9. پن ڇڻ
جمال اڪثر ڪري فيڪلٽيءَ ۾ ڪلاس ٻاهران پپر جي جهوني ۽ قدآور وڻ هيٺ رکيل بينچ تي ويهي رهندو هو پر هن موسم ۾ ته پپر جو اهو وڻ به پنن کان خالي هو،تنهن هوندي به جمال انهي بينچ تي ويهندو هو. چانڊوڪي راتين ۾ پپر جي وڻ جا چمڪدار پن وڌيڪ سُهڻا ٿي ويندا آهن ۽ هر پن ۾ ڄڻ ته چنڊ جو عڪس نظر ايندو آهي. هُو اتي ئي ڪتاب کولي پڙهڻ لڳندو هو،جنهن بينچ تي جمال ويهندو هو، انهيءَ جي بلڪل سامهون ئي فائين آرٽس جو شعبو هو ۽ اتي ٺهيل دڪن تي گهڻو ڪري هن جون ڪلاس فيلو قطار ڪري ويهندون هيون ۽ هُو وقفي وقفي سان پنهنجي ڪتاب مان نظرون ڦيرائي انهن ڇوڪرين جي حرڪتن کي نوٽ ڪندو هو جيڪي مختلف موضوع بحث هيٺ آڻينديون هيون. انهن جا بحث ڪي فڪري بحث ڪونه هوندا هئا، اهي بس مختلف ڇوڪرن،ميڪ اپ ۽ فيشن بابت ڳالهائينديون هيون ۽ هونئن به ڇوڪرين جي هاسٽل تي ڇوڪرا ۽ ڇوڪرن جي هاسٽل تي ڇوڪريون ئي بحث جو اهم موضوع هوندا آهن. ڪير ڪنهن کي ٿو پسند ڪري ڪنهن ڪهڙي ڇوڪريءَ کي پرپوز ڪيو اها انهن جي روز جي ڪچهري هوندي هئي.
جمال هڪ نظر آسپاس جي ماحول تي وجهي وري پنهنجو ڌيان ڪتاب ۾ لڳائي ڇڏيندو هو. هُو به عجيب طبيعت جو مالڪ هو،اڪيلائي کيس گهڻي وڻندي هئي. گهڻو وقت ڪتاب پڙهڻ، وقتائتو ۽ توري تڪي ڳالهائڻ سندس مزاج هو.انهي انوکي مزاج جي ڪري سندس دوست به آڱرين تي ڳڻڻ جيترا هئا. هن کي ٻاهرين دنيا کان وڌيڪ ڪتابي دنيا وڻندي هئي. انهي ڪري هُو جڏهن به ڳالهائيندو هو ته ائين لڳندو هو ڄڻ ڪتابن کي زبان ملي وئي هجي. اڄ هو انهي بينچ تي ويٺو سفوڪليز جو ڊرامو”ڪنگ ايڊيپس ريڪس”پڙهي رهيو هو.
آرٽس فيڪلٽي ڄڻ ته حُسن جو جزيرو هئي،جنهن ۾ هڪ کان هڪ سُهڻي ڇوڪريءَ موجود هئي. اڃا اکيون هڪ کي ڏسي ڪونه ڍاپنديون هيون ته حُسن جو ڪو ٻيو مجسمو اکين ۾ پنهنجا عڪس چٽڻ لڳندو هو.ٻين شعبن جا ڪيترائي ڇوڪرا روز آرٽس فيڪلٽيءَ جو طواف ڪرڻ ايندا هئا. جنهن ڏينهن اهي طواف نه ڪن ته ڄڻ انهن جو ڏينهن اجايو ويو.
جڏهن ڪلاس شروع ٿيڻ ۾ اڃا ڪجهه منٽ هوندا هئا ته جمال ڪلاس ۾ گهڙندو هو ۽ ڇوڪرين واري پاسي پٺين قطار ۾ ويهي رهندو هو. ڪلاس جون سڀ نه پر ڪجهه ڇوڪريون هن سان ملنديون رهنديون هيون ۽ هُو انهن کي دوست بدران فقط ڪلاس فيلو ئي سمجهندو هو. هن ڪڏهن به ڪنهن ڇوڪريءَ کي پنهنجي محرومي بڻجڻ ڪونه ڏنو. هن لاءِ ڇوڪرين جو ملڻ کلي ڳالهائڻ معمولي ڳالهيون هيون.
