ڪھاڻيون

برسات کانپوءِ

نوجوان ڪهاڻيڪار اختر حفيظ پنهنجي ڪهاڻين بابت لکي ٿو:
منهنجيون ڪهاڻيون ڪنهن کي وڻن ٿيون يا نٿيون وڻن انهي تي مون کي اعتراض نه آهي، مون کي صرف ايتري خبر آهي ته منهنجون ڪهاڻيون هن سماج مان ورتل آهن، هونئن به پنهنجي سماج کان ڪٽيل ڪهاڻي جو ڪو سرو نه هوندو آهي
  • 4.5/5.0
  • 2554
  • 783
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اختر حفيظ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book برسات کانپوءِ

5. نيڻ

آئون روز انهيءَ ماڻهو کي شهر جي انهيءَ پراڻي لان ۾ ڏسندي هيس،جتي آئون شام جو واڪ ڪرڻ لاءِ ويندي هيس ۽ اُتي هر ماڻهو ڪجهه گهڙين لاءِ آرام ڪرڻ ايندو هو. اهو لان شهر جي پراڻي باغ ۾ هو. اُتي ٻارڙا پنهنجي مستي ۾ مگن هوندا هئا ۽ هيڏانهن هوڏانهن راند ڪندي نظر ايندا هئا. مون کي انهي لان ۾ چهل قدمي ڪندي ڪافي عرصو ٿي چڪو هو. آئون اڪيلي ئي ڪجهه وقت گهاري هلي ويندي هيس. مون کي هن ماڻهو بابت ڪا به خبر نه هئي ته هو ڪير هو؟ نه ئي مون هن جي باري ۾ ڪنهن کان پڇيو ۽ نه وري ڪنهن مون کي هن جي باري ۾ ٻڌايو. هو منهنجي اچڻ کان اڳ ئي انهي بئنچ تي ويهي خاموشي سان ڪتاب پڙهندو هو، جتي آئون ڪجهه گهڙين لاءِ ساهي پٽيندي هيس پر هن کي منهنجي موجودگي جو ڄڻ ته احساس ئي ڪونه هوندو هو. هو وقفي وقفي سان ڪتاب مان نظرون ڦيرائي هڪ نظر آسپاس نهاري وري نظرون ڪتاب ۾ کُپائي ڇڏيندو هو. مون کي هميشه ائين لڳندو هو ته هن جي چشمي پويان چمڪدار اکين ۾ ڪا ڪٿا لڪل هجي. چشمي جي ڪري هو ڪافي سنجيدو نظر ٿي آيو. هن جي مٿي ۽ هلڪي ڏاڙهي ۾ اڌواڌ اڇا وار واضح هئا. ڏاڙهي ترتيب سان ڪٽيل هئي،جيڪا هن جي چهري تي تمام سهڻي ٿي لڳي. اڪثر ڪري هو سگريٽ پيئندي به نظر ايندو هو.مون ڪئين ڀيرا ڪوشش ڪئي ته هن سان ڳالهائجي پر هو ڪتاب پڙهڻ ۾ ايترو ته گم هوندو هو جو دل کيس تنگ ڪرڻ لاءِ ڪونه چوندي هئي. ائين ٿي لڳو ڄڻ هن جي دنيا ڪتاب ۽ اهو سگريٽ هو جيڪو اڪثر سندس سنهڙين آڱرين ۾ جهليل هوندو هو. مون هن کي هڪ ٻه ڀيرا لان جي مالهي سان ڳالهائيندي ڏٺو هو. ٻه ٽي ڏينهن هو انهي بئنچ تان غائب رهيو. مون مالهي کان پڇيو ته خبر پئي ته هو بيمار هو پر پوءِ هو ساڳي جاءِ تي نظر آيو.
ٻئي ڏينهن مون کي هن سان ڳالهائڻ جو بهانو ملي ويو ۽ آئون انهي بينچ تي ويهي رهيس. انهي وقت به سندس نظرون ڪتاب ۾ کُتل هيون.
“توهان جي طبيعت ڪيئن آهي؟” مون کانئس ڊڄندي ڊڄندي پڇيو.
انهي وقت هن هڪدم ڪتاب مان نظرون ڦيرائي ڪجهه گهڙين لاءِ مون کي ائين ڏٺو ڄڻ پڇي رهيو هجي ته مونکي هن جي طبيعت بابت ڪنهن ٻڌايو.
