نواز رڪڻائي
کل تنهنجا پرين ٽهڪ لڙيل رات کي روڪيندا،
جهٽ پٽ نه ٿئڻ ڏيندا پرڀات کي روڪيندا.
هٿ جوڙي ستارن کي ستايان ٿو ته ترسن،
هي ٽيڙو ڪتيون، باک جي ڪجهه بات کي روڪيندا.
ٿي صاف ويو اُڀ آ هئين چنڊ پڙي آهي،
هي واءُ ڏکڻ جا گُهلي برسات کي روڪيندا.
چانڊاڻ ۽ سرهاڻ ڏئڻ آيون مبارڪ،
ٻيا ڪير آهن، پنهنجي ملاقات کي روڪيندا.
مون پيار جي پڪ ساڻ لکيا گيت ڳلن تي،
ڇا؟ ڏاڍ ڪندڙ منهنجي انهيءَ ڏات کي روڪيندا.
هي پردا حجابن جا هٽايو، کِلو خوش ٿيو،
ڇا پردا اهي سونهن جي سوغات کي روڪيندا.
سَسُئي جي سچي سڪ کي سڄي شهر هو روڪيو؟.
تڪڙن جي ڀلا ڪير طلب تات کي روڪيندا.
اڄ ڪيڏي نه توتي ٿي نوازش او ”نواز“ آ،
احسان اهي اجڙيل حالات کي روڪيندا.
[b]
BRIEF INTRODUCTION
نواز رڪڻائي
(1930-2007)[/b]
پورو نالو: الهه نواز
ادبي نالو: نواز رڪڻائي
ولديت: محمد عرس
جنم تاريخ: 10 جون 1930ع
وفات: 13 فيبروري 2007ع
جنم هنڌ: پراڻو رڪڻ، تعلقو دادو
تعليم: اديب فاضل سنڌي
نوڪري: پرائمري استاد 1948 کان 1982ع تائين
ڇپيل ڪتاب: 1. ڇليون منڇر ڇوليون (شاعري)
2. نيڻ نه ننڊون ڪن.
3. دادو سنڌ جي دل دادو جي باري ۾ تاريخ
اڻڇپيل ڪتاب: 1. ڪوپو ڪلاچيءَ جو (بيت ۽ وايون)
2. ٽِڙو (هڪ سئو صفحن جو ڪتاب)
3. بيت (جنهن ۾ چار سر آهن، سسئي، ماروي، سورٺ ۽ سهڻي)
4. مهراڻ جي ٻولي سنڌي لينگويج اٿارٽي پاران (نثر)
5. دريائي جيوت (نثر)
6. شاهه جا ست دريائي سر (جنهن ۾ پاڻي جو ذڪر ڪيل آهي)
7. مون ۾ آهين تون، (ڪهاڻيون ۽ افسانا)
سوال: اوهان ادب ۾ ڪڏهن ۽ ڪيئن پير پاتو؟
جواب: جڏهن مان پرائمري درجي چوٿين ۾ پڙهندو هوس، تڏهن کان ئي منهنجو لاڙو، سر سنگيت ڏي ٿيو، ان ڪري منهنجي شروعاتي شاعري ڪافين۽ ڪلامن جي طرزن تي لکيل هئي، ان کانپوءِ سال 1944ع کان ويندي 1951ع تائين مون ڇندوديا جي شاعري ڪئي، ۽ 1951ع کان باقائدي علم عروض مطابق لکڻ شروع ڪيو.
سوال: اوهان ڪنهن کان متاثر ٿي شاعري لکڻ شروع ڪئي؟
جواب: مون سر سنگيت کان متاثر ٿي شاعري شروع ڪئي. منهنجي شروعاتي شاعري ۾ ڪافي ۽ بيت جو انگ گهڻو آهي، پر جڏهن کان مون لطيف کي پڙهڻ شروع ڪيو تڏهن کان مون لطيف جي واين جي نموني لکڻ جو طريقو اپنايو. اهڙي ريت مان شاهه جي شاعري کان ئي متاثر ٿيس ڇو ته انهن ڏينهن ۾ اسان جي ڳوٺ ۾ ڪو ادبي رسالو يا ڪا اخبار وغيره نه ايندي هئي، ان ڪري مون کي ادبي ڪتاب پڙهڻ لاءِ نه مليا.
