ڪھاڻيون

برسات کانپوءِ

نوجوان ڪهاڻيڪار اختر حفيظ پنهنجي ڪهاڻين بابت لکي ٿو:
منهنجيون ڪهاڻيون ڪنهن کي وڻن ٿيون يا نٿيون وڻن انهي تي مون کي اعتراض نه آهي، مون کي صرف ايتري خبر آهي ته منهنجون ڪهاڻيون هن سماج مان ورتل آهن، هونئن به پنهنجي سماج کان ڪٽيل ڪهاڻي جو ڪو سرو نه هوندو آهي
  • 4.5/5.0
  • 2554
  • 783
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اختر حفيظ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book برسات کانپوءِ

11. خط

انهن ڏينهن ۾ شهباز هڪ مئگزين ۾ ڪم ڪندو هو ۽ هڪ مسواڙ جي ڪمري ۾ پنهنجي حياتيءَ جا ڏينهن گذاري رهيوهو. هن جي ڪمري ۾ ڪابه شيءِ ترتيب ۾ نه هئي. هن جي چوڌاري اخبارون،مئگزين ۽ ڪتاب هئا،جيڪي بنا ترتيب جي ڪمري ۾ وکريل هئا. ڪيترن ئي ڪتابن تي دز ڄميل هئي. جڏهن هُو ڪو به ڪتاب پڙهڻ لاءِ کڻندو هو ته پهرين کيس ڪتاب تي ڄميل دز جو تهه صاف ڪرڻو پوندو هو۽ پوءِ ڪتاب جا پنا اٿلائي پڙهڻ لڳي ويندو هو. ڪتابن کانسواءِ ڪي اڻپورا خط به هئا،جيڪي هُو اڃا تائين نفيسا کي ڪونه ڏئي سگهيو هو،اهي سڀ خط ميز تي سندس خوابن وانگر وکريل هئا.
هن جي وڏي ۾ وڏي عياشي ڪتاب وٺڻ هئي،هيستائين هو ڪافي ڪتاب پڙهي چڪو هو.شهباز کان جيڪي ڳالهيون نفيسا کان ملاقات ۾ رهجي وينديون هيون هُو انهن کي خوبصورت لفظن جو ويس ڍڪائي خطن وسيلي نفيسا تائين پهچائيندو هو. هيستائين هو نفيسا کي کوڙ سارا خط لکي چڪو هو ۽ ڪجهه نفيسا جا لکيل خط به هن وٽ سنڀاليل هئا.
هن جو نفيسا سان تعلق مئگزين ذريعي ٿيو،جنهن ۾ هوءَ آرٽيڪل لکندي هئي. اڄ ڪيترن ئي مهينن کانپوءِ آفيس ۾ نفيسا جو فون آيو ۽ شهباز کي شام جو سمنڊ ڪناري ملڻ لاءِ چيائين،جتي اُهي اڪثر ملندا هئا. نفيسا هن کان ڪيترا ڀيرا ڌار ٿي چڪي هئي ۽ وري پاڻ ئي فون ڪري کيس ملڻ لاءِ چوندي هئي يا وري آفيس هلي ايندي هئي.
شهباز جيئن ئي آفيس کان ڪمري تي پهتو ته هن جون اکيون هر هر گهڙيءَ ۾ اٽڪي ٿي پيون. کيس شام ٿيڻ جو بي چينيءَ سان انتظار هو. هن کي لڳو ته ڄڻ وقت جي پيرن ۾ ڪنهن زنجير وجهي ڇڏي هجي،نه ته جڏهن هُو نفيسا سان ويهندو هو ته کيس وقت هوا جي گهوڙي جو سوار لڳندو هو. نفيسا به عجيب مزاج جي ڇوڪري هئي. ڪڏهن ته هوءَ مظهرالاسلام جي ڪهاڻين جو ڪردار لڳندي هئي، جنهن جي اکين ۾ معصوميت هميشه ليئا پائيندي رهندي هئي ۽ ڪنهن مهل هوءَ بلڪل بيحس لڳندي هئي،تڏهن شهباز کي ائين لڳندو هو ته نفيسا جي سيني ۾ ڌڙڪندڙ دل ڄمي چڪي آهي. بنا سبب جي ڪاوڙجڻ ،ننڍن ننڍن ڀوڳن تي اکين ۾ لڙڪ آڻڻ،فون ڪري اهو چئي ڇڏڻ ته “اڄ کانپوءِ مون سان نه ملجانءِ”