شروع وارن ڏينهن ۾ جڏهن هن جو ڪوبه دوست ڪونه هو ته صائمه هن سان دوستي رکڻ چاهي پر هن جي صائمه سان دوستي نه ٿي سگهي. هونئن به صائمه ايڏي سهڻي نه هئي سندس اکيون چيني عورتن وانگر ڇڪيل،چهرو بلڪل سپاٽ جنهن تي مڪائي جي داڻن جهڙن موهيڙن جا نشان واضح هوندا هئا ۽ چپ سنهڙي سُڪل ڪاٺي جهڙا هئا. جن تي هُو اڪثر ڪري برائون رنگ جو لائينر هڻي ايندي هئي.
صائمه کي جڏهن جمال مان آسرو لٿو ۽ ٻيو ڪير به نه مليس ته هوءَ بلڪل به بدلجي وئي. جيڪا بنا گائون ۽ ميڪ اپ ڪري تيار ٿي ڪنهن جي ڳولا ۾ هوندي هئي تنهن هاڻ ميڪ اپ ڪرڻ ڇڏي ڏنو ۽ ڪاري رنگ جو گائون ۽ اسڪارف پائي اچڻ لڳي. جنهن ۾ هوءَ بلڪل ڪا راهبه لڳندي هئي.
جمال کيس صائمه بدران راهبه سڏيندو هو ۽ هوءَ مئل مُرڪ سان ڏسي هلي ويندي هئي. اڄ به جمال ڪلاس شروع ٿيڻ کان ڪجهه وقت اڳ ساڳي جاءِ تي وڃي ويٺو جتي ڪيترين ئي ڇوڪرين جي بدن ۽ وارن جي خوشبو هن تائين پهچي رهي هئي. هن جي ڀر ۾ ويٺل ڇوڪرن جي زبان تي فضيلا جو نالو هو، جيڪا ڪلاس جي ڪجهه خوبصورت ڇوڪرين مان هئي ۽ حد درجي جي مغرور به هئي. محرومين جي ماريل ڇوڪرن مان ڪم ڪڍائڻ هن لاءِ مسئلو نه هو پر جن ڇوڪرن کي پڄي ڪونه سگهندي هئي،انهن جي ويجهو به ڪونه ويندي هئي. هوءَ سموري ڪلاس جي محورِ نظر هئي. فضيلا به جمال وانگر ڪلاس ۾ آخر ۾ ايندي هئي ۽ جيئن ئي ڪلاس ۾ گهڙڻ لاءِ پهرين چاڙهي تي پير ئي مس رکندي هئي ته سڄو ڪلاس سندس شان ۾ تاڙيون وڄائي کيس ڀليڪار ڪندو هو پر هوءَانهي عمل کان بي پرواهه ٿي پهرين قطار جي پهرين ڪرسيءَ تي ويهي رهندي هئي.
فضيلا شڪل شبيهه جي واقعي به پياري هئي.ڀوريون اکيون،گول چهرو،ڪڻڪائو رنگ،نڪ وچٿرو ۽ ڄاڙي ۾ پيل چُگهه ته کيس وڌيڪ حَسين لڳندو هئس. جمال کيس ڪلاس جي قلوپطرا سڏيندو هو.جمال ۽ فضيلا ۾ ڪنهن حد تائين مذاق جو رشتو هو. اڄ فضيلا کي پيلي رنگ جا ريشمي ڪپڙا پاتل هئا جيڪي هوءَ بسنت واري ڏينهن تي پائي آئي هئي ۽ جمال کيس ڏسندي چيو هو”اڄ تون بسنت لڳي پئي آهين” انهي مهل فضيلا جي چهري تي خوشگوار مرڪ هئي. اڄ انهن ڪپڙن مان بريزر جو هُڪ ۽ ڪلهن ڏانهن ويندڙ ڏيوريون صاف نظر اچي رهيون هيون جنهن کي سڀ نوٽ ڪري رهيا هئا.فضيلا گهڻو ڪري گهرا رنگ پائيندي هئي،سندس جُتي کان وٺي پين تائين هر شيءِ ميچنگ هوندي هئي ۽ چهري اڳيان ڇڏيل وارن جي چَڳ کي هر هرهٿ سان ٺاهيندي رهندي هئي.فضيلا ليڪچر دوران چيلهه تائين ويندڙ گهاٽن وارن جي چوٽيءَ ۾ مٿان کان پين کپائي ڇڏيندي هئي جيڪا سندس هاڻ عادت ٿي چڪي هئي.
