16. هڪ شهر جو قصو
هن کي ويران پليٽ فارم تي ڪو به مسافر نظر ڪو نه آيو، صرف هڪ ڪانسٽيبل آهستي آهستي وکون کڻندو هن اچي رهيو هو. ڪانسٽيبل هڪ هلڪي مرڪ چپن تي آڻي هن ڏانهن ڏسندي گذري ويو. ڏينهن ڪافي گرم هو، سج جي سڄي گرمي شهر جي هنج ۾ لهي رهي هئي. پليٽ فارم تي رکيل بئنچون به خالي هيون، هن سوچيو ته ڪجهه وقت انتظار گاهه ۾ گذارجي، هو ڪانسٽيبل ڏانهن وڌيو.
“حيدرآباد ويندڙ ٽرين ليٽ آهي ڇا؟” هن پڇيو.
“سائين ٽرين ته ٽي ڪلاڪ ليٽ آهي، توهان کي ته خبر آهي اسان جون ٽرينون ڪڏهن به وقت تي ڪونه اينديون آهن ۽ جنهن ڏينهن اينديون ته اهو معجزو هوندو.” ڪانسٽيبل ڪجهه خوشگوار انداز ۾ چيو.
“آئون تيستائين ويئٽنگ روم ۾ ويهي سگهان ٿو” هن پڇيو
“ها!سائين ڇو نه ٽرين هونئن به ليٽ آهي، توهان ڪجهه آرام ڪري وٺو.” ڪانسٽيبل جواب ڏنو.
ڪانسٽيبل کيس وئيٽنگ روم ڏانهن وٺي ويو ۽ کيسي مان چاٻي ڪڍي تالو کوليائين ۽ دروازي جو زنگيل ڪڙو کولڻ لڳو، ڪڙو آواز ڪندو کلي ويو. ٻئي در کولي اندر داخل ٿيا. ڪانسٽيبل ڪمري جي بتي لاءِ بٽڻ آن ڪيو ته هڪ زرد بلب مرده روشني سان روشن ٿيو. هن ڏٺو ته ڪمري جي ڀتين کي سم کائي رهيو هو ۽ ڇت تي ٿيل چن به جڳهه جڳهه تان لهي چڪو هو پر ڪجهه اڃا به ڇت سان چهٽل هو. چوڌاري ڪنڊن ۾ ڪاري رنگ جا ڄارا ڄميل هئا جن ۾ ڪوريئڙا به حرڪت ڪري رهيا هئا. سم جي ڪري ڀتين جو پلستر به ڀُري رهيو هو. ڪمري ۾ رکيل فرنيچر تي دز جا تهه ڄميل هئا ۽ ڪمري ۾ فقط ٻن تاڪن واري دريءَ هئي. ڪانسٽيبل پنکو هلايو، پنکي جي هلڻ سان انهي تي جمع ٿيل دز سڄي ڪمري ۾ وکري وئي. پنکي جي رفتار اها هئي جو انهي جا پر واضح نظر پئي آيا.
“سائين اصل ۾ هي ڪمرو ايترو استعمال ناهي ٿيندو بهرحال توهان هتي آرام ڪري سگهو ٿا.” ڪانسٽيبل چيو.
“ها بس ٺيڪ آهي، مون کي پاڻي گهرجي.”
“آئون هينئر ئي پاڻي موڪليان ٿو ۽ ڪنهن ٻي شيءِ جي ضرورت هجي ته ٻڌايو.” ڪانسٽيبل چيو.
“نه في الحال پاڻي گهرجي.” هن چيو.
ڪانسٽيبل ڪمري مان هليو ويو ۽ هو ٻئي هٿ چيلهه تي رکي وري ڪمري جو جائزو وٺڻ لڳو، ڪرسي تي لڳل دز کي آڱر لڳائي جاچ ڪيائين ۽ پوءِ کيسي مان ٽشو ڪڍي ڪرسي صاف ڪري ويهي رهيو. رات ننڊ نه ڪرڻ ڪري ڪجهه ٿڪ هئس، ڪرسي آرامده هئي ۽ هن ٽيڪ لڳائي اکيون بند ڪري ڇڏيون. اڃا کيس اکيون بند ڪئي ڪجهه منٽ ئي ٿيا هئس ته ڪمري ۾ هڪ نوجوان ڇوڪرو پاڻي جو جڳ ۽ گلاس کڻي داخل ٿيو ۽ هن پاڻي جو جڳ ميز تي رکندي چيو “سائين هي وٺو پاڻي.”