انهن روين جي ڪري نفيسا هن لاءِ ڳجهارت بڻيل هئي. کيس نفيسا سان ڪيل سڀ ملاقاتون ياد هيون. هن کي ياد آهي ته اهو شام جو وقت هو ۽ سج ڪنهن سهاڳڻ جي بنديا جيان سهڻو لڳي رهيو هو،سج جي ڳاڙهاڻ جي ڪري آسمان جو چهرو به ڪنهن قدر ڳاڙهو لڳي رهيو هو. سمنڊ مان اٿندڙ ڇوليون بي جان واريءَ کي آلو ڪنديون وري سمنڊ جي آغوش ۾ ضم ٿي پئي ويون. سمنڊ مان پيدا ٿيندڙ شور پنهنجي آسپاس خاموشي کي ڀٽڪڻ به نٿي ڏنو....پريان ڪجهه ٻارڙا واريءَ مان گهرڙا ٺاهي رهيا هئا،جيڪي انهن کان وڌيڪ معصوم لڳي رهيا هئا پر هر ڀيري سمنڊ مان اٿندڙ ڪا لهر انهن گهرڙن تائين پهتي ٿئي ۽ انهن کي ميساري ٿي ڇڏيائين ۽ ٻارڙا وري نوان گهرڙا ٺاهڻ ۾ مصروف ٿي ٿئي ويا. نفيسا پنهنجين آڱرين سان آلي واري جي جسم تي ڪي آڏيون ڦڏيون لڪيرون ڪڍي رهي هئي. اهي بلڪل انهن لڪيرن جهڙيون هيون،جيڪي ڪاوڙ مهل نفيسا جي پيشاني تي اڀري اينديون هيون. شهباز خاموشيءَ سان کيس ڏسي رهيو هو.
“نفيسا هي تون اجايو لڪيرون ڇو ٺاهي رهي آهين” هن ڊگهي ماٺ کانپوءِ پڇيو.
“لڪيرون اجايون ته ڪونه هونديون آهن،انهن جي ڪا نه ڪا معنى ضرور هوندي آهي” نفيسا هٿ سان سڀ لڪيرون ڊاهيندي جواب ڏنو.
“معنى!لڪيرن کي ته اسين معنى ڏيندا آهيون نه ته انهن جي ڪابه معنى ناهي.” شهباز نفيسا جي لهندڙ سج جهڙين اکين ۾ ڏسندي چيو.
“ڏس نه هر ڪنهن وٽ لڪيرن جي پنهنجي معنى هوندي آهي،انهيءَ ڪري اهي بلڪل به بي معنى ڪونه آهن، ڪي ماڻهو هٿن جي لڪيرن ۾ قسمت ڳوليندا آهن ته ڪي وري قسمت جي لڪيرن کي پاڻ جنم ڏيندا آهن ۽ ڪجهه ماڻهو ڌرتي جي سيني تي لڪيرون ڪڍي انهيءَ کي سرحد جو نالو ڏئي ڇڏيندا آهن. جڏهن اهي ئي لڪيرون عورت جي چهري تي ظاهر ٿيڻ لڳنديون آهن ته جواني پنهنجا پيرا ڊاهڻ لڳندي آهي ۽ بدصورتي ظاهر ٿيڻ لڳندي آهي.”
شهباز نفيسا جي ڳالهين کي غور سان ٻڌو ۽ پوءِ لهندڙ سج کي ڏسڻ لڳو جنهن جو عڪس پاڻيءَ ۾ نظر اچي رهيو هو. ائين ٿئي لڳو ڄڻ سج ڦڙو ڦرو ٿي پاڻي ۾ ملي رهيو هجي.نفيسا جي ڪٺورتا ۽ ڪوملتا جي صحيح خبر شهباز کي ڪونه پوندي هئي،ڪنهن مهل هوءَ بي جان پٿر وانگر لڳندي هئي ته ٻئي لمحي نرم دل ٿي ويندي هئي. هڪ ڀيري ڪنهن مجبوري سبب شهباز نفيسا کي فون ڪونه ڪري سگهيو ته انهي ملاقات ۾ نفيسا منهن ڦٽائيندي چيو ته”تون رات هيلو به نٿي ڪري سگهين،مون سڄي رات تنهنجي فون جو انتظار ڪيو ۽ سڄي رات آئون اکين ڏانهن وڌندڙ ننڊ کي روڪي اوجاڳو ڪندي رهيس” انهي وقت نفيسا جي اکين مان لڙڪ ڳڙي سندس پنبڻين کي پسائيندا هن جي ڳلن تان ترڪڻ لڳا.
