6. عڪس
هڪ ڏينهن جڏهن صبح جو هو آفيس وڃڻ جي تياري ڪري رهيو هو ته غسل خاني ۾ منهن ڌوئڻ وقت پنهنجي چهري کي آئيني ۾ ڏٺائين، ڪجهه ئي لمحن ۾ اهو آئينو به ٽڪرا ٽڪرا ٿي ويو ۽ سڄو ڏينهن آفيس ۾ انهي حادثي بابت سوچيندو رهيو. پاڻ کي مطمئن ڪرڻ لاءِ هن انهي حادثي کي فقط هڪ اتفاق ئي سمجهڻ ٿي چاهيو پر وري خيال آيس ته اتفاق مسلسل ڪونه ٿيندا آهن. انهي کانپوءِ هن پنهنجي صورت آئيني ۾ ڪونه ڏٺي هئي ۽ پنهنجي بدصورتي لڪائڻ لاءِ هن ڪجهه ڏاڙهي به ڇڏي ڏني هئي پوءِکيس اهو وهم ٿي پيو ته جيڪڏهن هاڻي هن پنهنجي شڪل آئيني ۾ ڏٺي ته مري ويندو. انهي ڪري بس ۾ سفر ڪندي به احتياط ڪندو هو ته آئيني ۾ نه ڏسي.
هو جنهن فليٽ ۾ رهندو هو،انهي جي سامهون واري فليٽ ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ هڪ عورت پنهنجي ننڍڙي ڌيءَ سان شفٽ ٿي هئي،کيس اها خبر نه هئي ته اها عورت ڪير آهي ۽ ڇا ڪندي آهي؟ هواڪثر ڪري ٻارڙيءَ کي چاڙهين تي راند ڪندي ڏسندو هو، ٻارڙيءَ کيس ڏسي مرڪندي هئي ۽ هو به چهري تي ڦڪي مرڪ آڻي کيس ڏسي گذري ويندو هو.
هڪ ڏينهن هو پنهنجي فليٽ تي ٽي وي ڏسي رهيو هو ته ٻارڙي فليٽ جو در کليل ڏسي اندر هلي آئي.
“تو اندر ڪيئن آئينءَ؟” هن هڪدم پڇيو، ٻارڙي ڪجهه دير مرڪي پوءِ جواب ڏنو.
“دروازي مان” ٻارڙي هن جي ڀر ۾ ويهي ٽي وي ڏسڻ لڳي.
“چاچا توهان کي ڪارٽون وڻندا آهن؟” ٻارڙي پنهنجي معصوم آواز ۾ پڇيو.
“ها!وڻندا آهن” هن ننڍڙي جي دل رکڻ لاءِ ها ڪري ڇڏي.
“پوءِ چاچا ڪارٽون وارو چئنل لڳايو نه” ٻارڙي اسرار ڪيو.
هن ٻارڙي جي خواهش جو احترام ڪندي چئنل تبديل ڪري ڇڏيو. ٻارڙي ڪارٽون ڏسي لطف اندوز ٿيڻ لڳي.
ايتري ۾ ٻارڙي جي ماءُ کيس سڏ ڪيو”عائشه، عائشه” ٻارڙي جي ماءُ ٻارڙيءَ کي ڳوليندي فليٽ اندر هلي آئي.
“عائشه تون هتي ويٺي آهين،آئون توکي هيٺ چاڙهين تي پئي ڳوليان.” ماءُ کي ڏسندي ٻارڙي سندس پاسو جهليو.
“معاف ڪجو عائشه توهان کي تنگ ڪرڻ لاءِ هلي آئي”عورت ڪجهه شرمسار ٿيندي چيو.
“نه نه اهڙي ڳالهه ناهي” هن چيو.
“توهان هتي اڪيلا رهندا آهيو؟” عورت گهر جو جائزو وٺندي پڇيو.
“ها في الحال ته اڪيلو رهندو آهيان.” هن جواب ڏنو.
“توهان جو نالو؟ عورت پڇيو.