هن جي اک کلي وئي ۽ ڇوڪري ڪلهي تي رکيل ڪپڙي سان ميز صاف ڪئي ۽ چيائين “سائين چانهه کڻي اچان؟”
“ها چانهه سٺي هجي ته کڻي اچ.” هن گلاس ۾ پاڻي ڀريندي چيو
“سائين زبردست چانهه ملندي، هڪدم ڪڙڪ، بس اجهو کڻي آيس.”
“ها پر کنڊ الڳ سان هجي.” هن چيو.
“حاضر سائين” نوجوان هليو ويو ۽ هو آرام سان چپن تي پاڻي جو گلاس رکي پيئڻ لڳو. پنکي جي هوا تيز نه هئڻ ڪري سندس جسم تي پگهر جا ڦڙا جسم کي پسائي رهيا هئا. هن گلاس رکيو ۽ اٿي دريءَ ڏانهن وڌيو ۽ هوا لاءِ دريءَ کولڻ جي ڪوشش ڪئي پر دري ڪافي عرصو بند رهڻ ڪري ڪافي سخت ٿي چڪي هئي ۽ تاڪ هيٺ جمع ٿيل دز به انهي جي کلڻ ۾ رڪاوٽ هئي پر هن ڪافي زور لاتو ته ٻئي تاڪ کلي پيا ۽ ڪمري ۾ روشني سان گڏ هوا به داخل ٿي. جيڪا هن جي پگهريل جسم کي ڇهڻ لڳي ،اها کيس اڻوڻندڙ نه لڳي. هو وري ڪرسي تي آهلجي پيو ۽ اکيون پوري آرام ڪرڻ لڳو. انهي دوران پاڻي ٽمڻ جو آواز سندس ڪنن تائين پهتو جنهن جي ڪري هو بي آرامي پئي ٿيو. هن پهرين ته ان عمل کي نظرانداز ڪيو پر پوءِ اکيون کوليائين شايد غسل خاني جو ڪو نلڪو يا پائيپ وهي رهيو هو، هو اٿيو ۽ غسل خاني ڏانهن وڌيو،اتي نلڪي مان پاڻي ٽمي رهيو هو. هن نلڪي جي ٻنجي زور سان بند ڪئي۽ وري ڪرسي تي ٽيڪ لڳائي اکيون بند ڪري ڇڏيائين. اڃا ڪجهه ئي لمحا مس ٿيا ته هن جي ڪنن تائين ڪنهن جي قدمن جا آواز پهتا.
“ها چانهه رکي ڇڏ، آئون پاڻ ٺاهي وٺندس.” هن بند اکين سان ئي جواب ڏنو.
“پر تنهنجو ڪوپ ته هميشه آئون تيار ڪندي هيس.” هڪ ڄاتل سڃاتل آواز هن جي ڪنن ۾ ٻرڻ لڳو، هن اکيون کوليون ته سامهون وينا بيٺل هئي. هو هڪدم اٿي بيٺو.
“وينا تون...؟” هن ڪجهه خوش ۽ حيران ٿيندي چيو.
وينا پنهنجو سامان پاسي تي رکيو ۽ ڪرسي صاف ڪري ويهي رهي ۽ هو به ويٺو. وينا سندس يونيورسٽي جي محبوبا هئي، ٻئي هڪٻئي جي محبت ۾ گرفتار ٿيا ۽ ڌار به ٿي ويا.
اڄ اتفاقن ڊگهي عرصي کانپوءِ مليا هو هميشه وينا سان ملڻ چاهيندو هو پر وينا ملڻ نه چاهيندي هئي، هن لاءِ وينا جي هر ڳالهه حرف آخر هوندي هئي. وقت جي دز هيٺ سڀ ڪجهه دزجي چڪو پر وينا لاءِ پيار اڃا ساڳيو هو. سڀ ملاقاتون، قصا وقت جي دز جي نظر نه ٿيا.
“ڪيئن آهين؟” وينا چيو.
“ٺيڪ آهيان تون ٻڌائي ڪيئن آهين؟” هن پڇيو.