انهيءَ ڏينهن کانپوءِ هن فيصلو ڪيو ته ڇا به ٿي پئي نفيسا کي هر حال ۾ فون ڪرڻو آهي. هن کي ياد آهي ته هُو ڊسمبر جي سخت سرد راتين ۾ ٽيليفون بوٿ واري قطار ۾ بيهي پنهنجو وارو اچڻ جو انتظار ڪندو هو ۽ جڏهن نفيسا کي هيلو ڪندو هو ته نفيسا جو وينا جهڙو خوبصورت آواز هن جي ڪنن ۾ ٻُرندي ئي سرديءَ جو احساس ڀُلائي ڇڏيندو هو.
هن کي نفيسا جي اکين ۾ لڙڪ بلڪل به ڪونه وڻندا هئا. جڏهن ڪنهن ڳالهه جي ڪري نفيسا جي اکين ۾ لڙڪ ايندا هئا ته هو پاڻ کي ڏوهاري محسوس ڪندو هو، هن پنهنجي ماءُ کان ٻڌو هو ته جيڪو ماڻهو دل جي رشتي جو احترام ناهي ڪندو، انهي سان دل لڳائڻ پاڻ کي وڌيڪ اذيت ڏيڻ آهي.
بهرحال نفيسا هن کي هيستائين ڪيترائي عذاب ڏئي چڪي هئي ۽ هو به اهي عذاب خوشي سان سهڻ جو عادي ٿي چڪو هو. انهي ڪري هن ڪڏهن به نفيسا کي ائين نه چيو ته هن جا رويا خراب آهن ۽ نه وري هن خطن ۾ انهن روين جو ڪو ذڪر ڪيو. هڪ ڀيري هُو نفيسا سان ڪچهري ڪري رهيو هو ته نفيسا کيس ٻڌايو ته هن کي اڄڪلهه موت جو خوف ٿيڻ لڳو آهي.
“شهباز تو ڪڏهن موت کي پاڻ ڏانهن ايندي محسوس ڪيو آهي.”
“ها بلڪل هر وقت محسوس ڪيو اٿم،جهڙيءَ ريت زندگي هڪ حقيقت آهي اهڙيءَ ريت موت به ته هڪ سچائي آهي ۽ انهيءَ کي آئون پاڻ کان ڌار محسوس ئي نه ڪندو آهيان، موت ته اسان جي پيدا ٿيڻ وقت ئي اسان سان جنم وٺندو آهي.”
“ته ڇا زندگيءَ ۽ موت ۾ ايترو فاصلو آهي جيترو ساهن جي تسلسل ۾ وقفو” نفيسا مايوسي واري ڪيفيت ۾ پڇيو.
“ها! ائين ئي سمجهه پر زندگي رڳو ساهن جي تسلسل جو نالو به ناهي.” شهباز پُر اعتماد ٿي جواب ڏنو.
“شهباز ڪڏهن ڪڏهن مون کي لڳندو آهي ته ڄڻ موت جا هٿ منهنجو گلو دٻائي رهيا هجن” اها ڳالهه ڪندي نفيسا جي چهري تي موت جو خوف ظاهر ٿيڻ لڳو.
“اهو تنهنجو وهم آهي،تون موت بابت ڪافي رومانٽڪ ٿي لڳين پر زندگيءَ جي ديوي جو مُرڪندڙ چهرو ڪونه ٿي ڏسين.”
“پر اهو رومانس ناهي توئي ته هينئر چيو موت به زندگيءَ وانگر حقيقت آهي.”
“آهي پر جيڪڏهن موت جو خوف نه ڪجي ته به اچڻو آهي انهي ڪري زندگيءَ جي لمحن کي حَسين بنائڻ لاءِ انهي کي موت جي آئيني ۾ نه پر زندگيءَ جي آرسي ۾ ڏسڻ گهرجي.”
هن جي اها ڳالهه ٻڌي نفيسا جي چهري تي مُرڪ ظاهر ٿيڻ لڳي،شهباز وٽ نفيسا جي ته هر سوال جو جواب موجود هو پر نفيسا هن لاءِ پاڻ هڪ اهڙو سوال هئي جنهن جي جواب جي هُو هر وقت ڳولا ڪندو رهندو هو پر هن کي ڪڏهن به ڪو به جواب نه ملي سگهيو.
