٿي پر ڪجهه ماڻهو مارجي ويا هئا ۽ ماڻهن ۾ افراتفري پئجي وئي. مون پنهنجي ڪار جي در مان ڏٺو آس پاس ماڻهن جا لاش وکريل هئا ۽ هو گلن وارو ٻار به ٽارگيٽ ڪلر جي گولي جو کاڄ ٿي چڪو هو. هن جي هٿن مان گل ڪري روڊ تي وکري ويا هئا ۽ هن جي نازڪ جسم مان رت ڦڙو ڦڙو ٿي برسات جي پاڻي سان ملي رهيو هو. هو بي ست اتي ئي پيو هو، آئون هن کي ڏسڻ لاءِ ڪار مان لٿيس ٿي پر تيستائين پوليس ۽ ميڊيا وارا پهچي ويا جن سڄي علائقي کي گهيري ورتو ۽ آئون هن تائين نه پهچي سگهيس. پوءِ آهستي آهستي گاڏيون هلڻ لڳيون. منهنجي گاڏي به هلي پئي مون ڪنڌ ڦيري ڏٺو ته هن ٻارڙي جي لاش کي پوليس وارا کڻي رهيا هئا ۽ هن جي هٿن مان ڪريل گل گاڏين هيٺيان لتاڙجي چڪا هئا.
اڄ پهريون ڀيرو هن ٻاڙري هٿان مون کي گل ڪونه مليا. منهنجيون اکيون لڙڪن سان ڀرجي آيون، آئون اڇنگارون ڏئي روئڻ لڳيس. اهو هن شهر ۾ پهريون موت هو جنهن منهنجي اکين ۾ لڙڪن جو سيلاب آڻي ڇڏيو هو. اڄ به آئون انهي سگنل وٽان گذرندي آهيان، دل چوندي آهي ته هو منهنجي گاڏي ويجهو اجهو اچي بيهندو ۽ مون کي گل اچي ڏيندو پر هاڻ اتي گلن وارو ناهي. اڄ به ڪڏهن ڪڏهن اتان گذرندي مونکي هن جو گلن جيان ٽڙيل چهرو نظر ايندو آهي.