15. ٻه شهر
“ ٻڌو....” هن منهنجي سڏ کي نه ٻڌو هو ڪنهن گهري سوچ ۾ ٻڏل هو وري چيم،” ٻڌو” هو هڪدم پنهنجي خيالن جي دنيا ۾ موٽي آيو. هن مون کي چتائي ڏٺو، کيس منهنجو ائين مخاطب ٿيڻ نه وڻيو، ساعت کانپوءِ ماٺ کي ٽوڙيندي پڇيائين”ڇا ڳالهه آهي؟”
“آئون توهان کي روز هنن گهٽين ۾ گهمندي ڏسندو آهيان، انهي ڪري سوچيم ته اوهان سان ملاقات ڪجي. منهنجي خيال ۾ توهان انهن گهٽين ۾ ڪجهه ڳولي رهيا آهيو؟ يا توهان ائين ئي مون وانگر آوارگي ڪري رهيا آهيو؟ توهان کي ڪنهن جي ڳولا آهي؟”مون پڇيو.
هن جي خشڪ چپن تي مرڪ جي آلاڻ تري آئي،مرڪڻ مهل ائين لڳي رهيو هو، ڄڻ هوءَ ورهين کانپوءِ مرڪيو هجي. مسڪرائڻ وقت سندس چهري ۾ پيل گُهنج کيس وڌيڪ خوبصورت بڻائي رهيا هئا.
“توکي ڪيئن خبر پئي ته آئون ڪجهه ڳولي رهيو آهيان.” هن هلڪڙي آواز ۾ مخاطب ٿيندي پڇيو....
“اهو منهنجو اندازو آهي.”
“ها! واقعي آئون ڪجهه ڳولي رهيو آهيان.”
“پر توهان جي اهڙي شيءِ آهي جيڪا هن شهر جي گهٽين ۾ وڃايل آهي؟ “ منهنجي انهي سوال تي هن کي هڪ دفعو وري ماٺ وڪوڙي وئي ساعت کانپوءِ چيائين
“مون کي منهنجي خوبصورت ماضي ۽ حسين يادن جي ڳولا آهي. جيڪي هت ئي هنن گهٽين ۾ گم آهن.”
ماضي، حسين يادون؟! اهي سڀ ڳالهيون منهنجي لاءِ نيون هيون..”پر ماضي ته ڪنهن کي ناهي مليو.”
“ها پر انهن کي ڳولڻ ۾ ڇا آهي؟” هو ڪافي اعتماد سان ڳالهائي رهيو هو.
“هن گهٽي ۾ منهنجو ساهه منجهي رهيو آهي، منهنجي خيال ۾ هاڻي هتان نڪرڻ گهرجي” مون چيو.
آئون هن سان گهٽي مان نڪرڻ لڳس ۽ سوچڻ لڳس ته هن وٽ ڪيتريون ئي خوبصورت يادون آهن، جن جي ڳولا ۾ هو نڪتل آهي.
“تنهنجو هن گهٽي ۾ ساهه ڇو منجهڻ لڳو هو؟ “
“ائين ئي شايد سوڙهي گهٽي آهي، آئون انهي گهٽي ڏانهن تمام گهٽ ويندو آهيان.”
“ها! توکي اها گهٽي انهي ڪري سوڙهي لڳندي هوندي جو منهنجي ماضي جو گهڻو حصو ۽ يادون انهي گهٽي ۾ رهنديون آهن”
آئون ماٺڪو هن سان هلندو رهيس.
“توکي هي شهر ڪيئن لڳندو آهي؟” سندس اوچتي سوال مون کي پريشان ڪري وڌو.
“سٺو لڳندو آهي.”
“ڇو؟” سندس ٻيو سوال مون لاءِ وڌيڪ ڏکيو هو بنا سوچي سمجهي چئي ڏنم”انهي ڪري جو هي منهنجو شهر آهي.”
“تنهنجو شهر آهي...”
“ها! منهنجو شهر آهي.” مون وڌيڪ اعتماد سان چيو شايد هن کي منهنجو جواب نه وڻيو، انهي ڪري هو طنز ڪري رهيو هو.
“پر هي شهر مون کي ڇو وڻندو آهي.... خبر اٿئي؟ انهي ڪري جو هي هن جو شهر آهي.” منهنجي سبب پڇڻ کان اڳ ئي هن جواب ڏئي ڇڏيو.