“توکي ڪيئن پئي لڳان.” وينا سوال ڪيو.
“صحيح پئي لڳين پر ڪجهه ٿڪل به لڳين پئي.”
“ها رات جي اوجاڳي جي ڪري، اصل ۾ منهنجي دوست جي شاديءَ هئي، انهي ڪري هتي آئي هيس ۽ خبر پئي ته ٽرين ليٽ آهي، تون حيدرآباد پيو وڃين؟” هن پڇيس.
“هاٰ! ڪنهن ڪم سان آيو هئس” هن جواب ڏنو ۽ پاڻي جو گلاس ڀري وينا کي ڏنائين وينا پاڻي پي ماٺ ٿي هن کي ڏسندي رهي.
“ائين ڇا پئي ڏسين؟”
“بس ڪجهه نه، اهو ته پاڻ ٻئي هڪ ڊگهي عرصي کانپوءِ گڏ ويٺا آهيون، عجيب اتفاق آهي نه.” وينا چيو.
“ها! اسين هميشه حادثاتي طور مليا آهيون، اڄ اسين ٺيڪ چار سالن کانپوءِ مليا آهيون، اسين اڄ کان ٺيڪ چار سال اڳ اپريل جي يارنهن تاريخ تي مليا هئاسين ۽ اڄ به يارنهن اپريل آهي.” هن ڪجهه رکائي۾ چيو.
“توکي تاريخون هميشه ياد رهنديون آهن، اڄ به هيتري عرصي کانپوءِ توکي اها تاريخ ياد آهي، تون حسابن جو ڪافي پڪو آهين، مون کي ته اهي شيون ياد ناهن رهنديون.
“توکي گهڻو ڪجهه ياد ناهي رهندو، شايد تون ياد رکڻ نه چاهيندي آهين. اصل ۾ ماڻهو محبتون ياد رکڻ چاهيندو آهي ته تاريخون به ياد ٿي وينديون آهن.” هن طنزيه لهجي ۾ چيو.
“نه اهڙي ڳالهه ناهي، توکي ائين لڳندو آهي، چڱو اهو ٻڌائي ڇا پيو ڪرين؟”
“ڪجهه خاص نه بس نوڪري پيو ڪريان ۽ وقت گذري رهيو آهي.” هن جو جواب ڄڻ ته بيزاري مان هو.
انهي دوران چانهه وارو ڇوڪرو اندر داخل ٿيو، “سائين توهان جي چانهه حاضر آهي.” هن چانهه رکندي چيو.
“هي چانهه تون کڻي وڃ ۽ هڪ ڪوپ وڌيڪ تيار ڪري پوءِ کڻي اچ.”
“ٺيڪ آهي سائين” ڇوڪرو ائين چئي هليو ويو.
“يونيورسٽي جا ڏينهن ياد ايندا اٿئي؟” وينا مرڪندي پڇيو.
“ها مون کي سڀ ڪجهه ياد آهي اسان جي حادثاتي ملاقات جو وقت به ياد آهي، اسان جي هر ملاقات حادثاتي هئي ۽ اڄوڪي ملاقات به حادثاتي آهي. چوندا آهن ته محبت رڳو هڪٻئي کي نه بلڪه هڪ ئي ڏساءَ جي ڏسڻ جو نالو آهي ۽ اسان ڪڏهن هڪ ڏساءَ ۾ ڏٺو ئي ناهي. يونيورسٽي ۾ اسان جون بسون مخالف ڏسائن ۾ هلنديون هيون، اسان جا شهر به مختلف ڏسائن ۾ آهن ۽ اڄ اسان جون ٽرينون به مخالف ڏسائن ڏانهن وينديون.” هوچپ ٿي ويو ۽ وينا کيس ماٺ ٿي ٻڌو پئي.
“ڇا گذريل چار سالن ۾ ڪنهن سان.......... منهنجو مطلب آهي ڪنهن سان دوستي نه ٿي؟”
“توکي خبر ناهي ته مونکي دوست ٺاهڻ ڪونه ايندا آهن ۽ مون کي ڪنهن جي ڳولا ناهي.” هن وينا سان نظرون ملائيندي چيو.
“سرمد اڄڪلهه شاعري ڪونه ڪندو آهين ڇا؟ تنهنجا نظم رسالن ۾ ڪونه ٿا ڏسجن.” وينا موضوع مٽائي ڇڏيو.