“ عابد..... عابد علي “
“آئون سيما آهيان” اهو چئي هوءَ عائشه سان ٻاهر نڪري ويئي، هڪ شام جڏهن هو گهري ننڊ ۾ ستل هو ته در تي ٺڪ ٺڪ ٿي، هو اکيون مهٽيندي اٿيو،اوٻاسيون ڏيندي اڌ بند ۽ اڌ کليل اکين سان هن جيئن ئي هن در کوليو ته در تي عائشه بيٺل هئي ۽ هن جي هٿن ۾ ننڍين اکين واري خوبصورت گڏي هئي، عائشه بنا ڪنهن خوف ۽ ڊپ جي اندر هلي آئي ۽ ڪرسيءَ تي ويهي رهي.
“چاچا توهان کي چاڪليٽ وڻندا آهن؟” عائشه پڇيو.
“نه آئون چاڪليٽ ڪونه کائيندو آهيان.” هن هڪ ڊگهي اوٻاسي ڏيندي جواب ڏنو.
“مون کي جام وڻندا آهن پر امان منع ڪندي آهي.”
“ڇو منع ڪندي آهي؟”
“بس!امان چوي ٿي آئون چاڪليٽ کائي کائي ٿلهي ٿي وينديس،چاچا! آئون ٿلهي ته ڪونه آهيان نه؟”
“نه بلڪل نه” عائشه جي معصوم ڳالهين کي ٻڌي هن کي پهريون ڀيرو احساس ٿيو ته ٻار زندگيءَ ۾ خوشين کي جنم ڏيندا آهن.
“چاچا توهان منهنجي گڏيءَ ڏٺي آهي؟”عائشه گڏي هن ڏانهن وڌائيندي پڇيو.
“ها سٺي آهي، بلڪل تو جهڙي آهي.” هن گڏي ڏسي عائشه کي واپس ڪري ڇڏي.
“عائشه تون چاڪليٽ کائيندينءَ؟” عائشه ڪنڌ لوڏيندي ها ڪئي ۽ پوءِ هو عائشه کي چاڪليٽ وٺي ڏيڻ لاءِ دڪان تي وٺي ويو ۽ جڏهن هو عائشه کي هنج تي کڻي موٽي رهيو هو ته عائشه جي ماءُ در تي پريشان بيٺل هئي. سيما جيئن ئي عائشه کي هن جي هنج تي ڏٺو ته چيائين “اڇا ته هيءَ توهان سان آهي” هن عائشه کي هنج تان لاٿو ۽ ماءُ حوالي ڪيو. انهي ڏينهن کانپوءِ ننڍڙي عائشه هن جي اڪيلائي ختم ڪرڻ لاءِ هن سان روز ملڻ ايندي هئي. جنهن ڏينهن عائشه ڪجهه دير ڪندي هئي ته کيس بيچيني ٿيڻ لڳندي هئي. هن کي عائشه ئي ٻڌايو هو ته سندس ماءُ هڪ اسڪول ۾ پڙهائيندي آهي ۽ عائشه به ساڳئي اسڪول ۾ هئي. هڪ ڏينهن سيما پريشانيءَ واري حالت ۾ هن جي فليٽ تي آئي ۽ چيائين “عائشه کي تيز بخار آهي، توهان ڪجهه دير لاءِ هن وٽ ويهو آئون ڊاڪٽر کي وٺي ٿي اچان.”
“توهان تڪليف نه ڪريو، آئون ڊاڪٽر کي وٺي ٿو اچان.”هن جو لهجو ڪافي همدرديءَ وارو هو. هو تڪڙيون وکون کڻندو ڊاڪٽر ڏانهن ويو ۽ ڪجهه دير ۾ ڊاڪٽر کي وٺي سيما جي گهر ويو، جتي سيما عائشه کي مٿي تي ٿڌي پاڻيءَ جون پٽيون رکي رهي هئي. ڊاڪٽر عائشه کي ڏسي ڪجهه دوائون لکي هليو ويو. انهي دوران هو سيما کان عائشه جي طبيعت بابت پڇندو رهيو.