ڪلاس شروع ٿيڻ کان اڳ هر شاگرد ڪچهري ۾لڳوپيوهو. جيئن ئي پروفيسر نواز ڪلاس ۾ داخل ٿيو ته سڀني جي چپن تي ماٺ جي مُهر لڳي وئي. ڪجهه دير لاءِ سڀئي شاگرد اٿي بيٺا ۽ پروفيسر نواز هٿ جي اشاري سان سبن کي ويهڻ جو چيو. پروفيسر نواز ڪلاس کي رومانٽڪ پوئٽري (رومانوي شاعري) پڙهائيندو هو.جمال جي هن سان ڪونه لڳندي هئي. جمال جو چوڻ هو ته سر نواز کي ڪهڙي خبر ته شاعري ڪيئن پڙهائبي آهي،هُو ته شاعريءَ به نثر واري نموني پڙهائيندوآهي. انگريزي ادب جا جيڪي به رومانوي شاعر ڪيٽس،بائرن،شيلي،وليم بليڪ،کان وٺي يوناني شاعره سيفو تائين جمال جا سڀ پڙهيل هئا.پروفيسر نواز شاعريءَ کي پنهنجو ئي رنگ روپ ڏئي پڙهائيندو هو. انهي ڪري جمال ۽ پروفيسر نواز اٽڪي پوندا هئا.پروفيسر نواز جي خراب عادت اها هئي ته هو پنهنجي راءِ کي مٿڀرو سمجهندو هو جڏهن ته شاگرد جي صحيح راءِ کي تي چڙي پوندو هو. اڄ جڏهن پروفيسر نواز شيلي جي شاعري پڙهائي رهيو هو ته جمال سندس ڪيل تشريح مان مطمئن ڪونه ٿيو ۽ هڪدم چئي ڏنائين ته سر توهان غلط پيا وڃو ته هن ڪتاب ميز تي رکيو ۽ ٿلهن شيشن وارو چشمو لاهي رومال سان صاف ڪري وري اکين تي چاڙهيندي ڪنهن قدر سخت لهجي ۾ ڪلاس کي مخاطب ٿيندي چيائين.”جيڪڏهن ڪير ڪلاس مان وڃڻ چاهي ته انهيءَ کي اجازت آهي” جمال پروفيسر جي ڳالهه سمجهي ويو ۽ ڪلاس مان ٻاهر نڪري ويو. هن کي شاعريءَ تي کوڙ ڄاڻ هئي ۽ انهي حوالي سان هو ٻه ٽي ڀيرا ڪلاس ۾ ڳالهائي به چڪو هو هو ائين ڳالهائيندو هو ڄڻ سڀئي شاگرد پٿرائجي ويا هجن.
هو ڪلاس مان ٻاهر نڪري ساڳي پپر جي وڻ هيٺ اچي ويٺو جتي هاڻ هلڪي هلڪي اس اچي چڪي هئي. هن خاموشي سان سڄي ماحول جو جائزو ورتو. فيڪلٽيءَ ۾ موجود جمعدار سُڪل پنن کي ميڙي رهيا هئا، جيڪي هر هنڌ پکڙيل هئا. ڪلاس ختم ٿيڻ کان پوءِ سندس دوست فهيم اچي مليس ۽ اڄوڪي ڪيل حرڪت تي نصيحتون ڪرڻ لڳو. فهيم جمال جو اهو دوست هو جيڪو ڇوڪرين ۾دلچسپي رکندو هو ۽ ڪلاس جي هڪ ڇوڪريءَ تي عاشق هو پر انهي کيس کنگهيو به ڪونه ٻيو ۽ ٽيون ڪلاس فري هو. فهيم ڇوڪريون تاڙڻ لاءِ اتان اٿيو ۽ جمال لائبريري مان ڪي ڪتاب هٿ ڪرڻ لاءِ نڪري پيو. لائبريري ۾ گهڙندي ئي هن کي ناهيد ملي. ناهيد هڪ امير پيءُ جي ڌيءَ هئي جيڪا وندر خاطر پڙهي رهي هئي. ناهيد جڏهن ويڪري نڪ ۾ ننڍڙو ڪوڪو ۽ ويڪرن چاڪن واري چولي سان فيڪلٽي ايندي هئي ته شاگردياڻي گهٽ پر ڪنهن ڪوٺي جي طوائف وڌيڪ لڳندي هئي.جمال کي ناهيد ڪجهه دير ويهڻ لاءِ چيو ۽ اهي ٻئي لائبريري جي چاڙهين تي ويهي رهيا،جتان وقفي وقفي سان ماڻهن جي اچ وڃ جاري هئي. ناهيد فقط وقت گذارڻ لاءِ ڇوڪرن سان ڪچهريون ڪندي هئي.