“آئون ٺيڪ آهيان!” هن ڪجهه رکائي سان جواب ڏنو۽ ڪتاب پڙهڻ ۾ مصروف ٿي ويو.
“آئون توهان کي روز هتي ڏسندي آهيان،مون کي ته توهان جي نالي جي به خبر ناهي پر الائي ڇو ائين لڳندو آهي ڄڻ توهان ڪنهن کي ڪجهه ٻڌائڻ ٿا چاهيو پر...”
“پر ڇا؟” هن منهنجي ڳالهه ڪٽي ڇڏي ۽ ڪتاب مان نظرون ڦيرائڻ بنا ئي مون کان سوال پڇي ورتائين.
“پر شايد توهان کي ڪو ٻڌڻ وارو ناهي،آئون انهي بابت ڪو دليل ته نٿي ڏئي سگهان پر مون کي ائين محسوس ٿيندو آهي،ٿي سگهي ٿو آئون غلط هجان،شايد توهان وٽ ڪجهه آهي جيڪو اڄ ڏينهن تائين ڪونه چئي سگهيا آهيو،ڪا ڪٿا آهي” آئون اها ڳالهه ڪري چپ ٿي ويس ۽ هن جي جواب جو انتظار ڪرڻ لڳيس.
“ڪٿا! ڪٿا ته هر ڪنهن جي اندر ۾ هوندي آهي. هتي تون جيڪي ماڻهو ڏسي رهي آهين اهي پنهنجي اندر ۾ ڪا نه ڪا ڪهاڻي ضرور کڻي هلن ٿا ۽ انهي جو سرو ڪنهن ٻئي وجود سان جُڙيل هوندو آهي. باقي تون جيڪو منهنجي باري ۾ سمجهي رهي آهين اهو صحيح آهي “ هن ڪتاب جو پنو ورائيندي چيو.
“آئون گذريل پنجويهه سالن کان هتي اچي رهيو آهيان. تون پهرين ڇوڪري آهين جنهن منهنجي باري ۾ اها ڳالهه محسوس ڪئي آهي،منهنجو نالو ڪمال حسن آهي” هن اها ڳالهه ڪري ڪتاب بند ڪري ڇڏيو ۽ انهن ٻارڙن کي ڏسڻ لڳو، جيڪي دنيا کان بي خبر راند ۾ مصروف هئا. هن جو نالو ٻڌي مون کي عجيب خوشي محسوس ٿي.
“ڪمال حسن!مون سندس نالو خوشي واري انداز ۾ ورجايو،توهان اهي ئي ڪمال حسن آهيو نه،ناليوارا ڪهاڻيڪار! مون توهان جون ڪهاڻيون پڙهيون آهن ۽ بار بار پڙهيون آهن پر هاڻي ته ڪافي عرصي کان توهان ڪا نئين ڪهاڻي ناهي لکي، توهان ته هاڻ بلڪل به گم ٿي ويا آهيو.”
منهنجي لاءِ اها خوشي جي ڳالهه هئي ته آئون هڪ ڀلوڙ ڪهاڻيڪار سان ويٺي کيس ٻڌي رهي هيس.
مون هن جون جيڪي تصويرون ڏٺيون هيون اهي سندس جوانيءَ جون هيون جن ۾ هو ڪلين شيو هو.
“ڪمال صاحب توهان هاڻ ڪهاڻيون نٿا لکو؟”
ڪهاڻي!هن هلڪي آواز ۾ چيو “جڏهن ڪهاڻيڪار پاڻ ڪهاڻي بڻجي وڃي ته انهيءَ کان ڪهاڻي ناهي لکبي،بس ائين سمجهه ته اڄڪلهه ڪهاڻي مون کي لکي رهي آهي. اهي ڪهاڻيون به عجيب هونديون آهن. جڏهن ماڻهو چاهي دنيا جا سمورا رنگ ۽ خوشيون انهن ۾ وجهي ڇڏي ۽ جڏهن چاهي تڏهن پنن تي پنهنجو غم اوتي ڇڏي ۽ هر محرومي ڪردارن جي جهولي ۾ وجهي ڇڏي پر جيڪڏهن تو منهنجين ڪهاڻين کي غور سان پڙهيو آهي ته تو کي هر ڪردار جي وجود ۾ منهنجو عڪس سمايل نظر ايندو،آئون جيڪو ڪجهه حاصل نه ڪري سگهيو آهيان، اهو مون پنهنجين ڪهاڻين جي ڪردارن کي ڏنو آهي.” هو ماٺ ٿي ويو ۽ مون هن جي لهجي ۾ اداسيءَ جي تاثر کي محسوس ڪري ورتو.
