ڪھاڻيون

برسات کانپوءِ

نوجوان ڪهاڻيڪار اختر حفيظ پنهنجي ڪهاڻين بابت لکي ٿو:
منهنجيون ڪهاڻيون ڪنهن کي وڻن ٿيون يا نٿيون وڻن انهي تي مون کي اعتراض نه آهي، مون کي صرف ايتري خبر آهي ته منهنجون ڪهاڻيون هن سماج مان ورتل آهن، هونئن به پنهنجي سماج کان ڪٽيل ڪهاڻي جو ڪو سرو نه هوندو آهي
  • 4.5/5.0
  • 2554
  • 783
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • اختر حفيظ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book برسات کانپوءِ

7. لِيڪو

هُو رات سمهي نه سگهيو، اڄ صبح جيئن ئي هُو ڪچي ننڊ مان جاڳيو ته کيس جسم ۽ مٿي ۾ هلڪو سُور محسوس ٿي رهيو هو. هُو ڪافي عرصي کان بارڊر تي ڊيوٽي ڏئي رهيو هو. جتي کيس ورهين کان سُتل بارڊر تي اکيون کولي رکڻيون پونديون هيون ۽ تمام ٿورو وقت ننڊ ڪرڻ لاءِ ملندو هئس. هُو روز صبح جو انهن پکين کي پنهنجن آکيرن مان اڏامندي ڏسندو هو جيڪي دنيا کي لڪيرن سان ورهائيندڙن ۽ لڪيرن جي چوڪيداري ڪندڙن جي ڪنهن به حڪم جا پابند ڪونه هئا. ڪڏهن ڪڏهن هن جي دل چوندي هئي ته هو به ڪو پکي هجي ها ته ائين ئي فضا ۾ اڏامندي ڪيترائي ماڳ مڪان ڏسي ها پر اهو ته فقط خواب هو جيڪو اڃا تائين سندس اکين ۾ پلجي رهيو هو. هن کي ته بس سرحد تي بندوق تاڻي دشمن جي حرڪت کي ڏسڻو هو جتان رات ڏينهن گولين جا آواز سندس ڪنن ۾ گهڙي اندر ۾ بي چيني پيدا ڪندا هئا.
هو اتي اڪيلو ته ڪونه هو بلڪه ڪيترائي ٻيا فوجي به مختلف چوڪين ۾ پنهنجي حياتي بارود ۽ بندوق سان گڏ سنڀالي گذاري رهيا هئا. اڄڪلهه بارڊر تي ڪجهه وڌيڪ ڇڪتاڻ هئي ۽ ڪافي جهڙپون ٿي رهيون هيون. هن جي چوڪيءَ ۾ ٻيا به سپاهي هئا پر هن جي فقط هڪ ئي سپاهي سان لڳندي هئي. جيڪو هر وقت پنهنجي اک دشمن فوج جي هر ننڍي وڏي حرڪت تي رکندو هو. هن لاءِ گوليون هلائڻ ته ڄڻ ڪا ٻاراڻي راند هئي. هو هن سان ڪچهري ڪندو هو ۽ هو به مختلف ماڻهن جون اهلون ڪري کيس کلائيندو هو.
پرئين ڀر هڪ ڳوٺ هو ۽ ڳوٺ بارڊر تي هجڻ ڪري هنن جي گولين کان محفوظ نه هو پر تڏهن به اتي جا ماڻهو پنهنجي زندگي اهڙين ڏکين حالتن ۾ گذاري رهيا هئا. هو پنهنجي چوڪي ۾ ويهي صبح واري چانهه پي رهيو هو ۽ سندس ذهن گذريل سال ٿيل جهڙپ ڏانهن وري ويو، جنهن ۾ هن هٿان هڪ ٻار مارجي ويو هو ۽ انهي ڏينهن کان هن کي پنهنجي نوڪري ۽ پاڻ کان نفرت ٿيڻ لڳي هئي.
جڏهن به ڪجهه گهڙين لاءِ ننڊ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته سندس اکين آڏو رت ۾ ٻڏل انهي ٻار جو لاش اچي ويندو هو ۽ هو هڪدم اکيون کولي ڇڏيندو هو. هن کي خبر هئي ته بندوق جي نالي مان نڪرندڙ گولي انڌي هوندي آهي ۽ اها ڪنهن به ماڻهوءَ جي معصوميت کي ڪونه ڏسندي آهي پر گولي هلائيندڙ انڌو ناهي هوندو،هن لاءِ اهو وڏي ۾ وڏو ڏوهه هو ۽ انهي ڪري هو پاڻ کي ڏوهاري سمجهندو هو.
کيس لڳندو هو ته هو فقط ماڻهو مارڻ لاءِ هتي موڪليو ويو آهي. انهي واقعي کي وسارڻ لاءِ هن سپاهي سان ڪچهري ڪرڻ شروع ڪئي.