“جمال توکي اڃا تائين ڪنهن سان محبت ناهي ٿي ڇا؟”ناهيد پڇيو
“نه اڃا تائين ته ناهي ٿي”جمال ساعت کان پوءِ جواب ڏنو.
“ڇو ناهي ٿي؟” انهي مهل ناهيد وارن ۾ لڳل ڪلپ ڪڍي وار وکيري ڇڏيا جيڪي جمال جي ڪلهي کي ڇهي رهيا هئا.
“انهي جي مون کي خبر ناهي ۽ هونئن به اهو سوال اجايو آهي”جمال ڪجهه رکائي سان جواب ڏنو.
ناهيد جهڙيون ڇوڪريون يونيورسٽين ۾ آئيڊيل جي ڳولا ۾ اينديون آهن ۽ انهن جي ڳالهائڻ کان وٺي هر عمل مصنوعي هوندو آهي. اهڙين ڇوڪرين جي اکين ۾ رڳو مفادن جا خواب هوندا آهن جمال جي جواب تي ناهيد ڪجهه دير ماٺ رهي ۽ پوءِ چيائين”عجيب ڳالهه آهي تون هيترين ڇوڪرين سان ڪمپني ڪندو آهين تڏهن به ڪنهن سان پيار ناهي ٿيو.”
“ناهيد محبت اهڙو عمل آهي جيڪو چاهجي ته لمحن ۾ به ٿي سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن چاهجي ته صدين ۾ به نٿو ٿي سگهي.”
جواب معقول آهي”ناهيد ٽوڪ ڪندي چيو.
جمال کي هن جي ڇڙواڳ طبيعت بلڪل به ڪونه ٿي وڻي ۽ هو هن جي ڳالهين مان بيزار ٿي رهيو هو ۽ ناهيد کان موڪلائي لائبريبري جي ريفرنس هال ۾ هليو ويو. جتي ڪي شاگرد پڙهائي ڪري رهيا هئا ۽ ڪي فقط ڇوڪرين جي ڪري ٽائيم پاس ڪري رهيا هئا. جمال ڪرسيءَ تي ويهي ڪتاب کولي پڙهڻ لڳو ۽ ڪي شيون نوٽ به ڪندو ويو. اڄ ٻيا ڪلاس نه ٿيڻ ڪري هن جو سڄو وقت لائبريري ۾ گذريو. جنهن مهل لائبريري بند ڪرڻ جو وقت ٿيو ته لائبريرين پنکا ۽ بتيون بند ڪيون ۽ سڀئي شاگرد پنهنجا ڪتاب سنڀالي آهستي آهستي سُرڻ لڳا. جمال ريفرينس سيڪشن مان نڪري پاڻي پيئڻ لاءِ ڪولر ڏانهن وڌيو ته سندس نظر آسيه تي پئي جيڪا فضيلا سان بيٺي پاڻي پي رهي هئي. آسيه جمال جي اها ڪلاس فيلو هئي جيڪا سدائين ڪاري برقعي ۽ اسڪارف ۾ ويڙهجي ايندي هئي. فقط سندس هٿ ۽ اکيون ظاهر هوندا هئا پر اڄ ته جمال آسيه جو سڄو چهرو ڏسي ورتو هو ۽ هن جي چيري جهڙن ڳاڙهن چپن جي مٿئين چپ تي ڪاري رات جهڙي تر کي به ڏسي ورتو هو. انهي کان اڳ نه ته جمال ۽ نه وري ڪلاس مان ڪنهن هن جو چهرو ڏٺو هو. آسيه پاڻي پي آسيه وري چهرو ڍڪي ڇڏيو ۽ فضيلا سان پرئين پاسي هيٺ لهندڙ ڏاڪڻ ڏانهن هلي وئي. جمال کي ٻين ڇوڪرين کان خبر پئي هئي ته آسيه سخت گير گهراڻي جي ڇوڪريءَ آهي انهي ڪري آسيه بنا برقعي ۽ اسڪارف جي ڪونه ايندي هئي.
