ڪھاڻيون

برسات کانپوءِ

نوجوان ڪهاڻيڪار اختر حفيظ پنهنجي ڪهاڻين بابت لکي ٿو:
منهنجيون ڪهاڻيون ڪنهن کي وڻن ٿيون يا نٿيون وڻن انهي تي مون کي اعتراض نه آهي، مون کي صرف ايتري خبر آهي ته منهنجون ڪهاڻيون هن سماج مان ورتل آهن، هونئن به پنهنجي سماج کان ڪٽيل ڪهاڻي جو ڪو سرو نه هوندو آهي
  • 4.5/5.0
  • 2554
  • 783
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اختر حفيظ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book برسات کانپوءِ

13. سِڪو

آئون اڃا تائين چوڪ تي انهي دوست جي انتظار ۾ آهيان، جنهن سان مون کي ضروري ڪم آهي. ڪافي دير ٿي چڪي آهي پر اڃا تائين ڪ نه پهتو آهي، منهنجي ٽرين جو به وقت ٿي رهيو آهي، بس ڪجهه دير ئي ته آهي پر خير اڃا ڪجهه دير انتظار ڪري سگهجي ٿو. اڃا اهو سوچيم پئي ته منهنجي نظر انهي فقيرياڻي تي پئي جيڪا خيرات گهرڻ لاءِ اڳيان وڌي رهي هئي. هن زور سان صدا هنئي. “خدا جي نالي ڪجهه ڏئي وڃ”. مون هن جي صدا ٻڌي منهن ڦيري ڇڏيو پر هو وري به ساڳي ڪار لايو بيٺي هئي. “اي سخي خدا جي نالي.”
“هاڻي معاف ڪر هل هتان، جان ڇڏ..” مون کيس سخت لهجي ۾ جواب ڏنو.
پوءِ هوءَ منهن ڦٽائيندي ۽ پنهنجي منهن ڀڻڪندي آهستي آهستي هلي ويئي ۽ سامهون فوٽ پاٿ تي پنهنجي ٻارن سان ويهي رهي. سندس ننڍڙا ٻار ڇوڪري ۽ ڇوڪرو سندس ڪستي ۾ پيل سڪن سان کيڏي رهيا هئا. ڇوڪرو تقريبن چئن ورهين جو هو پر ڇوڪريءَ ڪافي ننڍي هئي. فقيرياڻي پنهنجو چولو مٿي ڪري ننڍڙي کي کير پيارڻ لڳي. انهيءَ دوران ڪيترائي ماڻهو فقيرياڻي جي جهولي ۾ خيرات اڇلائيندا ٿي ويا. ڪنهن مهل ننڍڙو ٻارڙو به خيرات لاءِ ماڻهن پٺيان ٿي لڳو پر هر ڪنهن کيس ڌڪاري ٿي ڇڏيو ۽ ماءُ کيس هر هر پنڻ لاءِ زور ڀري رهي هئي. ماءُ جا هنڌان هنڌان ڦاٽل ڪپڙا سندس جوان جسم کي ظاهر ڪري رهيا هئا. هن جي ڪارين اکين ۾ روڊ تان لنگهندڙ ڪيترن ئي ماڻهن جا عڪس نمايان ٿي رهيا هئا. هوءَ لاڳيتو ٻارڙيءَ کي کير پياري رهي هئي ۽ سندس ٻارڙو مختلف ماڻهن کان خيرات وٺڻ لاءِ پيرن تي ڪريو ٿي پر ڪنهن ماڻهو به خيرات ڏيڻ نٿي چاهي، هو مايوس ٿي جوان ماءُ جي پاسي ۾ ويهي ڪستي ۾ پيل سڪا ڳڻڻ ۾ مصروف ٿي ويو. آئون انهن کي روز انهي ساڳي جاءِ تي ڏسندو آهيان پر اڄ کين غور سان ڏٺو اٿم.
