12. وڃايل ڪهاڻي
هن ڊائري جا ورق اُٿلائڻ شروع ڪيا ۽ هڪ ويڙهيل خط کولي پڙهڻ شروع ڪيائين، جنهن جي بلڪل مٿي لکيل هو “منهنجي ڪهاڻي!” هيٺ ڪجهه هي سٽون لکيل هيون “ائين ڇو لڳي رهيو آهي ته اسان ٻنهي جي وچ ۾ اهو وقت اچي بيهي رهيو آهي جيڪو ڪڏهن گذري ختم ئي ناهي ٿيڻو. توکي خبر آهي ته تون منهنجي اها ڪهاڻي آهين، جنهن کي آئون پڙهڻ ۽ سمجهڻ ٿو چاهيان پر الئه ڇو سمجهي نه ٿو سگهان، شايد تون دنيا جي اها ڪهاڻي آهين، جنهن جي الفابيٽ ڪنهن ڪتاب ۾ درج ناهي. منهنجي وجود جي ڪهاڻي به عجيب آهي، توکان ٻاهر آئون رهي نه ٿو سگهان ۽ پنهنجي اندر شايد تون مون کي رهائڻ نه ٿي چاهين، تون منهنجي محبت کي ڪهڙو به نالو ڏين، منهنجي خطن کي به ڀلي ساڙي ڇڏ پر ڇا خطن سان گڏ اهو سڀ ڪجهه به سڙي رک ٿي ويندو جيڪو منهنجي ۽ تنهنجي وچ ۾ آهي، اهو ته تون به ڄاڻين ٿي ته تون صرف ئي صرف منهنجو خواب آهين، جنهن کي آئون کليل ۽ بند اکين سان ڏسندو آهيان. تنهنجو خيال.”
هن خط پڙهي پورو ڪيو. هن کي اندازو ٿي چڪو هو ته خط ڪنهن قدر شڪايتي لهجي ۾ لکيل هو ۽ هن وري ٻيو خط کوليو. انهيءَ ۾ شڪايت نه هئي بلڪه لکندڙ پنهنجي محبوبا جي تعريف ئي لکي هئي. انهيءَ خط ۾ جيڪو جملو کيس وڻيو هو، اهو ڪجهه هيئن هو “توکي خبر آهي تنهنجي مرڪڻ سان ڪائنات وري جنم وٺڻ لڳندي آهي.” هن ٻيا خط پڙهيا ۽ هر خط ۾ هو مختلف نالن سان پنهنجي محبوبا کي مخاطب ٿيو هو. جيئن “خواب جهڙي، جانان، غزل” هن کي سڀئي خط ڏاڍا وڻيا.
هن جڏهن خط پڙهي پورا ڪيا ته ڪهاڻين ڏانهن وري، اهي ڪهاڻيون به ساڳي ماڻهو جون لکيل هيون ۽ انهن تي هيٺ رسالي جو نالو به ظاهر ٿيل هو. ڪهاڻين وارو پنو گهڻو وقت گذرڻ ڪري جتان ڪٿان ڀُري رهيو هو ۽ هوءَ احتياط کان ڪم وٺي رهي هئي، هن ڪهاڻي پڙهڻ شروع ڪئي. “هوءَ ڪنهن شاعر جو خواب آهي يا خواب جهڙي آهي، هن جي اکين لڙڪن سان وضو ڪيو، جن کي ڏسي ائين ٿي لڳو ڄڻ آسمان سندس اکين ۾ لهي آيو هجي. هن جو پيار ڄڻ ته جر ڦوٽو، جنهن ۾ لمحن لاءِ رنگ اُڀريا ۽ غائب ٿي ويا. بس کيس ائين لڳو ڄڻ وقت جي وڻ تان پيار جا سڀ لمحا ڇڻي چڪا آهن.” هوءَ ڪهاڻي پڙهندي پنهنجي منهن ورد ڪندي رهي، کيس خطن ۽ ڪهاڻين ۽ سرجيل خيال تمام بهترين