“لکندو آهيان پر ڇپائيندو ڪونه آهيان.”
“ڇو؟”
سرمد ڪجهه دير لاءِ وينا کي خاموش نظرن سان ائين ڏٺو ڄڻ ته وينا کي انهي سوال جي جواب جي خبر هجي ۽ چيائين “ڇو ته منهنجي هر نظم جو محور تون آهين ۽ آئون دنيا لاءِ نه پر تنهنجي لاءِ لکندو آهيان، توکي خبر آهي آئون هر نظم پهرين توکي ٻڌائيندو هئس، ڇا ڪاڻ ته اهي ڪلهه به تو لاءِ هئا ۽ هاڻ جڏهن انهن کي ٻڌڻ لاءِ تنهنجو وجود ئي منهنجي آسپاس ناهين ته انهن کي شايع ڪرائڻ ضروري ناهي.” هن ڪجهه اداسي مان ڳالهايو ڪجهه گهڙين لاءِ ڪمري ۾ خاموشي ماتم ڪندي رهي. انهي دوران چانهه وارو آيو ۽ چانهه رکي هليو ويو. وينا چانهه ٺاهي ۽ سرمد کي ڏني.
“آخري دفعو مون توکي فون ڪيو هو ته تو ٻڌايو هو ته تنهنجو مڱڻو ٿيڻ وارو آهي پوءِ ٿي ويو؟” هن چانهه جو ڍڪ ڀريندي پڇيو.
“ها ٿيڻو هو پر نه ٿي سگهيو، ڇو ته ڪن رشتن کي قائم رکڻ لاءِ سچائي ضروري آهي ۽ ڪوڙن رشتن جي عمر ناهي ٿيندي.” اها ڳالهه ڪري هن ڪوپ چپن تي رکي ڇڏيو.
“۽ اسان جي رشتي جي باري ۾ ڇا خيال آهي انهي جو بنياد ته ڪوڙ تي نه هو، پوءِ به اسين اوپرا ٿي رهياسين، تو ڪڏهن انهي باري ۾ سوچيو آهي.” سرمد پڇيو.
“انهي کان ته اسين ٻئي انڪار نٿا ڪري سگهون ته اسان جو رشتو سچائي تي قائم هو تڏهن ته اسان جي ملڻ جا اتفاق ٿيندا رهيا آهن. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته اڄ به اسان هتي نه ملون ها” وينا چيو.
“ها ورهين ۾ هڪ دفعو ملڻ جو اتفاق، جيئن اڄ ٿيو آهي يا ماضي ۾ ٿيندو آيو آهي. توکي خبر آهي اسين لمحن جي محبت حاصل ڪرڻ لاءِ عرصي تائين الڳ رهندا آهيون ۽ جڏهن ڪجهه لمحن لاءِ محبت ونڊيندا آهيون ته وري جدائي جي ديوار ٻنهي جي وچ ۾ اڏجي ويندي آهي ۽ هڪٻئي لاءِ اسين وري اوپرا ٿي ويندا آهيون. محبت قائم رکڻ لاءِ فاصلا قائم رکڻ ضروري ڪونه هوندا آهن. اسان هميشه لمحن جي محبت شيئر ڪئي آهي” هن چانهه مان آخري ڍڪ ڀريو ۽ ڪوپ پاسي تي رکي ڇڏيو.
“مون کي خبر آهي ته اسين وري ڪٿي ملياسين ته تون ائين ئي چوندين ڇاڪاڻ ته مون هميشه توکي فيصلا جو ٻڌايا آهن.”
“مون هميشه اهو چاهيو ته اسان جا فيصلا گڏيل هجن پر تو ڪڏهن موقعو ئي نه ڏنو، مون کي هميشه تنهنجي فيصلن کان خوف رهندو هو، ڇو ته اهي ڪڏهن به ۽ ڪنهن به وقت ظاهر ٿي ويندا هئا. آئون ته توکان اهو به پڇي نه سگهندو هئس ته تون ائين ڇو ڪندي آهين. اسان جو هر ملاقات موڪلاڻي جي نئين شروعات هوندي هئي.” هو چپ ٿي ويو. وينا ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو ۽ ڪوپ جي ڪناري تي آڱر ڦيرائڻ لڳي.