هڪ ڏينهن سيما هن وٽ آئي ۽ چيائين ته “عائشه توهان کي ياد پئي ڪري” هو عائشه کي ڏسڻ ويو، سيما ساعت ۾ هن لاءِ چانهه ٺاهي آئي ۽ پوءِ پلنگ تي ويهي عائشه جي وارن ۾ آڱريون ڦيرائڻ لڳي.
“توهان به مون وانگر اڪيليون رهنديون آهيو؟ منهنجو مطلب آهي ته توهان جو گهر وارو” اهو سوال ٻڌي سيما جو چهرو ڪجهه ڏکارو ٿي ويو.
“ها آئون به اڪيلي آهيان،عابد صاحب جيڪو وقت اسان کي رشتن جي زنجيرن ۾ جڪڙيندو آهي. اهو ئي وقت اسان کي رشتن جي زنجيرن مان آجپو به ڏياريندو آهي، منهنجي مڙس مون کي طلاق ڏئي زال واري رشتي کان آزاد ڪري ڇڏيو آهي.”
سيما جي اها ڳالهه ٻڌي هن چپن ڏانهن وڌندڙ ڪوپ کي روڪي ڇڏيو ۽ ڪوپ پاسي تي رکي ڇڏيائين.
“عابد صاحب!جڏهن ماڻهوءَ ۾ تڪليف سهڻ جي سهپ ناهي هوندي ته اهو لڙڪ وهائڻ لڳندو آهي ۽ جڏهن ماڻهو تڪليف برداشت ڪرڻ جو عادي ٿي ويندو آهي ته لڙڪ اکين مان ڪو نه وهندا آهن ۽ ائين لڳندو آهي ڄڻ اهي سڪي ويا هجن.” هن سيما کي غور سان ٻڌيو ۽ پڇيو.
“توهان جي علحيدگيءَ جو سبب؟”
“سبب؟ “سيما جي چهري تي هڪ طنزيه مرڪ ظاهر ٿي..... “سبب نه هجن ته به پيدا ڪرڻا پوندا آهن، منهنجي مڙس کي ڪنهن ڇوڪريءَ سان محبت ٿي ويئي. هن مون کان شادي جي اجازت گهري،اجازت نه ڏيڻ جي صورت ۾ هن طلاق لفظ ٽي دفعا چئي منهنجي وجود تي طلاقيل عورت جي مهر هڻي ڇڏي. بس هاڻ ته عائشه ئي منهنجو سڀ ڪجهه آهي پر الائي ڇو شاديءَ جهڙي تلخ تجربي مان گذرڻ کانپوءِ به اهو احساس ٿيندو آهي ته عورت کي مڙس جي پناهه ۾ هجڻ گهرجي.” هو سيما جون ڳالهيون ٻڌي فليٽ تي هليو آيو، اها هن جي زندگيءَ ۾ ڪنهن اجنبي عورت سان ڊگهي ۾ ڊگهي ڪچهري هئي.
ٻئي ڏينهن عائشه ماءُ سان گڏ هن جي فليٽ تي آئي ۽ عائشه هن کان چاڪليٽ جي فرمائش ڪئي، هن عائشه لاءِ ورتل چاڪليٽ عائشه کي ڏنا ۽ پوءِ عائشه ميگزين کڻي انهيءَ کي ڏسڻ لڳي ۽ چاڪليٽ به کائيندي رهي. سيما هن سان ڪچهري ڪرڻ لڳي.
“عابد صاحب لڳي ٿو توهان گهر جي صفائي جي معاملي ۾ ڪافي لاپرواهه آهيو.” سيما ڇت جي ڪنڊن ۾ جمع ٿيل ڄارن کي ڏسندي چيو.
“ها! مڙئي سستي جي ڪري” هن جواب ڏنو.
“ته پوءِ ٺيڪ آهي آئون سڀاڻي گهر جي صفائي ڪري ڇڏينديس.”
“نه نه توهان هرو ڀرو تڪليف نه ڪريو آئون انهي ماحول ۾ رهڻ جو عادي ٿي چڪو آهيان.”