“رات واري جهڙپ ته ڪافي زوردار هئي، تنهنجو هٿ ته رائيفل جي ٽريگر تان هٽيو ئي ڪونه ٿي”هن چيو.
“بس سر!دشمن کي جواب ته ڏيڻو آهي نه “
“هڪ ڳالهه ٻڌائي توکي گولي هلائيندي ڪڏهن رحم ايندو آهي؟” هن مرڪندي پڇيو.
“سر توهان کي ته خبر آهي جنهن سپاهي کي رحم ايندو هجي انهي کي ڊڄڻو چئبو آهي ۽ اسان کي ته بس اهو ئي ٻڌايو ويندو آهي ته بارڊر تي موجود ملڪ جا فوجي دشمن آهن ۽ انهي ڪري منهنجيون آڱريون هر وقت رائيفل جو ٽريگر دٻائڻ لاءِ تيار رهنديون آهن” اها ڳالهه ڪري هو رائيفل جي نالي مٿان لڳل هدف مان ڏسڻ لڳو.
هن کي خبر هئي ته سپاهي پنهنجي جاءِ تي صحيح آهي،ڇاڪاڻ ته هر فوجي جو مقصد ٻئي فوجي کي مارڻ يا وري امرتا ماڻڻ هوندو آهي.
هن وڌيڪ سوال نه ڪيا ۽ دوربين مان نظرون ڇاڻيندي سرحد کي ڏسڻ لڳو جتي ڪابه چرپُر نظر نه آئي ۽ ڀر واري ڳوٺ ۾ ماڻهو ڪم ڪار سان لڳل هئا. انهيءَ مهل چوڪي ۾ ميجر داخل ٿيو. هن کيس هڪدم سليوٽ ڪيو.
ميجر هنن جو انچارج هو ۽ شڪل شبيهه جو بڇڙو،سندس مٿي تي رهيل سهيل وار هميشه پگهر جي ڪري چهٽل رهندا هئا ۽ کاٻي اک هيٺيان زخم جو نشان هو۽ دُهل جهڙي پيٽ کي سدائين بيلٽ ذريعي دٻائي رکندو هو.
“ڪئپٽن سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي نه” هن پچيو
“يس سر!اڃا ته سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي،دشمن جي هرحرڪت جو جائزو ورتو پيو وڃي” هن جواب ڏنو.
“ها ائين ئي ٿيڻ گهرجي رات واري جهڙپ ۾ اسان جا ڪجهه سپاهي زخمي ڪيا اٿن. ڪتن کي چُرڻ جي مهلت به نه ڏيو،اڄڪلهه ڪجهه وڌيڪ ڀونڪڻ لڳا آهن. ڪير به هجي انهي کي گوليءَ سان اڏائي ڇڏيو.” ميجر وٽ دشمن فوج لاءِ ڪافي ڪروڌ هو. هُو ڪجهه دير جائزو وٺي هليو ويو.
هن کي ميجر کان پهريون ڀيرو نفرت تڏهن ٿي، جڏهن هڪ ڀيرو ميس ۾ ماني کائيندي ميجر کيس ٽوڪيندي چيو ته “توکي ههڙي ماني گهر ۾ به ڪونه ملندي هوندي” اهو جملو ڄڻ ته گرم گولي بڻجي هن جي دل ۾ لهي ويو هو.
“هي ميجر سمجهندو آهي ته هو جڏهن ٻين فوجين کي ڪتو چوندو آهي ته ڇا اهي اسان کي فرشتو چوندا هوندا. “ هن وري ڪچهري شروع ڪري ڏني.
“سر ائين ته آهي پر هاڻ هتي اچي ويا آهيون ته فرض ته نڀائڻو آهي.”
کيس لڳندو هو ته اها بهادري ناهي، ڇاڪاڻ ته اُهي سڀ بارود جي ڍير تي ويهي ۽ پنهنجن ڪلهن تي بندوق تاڻي معصوم ماڻهن جي زندگين جو ڏيئا اجهائي رهيا هئا. هن کي ائين لڳندو هو ته جبلن ۾ ڪوئن وانگر ٻرون ٺاهي ويهي رهڻ سان ڪو به سورهيه ناهي ٿي ويندو.
هو اها ڳالهه شدت سان محسوس ڪري چڪو هو ته لانگ بوٽن هميشه بيگناهن ۽ معصوم ماڻهن کي چيڀاٽيو آهي هن کي خبر هئي ته تاريخ ۾ ڪنهن فوجي جا لانگ بوٽ انسانيت کي بچائڻ لاءِ ڪونه وڌيا آهن ڇو ته بظاهر ته هر فوجي پنهنجن ماڻهن کي بچائيندو آهي پر پنهنجي ڌرتي جي ماڻهن کي بچائڻ لاءِ هن کي پنهنجا هٿ ٻين انسانن جي رت ۾ رڱڻا پوندا آهن ۽ ٻنهي پاسي انسانن جو ئي خون وهندو آهي.