هن پنهنجي ننڍڙي کي کير پياري بس ڪئي ۽ وري صدا هڻڻ لڳي. “اي سخي رب جي نالي” ڪنهن مهل مون کي هن جي اکين ۾ ٿڪاوٽ نظر ٿئي آئي. ٻارڙو خيرات نه ملڻ ڪري مايوس ٿي ٿئي ويو پر ماءُ کيس هر هر خيرات وٺڻ لاءِ مجبور ڪري رهي هئي ۽ پاڻ سندس ننڍڙي ڌيءَ کي هنج ۾ کيڏائي رهي هئي. ٻارڙو روڊ تي هلندڙ گاڏين جي پرواهه ڪرڻ بنا ماڻهن جون ٽنگون جهلي رهيو هو. پوءِ وري مون کي خيال آيو ته هاڻي مون وارو دوست شايد نه اچي ۽ هاڻي مون کي هلڻ گهرجي پر نه اڃا ڪجهه دير انتظار ڪرڻ گهرجي، ٿي سگهي ٿو اچي وڃي. منهنجو ڌيان وري ٻارڙي ۽ فقيرياڻي ڏانهن وري ويو، آئون پنهنجا کيسا ڦلهورڻ لڳس، شايد ڪٿي ڪو سڪو هجي، انهي ٻارڙي کي ڏيان پر هو ته مون ڏانهن وڌي ڪونه ٿو ۽ نه وري مون هن ڏانهن وڌڻ پئي چاهيو، سڪي کي کيسي مان ٻاهر ڪڍي ڏٺم پر وري کيسي ۾ وجهي ڇڏيم، دل چاهيو پئي اهو سڪو انهي ٻار کي ڏئي ڇڏيان پر الائي ڪهڙي قوت هئي جيڪا مون کي روڪي رهي هئي. وري سوچيم ته ٻيا خيرات ڪو نه ٿا ڏين ته پوءِ آئون ڇو ڏيان ۽ وري جڏهن منهنجي نظر ڪجهه سڪن سان ڀريل ڪستي تي پئي ته من ۾ خيال آيو ته انهي ۾ هڪ سڪو منهنجو به هئڻ گهرجي...... پر آئون هن کي خيرات ڇو ڏيان. اهو ڪو هڪڙو ٻار ته ناهي جنهن کي خيرات ڪونه پئي ملي يا جيڪو ماڻهن جي پيرن هيٺيان ٿڏجي پيو. اهڙا ته ڪافي هوندا، وري اهو خيال تنگ ڪرڻ لڳو ته هي خدا جي نالي تي ڌندو ڪري رهيا آهن. انهن کي هڪ ٽڪو به نه ڏيڻ گهرجي. هي شهر الئه ڪيترن اهڙن فقيرن کي پناهه ۾ رکيو ويٺو آهي، جيڪي پنڻ جو ڪاروبار ڪن ٿا پر هن ٻار کي ڪهڙي خبر ته هي ڪهڙو ڌندو ڪري رهيو آهي. هن کي سندس ماءُ ماڻهن جي پيرن ۾ ڪرڻ تي مجبور ڪيو آهي، انهي ۾ هن معصوم جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟ مون وري پنهنجو سڪو ڪڍي تري تي رکي ڇڏيو ۽ ڪنهن مهل انهي کي پنهنجي مٺ ۾ دٻائي ٿئي ڇڏيم پر اها همت اڃا نه ٿي سگهي ته انهي ٻار کي هي سڪو ڏيان. وهمن جي زنجير منهنجي ذهن کي جڪڙي ڇڏيو. آئون ڪو به فيصلو نه پئي ڪري سگهيس پر جيڪڏهن آئون خيرات نه ڏيان ته ڇا ٿي پوندو؟ ڪو ڏوهه ته نه ٿي پوندو پر هڪ سڪو ڏيڻ ۾ ڇا آهي؟ جنهن سان آئون فقط هڪ سگريٽ ئي خريد ڪري سگهان ٿو، جيڪو ڪجهه دير ۾ دونهن ۽ خاڪ بڻجي غائب ٿي ويندو، آئون هڪ عجيب ڇڪتاڻ ۾ گهيرجي ويس.