“تون صحيح آهين، مون کي ائين نه ڪرڻ گهرجي ها، خبر ناهي ڇو ائين ٿي ويو” هن نظرون مٿي کڻندي چيو.
هو اٿيو ۽ ٻئي هٿ پينٽ جي کيسن ۾ وجهي دريءَ ڏانهن منهن ڪري چوڻ لڳو. “مس وينا! محبت ۾ ٻه ۽ ٻه چار ناهن ٿيندا، اها ڪنهن فارمولي تحت ناهي ڪبي. اها نه ته مشروط هوندي آهي ۽ نه وري مجبور ٿي ڪبي آهي، جيڪي ماڻهو مشروط محبت ڪندا آهن، انهن کي ڪجهه حاصل ناهي ٿي سگهندو، اهي سڀ ڪجهه وڃائي ويهندا آهن.” هن ڳالهه پوري ڪئي ۽ وينا ڏانهن مڙي ڏٺو، جيڪا اڃا به ڪوپ جي چوڌاري آڱر ڦيرائي رهي هئي.
“سرمد توکي ته خبر آهي آئون ڪيئن رهي آهيان توکان وڌيڪ مون کي ٻيو ڪير به نٿو سڃاڻي شايد آئون پاڻ به نه، تون صحيح چوندو هئين ته تون منهنجي وجود جو حصو آهين، هيتري عرصي ۾ مون تو کي وسارڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، تو کان پري رهي تو کان فراريت اختيار ڪيم پر اڄ به مون کي ائين لڳندو آهي تون منهنجي وجود جو حصو آهين. اهو سچ آهي ته منهنجي ڪري تو تمام گهڻو ڀوڳيو آهي، پر عذاب مون به ڀوڳيو آهي.” وينا ڪجهه ڏکاري ٿيندي چيو ۽ چانهه جو رهيل ڪوپ رکي ڇڏيائين هو وري ڪرسي تي اچي ويهي رهيو ۽ ڪجهه دير لاءِ ٻئي ماٺ ڪري ويٺا رهيا.
“اسان جو رشتو به عجيب رهيو آهي. آئون سمجهندو هئس ته منهنجي زندگي توسان گڏ گذرندي پر خير ضروري ته ناهي ته هر خواب کي سچائي ۽ ساڀيان جو چهرو ملي.”
“تون چوندو هئين ته اسين پنهنجو هڪ گهر ٺهرائينداسين، اهو ته تنهنجو پراڻو خواب هو ڇا اهو به پورو نه ٿيو آهي؟”
انهيءَ سوال تي سرمد جي چهري تي هڪ طنزيه مرڪ اڀري ۽ هن چيو”وينا انهي گهر جو خواب اسان ٻنهي ڏٺو هو ۽ مون ته پنهنجا خواب حالتن هٿان قتل ٿيندي ڏٺا آهن. منهنجا جيڪي خواب توسان سلهاڙيل آهن، اهي آئون ڪنهن ٻئي سان شيئر نٿو ڪري سگهان. ٺيڪ آهي اهي پورا نٿا ٿي سگهن پر انهن تي ڪنهن ٻئي جو حق ناهي” سرمد جي انهيءَ ڳالهه ۾ ڪيتري سچائي هئي اها وينا به محسوس ڪري پئي سگهي.
“آئون اهو نٿي چوان ته مون توکان وڌيڪ اذيت برداشت ڪئي آهي پر هڪ سچ اهو به آهي ته زندگي ۾ جيڪڏهن مون ڪنهن کي حاصل ڪرڻ چاهيو آهي ته اهو تون ئي آهين.”
“پر وينا تو مونکي منهنجي حصي جي محبت ناهي ڏني.....”
“ڇا محبت جا به ڪي حصا ٿيندا آهن؟ انهن کي حصن ۾ ته ناهي ورهائي سگهبو. منهنجي محبت جو هڪ حصو تنهنجي لاءِ وقف ٿيل ناهي بلڪه منهنجي وجود ۾ جيتري به محبت آهي اها سموري تنهنجي لاءِ ئي رهي آهي” وينا سرمد جي ڳالهه ڪٽيندي چيو ۽ سندس ڳالهائڻ ۾ ڪجهه تلخي به هئي.
