14. ندي جو نوحو
“سسئي تو ڪڏهن نديءَ کي پنهنجي مستيءَ ۾ وهندي ڏٺو آهي؟”لطيف پڇيو.
“ها!ڪافي وقت اڳ ڏٺو هئم،جيڪا هوا هن وقت واري اڏائي رهي آهي،اها هوا نديءَ جي وجود سان کيڏندي رهندي هئي،هاڻي ته هر پاسي واريءَ کي ڏسي اکين ۾ پاڻي ٿو ڀرجي اچي” هن اداسي مان چيو.
“هي نديءَ اسان جي ڌرتي جي سينڌ آهي،جنهن کي هتان جو هو ماڻهو سالم ڏسڻ ٿو چاهي ۽ ٻيو هي رڳو اسان لاءِ پاڻيءَ جو وهڪرو ناهي بلڪه ماءُ آهي، ائين سمجهه ته ٿڃ آهي ۽ هن جو پاڻي هتان جي هر ماڻهن جي رڳن ۾ رت بڻجي وهي ٿو، مون ڪيئي ڀيرا هتان لهندڙ سج جو منظر ڏٺو آهي پر هاڻي آئون هتي انهيءَ سج کي ڪونه ڏسي سگهندو آهيان جنهن جو عڪس نديءَ ۾ ناهي” لطيف سج ڏانهن کڄندڙ نظرون ڦيرائيندي چيو.
“توکي ڇا لڳندو آهي،هي درياهه وري ائين وهندو؟وري ساڳي مستي ۾ جنهن ۾ ڪئين خوشيون ۽ ڪئين رنگ شامل هوندا هئا ۽ وري هر ماڻهو ائين خوش ٿيندو، جيئن هو ڪنهن دور ۾ هو؟”سسئي پڇيو.
“ها آئون مايوس ڪونه آهيان پر انهيءَ لاءِ وڙهڻ جي ضرورت آهي،پنهنجي پاڻيءَ لاءِ هڪ وڏي ويڙهه جي ضرورت آهي. مون هڪ سنڌ انهيءَ مهاڻي جي اکين ۾ ڏٺي آهي جنهن جي اکين ۾ انهيءَ ڪري پاڻي هو جو نديءَ ۾ پاڻي ناهي۽ هڪ سنڌ اها آهي جيڪا منهنجي ۽ تنهنجي اکين ۾ آهي. جيڪا بظاهر ته خوشحال آهي پر اصل ۾ ائين ناهي. مون جيڪا سنڌ مُهاڻي جي اکين ۾ ڏٺي هئي جنهن لاءِ ڪُل ڪائنات هي نديءَ آهي،اها سنڌ به اسان جي آهي. جنهن ۾ اُڃ آهي،بُک ۽ بدحالي آهي ڇا تون نه چاهيندين ته انهيءَ مزدور ۽ هاري جي اکين ۾ انهيءَ سنڌ جا خواب هجن جنهن ۾ ڪو بُکيو ۽ اُگهاڙو نه هجي.”
“پر جنهن ويڙهه جي تون ڳالهه ڪري رهيو آهين،اها ته اسين هارائي چڪا آهيون ڇا ٿيو آهي هيستائين؟ڪوبه ناهي جيڪو اسان جي آواز کي ٻڌي اسان جو آواز جن ڪنن تائين پهچي ٿو، اهي ٻوڙا آهن،ڪير آهي جيڪو اسان جي آواز کي ٻڌي ۽ وراڻي ڏئي؟انهي ۾ ته ويڙهه جي ڳالهه ئي اجائي آهي.”
“سسئي اڃا ويڙهه شروع ئي ڪٿي ٿي آهي،اڃا ته فقط اعلان ٿيو آهي ۽ تون چوين ٿي ته اسين هارائي ويا آهيون. آئون يا ڪو به باضمير ماڻهو ظلم خلاف پنهنجا چپ سِبي نٿو سگهي ۽ نه ئي آئون پنهنجا چپ سبڻ چاهيان ٿو. جڏهن ظلم ۽ جبر خلاف آواز نه اٿاربو ته ظلم وڌندو آهي پر گهٽجي نٿو سگهي،آئون ڌرتي ۽ پاڻي لا وڙهندي ماريو وڃان ته نه رڳو تون پر هر ماڻهو مون تي فخر ڪندو پر ظلم سهي بزدل ٿي مرڻ مون کي قبول ناهي ۽ پوءِ جڏهن جبر خلاف هڪ به آواز اٿاربو آهي ته لکين خاموش زبانون کُلي پونديون آهن ۽ اهو آواز حاڪمن جي نڙيءَ تي ننهن بڻجي گهُٽو ڏيندو آهي. آئون به اهڙي زبان ٿيڻ چاهيان ٿو جيڪا ظلم جي ديوارن ۾ نه رڳو ڏار وجهي پر انهيءَ کي ڪيرائي پَٽ ڪري ڇڏي.”