“هن جو شهر.... آئون سمجهي نه سگهيس؟ هو ڪير آهي؟ “
“هو منهنجي لاءِ سڀ ڪجهه آهي.” سندس عجيب ڳالهيون منهنجي سمجهه کان ٻاهر هيون. هو اوچتو بيهي رهيو ۽ منهنجي ڪلهي تي هٿ رکندي نم جي وڻ ڏانهن اشارو ڪندي چيائين.
“اچ ٿورو هن وڻ جي ڇانوَ ۾ ويهي آرام ڪريون.” هو مون کي انهي وڻ جي ڇانوَ ۾ وٺي ويو، جيڪو هن شهر جو سڀ کان پراڻو نم جو وڻ آهي. اسين ٻئي انهي وڻ هيٺ ويهي رهياسين. هو نم جي ٿُڙ کي ٽيڪ لڳائي ويٺو. هن هڪ ٿڌو شوڪارو ڀريو ۽ اکيون بند ڪري ڇڏيائين. ٿوري دير کانپوءِ هن پنهنجيون ٿڪل اکيون جن ۾ ورهين کان اوجاڳا آباد هئا کوليائين پر بند اکيون به خوبصورت پئي لڳيون.
“هن وڻ هيٺ منهنجيون ڪيئي يادون رهنديون آهن. هاڻي هن وڻ جي ڇانو ايڏي ٿڌي ڪونهي پر هوءَ جڏهن ايندي هئي ته ڇانو تمام ٿڌي لڳندي هئي.” هن چيو.
هن ڀيري آئون سمجهي ويس ته هي ماڻهو سڄي واٽ جنهن جو ذڪر ڪندو آيو آهي، اها هن جي محبوبه آهي.
“منهنجي خيال ۾ هاڻي ٻئي پاسي هلڻ گهرجي. هو اٿيو ۽ اسين وري هلڻ لڳاسين.
“تون هو موڙ ڏسي رهيو آهين. اتي به هڪ ياد منهنجو انتظار ڪري رهي آهي، جنهن سان مون کي ملڻو آهي.”
اسين انهي موڙ وٽ پهتاسين جتي مون کي ڪجهه نظر نه آيو. هو پوڙهو اتي بيهي رهيو ۽ مسڪرائي وري هلڻ لڳو.
“هتي مون هن جي اکين جي ساراهه ڪئي هئي، انهي ڪري آئون بيهي رهيس، هن جون اکيون ڪنهن سمنڊ جيتريون گهريون ڪو نه هيون پر پوءِ به خوبصورت هيون، ڪنهن جهڙيون آهن؟ ها! بلڪل ڪنهن ننڍڙي سپ جهڙيون”
هو پاڻ کان سوال ڪندو ۽ پاڻ ئي جواب ڏيندو رهيو ۽ ڏاڍو خوش پئي لڳو. هو اڃا تائين پنهنجي ماضي جي سحر ۾ گم آهي.... پر ڇا هو هن کي ڇڏي وئي؟ يا مري چڪي آهي؟ آئون پاڻ کان سوال ڪرڻ لڳس. منهنجي خيال ۾ پڇي ڏسجي پر ٻي لمحي سوچيم ته اهو مناسب ڪونهي، ٿي سگهي ٿو ته هو پاڻ ئي ٻڌائي ڇڏي. منهنجي آوارگي جو وقت هاڻي ختم ٿيڻ وارو هو، ڇو ته سج پنهنجي سڄي گرمي شهر جي جهولي ۾ وجهي رهيو هو پر مون هن کي ڇڏڻ ڪونه پئي چاهيو، هو هڪ گهر جي در وٽ بيهي رهيو، شايد هي هن جو ئي گهر هو. هن پينٽ جي کيسي ۾ هٿ وجهي چاٻي ڪڍي، گهر جو در کولي مون کي اندر اچڻ جو چيائين آئون بنا ڪنهن حجاب جي اندر داخل ٿيس. هو گهر جون چاڙهيون چڙهي مٿئين ڪمري ڏانهن هلڻ لڳو، آئون هن جي پٺيان هلندو ڪمري ۾ داخل ٿيس ۽ هن مون کي ويهڻ جو چيو. آئون ڪرسي تي ويهي رهيس، ڪمرو ڪافي سٺو سينگاريل هو. هو به ڀر ۾ رکيل ڪرسي تي ويهي رهيو.
“هي منهنجو ۽ هن جو ڪمرو آهي پر هاڻ اسين هتي ٽي ڄڻا رهندا آهيون” هن چيو.