زندگيءَ ۾ کوڙ سارا سوال هوندا آهن جن جو جواب ناهي هوندو ۽ جيڪڏهن هوندو آهي ته اهو وري ٻئي سوال کي جنم ڏيندو آهي. هيستائين هُو نفيسا کي تحفي طور ڪجهه شاعريءَ ۽ ڪهاڻين جا ڪتاب ڏئي چڪو هو. هن جي نظر ۾ ڪتابن کانسواءِ ڪو به سٺو تحفو نه هو. انهي ڪري هن ڪڏهن عام ماڻهن وانگر نفيسا کي چوڙيون ۽ بريس ليٽ وٺي ڪونه ڏنا. هڪ ڀيري هُونفيسا لاءِ ڪجهه ڪتاب وٺي آيو ۽ هُن اهي وٺڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو ۽ چيائين”ڪتابن ۾ رڳو افسانوي ۽ خيالي ڳالهيون هونديون آهن،جيڪي اسان کي حقيقتن کان پري ڪري ڇڏينديون آهن،منهنجي لاءِ لفظ بي معنى ٿي چڪا آهن. اهي لفظن سان جڙيل بي جان قصا آهن”
“پر نفيسا افساني ۾ ڪٿي نه ڪٿي حقيقت جو رنگ ضرور شامل هوندو آهي”
هوءَ هن جي ڪنهن به دليل کي مڃڻ لاءِ تيار نه هئي. کيس حيرت انهي ڳالهه تي هئي ته هوءَ ڪڏهن ڪڏهن شهباز جي لفظن ۽ خطن کي به ڪا اهميت ڪونه ڏيندي هئي،جيڪي هُو هن کي پاڻ پڙهي ٻڌائيند هو ۽ اهي خط هُو اڪثر ڪري انهي وقت لکندو هو جڏهن شهر جا سڀ ماڻهو ننڊ ۾ خوابن جي سفر تي ويندا هئا. شهباز کي اهي ماڻهو ڀانئين ڪونه پوندا هئا جن وٽ لفظن جي اهميت نه هئي. پر نفيسا ته انهيءَ ڳالهه کان چڱي ريت واقف هئي. هن جي انهيءَ افيئر جي خبر هن جي هڪ ويجهي دوست کي به هئي جڏهن شهباز دوست کي نفيسا جي روين بابت ٻڌائيندو هو ته هو کيس چوندوهو ته “ميان اهو حوصلو توکي آهي جو هن جا تلخ رويا برداشت ڪرين ٿو،بهرحال اهو هڪ غير معمولي ڪيس آهي.”
اها شهباز کي به خبرنه هئي ته هن جي وجود ۾ ايڏو سهپ جو مادو ڪٿان آيو هو،شايد نفيسا سان قائم ڪيل رشتي کيس ايترو صبر عطا ڪيو هو. هُو سدائين پنهنجي دوست کي چوندو هو ته ڇا به هجي پر هوءَ مون کي تمام گهڻي وڻندي آهي. جنهن سان آئون ڪڏهن به نفرت نٿو ڪري سگهان،حالانڪه شهباز کي اها خبر هئي ته نفرت به انسان جي وجود ۾ محبت سان گڏوگڏ هلندي آهي پر محبت جو احساس حاوي هجڻ ڪري اها اڳيان هلي ظاهر ٿيندي آهي. هُو نفيسا لاءِ روز ڪونه ڪو نظم ياد ڪندو هو ۽ جڏهن کيس ٻڌائيندو هو ته ڪڏهن ته نفيسا خاموشيءَ سان هن جا نظم ٻڌندي هئي پر ڪنهن وقت شهباز کي ائين لڳندو هو ته نظم ٻڌندي ٻڌندي هوءَ ڪا پٿر جي مورت ٿي چڪي هجي،جنهن تائين سندس دل جو آواز نٿي پهچي سگهيو.
آخري ملاقات ۾ نفيسا چيو هو ته “جڏهن آئون توسان ملندي آهيان ته مون کي ائين لڳندو آهي ماڻهن جون نظرون منهنجو پيڇو ڪنديون هجن ۽ اها اذيت مون کان برداشت ناهي ٿيندي انهيءَ ڪري آئون توسان آخري ڀيرو ملڻ آئي آهيان.”
“ته ڇا تون مون کي وري اڪيلو ڪرڻ آئي آهين” هن هڪدم پڇيو.