“ڇا آئون تنهنجو نالو پڇي سگهان ٿو؟” هن وري ڳالهائڻ شروع ڪيو.
“آئون پرهه آهيان” مون چيو “توهان ڪجهه وڌيڪ پنهنجي باري ۾ ٻڌايو نه،مون توهان جا انٽرويوز پڙهيا آهن پر مون کي ائين لڳندو آهي اهي اڻپورا آهن. توهان کي ڏسي ائين لڳندو آهي، ڪا ڪهاڻي انهن اکين ۾ به آهي. جيڪا دنيا تائين ناهي پهتي. آئون اها ٻڌڻ چاهيان ٿي، جيڪا اڃا تائين ڪورن پنن جي وجود تي ناهي لٿي.”
انهي مهل هن پنهنجي کيسي مان سگريٽ ۽ لائيٽر ڪڍيو، هن سگريٽ دکايو ۽ پنهنجي آڱرين ۾ جهلي پيئڻ لڳو.
“ڇا رکيو آهي منهنجي ڪهاڻي ۾ .... ڪجهه به ناهي” هن سگريٽ جو ڪش هڻندي ڳالهه ڪئي. مون کي لڳو ته هو پاڻ تي طنز ڪري رهيو هو.
“ڇا توکي اکيون پڙهڻ جو فن ايندو آهي؟” هن ڪجهه وقفي کان پوءِ پڇيو.
منهنجي لاءِ هن جو سوال ڪجهه ڏکيو هو، هڪدم چئي ڏنم ته نه مون کي ناهي ايندو.
“نه ائين ناهي توکي انهي فن کان ڪجهه واقفيت آهي نه ته گذريل پنجويهه سالن کان مونکي ڪنهن به اهو سڀ ڪجهه ناهي چيو جيڪو تون چئي رهي آهين. آئون هڪ هارايل وجود آهيان،مون زندگي ۾ گهڻو ڪجهه هارايو آهي،پاڻ کي بلڪه پنهنجي محبت کي به هارائي چڪو آهيان،هتي ته آئون ڪنهن جو انتظار ڪرڻ ايندو آهيان منهنجو هر پل خاص ڪري شام انتظار ۾ ٿي گذري، هاڻ ته آئون پنهنجا پير پيري ۾ پائي چڪو آهيان پر منهنجو انتظار اڃا به جوان آهي” هن اها ڳالهه ڪري سگريٽ اجهائي ڇڏيو ۽ آخري ڪش جو دونهن هن جي چپن جي واٽ وٺي هوا ۾ وکري ويو. شام پنهنجا قدم رات ڏانهن وڌائي رهي هئي ۽ لان جا بلب روشن ٿي چڪا هئا. مون کي اندازو ٿي چڪو هو ته هن کي سندس محبوبا جو انتظار هو.
“منهنجي خيال ۾ مون کي هاڻ هلڻ گهرجي.” هو اٿيو ۽ آئون به اٿي بيٺيس. اسين ٻئي لان مان نڪري رستي تي آياسين ۽ آهستي آهستي خاموشي سان هلندا رهياسين، انهيءَ دوران نه ڪجهه هن ڳالهايو ۽ نه وري مون هن کان ڪجهه پڇيو ۽ هو مون کان موڪلائي هليو ويو. آئون انهيءَ رات رڳو ڪمال حسن بابت ئي سوچيندي رهيس ته هن جي زندگي سان جڙيل اهڙي به ڪهاڻي آهي، جيڪا هو اڃان ناهي لکي سگهيو. ٻئي ڏينهن هو مون کي ساڳي جاءِ تي مليو، جتي معمول موجب هو ڪتاب پڙهڻ ۾ مصروف هو ۽ منهنجي اچڻ شرط ڪتاب بند ڪري ڇڏيائين.
“ڪمال صاحب! آئون اڄ توهان جي پوري ڪهاڻي ٻڌي پوءِ ئي هتان وينديس.” مون ڪجهه حجت واري انداز ۾ چيو.