لڳا، اهڙا خوبصورت خط انهيءَ کان اڳ هن جي نظر مان ڪونه گذريا هئا، هن سوچيو ته جيڪڏهن انهيءَ ماڻهو سان ملي سگهجي ٿو ته ڇو نه ملاقات ڪئي وڃي. هوءَ هر انهيءَ ليکڪ سان ملاقات ڪري انهيءَ کان آٽوگراف وٺي چڪي هئي، جيڪو کيس سٺو ٿي لڳو ۽ هن کي خيال آيو ته هن ڪهاڻيڪار بابت فقط انهيءَ رسالي جو ايڊيٽر ئي ٻڌائي سگهي ٿو، جنهن ۾ سندس ڪهاڻيون ڇپيون آهن. ٻئي ڏينهن هوءَ رسالي جي ايڊيٽر سان ملڻ وئي. ايڊيٽر ڪنهن ڪم ۾ مصروف هو، انهيءَ ڪري کيس انتظار ڪرڻو پيو. ڪجهه دير ۾ ڪمري اندر هڪ جهونو ماڻهو داخل ٿيو، جنهن کي ٿلهن شيشن وارو چشمو پهريل هو ۽ جنهن جي مٿي تي ڪجهه ئي وار بچيل هئا. هن کي ڦڻي ائين ڏنل هئي ڄڻ هو پنهنجي گنج کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هجي. هو سگريٽ به پي رهيو هو ۽ ڪمري ۾ داخل ٿيندي هن سگريٽ وسائي ڇڏيو ۽ نرم مزاج سان پڇيائين “جي توهان کي مون سان ڪم آهي؟”
“مون کي هڪ ليکڪ جي باري ۾ پڇا ڪرڻي آهي، انهيءَ جو نالو خيال آهي ۽ اڄ کان تقريبن پندرنهن سال اڳ هن جون ڪهاڻيون توهان جي رسالي ۾ ڇپيون آهن.”
ايڊيٽر کيس غور سان ٻڌو ۽ چيائين “ڏسو محترمه هتي ڪئين ليکڪ ڇپبا رهن ٿا پر اسان وٽ ڪنهن جو رڪارڊ ناهي ۽ توهان ته انهيءَ ليکڪ بابت پڇا ڪري رهيون آهيو، جيڪو اڄ کان پندرنهن سال اڳ ڇپيو آهي. ٻارنهن سال ڪو گهٽ عرصو ته ناهي، اهو ڪافي مشڪل ڪم آهي.”
“پر توهان ڪوشش ته ڪريو، هي انهيءَ جون ڇپيل ڪهاڻيون آهن.” هن ڪهاڻيون ايڊيٽر حوالي ڪيون. ايڊيٽر پهرين چشمي ذريعي انهن کي ڏٺو ۽ پوءِ چشمو لاهي وڌيڪ غور سان ڏٺو ۽ ذهن تي زور ڏيندي چيو “خيال! ها هي ته ڪافي پراڻو ليکڪ آهي، انهن ڏينهن ۾ ڪافي لکندو هو پر هاڻي ته گمنام ٿي چڪو آهي، ڪافي سٺو ڪهاڻيڪار آهي يا هو!؟”
“ڇا مطلب هو؟” هن پريشان ٿيندي پڇيو.
“ڏسو هنن ڪهاڻين کانپوءِ هن جي ڪا به ڪهاڻي اسان تائين ناهي پهتي ۽ نه وري مون هن جي ڪا ڪهاڻي ڪنهن ٻئي مئگزين ۾ پڙهي آهي، مون کي ياد ناهي ته آئون هن سان مليو هجان، هن جون ڪهاڻيون اسان وٽ اينديون هيون ۽ اسين ڇاپي ڇڏيندا هئاسين. مون کي ته سندس اصل نالي جي به خبر ناهي. خيال ته هن جو ادبي نالو ٿو لڳي.” اها ڳالهه ٻڌي هوءَ ڪجهه مايوس ٿي وئي.