شروع شروع ۾ ته هن جا گورا ۽ ڀريل هٿ جيڪي ريشمي ڪپهه جهڙا نرم لڳندا هئا اهي به ڍڪي ايندي هئي. جمال ڪولر ويجهو وڃي پاڻي پيئڻ لڳو ته کيس گلاس مان آسيه جي چپن جو ڇهاءُ محسوس ٿيڻ لڳو. فيڪلٽي بند ٿي ته هو هاسٽل ڏانهن روانو ٿيو ۽ پنهنجي ڪمري تي پهتو پر سڄي واٽ هن جي ذهن ۾ آسيه جو چهرو گهمي رهيو هو ۽ خاص ڪري چپ مٿان ڪارو تر..... هن ڪٿي پڙهيو هو ته جن ڇوڪرين کي چپ مٿان تر هوندو آهي اهي شدت سان محبت ڪنديون آهن. هو ڪمري تي پهچي آسيه بابت سوچڻ لڳو ۽ هن بابت سوچيندي کيس ننڊ وٺي وئي. جڏهن سندس اک کلي ته رات پنهنجا خيما کوڙي چڪي هئي. آسمان جي بدن تي ڪئين ستارا اڀري آيا ۽ سڄي شهر جا بلب روشن ٿي ويا. هن کي اڄ اٿڻ کانپوءِ مونجهه محسوس ٿي رهي هئي ۽ هو هوا وٺڻ لاءِ ڇت مٿي هليو ويو جتان سڄي شهر کي ڏسي رهيو هو. جيڪو بتين سان روشن هو. هن هڪ نظر آسمان تي وڌي جيڪو ستارن سان ڀريل هو ۽ کيس ائين لڳو ته اهي سڀ ستارا آسيه جو تر هجن. هو اڃا انهي ڪيفيت ۾ هو ته پٺيان فهيم اچي ڪلهي تي هٿ رکندي چيائين” اڙي ڇا ٿيو اٿئه ڪهڙن خيالن ۾ گم آهين؟”
“ڪجهه نه بس ائين ئي هوا کائڻ لاءِ آيو آهيان” هن آسمان ڏانهن نهاريندي جواب ڏنو.
“ٻڌ اڄ اڪبر جي فليٽ تي هلڻو آهي،سڀاڻي ته موڪل آهي ۽ اڪبر پروگرام به رکيو آهي.”
“ڪهڙو پروگرام” جمال آسمان مان نظرون هٽائيندي پڇيو.
“يار جيڪو هر هفتي ڪندو آهي.”
جمال هلڻ کان ناڪار ڪئي پر فهيم کيس زوري وٺي ويو،اڪبر وڏيرڪي سسٽم جي پيداوار هو جيڪو دوستن لاءِ هر هفتي وسڪي جي دعوت ڪندو هو ۽ هر هفتي ڪا نه ڪا ڇوڪريءَ به فليٽ تي گهرائيندو هو. جمال ۽ فهيم اڪبر جي فليٽ تي پهتا جيڪو پوري تياري سان اتي موجود هو.
“يار جمال ڪٿي آهين رڳو ڪتابن جي دنيا ۾ گم آهين”اڪبر هن سان ملندي چيو.