“تنهنجي خيال ۾ دهشتگرد ڪير هوندو آهي”هن ڪجهه ساعت کان پوءِ سپاهي کان سوال پڇيو.
“سر اهو ئي جيڪو ماڻهن ۾ دهشتگردي پکيڙي، ماڻهو ماري هٿيارن وسيلي ماڻهن جي دلين ۾ خوف پکيڙي”
“پوءِ انهي حساب سان ته اسين به دهشتگرد آهيون نه اسين به ماڻهن کي قتل ڪندا آهيون،انهن کي ڊيڄاريندا آهيون. جارج برنارڊ شا پنهنجي ڊرامي “آرمز ائند دا مين” ۾ لکيو آهي ته هر ڏهن فوجين مان نو بيوقوف هوندا آهن پر آئون چوان ٿو ته ڏهن مان ڏهه ئي بيوقوف هوندا آهن.”
“سر! اڄ هي توهان ڪهڙيون ڳالهيون پيا ڪريو؟”
“ها توکي به اهي ڳالهيون عجيب لڳنديون هونديون.”
“ڇا توهان کي ڌرتي لاءِ وڙهندي امر ٿيڻ جي خواهش ناهي.”
“نه آئون معصوم ماڻهن کي بي دردي سان قتل ڪري امر ٿيڻ نٿو چاهيان نه ئي مون کي بيگناهه ماڻهن کي قتل ڪري تمغا حاصل ڪرڻ جو شوق آهي.”
“سر پوءِ توهان آرمي ۾ ڇو آيا؟ توهان کي ته اسڪول ۾ استاد يا فلاحي اداري ۾ هجڻ گهرجي ها”هن صلاح ڏيندي چيو.
“بس يار منهنجي پيءُ جي خواهش هئي ته فوج ۾ ڀرتي ٿيان پر هتي اچي خبر پئي ته اسان جا حاڪم رڳو اسان کي استعمال ڪندا آهن،ڪڏهن ڌارين خلاف ته ڪڏهن پنهنجن جي سينن تي ئي گولين هلائڻ جو حڪم ڏيندا آهن.”
“سر ائين ته ناهي فوج ته هميشه دشمن کي ختم ڪرڻ لاءِ اڳيان وڌي آهي. “
“تون ته ڪو صفا درويش آهين. ڇا تو کان اهو خطو وسري ويو؟ اهي ته اسان جا دشمن ڪونه هئا پر فوجين جا هٿ انهن جي سسين لاهڻ لاءِ ۽ معصوم عورتن جي لڄ لٽڻ لاءِ وڌيا هئا. انهي وقت اهو خطو لانگ بوٽن هيٺ لتاڙجي رهيوهو. آئون پاڻ کي خوشقسمت ٿو سمجهان ته آئون انهن آپريشنز ۾ ڪونه هئس. اڄ به انهن گهٽين ۾ انهن ماڻهن جو رت سُڪل آهي، جن اسان کي پنهنجو سمجهيو ۽ ڪيترن معصوم ٻارن جون دانهون انهن گهٽين ۾ پاڻ کي بچائڻ لاءِ گونجيون هونديون. تڏهن اسان پنهنجو وحشي چهروانهن آڏو ظاهر ڪيو هو. هن کي لڳو ته هو ڪجهه وڌيڪ جذباتي ٿي رهيو آهي ۽ ماٺ ٿي ويو.
انهي مهل هڪ سپاهي چوڪي ۾ آيو ۽ هن کي هڪ لفافو ڏئي ويو. جنهن ۾ سندس مڱيندي جو خط هو. جنهن سان هو ڪيتري عرصي تائين ڪونه ملي سگهيو هو۽ هن جا خط هن وٽ انهن پهاڙن جي چوٽين تي به کوڙ سارو فاصلو طئي ڪري پهچي ويندا هئا،هن خط کولي پڙهڻ شروع ڪيو.
“پرين!