“توکي خبر آهي هڪ عرصي کان آئون پنهنجو پاڻ کي سهيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهيان پر اڃا تائين وکريل آهيان. جنهن ڏينهن تو رابطو ختم ڪيو هو .آئون انهي ڏينهن کان وکريل آهيان. وقت به مون کي سهيڙي ناهي سگهيو.” انهي وقت به هو پاڻ کي وکريل ئي محسوس ڪري رهيو هو.
“تو کان ڌار ٿي پوءِ ئي مون کي خبر پئي ته آئون هڪ بي رنگ تصوير آهيان. جنهن جا سڀ رنگ تو وٽ رهجي ويا آهن، ڪڏهن ائين لڳندو اٿم ته ڄڻ بي سبب جيءَ رهي آهيان. جيڪڏهن تون وکريل آهين ته آئون به صحيح سلامت نه آهيان” وينا جي اکين ۾ ڪجهه نراسائي ظاهر ٿيڻ لڳي.
هن پنهنجي گهڙي ۾ وقت ڏٺو ٽرين جي اچڻ جو وقت ٿي چڪو هو. ٻنهي جي ڳالهين ۽ شڪايتن ۾ وقت ڪيئن گذري ويو کين خبر ئي نه پئي.
“منهنجي خيال ۾ هاڻي اسين وري ڪونه ملي سگهنداسين، انهي ڪري جو اتفاق ۽ حادثا بار بار ڪونه ٿيندا آهن.” هن چيو.
انهيءَ وقت چانهه وارو ڇوڪرو چانهه جا ڪوپ کڻڻ آيو، هن کيس بل ڏنو ۽ هو هليو ويو. ٻنهي جون ٽرينون پليٽ فارم تي پهچڻ واريون هيون. “سرمد تنهنجي آڱرين ۾ سگريٽ ناهي” وينا چيو.
“سگريٽ! سگريٽ ته مون انهيءَ ڏينهن ڇڏي ڏنا هئا جنهن ڏينهن تون منع ڪيو هو.... ۽ هونئن به آئون ڪو چئن سموڪر نه هئس ها! تنهنجي چپن چٻاڙڻ جي عادت اڃا ناهي وئي؟”
وينا هڪدم چپ چٻاڙڻ بند ڪيا ۽ چيائين “نه چٻاڙيندي آهيان بس تنهنجي سامهون هوندي آهيان ته پاڻهي ئي ڏندن ۾ اچي ويندا آهن.”
ٻنهي جون ٽرينون پليٽ فارم تي بيٺيون. ڪي مسافر لٿا ڪي چڙهيا اهي ٻئي به اٿي بيٺا ۽ ٻاهر نڪتا ۽ ٽرينن ڏانهن وڌيا، وينا هلندي هلندي بيهي رهي.
“سرمد اسين هن مخالف ڏسائن ۾ ويندڙ ٽرينن کي ڇڏي هميشه لاءِ ڏساءَ ۾ هلي نه ٿا سگهون؟ “ وينا جي سوال ڪجهه لمحن لاءِ هن کي پريشان ڪيو.
“هاڻ شايد دير ٿي چڪي آهي، اسان کي پنهنجين پنهنجين ٽرينن ڏانهن ئي وڃڻ گهرجي. وري ملڻ جو حادثو ٿيو ته حال احوال وٺنداسين، آئون هاڻ هلان ٿو” ائين چئي سرمد پنهنجي ٽرين ڏانهن وکون کڻڻ لڳو. وينا هن کي ويندي ڏسي رهي هئي ۽ سندس خوبصورت اکين مان لڙڪ وهڻ لڳا. ڪجهه قدم اڳتي وڃي سرمد بيهي رهيو ۽ وينا کي پٺيان مڙي ڏٺائين جيڪا اتي ئي بيٺي ڳوڙها ڳاڙهي رهي هئي. هو هن ڏانهن آيو ۽ چيائين “آئون هميشه چوندو هئس ته تنهنجا لڙڪ زمين جا ستارا آهن، انهن ۾ منهنجو ئي چهرو هوندو آهي.” هن وينا جا لڙڪ اگهيا ۽ ٻئي هٿ هٿ ۾ ڏئي هميشه لاءِ هڪ ڏساءَ ڏانهن نڪري ويا.