“ ڪير ڪير؟ “
“هڪ آئون، ٻيو هن ياد ۽ ٽئين منهنجي اڪيلائي.” انهي مهل هن جي چهري تي اداسي جون ريکائون اڀري آيون. منهنجي ڀر ۾ پيل ميز تي مٽي جا رانديڪا رکيل هئا. هڪ فريم ميز تي رکيل هو، جنهن ۾ ڪابه تصوير نه هئي ۽ هڪ گلدان جنهن ۾ گلاب جا گل پيل هئا. هن پنهنجا هٿ ميز ڏانهن وڌايا ۽ ميز تي پيل رانديڪن مان هڪ رانديڪو کڻي مون کي ڏيندي چيائين.
“هي سڀ رانديڪا آئون هن کي ٺاهي ڏيندو هئس. توکي اڃان تائين منهنجي هٿن مان مٽي جي خوشبو ايندي، هي هٿ سونگهي ڏس.” هن هڪدم پنهنجا هٿ مون ڏانهن وڌايا... هن جي هٿن جي لڪيرن تي جواني جو سفر ختم ٿي چڪو هو ۽ پيري پنهنجي سفر جي شروعات ڪري چڪي هئي. سندس هٿن کي غور سان ڏٺم، جن ۾ زندگي جي لڪير تمام ڊگهي هئي.
“ڪيئن آهي نه منهنجي هٿن ۾ مٽي جي خوشبو؟”
“ها... ها! بلڪل” کيس مطمئن ڪرڻ لاءِ چيم.
هن جي اکين ۾ چمڪ نظر اچي رهي هئي. ساعت لاءِ ڪمري کي ماٺ پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتو. مون فريم ڏانهن هٿ وڌايو،
“هي خالي ڇو آهي؟ انهي ۾ توهان تصوير ناهي لڳائي؟”
“ها تصوير! منهنجي خيال ۾ تصويرون مئل ماڻهن جون فريمن ۾ لڳايون وينديون آهن ۽ پوءِ هو مري ته ڪونه وئي آهي جو هن کي فريم ۾ قيد ڪري رکجي.”
“توهان ڳالهيون ڏاڍيون سٺيون ڪندا آهيو، دل چوي ٿي ته توهان کي ٻڌندو رهان. “ مون چيو.
“هو به ائين ئي چوندي آهي.”
“پر هو آهي ڪير؟ “ مون پڇيو.
“تون انهي ڳالهه کي ڇڏ! الئه ڇو هو لنوائي ويو.
“اهو ٻڌائي توکي هن شهر جي موسم ڪيئن لڳندي آهي؟”
“موسم ٺيڪ آهي”
“نه! ٺيڪ ڪونهي هتي جي موسم ۾ اداسي آهي... هن شهر ۾ هاڻي اها خوبصورتي ناهي موسمون ئي رسي ويون آهن. هتي ڪا به موسم ناهي ايندي؟”
خبر ناهي ڇو هن کي هتي ڪنهن موسم جو احساس نٿو ٿئي.
“ائين ته ڪونهي.” مون چيو.
“هتي هر موسم ايندي پر هتي هڪ موسم نٿي اچي... اها هن جي نالي سان آهي. تو هڪڙي ڳالهه محسوس ڪئي آهي. هتي جون هوائون بند ٿي ويون آهن. “
“ها! اها ڳالهه آهي،”
هو ڪرسي تان اٿي دريءَ وٽ وڃي بيٺو، جتان شهر جو نقشو چٽو نظر پئي آيو.
“هن شهر کي ڇا ٿي ويو آهي؟ هتي اها دلڪشي ناهي رهي. ائين لڳندو آهي، ڄڻ ته هي شهر منهنجي يادن جو شهر نه پر درد جو شهر ٿيندو پيو وڃي.”
اها ڳالهه ڪندي کيس اداسي ورائي وئي، هن جي اکين ۾ اداسي سفر ڪرڻ لڳي.
“هن شهر جا رنگ هاڻي هلڪا ٿي چڪا آهن. وقت هن شهر جي رنگن کي ڦٽائي ڇڏيو آهي... پر تڏهن به هي شهر مون کي ڏاڍو وڻندو آهي، ڇو هتي منهنجيون يادون به ته رهنديون آهن ۽ انهن کي آئون ڪڏهن به وساري نٿو سگهان.”
هو دريءَ کان هٽي منهنجي ڀر ۾ اچي بيٺو ۽ تمام هلڪڙي آواز ۾ چيائين “توکي خبر آهي، منهنجي اندر به هڪ شهر آباد آهي. جيڪو منهنجي دل ۾ آهي.”