سسئي محسوس ڪيو ته اها ڳالهه ڪندي لطيف جي اکين ۾ چمڪ ۽ اعتماد گڏ اڀري رهيا هئا.
“پر ائين نٿو ٿي سگهي ته سڀ ڪجهه حالتن تي ڇڏي ڏيون ۽ سڀ ڪجهه آهستي آهستي ٺيڪ ٿي وڃي، ٿي سگهي ٿو اهو وقت تمام ويجهو هجي جو هن نديءَ جو پاڻي ڪنارن کي وري چمڻ لڳي.”
“حالتن جي سڌرڻ ۽ سٺي وقت جي انتظار ۾ نسل ختم ٿي ويندا. جيڪي ماڻهو حالتن جي سٺي ٿيڻ جو انتظار ڪندا آهن،اهي به ظلم ۾ ايترا ئي ڀاڱي ڀائيوار هوندا آهن جيترو ظلم ڪندڙ هوندو آهي. ڳالهه رڳو هن نسل جي ناهي پر ايندڙ نسل جي به آهي. آئون پنهنجو نالو غدارن ۾ لکائڻ نٿو چاهيان. اهو چوڻ ته تاريخ پنهنجو حساب پاڻ وٺندي اها اجائي ڳالهه آهي. انهي کان بهتر آهي ته اسين پاڻ ڪا جدوجهد ڪري نئين تاريخ لکون. جيڪا ظالم لاءِ عبرتناڪ هجي. دنيا ۾ ڪوبه انسان ڪمزور ناهي پر پاڻ کي ڪمزور سمجهي ٿو ۽ ڪوبه ظالم ايترو طاقتور ناهي بلڪه اسين پاڻ کي ڪمزور سمجهندا آهيون،انهي ڪري اهو اسان کي زور آوار لڳندو آهي. جڏهن ڪمزورن جو آواز هڪ ٿيندو ته اها اهڙي طاقت بڻجي اڀرندو آهي، جيڪا اُڀ به ڏاري سگهي ٿي ۽ انهيءَ آواز ۾ تنهنجو ۽ منهنجو آواز به شامل هجڻ ضروري آهي.”
“پر تون ته ڄاڻين ٿو ته اسان وٽ ڪنهن احتجاج ۽ آواز کي موٽ ناهي ملي،انهيءَ ڪري اها ڪوشش فضول آهي،ڪجهه به نه ٿيندو ۽ ائين سڀ ڪجهه هلندو رهندو.”
“ائين مايوسي ۾ نتيجا ڪڍي ويهي رهڻ اجائي ڳالهه آهي،قومن جي تقدير عام ماڻهو به مٽائي سگهي ٿو. جيڪڏهن ماضي ۾ آواز کي نه ٻڌو ويو ته ڇا هميشه لاءِ ائين ٿيندو رهندو؟ جڏهن تاريخ آرس ڀڃي اٿندي آهي ته سڀ ڪجهه مٽجي ويندو آهي. مون ته ڇا بلڪه تو به انهن مائرن،پيرين اگهاڙن ٻارن ۽ ليڙون ليڙون ٿيل وجودن کي اُس ۾ پاڻيءَ جي ڦڙي لاءِ احتجاج ڪندي ڏٺو آهي ۽ انهن جو آواز ڪڏهن ناهي مرڻو،اهو آواز تاريخ ۽ وقت جي ڪنن ۾ هڪ چيخ بڻجي لهندو. اهو ئي آواز اسان جي نجات جو ذريعو بڻبو،ڇا اسين هن نديءَ ڪناري ويٺا آهيون ته توکي ائين نٿو محسوس ٿئي ته هي ندي پنهنجو نوحو ٻڌائي رهي هجي،جيڪڏهن تون اهو نوحو ٻڌي نٿي سگهين انهي جي حالت ته ڏسي سگهين ٿي ڇا هن جي ورهين کان خاموشي اسان سان اها شڪايت نٿي ڪري ته هي وري تار ٿي وهڻ ٿي چاهي،جيڪو ماڻهو نديءَ جو نوحو ٻڌي به ڪجهه نٿو ڪري ته انهيءَ کي هن ڌرتي تي جيئڻ جو ڪوبه حق ناهي” هن جي اکين ۾ ڪاوڙ اڀرڻ لڳي.