“خير آئون ڪوشش ڪندس ته انهيءَ جو ڏس پتو ملي پوي پر توهان کي هروڀرو انهيءَ گمنام ليکڪ جي ڳولا ڇو آهي؟”
“ڇو ته مون کي هر انهيءَ ماڻهو سان ملڻ جي خواهش هوندي آهي، جيڪي خوبصورت خيالن کي جنم ڏيندا آهن ۽ هي ڪو ننڍڙو ماڻهو نٿو لڳي، توهان کي جيئن ئي هن بابت ڪا خبر چار ملي ته مون کي منهنجي فون نمبر تي اطلاع ڪجو.” هوءَ ايڊيٽر کي پنهنجو نمبر ڏئي هلي آئي. انهيءَ ڏينهن شام جو کيس پنهنجي گهر وڃڻو هو، جتي هوءَ هر ٻئي هفتي ويندي هئي، شام ڌاري هوءَ جيئن ئي پنهنجي گهر جي در تي پهچندي هئي ته مالهي وحيد کيس تازن گلن جو گلدستو پيش ڪندو هو ۽ هوءَ مرڪندي هن جي هٿن مان گل وٺي پنهنجي ڪمري ۾ رکندي هئي. صبح جو اڃا ننڊ پيل هوندي هئي ته وحيد هن جي سيرانديءَ کان رکيل گلدان ۾ گل سجائي ڇڏيندو هو ۽ هن جي نظر پهرين انهن گلن تي پوندي هئي، جنهن سان سڄو ڪمرو مهڪيل هوندو هو. وحيد هن جي غير موجودگي ۾ به هن لاءِ روز گل رکندو هو. هو انهن وٽ ڪافي عرصي کان ملازم هو ۽ هر وقت گلن ۽ ٻوٽن سان وقت گذاريندي نظر ايندو هو. ٻئي ڏينهن صبح جو وحِيد لان ۾ گلن ۽ ٻوٽن جي صفائي ڪري رهيو هو ته هوءَ انهيءَ سان ڪچهري ۾ لڳي وئي.
“وحيد اهو ٻڌائي ته هي گل ڪومائجي مري ڇو ويندا آهن؟” هن پڇيو.
وحيد پنهنجا هٿ روڪي ڇڏيا ۽ چيائين “مئڊم! گل مرندا ناهن بلڪه اهي ٻين ٽڙندڙ گلن تي قربان ٿي ويندا آهن، اهي نئين زندگي بڻجي ايندا آهن.” وحيد جي جواب کيس لاجواب ڪري ڇڏيو.
“مئڊم! توهان هي جيڪي پوپٽ ڏسي رهيون آهيو، اهي رڳو رنگين پرن وارا جيت نه آهن بلڪه ائين سمجهو ته اهي محبتن جا سفير آهن.” هن وري ڳالهايو.
“وحيد تون ته ڪنهن ڪنهن مهل بلڪل فلسفي لڳندو آهين، تنهنجي اندر سچ به ڪو فلسفي لڪل آهي.”
“نه مئڊم! آئون ته بس اهو ئي ڳالهائيندو آهيان جيڪو زندگي مون کي سيکاريو ۽ ڏيکاريو آهي. آئون ته هنن گلن ۽ پوپٽن کي پڙهندو آهيان، هي ئي منهنجا دوست آهن.” وحيد ڪجهه موتئي جا گل پٽي هن کي ڏنا.
“هي وري ڇا؟” هن پڇيو.
“ڪجهه گل ته ٽارين تي سٺا لڳندا آهن پر جڏهن اهي ڪنهن خوبصورت وجود جي هٿن ۾ ايندا آهن ته اهي وڌيڪ سهڻا ٿي پوندا آهن.” هن مرڪندي چيو ۽ وري ڪم ۾ لڳي ويو. وحيد بظاهر ته مالهي هو پر هن کي لڳندو هو ته هو جيڪي ڳالهيون ڪندو آهي، اهي ڪتابي آهن، جن مان هميشه هن کي گلن جي سڳنڌ ايندي هئي. هن کي جڏهن وقت ملندو هو ته هوءَ وحيد سان ڪچهري ڪندي هئي ۽ هو به هر دفعي ڪا نه ڪا اهڙي ڳالهه ڪري ڇڏيندو هو جيڪا هن لاءِ معنيٰ خيز هوندي هئي. هن کي لڳندو هو ته وحيد جيڪو آهي، اهو ناهي بلڪه هن جي اندر هڪ ٻيوماڻهو به آهي جيڪو به هن وانگر معصوم لڳندو هو. هن انهيءَ ماڻهو کي فقط هن جي خوبصورت ڳالهين جي آرسي ۾ ڏٺو هو. هڪ دفعي هن وحيد کان محبت بابت سوال پڇيو. تڏهن هن صرف ايترو ئي چيو ته سندس حصي ۾ ڪنهن جي به محبت نه آئي. انهيءَ ڪري هن گلن سان محبت شروع ڪري ڏني.