“عابد صاحب! توهان کي شايد خبر ناهي ته گهر ۾ ڄارن جو هجڻ سٺو سنئوڻ ناهي،سڀاڻي آئون توهان جي گهر کي ضرور صاف ڪنديس.”
هو سيما کي وڌيڪ منع نه ڪري سگهيو. ٻئي ڏينهن جڏهن سيما هن جي گهر جي صفائي ڪري ورتي ته کيس سڄي گهر ۾ هڪ به آئينو نظر نه آيو. تڏهن سيما هن کان پڇيو “ڪمال آهي، توهان جي گهر ۾ هڪ به آئينو ناهي” هو ڪجهه پريشان ٿي ويو ۽ چيائين “بس ائين ئي مون کي آئيني جي ضرورت نٿي پوي ۽ هونئن به آئينو خوبصورت ماڻهن لاءِ هوندو آهي.”
“عابد صاحب! آئينو ته هر ڪنهن لاءِ هوندو آهي. ڪير ڪهڙو آهي؟ ڪيئن آهي؟ اهو آئينو ئي ٻڌائي سگهي ٿو ۽ توهان کي ڇو ٿو لڳي ته توهان سهڻا نه آهيو.” هن کي سيما جا اهي لفظ ٻڌي ڪافي حيرت ٿي ته سيما کي هن جي بدصورتي ڇو نٿي نظر اچي. شايد انهي ڪري جو هوءَ پاڻ خوبصورت هئي.
“عابد صاحب!اڄ مون کي توهان سان خاص ڳالهه ڪرڻي آهي” سيما وري ڳالهائڻ شروع ڪيو.
“ڏسو هڪ مرد لاءِ ته اڪيلي سر زندگي گذارڻ ايڏي ڏکي ناهي، جيتري ڪنهن عورت لاءِ هوندي آهي. اڪيلي عورت ڀلي ڪيڏي به شرافت جي زندگي گذاري پر تڏهن به انهي تي زماني جون آڱريون کڄنديون رهنديون آهن ۽ آئون پنهنجي ڌيءَ کي پيءُ جي شفقت ڏيڻ چاهيان ٿي، انهي ڪري مون فيصلو ڪيو آهي ته آئون وري شادي ڪريان.” هن کي سيما جو اهو فيصلو ٻڌي ڪا حيرت نه ٿي.
“ها ٺيڪ آهي ۽ هونئن به عورت مرد وٽ ئي محفوظ رهي سگهي ٿي پر اهو ڪير آهي؟”
“بس آهي ڪير انهي سان آئون توهان کي سڀاڻي ملائينديس. بلڪه انهي جي تصوير توهان کي ڏيکارينديس.”
ٻئي ڏينهن سيما هن وٽ شام جو ڪا پيڪ ٿيل شيءِ کڻي آئي ۽ سيما هن کي چيو ته “هن ۾ آهي انهي ماڻهو جي تصوير جنهن سان آئون شادي ڪرڻ ٿي چاهيان، هاڻ توهان اکيون بند ڪريو ۽ جڏهن آئون چوان ته اکيون کولجو. هن سيما جي چوڻ تي اکيون بند ڪيون. سيما پيڪ تان پنو لاٿو ۽ هن کي اکيون کولڻ لاءِ چيو ۽ پوءِ چيائين “هيءَ آهي انهيءَ جي تصوير” هن جيئن ئي اکيون کولي پنهنجو عڪس سيما جي هٿن ۾ جهليل آئيني ۾ ڏٺو ته سندس دل بيهي رهي ۽ آئينو سيما جي هٿن مان ڪري ٽڪر ٽڪر ٿي ويو. سيما وائڙي ٿي آئيني جي ڀڳل ٽڪرن کي ڏسڻ لڳي، سيما ڊڄندي ڊڄندي هن جي چهري کي هٿ لاٿو ته هن جو ڪنڌ لڙي پيو. سيما اوڇنگارون ڏيئي روئڻ لڳي ۽ سندس اکين مان وهندڙ لڙڪ آئيني تي ڪرڻ لڳا. جنهن جي هر ٽڪر ۾ هن جو عڪس هو.