“پر مون سوچيو آهي ته آئون اها ڪهاڻي نه لکندس ڇو ته آئون اها ڪهاڻي دنيا کي ٻڌائڻ نه ٿو چاهيان، جيڪڏهن تون منهنجي باري ۾ ڪجه نه پڇين ها ته آئون توکي ڪجهه به نه ٻڌايان ها. انهن ڏينهن ۾ آئون يونيورسٽي جو شاگرد هئس، اهو منهنجي زندگيءَ جو يادگار زمانو هو، اتي ئي مون کي هڪ ڇوڪريءَ سان محبت ٿي وئي ۽ هن کي مون سان پيار هو، اسين ٻئي ڪئمپس جي رستن تي زماني کان بي پرواهه ٿي هلندا هئاسين، منهنجيون شامون رنگين هيون ۽ راتيون صبح ٿيڻ جي انتظار ۾ گذرڻ لڳيون. هن کي آئون مٺيءَ جي نالي سان سڏيندو هئس. دنيا کيس ڪهڙي نالي سان به سڃاڻي پر هوءَ منهنجي لاءِ مٺي آهي ۽ مٺي رهندي.”
هن جڏهن پنهنجي محبوبا جو نالو چپن تي آندو ته هڪ دٻيل مرڪ هن جي چپن جا ڪنارا چمڻ لڳي.
“شروع شروع ۾ ته هر وقت هن جون نگاهون مون کي ڳولينديون هيون. پوءِ آهستي آهستي هوءَ منهنجين ڪهاڻين جو حصو ٿي وئي، نه فقط ڪهاڻين جو حصو بلڪه منهنجي وجود جو حصو به بڻجي وئي. هن جي اکين ۾ آئون پنهنجا عڪس ڏسڻ لڳس ۽ مون کي لڳندو هو ته هن جو ڀاڪر ئي منهنجي پناهگاهه آهي، پر پوءِ آهستي آهستي سڀ ڪجهه بدلجڻ لڳو، اسان ٻنهي ۾ وڇوٽيون ٿيڻ لڳيون، هن کي بس فيصلا ٻڌائڻ جي عادت هئي، هڪدم فيصلا ٻڌائڻ لڳي ويندي هئي، آئون ڪڏهن سمجهي نه سگهيس ته هوءَ ائين ڇو ڪري رهي هئي.” هو چپ ٿي ويو، انهيءَ مهل مون ڏٺو ته ڪمال حسن جي چهري تي اداسي ۽ غم جون آڏيون ڦڏيون لڪيرون اڀري رهيون هيون.
“ڇا هوءَ اهو سڀ ڪجهه ڄاڻي واڻي ڪري رهي هئي؟” مون پڇيو.
هن پنهنجو چشمو لاٿو ۽ هڪ آهه ڀريندي چيو “هوءَ چوندي هئي کيس ماڻهن کان خوف ٿو ٿئي ۽ آئون هميشه هن کي انهيءَ خوف مان ڪڍڻ جي ڪوشش ڪندو رهيس. هميشه هن جي فيصلن آڏو جهڪي ويندو هئس، هر ملاقات ۾ ائين ئي لڳندو هو ته اها اسان جي آخري ملاقات ثابت ٿيندي. هوءَ لمحن ۾ فيصلا ٻڌائي هلي ويندي هئي ۽ آئون هن اڳيان انهيءَ ڪري ڪو نه ڪڇندو هئس ڇو جو مون کي خبر هوندي هئي ته هوءَ مون ڏانهن ئي ورڻي آهي، پر هاڻ الئه ڪٿي گم ٿي وئي آهي. انهيءَ عرصي دوران سڀ ڪجهه بدلجي ويو، نه بدليو ته فقط منهنجو انتظار. اسين آخري ڀيرو هتي ئي مليا هئاسين ۽ هن مون کي وري هتي ئي ملڻ لاءِ چيو هو پر گذريل پنجويهه سالن کانپوءِ منهنجو هر لمحو انتظار ۾ گذري ٿو.” هن وري چشمو اکين تي چاڙهي ڇڏيو.
“توهان کي ائين نٿو لڳي ته توهان جو انتظار بي معنيٰ آهي؟ مون پڇيو.