انهن ئي لمحن ۾ منهنجو ڌيان پنهنجي ڳوٺ ڏانهن ڇڪجي ويو، هر مهيني ارادو ڪندو آهيان پر ڪو نه ڪو ڪم نڪري ايندو آهي ۽ وري هن وسيع شهر جي سوڙهين گهٽين ۾ ڦاسي پوندو آهيان. اڃا گذريل مهيني ارادو ڪيم هئم ته ڳوٺ ويندس پر هڪ ته نوڪري اهڙي آهي جو موڪل نٿي ملي ۽ جي ملي ٿي ته فقط ٻه ڏينهن لاءِ ...... انهي کان اڳ جڏهن وڃڻ چاهيم پئي ته ويجهو دوست گذاري ويو. هي شهر به عجيب هوندا آهن، ڪيڏي به وڏي ميڙ ۾ ماڻهو هجي تڏهن به اڪيلائي جو احساس هميشه ڏنگيندو رهندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ته ائين محسوس ٿيڻ لڳندو آهي ته شهر جي سوڙهين گهٽين ۾ ساهه ئي بند ٿي ويندو. دل ته چوندي آهي ته هميشه لاءِ ڳوٺ هليو وڃان پر ٻارن جي ڪري شهر جي دوزخ ۾ رهيو پيو آهيان. اڄ وري ارادو ڪيو اٿم ته ڳوٺ نڪري وڃان پر ڪالهه جنهن دوست کي وقت ڏنو هو، اهو اڃا تائين ناهي پهتو، جنهن سان ضروري ڪم به آهي، جڏهن به ڳوٺ ويندو آهيان ته ٻارن ۽ زال جون شڪايتون کڻي وري شهر جي گهٽين ۾ پاڻ کي غائب ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان پر هميشه ائين ٿيندو آهي، ڄڻ گهٽيون منهنجو پيڇو ڪري رهيون هجن ۽ آئون انهن کان پڄندو پڄندو ٿڪجي پوندو آهيان ۽ وري ڪوشش ڪندو آهيان ته انهي مصنوعي دنيا جو حصو ٿيان پر هر ڀيري ناڪامي ٿيندي آهي. منهنجي اها ڪوشش هوندي آهي ته پنهنجي زال ۽ ٻارن جون شڪايتون ختم ڪريان پر تڏهن به هر ڀيري ڪجهه شڪايتون رهجي وينديون آهن. مون کي چڱي ريت ياد آهي ته آخري ڀيري جڏهن آئون ڳوٺ ويو هئس ته جمال اها شڪايت ڪئي هئي ته کيس ڪتابن جي ضرورت آهي ۽ مون واري ننڍڙي حميده به ٿڌ لڳڻ ڪري بيمار ٿي پئي هئي، پوءِ مس مس وڃي ٺيڪ ٿي هئي، هاڻي ته ڪافي مهينا ٿي ويا آهن ڪا خبر چار نه لڌي اٿم، ڪو نياپو نه موڪلي سگهيو آهيان، ها باقي پئسا هر ڀيري موڪلي ڇڏيندو آهيان پر هر مسئلو پئسو موڪلي ڇڏڻ سان ته حل ناهي ٿي ويندو. اهي پئسا منهنجي زال ۽ ٻارن لاءِ ته ڪافي آهن پر منهنجا ماءُ پيءُ ۽ ڪجهه ٻيا گهر ڀاتي به ته آهن، جن جا مسئلا حل نه ڪرڻ جي ڪري ڳوٺ جا مهڻا سهڻا ٿا پون ۽ ڪنهن جا طعنا سهڻ جي سگهه مون ۾ ته بلڪل به ناهي. مون کي ياد آهي ته هڪ ڀيري ڪنهن مجبوريءَ سبب بابا کي خرچ نه ڏئي سگهيو هئس ته منهنجي زال کي چئي ڏنائين “هاڻي سڀ پئسا هو تنهنجي تريءَ تي ٿو رکي.” انهي ڏينهن کانپوءِ ڇا به ٿي پوي بابا جي خرچ جا پئسا الڳ ڪري رکندو آهيان.