“دل جو شهر؟”
“ها دل جو شهر! جنهن شهر ۾ درد ڪونهي ڪو به غم ناهي، انهي شهر ۾اداسي به ناهي، اهو شهر هن جي خوبصورت ڳالهين ۽ يادن جو شهر ٺهيل آهي. انهي شهر جي باغيچي ۾ جيڪي گل ٽڙن ٿا، انهن ۾ هن جي بدن جي خوشبوءِ آهي. انهي شهر کي ڪير به اجاڙي نٿو سگهي، ها!انهي شهر ۾ موسم فقط هڪڙي آهي، اها هوءَ پاڻ آهي. هو جتي هجي اتي ڪنهن به موسم جي ضرورت ناهي. جڏهن مون ڏٺو ته هي شهر ڪجهه تبديل ٿي رهيو آهي... انهي ڪري مون پنهنجي دل ۾ هڪ شهر آباد ڪري ورتو، هاڻي هو اتي رهندي آهي... هو تمام خوش آهي.” هو چپ ٿي ويو.
سندس ڳالهيون هيون ته عجيب پر ٻڌڻ ۾ ڏاڍو لطف پئي آيو. آئون سوچڻ لڳس، هن ماڻهو جو ماضي ڪيڏو نه خوبصورت هوندو، کيس شايد محبوبه جون يادون ئي جياري ويٺيون آهن. هن هڪ ڊگهو شوڪارو ڀريو ۽ ڪرسي تي ويهي رهيو.
مون کي ڪافي وقت ٿي چڪو هو، آئون ڳالهيون ٻڌي رهيو هئس، ڪرسي تان اٿي انهي دريءَ کان ٻاهر نظر ڊوڙايم جتي ڪجهه وقت اڳ ۾ بيٺل هو. پر مون کي منهنجو شهر ائين ئي نظر آيو، جيئن سدائين نظر ايندو آهي... آئون سڀ اهي ڳالهيون محسوس نه ڪري سگهيس، جيڪي هن محسوس پئي ڪيون شايد انهي ڪري جو مون وٽ ايتريون يادون ڪونه هيون، شام ٿي چڪي هئي، جيڪا آهستي آهستي رات جي سفر تي رواني ٿيڻ لڳي.
آئون هن جي ڀر ۾ بيهي رهيس ۽ چيم” هاڻي آئون هلان ٿو. “
“ڇا تون بيزار ٿي ويو آهين؟”
“نه... ڪافي وقت گذري چڪو آهي” مون چيو.
“پر اڃا مون کي توسان ڪجهه ڳالهيون ڪرڻيون آهن” هن چيو.
اسين ٻئي گهر کان ٻاهر نڪري آياسين.
“نوجوان جيڪڏهن دل ۾ نه ڪرين ته تون مون سان وقت گذاريندين؟” هن جو لهجو التجا وارو هو... مون به هن کي ڇڏڻ نه پئي چاهيو.
“ها بلڪل ڇو نه،” هو ڪافي خوش ٿيو.
هن پنهنجيون اکيون آسمان ڏانهن ڪيون ۽ چيائين “هي ڏس شام ڪيڏي اداس آهي... پهرين ائين ڪ نه هو. هن شهر جي شام ڪڏهن ايڏي اداس ناهي ٿي، هي جيڪي تون گهٽيون ڏسي پيو، انهن ۾ پهرين هن جا ٽهڪ گونجندا هئا” هن چيو.
پر اڃا اهو واضح ناهي ٿي سگهيو ته هو ڪٿي آهي، ڪٿي ائين ناهي ته هن جو ڪو وجود ئي ڪونهي ۽ هي رڳو پنهنجي دل خوش رکڻ لاءِ اهي سڀ وهم کڻي پيو هلي پر ائين به ٿي سگهي ٿو، هو هن کي هميشه لاءِ ڇڏي وئي هجي. اهي سڀ سوال مون کي بيچين ڪري رهيا هئا... انهي ڪري نيٺ وري پڇيم” هو ڪٿي رهندي آهي؟”
“توکي مون ٻڌايو نه ته هوءَ منهنجي دل جي شهر ۾ رهندي آهي.”