“نه بلڪل به بي معنيٰ ناهي. هو مون کي وقت ڏئي دير سوير ايندي ضرور هئي پر هن دفعي ڪجهه وڌيڪ دير ٿي وئي آهي، مون هن کي ڳولڻ جي ڪوشش ڪئي، منهنجي حياتي هن جي ڳولا ۽ انتظار ۾ ته گذري رهي آهي پر هن کي منهنجي دل کانسواءِ ٻي ڪهڙي بهتر پناهگاهه ملي سگهي ٿي، ڪڏهن ڪڏهن هن جا رويا مون کي اهو احساس ڏيارڻ لڳندا هئا ته آئون صليب تي ٽنگيل آهيان، جتان منهنجو رت ڦڙو ڦڙو ڪري وهي رهيو آهي، آئون سدائين هن وٽ محبت جو سرو ڳولڻ ويندو هئس ۽ هوءَ هميشه مون کي فيصلن جي ڌاڳن ۾ منجهائي ڇڏيندي هئي ۽ آئون چاهيندي به ڪجهه نه ڪري سگهندو هئس.” هو وري ماٺ ٿي ويو ۽ کيسي مان سگريٽ ڪڍي دکايائين ۽ آرام آرام سان ڪش هڻڻ لڳو.
“ڇا هو توهان جي لفظن کي به اهميت ڪونه ڏيندي هئي، منهنجو مطلب آهي توهان جي زبان مان نڪتل لفظ بي معنيٰ ته نٿا ٿي سگهن؟”
“لفظ ڇا هوندا آهن؟” هو طنز ڪري رهيو هو. “مون وٽ هن کي سمجهائڻ لاءِ هزارين دليل، سوين لفظ، ڪهاڻيون قصا هئا پر جيڪڏهن ڪو انهن لفظن کي اهميت ئي ڪونه ڏيندو ته انهن جي ڪهڙي معنيٰ هوندي؟ حالانڪه هن کي اها به خبر هئي ته مون کي زخمي ڪرڻ لاءِ لفظ ئي ڪافي هئا ۽ جڏهن آئون هن کان ڌار ٿيڻ جو سوچيندو هئس ته الڳ نه ٿي سگهندو هئس ڇو ته هن جا لڙڪ مون کي ڪمزور ڪري ڇڏيندا هئا ۽ هلڪڙي مرڪ به ماضي جي هر تڪليف ڀُلائي ڇڏيندي هئي، پر هوءَ منهنجن لڙڪن کي ڪڏهن به ڪو نه سمجهي سگهي.” هن سگريٽ اڌ ۾ ڇڏي ڏنو، جنهن جو ڦلو آهستي آهستي رک بڻجي رهيو هو. مون سندس اکين کي غور سان ڏٺو، مون کي لڳو ته جيڪڏهن هن جي محبوبا کيس هنن لمحن ۾ ملي وڃي ته هن جي اکين ۾ لڪل ڳوڙهن جو طوفان وهي ويندو. هن جي نيڻن ۾ ڪنهن ٻار جي اکين جهڙي معصوميت نظر پئي آئي.
“آئون هميشه سوچن وسيلي خوبصورت خواب اڻندو رهيس، اهي خواب جيڪي رڳو اسان جي ننڍڙي دنيا لاءِ هئا، مون کي ياد آهي ته اسين سڀئي موڪلون گذاري واپس موٽيا هئاسين، جڏهن آئون ڪئمپس ۾ داخل ٿيس ته منهنجي من ۾ هڪ عجيب خواهش جنم ورتو ته آئون ڪجهه دير لاءِ انڌو ٿي وڃان ۽ جيئن هوءَ منهنجي سامهون اچي ته اکين جو نور واپس اچي وڃي ته جيئن سڀني کان پهرين آئون هن کي ئي ڏسان ۽ جڏهن آئون هن سان مليس ته هن کي ڪا به خوشي محسوس نه ٿي پر ڪڏهن ڪڏهن مون کي ائين لڳندو آهي ته محبت هڪ پڃرو آهي، سهڻو سنهري پڃرو جيڪو ڏسڻ ۾ ڪافي خوبصورت آهي پر انهيءَ جو قيد ساڳيو آهي ۽ پوءِ قيد جو ڪو رنگ تي ناهي ٿيندو.” مون ڏٺو انهيءَ وقت هن معصوم ماڻهو جي چهري تي ڪرڀ ڇائنجي رهيو هو.