“جمال ته آيو ئي ڪونه پئي،زوري وٺي آيو آهيانس” فهيم چي.و
حال احوال ٿيا ۽ اڪبر پيگ ٺاهڻ ۾ لڳي ويو،جڏهن پيگ تيار ٿيا ته فهيم ۽ جمال جي حوالي ڪيائين پوءِ ٽنهي روايتي انداز سان گلاس ٽڪرايا ۽ پيئڻ شروع ڪري ڏنائون.
“اڪبر رڳو وسڪي آهي يا؟” فهيم ڍُڪ ڀريندي چيو.
“چريا سڀ ڪجهه آهي،هتي وسڪي آهي ۽ هوڏانهن.......” هن ڪمري ڏانهن اشارو ڪيو ۽ پوءِ ٻئي ٽهڪ ڏئي تاڙيون ملائيندا رهيا.
جمال جو ڌيان هنن ٻنهي ڏانهن ڪجهه گهٽ هو ۽ وسڪي به آرام سان پي رهيو هو.
“جمال ڇا ڳالهه آهي،توکي ماٺ ڇو لڳي وئي آهي” اڪبر سگريٽ دکائيندي پڇيو ۽ جمال کي سگريٽ آڇيائين پر هن انڪار ڪري ڇڏيو.
“نه نه اهڙي ڳالهه ناهي” هن وري گلاس چپن تي آڻيندي هڪ ڍڪ ڀريو.
“ڀلا ٻڌ ڪير آهي؟”فهيم ڀرون مٿي ڪندي سوال ڪيو.
“ڪير به هجي تنهنجو انهي سان ڪهڙو ڪم پاڻ کي ته .....”اڪبر سگريٽ جو ڊگهو ڪش هڻندي ڳالهه اڻپوري ڇڏي ڏني پر فهيم سمجهي ويو.
“پوءِ ڀلا پهرين ڪير ويندو” فهيم پيگ جو آخري ڍُڪ ڀريندي پڇيو.
“اڄ جمال کي ٿا موڪليون.”
جمال هونءِ ته ڪيترين ڇوڪرين جون قربتون حاصل ڪري چڪو هو پر اڄ ڏينهن تائين هن ڪنهن به ڇوڪريءَ جي بدن کي ڪونه ڇُهيو هو.
“يار ڪجهه لائيف انجواءِ ڪرڻ به سک رڳو ڪتابي ڪيڙو لڳو پيو آهين” اڪبر وري ڳالهائڻ شروع ڪيو.
“ها يار انهي ۾ ڇا آهي ۽ هونئن به هر خطي جا گناهه ۽ ثواب الڳ الڳ آهن. هڪ عمل ڌرتيءَ جي خطي تي گناهه ته ٻئي خطي لاءِ فيشن يا انجوائيمينٽ آهي.”
جمال انهي دوران گلاس خالي ڪري ڇڏيو. اڪبر ٻيو پيگ ٺاهڻ لاءِ بوتل اڳيان وڌائي پر هن منع ڪيو.
“وڃ جمال وڃ اسان جو وارو اڃا ناهي آيو” اڪبر سگريٽ ايشٽري ۾ اجهائيندي چيو.جمال ڪجهه دير لاءِ سوچ ۾ پئجي ويو ۽ هر هر آسيه جو چهرو هن جي اکين آڏو اچي رهيو هو.
“ميان مرد ٿي مرد اهي نامردن واريون ڳالهيون ڇڏ” اڪبر جو اهو مهڻو کيس تمام خراب لڳو ۽ هُو هڪدم اٿي بيٺو ۽ ڪمري ڏانهن وڌيو هن آهستي آهستي ڪمري جو در کوليو ۽ اندر داخل ٿيو. جتي پلنگ تي گهاٽن ۽ ڪارن وارن سان هڪ ڇوڪريءَ پريان منهن ڪريو مٿي کي ٻانهن جو ٽيڪ ڏئي ليٽي پئي هئي ۽ ڪنهن مئگزين جا پنا اٿلائي رهي هئي. جمال جيئن ئي در بند ڪيو ته ڇوڪريءَ مڙي ڏٺو. جمال جڏهن ڇوڪريءَ کي ڏٺو ته کيس ائين لڳو ته ڪجهه وقت لاءِ هُو زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ ٽنگجي ويو هجي،ڇو ته پلنگ تي ليٽيل ڇوڪريءَ سندس ڪلاس فيلو آسيه هئي.