سندس جواب مون کي مطمئن نه ڪري سگهيو. اسين مسلسل هلندا رهياسين، مون کي خبر نه هئي ته هو مون کي ڪيڏانهن پيو وٺي وڃي؟ شايد هو مون کي پنهنجي محبوبه جي گهر وٺي وڃي رهيو هو. اسين ٻئي شهر جي هڪ ويران پليٽ فارم تي اچي پهتاسين، جيڪو شهر جو سڀ کان پراڻو پليٽ فارم هو، جيڪو هاڻي ويران ٿي چڪو هو ۽ هتي هفتي ۾ فقط ٻه دفعا گاڏي ايندي هئي. شام نيٺ موڪلائي رات ۾ تبديل ٿي وئي. اسين پليٽ فارم تي رکيل بئنچ تي ويهي رهياسين. منهنجي خيال ۾ هو گاڏي جي انتظار ۾ هو، ڇو ته اڄ اهو ڏينهن هو، جنهن ڏينهن گاڏي ايندي هئي. اسين ٻئي رات جي خاموشي ۾ ماٺ ڪريو ويٺا هئاسين.
“توکي هڪڙي ڳالهه ٻڌائڻ وسري ويس. هن خاموشي کي ٽوڙيو، هن کي سدابهار جا گل وڻندا آهن، آئون روز هن کي اهي گل ڏيندو هئس، اڃا تائين به هن لاءِ اهي گل رکندو آهيان.” هن پنهنجي شرٽ جي کيسي مان اهي سدا بهار گل ڪڍي ڏيکاريا، جيڪي ڪنهن خوبصورت ڇوڪريءَ جي چهري وانگر تازا هئا. مون کي پري کان ريل گاڏي جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. ريل سيٽيون وڄائيندي انهي ويران پليٽ فارم تي اچي بيٺي، گاڏي مان گهڻائي ماڻهو لٿا پر چڙهڻ وارو ڪو به نه هو. هڪ خوبصورت عورت ڪمپارٽمنٽ کان لٿي ۽ ڪنهن کي ڳولڻ لڳي... مون کي لڳو ته اها هن کي ڳولي رهي آهي پر هن جو ڌيان انهي پاسي بلڪل ڪو نه ويو. هو ماٺ ٿي مسافرن کي ڏسندو رهيو اها ڪنهن ٻئي سان هلي وئي. گاڏي ڪجهه دير بيهڻ کانپوءِ رڙهڻ لڳي ۽ ڊگهي سفر ڏانهن رواني ٿيندي اونداهي ۾ غائب ٿي وئي... پر هن جي محبوبه ڪو نه آئي.
“تون ڇا ٿو سمجهين آئون هن پليٽ فارم تي هن جي انتظار ۾آيو آهيان.” هن هڪ ڊگهي وقفي کانپوءِ ڳالهائڻ شروع ڪيو.
“ ها! بلڪل توهان انهي لاءِ ته آيا آهيو.”
“آئون انهي لاءِ ڪونه آيو آهيان.”
ويران پليٽ فارم جي بلڪل سامهون قبرستان به هو هن انهي قبرستان ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
“هو قبرستان ڏسي رهيو آهين، جتي سوين ماڻهو هميشه لاءِ آرامي ٿي چڪا آهن. ماڻهو چون ٿا ته اتي هن جي قبر آهي.”
انهي مهل سندس اکين مان ڳوڙها پنبڻين جي ڪنارن سان ٽڪرائيندا سندس چهري جي سرن جي واٽ وٺي ڪجهه اتي خشڪ ٿي ويا ۽ ڪجهه سخت فرش تي ڪري خشڪ ٿي ويا.
“اڄ ڏينهن تائين آئون هن جي قبر تي نه وڃي سگهيو آهيان. جيڪڏهن آئون هن جي قبر تي هليو ويس ته مون کي اهو يقين ٿي ويندو ته هوءَ مري وئي آهي ۽ آئون نٿو چاهيان ته مون کي اهڙو يقين ٿئي ۽ جيڪڏهن مون کي يقين ٿي ويو ته منهنجي دل ۾ جيڪو شهر آباد آهي، اهو هن شهر وانگر اجڙي ويندو ۽ پوءِ هو ٿڪل وجود سان اٿيو قبرستان ڏانهن ڏٺائين ۽ ڪنڌ ڦيرائي رات جي تاريڪي ۾ غائب ٿي ويو ۽ آئون انهي ويران پليٽ فارم تي اڪيلو رهجي ويس. انهي مهل مون کي ائين لڳو ته هو وڃڻ وقت هڪ شهر منهنجي دل ۾ به آباد ڪري ويو.