“مون هڪ فيصلو ڪيو آهي ته مرڻ کانپوءِ آئون پنهنجيون اکيون عطئي طور ڏئي ڇڏيان، ٿي سگهي ٿو منهنجين اکين وسيلي ٻيو ڪير هن کي ڏسي سگهي ۽ منهنجيون اکيون ئي هن کان سوال ڪري سگهن ته هن مون کي انتظار جي ڪرڀ ۾ ڇو مبتلا ڪيو؟”
مون کي ڪمال حسن جي اها ڳالهه حيران ڪندڙ ۽ وڻندڙ لڳي ته مرڻ کانپوءِ به هو انهيءَ عورت کي ڏسڻ جي خواهش رکي ٿو، جنهن کيس اڪيلائي جي ڪُن ۾ لوڙهي ڇڏيو. “آئون سمجهندو هئس ته آئون سندس آئينو آهيان پر اهو سڀ غلط فهمي هئي. هوءَ منهنجي دل جي ڪشڪول ۾ پيار جا ڪجهه به سڪا نه وجهي سگهي، منهنجي حياتي انهيءَ آس تي گذري وئي ته هوءَ هڪ ڏينهن ضرور ايندي پر هاڻ لڳي ٿو ته مون وٽ ايترو وقت ناهي بچيو، بس اها ئي منهنجي ڪهاڻي آهي، جنهن جي فقط توکي ئي خبر آهي، ٻيو انهيءَ کي جنهن کي اڄڪلهه منهنجي خبر ناهي!” اهو چئي هو اٿي هليو ويو ۽ آئون کيس آهستي آهستي قدمن سان ويندي ڏسي رهي هئس.
ٻئي ڏينهن مون کي پنهنجي نابين ماءُ جي علاج جي سلسلي ۾ ڊاڪٽر سان ملڻو هو. منهنجي ماءُ هڪ حادثي ۾ اکيون وڃائي چڪي هئي ۽ ڊاڪٽر انهيءَ انتظار ۾ هئا ته آپريشن لاءِ ڪٿان به اکيون مليون ته منهنجي ماءُ کي روشني ملي ويندي. انهيءَ شام آئون ڪمال حسن سان نه ملي سگهيس ۽ ٻئي ڏينهن ڪمال حسن جي موت جي خبر اخبار ۾ پڙهيم ته منهنجين اکين مان بي اختيار لڙڪ وهي آيا. ڇاڪاڻ جو هو انتظار ڪندي ئي هن دنيا مان هليو ويو پر آخري گهڙين تائين کيس پنهنجي محبوبا نه ملي. ڪجهه ڏينهن کانپوءِ منهنجي ماءُ جي اکين جو آپريشن ٿيو ۽ هن جي اونداهي زندگي ۾ روشني وري آئي. مون کي ڊاڪٽر ئي ٻڌايو ته منهنجي ماءُ جن اکين سان هي جهان ڏسي رهي آهي، اهي ڪمال حسن جون اکيون آهن. مون فيصلو ڪيو پنهنجي ماءُ کي هن جي قبر تي ضرور وٺي وينديس. جنهن جو موت سندس زندگي ۾ روشني جو ڪارڻ هو.
هڪ شام جڏهن آئون پنهنجي ماءُ سان قبرستان پهتيس، جنهن جي مٽيءَ هيٺ هڪ معصوم ۽ عظيم ڪهاڻيڪار دفن ٿيل هو. منهنجي ماءُ جي نظر جيئن ئي ڪمال حسن جي ڪتبي تي پئي ته هوءَ اوڇنگارون ڏئي روئڻ لڳي ۽ هن جا ڳوڙها قبر جي مٽيءَ ۾ جذب ٿي رهيا هئا، هوءَ پنهنجي هٿن سان قبر جي مٽيءَ تي هٿ ڦيرائڻ لڳي. مون کي ائين لڳو ته منهنجي ماءُ هن کي ورهين کان سڃاڻندي هجي. پوءِ آئون سمجهي ويس ته ڪمال حسن جي مٺي منهنجي ماءُ ئي هئي. جنهن جو هو آخري لمحن تائين انتظار ڪندو رهيو. منهنجي ماءُ هن معصوم ڪهاڻيڪار جي قبر کي هن جي ئي اکين سان ڏسي رهي هئي. جنهن پنهنجي دل ۾ ڪڏهن ڪنهن ٻي عورت کي پناهه نه ڏني.