مون واري زال کي ته بنا پئسي جيئڻ جي عادت آهي، هن کي ته بس اها ڳڻتي هوندي آهي ته مون کي ڪجهه نه ٿئي. ڪئين ڀيرا سوچيم ته ٻارن کي شهر وٺي اچان پر هتي ٻارن کي وٺي اچڻ سان خرچ ٻيڻا ٿي ويندا. هڪ ڀيري اها ڳالهه بابا جي اڳيان رکي به هئم ته ماڳهين ڪاوڙجي پيو، ٻه ٽي ڏينهن ته ڳالهائڻ به ڇڏي ڏنائين، نيٺ ٻارن کي اتي ئي رهڻو پيو ۽ آئون هتي ڪمري ۾ اڪيلو رهندو آهيان، ڀتين سان ڳالهائيندو آهيان، جيڪي منهنجن جذبن کي سمجهي نٿيون سگهن. شهر الئه ڇو مون کي سک ڪونه ڏئي سگهيو آهي ۽ هونئن به آئون ڳوٺ ۾ تارن جي چادر هيٺ ۽ اڪيلي چنڊ جي ٿڌي روشنيءَ ۾ سمهڻ وارو ماڻهو، شهر جي روشني ۽ انهي جي ڊيڄاريندڙ اونداهي ۾ سمهي ڪو نه سگهندو آهيان. مون کي جيتري خوشي ڳوٺ وڃڻ تي ٿيندي آهي، اوتري شايد ڪنهن ٻئي موقعي تي ٿيندي هجي. منهنجي گهر واري جنهن جون اکيون هر لمحي گهر جي چانئٺ تي وڇايل هونديون آهن، تنهنجا به منهنجي مٿان ڪيترائي ٿورا آهن، جيڪي آئون ڪڏهن لاهي سگهندس،الئه نه. کيس ڪڏهن به ڪا چڱي شيءِ نه وٺي ڏئي سگهيو آهيان، بس هن کي ته پنهنجي خوشي کان وڌيڪ منهنجي خوشي پياري آهي. هتي ٻارن کانسواءِ رهڻ به ڪنهن عذاب کان گهٽ ناهي، جڏهن آئون گهر جي در تي پهچندو آهيان ته ٻئي ٻار اچي چنبڙي پوندا آهن. رات جڏهن ڳوٺ وڃڻ جو ارادو ڪيم ته اهو به سوچيم ته ٻارن ۽ زال لاءِ ڪجهه وٺي ويندس پر انهي مهل ئي هڪ دوست کيسي ۾ هٿ وجهي ڪجهه پئسا ڪڍي ورتا. حميده ته سدائين شڪايت ڪندي آهي ته “بابا اوهان ڪجهه به نٿا وٺي اچو” انهي وقت منهنجي ڪنن ۾ ڪنهن ٻار جي روئڻ جو آواز گونجڻ لڳو۽ ڏٺم ته فقيرياڻي جي ٻارڙي روئي رهي آهي. جنهن کي هو ماٺ ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي.