“ها ۽ هميشه لاءِ” شهباز نفيسا جي چهري کي غور سان ڏٺو جنهن تي ڪا به پريشاني يا پشيماني جي ريکا ڪونه هئي. نفيسا وٽ يادگيري طور شهباز جا ڪجهه خط،نظم،ڪتاب ۽ ڪجهه چميون هيون. انهي وقت هن کي ائين لڳو ته نفيسا ڪا واريءَ جي ٺهيل ڇوڪريءَ آهي جيڪا سندس ڇُهڻ سان ذرا ذرا ٿي ويندي پر اڄ سندس اوچتو فون اچڻ ڄڻ ته زندگيءَ ۾ اها بهار موٽي آئي هجي جنهن جو کيس ڪيترن ڏينهن کان انتظار هو. هُو شام جو روز انهي اميد سان سمنڊ ڪناري ويندو هو ته نفيسا ضرور موٽي ايندي. اڄ هن فيصلو ڪيو ته اڄوڪي ملاقات ۾ هو کيس خط ڏيندو ۽ اهي شڪايتون به ڪندو جيڪي هن اڃا تائين زبان تي ناهن آنديون،هُو پنو کڻي لکڻ ويٺو.
“معصوم اکين واري!
هيترا ڏينهن توسان ڪونه مليو آهيان ته مون کي ائين ٿو لڳي ڄڻ آئون ذرا ذرا ٿي هن ڪمري ۾ وکري ويوآهيان ۽ آئون پاڻ کي ميڙڻ جي ڪوشش ڪندو آهيان پر وري وکري ويندو آهيان. مون کي الائي ڇو هر وقت اهو احساس ٿيڻ لڳندو آهي ته آئون توکان هارائجي ويو آهيان. آئون جيڪو جبل سان ٽڪرائڻ جو حوصلو رکان ٿو پر تنهنجي اڳيان اچي منهنجا حوصلا پست ٿي ويندا آهن. مون فيصلو ڪيو آهي ته اڄ آئون ڪنهن ٻار وانگر تنهنجن گوڏن تي مٿو رکي روئي پوندس ۽ پنهنجا سڀئي لڙڪ وهائي ڇڏيندس جيڪي مونکي سمهڻ ڪونه ٿا ڏين. مون کي لڳي ٿو ته منهنجين اکين مان ڳوڙها پنهنجو رستو پاڻ ٺاهي وهي ويندا ۽ اڄ آئون توکي اهي سڀ شڪايتون به ٻڌائيندس جن جو بار هاڻي آئون نٿو کڻي سگهان. مون هميشه تنهنجا لڙڪ اگهيا آهن پر تو ڪڏهن به منهنجي اکين ۾ جهاتي پائي ناهي ڏٺي ته آئون ڪيترن لڙڪن کي انهن ۾ سمائي ويٺو آهيان. بهرحال! آئون هر وقت توکي پاڻ سان محسوس ڪندو آهيان ۽ اڃا تائين به رسول حمزاتوف جو اهو نظم پڙهندو آهيان جيڪو توکي تمام گهڻو وڻندو آهي. توکي ڪجهه ٻيا نظم به ٻڌائڻا آهن ۽ ڪي اڻپورا خط به تنهنجي حوالي ڪرڻا آهن جن کان پوءِ مون کي لڳندو ته آئون مڪمل ٿي چڪو آهيان.”
هن خط لکي پورو ڪيو ۽ گهڙيءَ ۾ ٽائيم ڏٺو نفيسا کي ڏنل وقت ۾ ڪجهه دير هئي هُو تيار ٿيو ۽ لکيل خط کڻي ڪمري کان ٻاهر نڪري ويو. هن کي روڊ پار ڪري سامهون واري اسٽاپ تان بس پڪڙڻي هئي،هُو ڏاڍو خوش هو ۽ انهي ڪري هو بي احتياطي سان روڊ ڪراس ڪرڻ لڳو اڃا هُو هلندڙ گاڏين وچان روڊ پار ڪري رهيو هو ۽ وچ تي ئي هو ته هڪ تيز رفتار ڪار هن مٿان چڙهي وئي هن جي هٿ ۾ پيل خط وارا پنا ڇڏائجي روڊ جي سخت جسم تي وکري ويا ۽ ٻئي لمحي سندس جسم مان وهندڙ رت جا ڇنڊا انهي خط تي وڃي پيا. هُو ريڙهيون پائي ڪجهه دير لاءِ انهن پنن کي سنڀالڻ لڳو پر انهيءَکان اڳ جو هن جا هٿ انهيءَ خط تائين پهچن ها موت جا هٿ هن جو روح قبض ڪري چڪا هئا ۽ خط هميشه لاءِ نفيسا جي هٿن تائين پهچڻ کان رهجي ويو.