سدائين کلندو رهين، عرصو ٿيو آهي تو منهنجي ڪا به سار ناهي لڌي، ڇا توکي وسري وئي آهيان يا وسارڻ ٿو چاهين. انهي ڪري خط نٿو لکين. تون ڪيئن آهين انهن بندوقن ۽ بارود جي گهيري ۾ ته توکي بلڪل به آرام ڪونه ايندو هوندو پر آرام ته مون کي به ناهي. اڄڪلهه ٻڌڻ ۾ پيو اچي ته بارڊر تي ڪافي ڇڪتاڻ آهي. توکي ياد آهي ته تو چيو هو ته پاڻ اهڙي هنڌ گهر ٺهرائينداسين جتان نديءَ کي وهندي ڏسي سگهون، انهي جي موسيقي ٻڌي سگهون. مون کي انهي وقت جو تمام گهڻو انتظار آهي پر اڄڪلهه ته ڄڻ نديءَ جي وجود ۾ ساهه ئي ناهي. شايد انهي نديءَ کان وڌيڪ اسانجي اکين ۾ پاڻي آهي ۽ هتان جي هر اک کي نديءَ وهڻ جو انتظار آهي. تو چيو هو ته هاڻ جڏهن تون ايندين ته چانڊوڪي رات ۾ مون سان هٿ هٿ ۾ ڏئي نديءَ ڪناري دير تائين وک وک سان ملائي هلندين، تون ڪڏهن ايندين؟ شايد تڏهن جڏهن نديءَ جي واري جيڪا سج جي تپش ۾ جلندي رهي ٿي. انهي کي زندگي ملي وڃي ۽ نديءَ پنهنجي مستي ۾ مگن ٿي وهڻ لڳي. انهي کان اڳ جو اسانجي اکين ۾ بچيل پاڻي به سُڪي وڃي تون هليو اچ” تنهنجي.....
هو خط پڙهي ڪجهه اُداس ۽ پريشان ٿي ويو. هن جي اکين آڏو سندس مڱيندي جو چهرو ڦرڻ لڳو.
“سر ڇا ٿيو گهر ۾ سڀ خير آهي نه؟سپاهي پڇيس.
“ها سڀ ٺيڪ آهي”
ڪڏهن ڪڏهن هن کي لڳندو هو ته سرحد جو هي ليڪو جنهن تي هو بيٺل هو اهو ڌرتي جي سيني تي نه پر ماڻهن جي دلين ۽ دماغن تي آهي ۽ جيستائين اهو ليڪو انهن جي دلين ۽ دماغن تان نه ڊهندو، تيستائين هي بارود ۽ گولين جي جنگ جاري رهندي ۽ جنگ رڳو پنهنجي بدصورت چهري ذريعي تباهي آڻيندي آهي. هن کي لڳو ٿي ته حاڪمن ماڻهن جي دلين تي ليڪا ڪڍي ڇڏيا آهن. جن انسانن جو جيئڻ حرام ڪري ڇڏيو آهي. هو فيصلو ڪري چڪو هو ته آرمي ڇڏي ڏيندو ۽ هو انهن ماڻهن لاءِ جدوجهد ڪندوجيڪي ڏاڍ اڳيان جهڪن نٿا. هن جو سڄو ڏينهن عجيب ڇڪتاڻ ۾گذريو ۽ نيٺ شام ٿيڻ لڳي،سج ٽڪرين مٿان آهستي آهستي ٿڌو ٿيڻ لڳو،انهي وقت وري فائرنگ شروع ٿي وئي ۽ پوءِ فائرنگ وڌندي وئي،ٻنهي پاسي فضا ۾ گولين جا آواز گونجڻ لڳا ۽ ڳوٺ جي ماڻهن ۾ خوف ڇانئجي ويو ۽ اهي هيڏانهن هوڏانهن ڀڄڻ لڳا.
هن پنهنجي پوزيشن سنڀالي ۽ ميجر به هن جي چوڪيءَ ۾ پوزيشن سنڀالي جتان کان دشمن کي ۽ ڳوٺ کي نشانو بنائڻ آسان هو. هن فائر شروع ڪيا.
ميجر ڪئپٽن کي چيو ته ڳوٺاڻن تي فائرنگ ڪري ۽ ٻار توڙي جوانن کي نشانو بنائي هن ميجر کي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ هن فائرنگ کان انڪار ڪري چڏيو.
“يو بلڊي جونيئر اٽ از ماءِ آرڊر! ڀلي ٻار آهن ته ڇا ٿيو اسان لاءِ صرف دشمن آهن. “
“ساري سر! آئون ائين نٿو ڪري سگهان” هن انڪار ڪيو.
فائرنگ مسسل هلندي رهي،ميجر جي اکين ۾ هن لاءِ رت لهي آيو ۽ هن ٻئي پاسي وڃي مورچو سنڀاليو،انهي مهل ڪئپٽن جي پٺي کي هڪ گولي سندس جسم چيريندي آرپار ٿي وئي، هو اتي ئي ٺري پيو. هن آخري سُڏڪو ڀريو ۽ سندس روح پرواز ڪري ويو. اها گولي ڪنهن ٻئي جي نه پر ميجر جي بندوق مان نڪتل هئي، ٻئي ڏينهن سڄي ملڪ ۾ ڪئپٽن جي امر ٿيڻ جي خبر عام ٿي وئي.