انهي مهل مون پنهنجي گهڙيءَ ۾ وقت ڏٺو ته دوست کي ڏنل وقت ۾ فقط پنج منٽ بچيا هئا، منهنجو ساهه اڃا به انهي ٻارڙي ۾ ٽنگيو پيو هو. جيڪو ماڻهن کي اڃا تائين منٿون ڪري رهيو هو پر ڪنهن مهل ته مون کي ائين ٿئي لڳو ڄڻ منهنجو ساهه انهي ٻارڙي ۾ نه بلڪه انهي سڪي ۾ آهي، جيڪو اڃا تائين منهنجي مٺ ۾ هو ۽ گرمي جي ڪري پگهرجي چڪو هو ۽ آئون پنهنجو ڌيان ٻارڙي تان هٽائڻ جي ڪوشش ۾ هئس. ان باوجود به انهي تان هٽائي نه سگهيس ۽ وري گهڙي ڏٺم ٽرين جو ٽائيم ٿي چڪو هو، دوست هاڻ ڪونه ايندو! پاڻ کي مطمئن ڪيم ۽ اتان وکون سورڻ لڳس ته ساڳيو ٻار منهنجي اڳيان اچي هٿ جهلي بيهي رهيو، مون هن جي اکين ۾ چتائي ڏٺو، هن جي اکين ۾ به اها ساڳي معصوميت هئي، جيڪا پنهنجي ٻارن جي اکين ۾ مون ڏٺي آهي. سڪو اڃا به منهنجي مٺ ۾ هو، فيصلو نه پئي ڪري سگهيس ته ڇا ڪريان، وري هڪدم ٻار کي چئي ڏنم “معاف ڪر” ٻارڙو اهو جواب ٻڌي هليو ويو ۽ آئون تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندو اسٽيشن ڏانهن وڌڻ لڳس، وري سوچيم ته مون کي اهو سڪو هن کي ڏيڻ گهرجي ها. پر خير آهي، آئون هلندو هلندو اچي اسٽيشن پهتس، ٽڪيٽ واري لائين ۾ لڳي ٽڪيٽ ورتم ۽ ٽرين ۾ ويهڻ جي تياري ڪيم، دريءَ جي ڀر واري سيٽ خالي هئي، انهي تي ويهي رهيس پر نه چاهيندي به منهنجو ڌيان انهي ٻارڙي ڏانهن ڇڪجي ٿي ويو، جنهن کي آئون سڪو نه ڏئي سگهيس. آئون سڪي کي تري تي رکي غور سان ڏسڻ لڳس، وري سوچيم ته ڪٿي اهو ٻارڙو ماڻهن جي ميڙ ۾ وڃائجي نه وڃي........يا ڪنهن........... منهنجي ذهن کي عجيب وسوسن ورائي ورتو. ريل گارڊ آخري سيٽي وڄائي ۽ ريل گاڏي کي سائي جهنڊي ڏيکاري. ريل آهستي آهستي رڙهڻ لڳي. آئون اڃا تائين هن ٻار بابت سوچي رهيو هئس، مون کي انهي ٻار کي ڏسڻ گهرجي، هڪدم فيصلو ڪيم ته آئون هن کي هي سڪو ضرور ڏيندس. آئون ريل مان لهي پيس. ريل مان لهي آئون ساڳئي چوڪ ڏانهن تڪڙيون وکون کڻندو اتي پهتس ۽ ڏٺم ته انهي فوٽ پاٿ جي چوڌاري ميڙ متل هو، جتي اها فقيرياڻي ويٺل هئي. آئون انهي ميڙ ڏانهن وڌيس ۽ ماڻهن کي هٽائيندو ميڙ ۾ داخل ٿيس، جيئن ئي منهنجي نظر انهي فقيرياڻي تي پئي ته گهٻرائجي ويس. فقيرياڻي پنهنجي ڇوڪري جي لاش تي ڳوڙها وهائي رهي هئي، شايد هن جو ٻار ڪنهن گاڏي هيٺان اچي چيڀاٽجي ويو هو. ماءُ جا لڙڪ هن جي اکين مان ڪرندا سندس ٻار جي رت ۾ جذب پئي ٿيا، ٻار جي لاش کي ڏسي منهنجي حالت وڌيڪ خراب ٿي رهي هئي. انهي مهل منهنجي هٿ ۾ پيل پگهريل سڪو پٿريلي روڊ تي ڪري پيو ۽ کڙڪندو انهي ٻار جي هٿ وٽ وڃي پهتو، جيڪو ڪجهه دير اڳ هميشه لاءِ ٿڌو ٿي چڪو هو.