هن کي وحيد هميشه هڪ بيچين روح ٿي لڳو، ٻن ڏينهن کانپوءِ هوءَ هاسٽل موٽي آئي ۽ هن وري انهن ئي خطن کي پڙهڻ شروع ڪيو. هوءَ انهيءَ ڳالهه جو اندازو ڪري چڪي هئي ته خيال جنهن ڇوڪريءَ سان محبت ڪندو هو، موٽ ۾ انهيءَ خيال کي ايتري محبت نه ڏني، هر خط ۾ ڪا نه ڪا شڪايت ضرور هئي ۽ هو هڪ مجبور ۽ معصوم ماڻهو نظر ٿي آيو. بهرحال هن طئه ڪيو هو ته هوءَ ڪيئن به ڪري انهن وڃايل ڪهاڻِين جو سرو ڳولي لهندي. هن سان ايڊيٽر اڃا تائين ڪو به رابطو نه ڪيو هو، انهيءَ ڪري هن ايڊيٽر سان فون تي رابطو ڪيو پر هن ٻڌايو ته اڃا تائين سندس ڪم ناهي ٿي سگهيو پر هن اهو به چيو ته هو مسلسل ڪوشش ڪري رهيو آهي، جيئن ڪا خبر ملي ته کيس انهيءَ وقت فون ڪري آگاهه ڪندو. هن کي ايڊيٽر جي ڳالهين مان ائين لڳي رهيو هو ته هو انهيءَ ڪم ۾ سنجيده ناهي پر هن وٽ انهيءَ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو به نه هو. انهيءَ ڪري هن وري ڪجهه ڏينهن انتظار ڪرڻ مناسب سمجهيو.
ڪجهه ڏينهن کانپوءِ ايڊيٽر هن کي فون ڪيو ۽ خيال بابت ٻڌايو ته انهيءَ جو اصل نالو وحيد آهي ۽ هُن هن جي شهر جو نالو کڻي چيو ته اتي هو ڪنهن گهر ۾ مالهي آهي ۽ گمنام زندگي گذاري رهيو آهي. ايڊيٽر اهو به ٻڌايو ته اها ڄاڻ کيس خيال جي ويجهي دوست ڏني. هوءَ بلڪل به حيران ٿي وئي ته وحيد ئي خيال آهي، جنهن جي ڳولا ۾ هوءَ نڪتل هئي پر هن کي خوشي به ٿي ته سندس ڳولا ڪامياب رهي. هن فيصلو ڪيو ته هوءَ هڪ ٻن ڏينهن ۾ گهر ويندي ۽ وحيد سان تفصيلي ڪچهري ڪندي ۽ انهيءَ کان آٽوگراف به وٺندي.
هڪ شام جڏهن هوءَ ڊائري کڻي گهر پهتي ته وحِيد هن کي در تي گل ڏيڻ نه آيو ۽ ڪمري ۾ به تازا گل رکيل نه هئا. هن پنهنجي ماءُ کان وحيد بابت پڇيو ته هن ٻڌايو هو ويو هليو ۽ ڪيڏانهن ويو؟ انهيءَ بابت ڪجهه به نه ٻڌائي ويو. هوءَ ڪافي مايوس ٿي وئي ڇو ته جڏهن هوءَ هن سان ڪچهري ڪندي هئي ته انهيءَ کي سڃاڻي نه سگهي ۽ جڏهن هن کيس سڃاتو ته هو خبر ناهي ڪٿي گم ٿي ويو. هوءَ ڪمري جي دريءَ وٽ اچي بيٺي جتان هوءَ لهندڙ سج کي ڏسي رهي هئي ۽ هن کي لڳو ته هڪ ليکڪ جي ڪهاڻين جو سج به لهي چڪو هو.