“اهو ته صحيح آهي پر اهو سڀ ڪجهه ايترو سولو به ناهي جيترو نظر اچي ٿو.”
“آئون ڄاڻان ٿو ته اهو سڀ ڪجهه آسان ناهي پر اها ويڙهه انهي ڪري نه وڙهجي جو ڪم ڏکيو آهي،جيڪي انهي خوف کان ويڙهه ناهن ڪندا،اهي سڀ ڪجهه وڃائي ويهندا آهن. تو کي ياد آهي مون توکي چيو هو ته منهنجي خواهش آهي ته چانڊوڪي رات ۾ جڏهن هي ندي پنهنجي مستي ۾ وهندي هجي ۽ جهونگاريندي اڳيان وڌندي هجي ته آئون تنهنجو هٿ پڪڙي هلان ۽ صبح تائين هتي ئي ويٺا هجون” اها ڳالهه ڪندي هن جي چپن تي مرڪ تري آئي۽ سسئي جي چهري تي به هلڪي هلڪي مرڪ اُڀري آئي.
“ها اهو ته آئون به چاهيان ٿي ته هر چانڊوڪي رات ۾ پاڻ ٻئي هتي اچون ۽ زندگيءَ جا حَسين پل گذاريون پراها تمنا الئه ڪڏهن پوري ٿيندي؟” هوءَ ڪجهه اُداس ٿي وئي.
“ها مون کي به انهي وقت جو انتظار آهي پر اسان جي انهي خواهش کان وڌيڪ ماڻهن جا ڏک وڌيڪ اهم آهن ڇا ٿيو جيڪڏهن اسان جي اها خواهش پوري نه ٿي،ٿي سگهي ٿو ايندڙ نسل اهو سڀ ڪجهه ڪري سگهي ۽ ڏسي سگهي جنهن کان اسين محروم آهيون. جيڪڏهن اسان جي قرباني سان هر ايندڙ نسل خوش ٿي حياتي گذاري سگهي ٿو ته اهو سودو ايڏو مهانگو ناهي پر انهي لاءِ جدوجهد جي ضرورت آهي،انهي کانسواءِ ڪجهه به نه ٿي سگهندو”
سج آسمان تان غائب ٿي چڪو هو،شام رات سان گلي ملي رهي هئي. آسمان تي موجود چنڊ آهستي آهستي روشن ٿي رهيو هو پکين جي پنهنجن آکيرن ڏانهن واپسي جاري هئي،لطيف ۽ سسئي اٿي بيٺا.
“سسئي! هو ڏس اڄوڪو سج به لهي ويو پر اسان کي نئون سج اڀارڻو آهي،اهڙو سج جيڪو انقلاب جي علامت بڻجي نروار ٿئي،جيڪو تنهنجي ۽ منهنجي اکين ۾ آهي ۽ جڏهن اهو سج اُڀرندو ته هي نديءَ وري ڪڏهن به پنهنجو نوحو نه ٻڌائيندي. جيڪڏهن تون مون سان آهين ته تنهنجي هر وِک به مون سان کڄڻ گهرجي”هن پنهنجو هٿ سسئي ڏانهن وڌائيندي چيو.
“آئون به اهڙو آواز ٿينديس جيڪو آسمان ڏاري وجهي”سسئي پنهنجو هٿ لطيف جي هٿ ۾ ڏئي ڇڏيو. پوءِ ٻئي وِک وِک سان ملائي هڪ نئين منزل ڏانهن روانا ٿي ويا. هنن جي پيرن جا نشان واريءَ تي نروار ٿي رهيا هئا،جيڪي انهي ڏسا ڏانهن پئي ويا جتان نئون سج نروار ٿيڻو هو.