سوال: اوهان شاعري جي سکيا ڪنهن کان ورتي؟
جواب: مون شاعري جي سکيا محترم محمد احسن چنه جن کان ورتي ۽ اهوئي منهنجو ادب ۾ استاد هو. ڇو ته حافظ صاحب عروض جو، پنهنجي دور جي شاعرن ۾ پختو شاعر هو. هن وٽ ڪيئي شاعر اصلاح لاءِ ايندا هئا. انهن ۾ سندس همعصر ”محمد خان غني“ به هو. جيڪو ان دور جو مشهور شاعر هو. حافظ صاحب جا درسي ڪتابن ۾ شعر ڇپيل هوندا هئا. حافظ صاحب جا ڪيئي مشهور شاگرد پڻ ٿي گذريا ۽ انهن ۾ وري ”احمد خان آصف مصراڻي“ نالي وارو شاگرد ثابت ٿيو. حافظ صاحب نرم مزاج جو مالڪ هو، ان ڪري ڪنهن سان به چڙي نه ڳالهائيندو هو.
سوال: اوهان جنهن دور ۾ ادبي دنيا ۾ پير پاتو ، ان دور جو ماحول ۽ ادبي محفلن جي عڪاسي ڪرڻ فرمائيندو؟
جواب: مشاعرن ۾ شامل ٿيندي مون کي 50 سال ٿي ويا آهن، مون عروضي شاعري جي شروعات 1951ع کان ڪئي آهي. انهن ڏينهن ۾ ”انجمن آفتاب ادب“ دادو جا مشاعره ماهوار ٿينداهئا. ان کان پوءِ 1952ع ۾ پير رکيل ريلائي ۾ ”بزم طالب الموليٰ“ جو بنياد پيو. جنهن شاخ جو صدر پير علي محمد ”اظهر“ ريلائي هو ۽ جڏهن ته ان جو سيڪريٽري احمد خان آصف مصراڻي هو. ڪڏهن ڪڏهن پاٽ ۾ به مشاعره ٿيندا هئا. 52-1951ع جو عرصو مون مٺياڻي ٽريننگ ڪاليج ۾ گذاريو ۽ اتي ئي 1951ع ۾ ”بزم ادب“ جو بنياد وڌوسين. جنهن جو پهريون سيڪريٽري استاد بخاري هو. ۽ 1952ع ۾ آءُ به سيڪريٽري ٿيس، ان وقت اسان جي تر جا ماڻهو يعني دادو ضلعي جا شاعر، جهڙوڪ لونگ خان لائق، بشير سيتائي، نشتر ناٿن شاهي، محمد عابد ابڙو، محمد حنيف ڪابورو، استاد بخاري، محسن ڪڪڙائي، وفا ناٿن شاهي وغيره مشاعري ۾ حصو وٺندا هئا.
ان کان پوءِ سال 1953ع ۾ اسان جي ڳوٺ پيربخش ميربحر ۾ (جيڪو دادو ڪئنال ڀرسان آهي) بزم طالب الموليٰ شاخ جو بنياد وڌو. انهن بزمن جا ماهوار مشاعره ٿيندا هئا. هر ٽئين مهيني وڏو ميڙاڪو ڪوٺائيندا هئاسين جنهن کي ڪانفرنس جهڙي حيثيت حاصل هوندي هئي. جنهن ۾ دادو شهر جا تقريبن سڀئي ناليوارا شاعر بهرو وٺندا هئا.
سيتا روڊ مان پيرل پرديسي، عبدالرئوف پليپوٽو ۽ لونگ خان لائق سيتائي، ايندا هئا. مرحوم جمع خان غريب ”اديب سنڌ“ جي نالي سان ادبي رسالو ڪڍندو هو، ۽ ان سان گڏ طالب الموليٰ رسالو به ڪڍندو هو. جمع خان غريب جو ڳوٺ مريد خان لاکير هو. سيتا کان جڏهن وڃي پيو ته مون کي احمد خان آصف مصراڻي ٻڌايو ته، ”اهو شخص جمع خان غريب پيو وڃي جيڪو وڏو شاعر آهي.“ سندس مشهور ڪتاب ”رسومات تباهي“ بهترين ڪتاب آهي. اسان کي اهڙي قسم جا سٺا ڪتاب لائبريرين ۾ به ملي ويندا هئا پر هاڻي بدقسمتي سان لائبريرين ۾ اهڙا ڪتاب ڳولهي به نه ٿا ملن. سندس پٽ جو نالو رسول بخش دوست هو، جيڪو پاڻ به مشاعرن ۾ شريڪ ٿيندو رهندوهو ۽ منهنجو همعصر هو. اهي ماڻهو واقعي ئي تاريخ هئا. جمع خان غريب هن خطي جي ادبي تاريخ هو. اهڙي ريت لاڙ ۾ وري مولوي احمد ملاح جو نالو کنيو ويندو آهي.
انهن مشاعرن ۾ امام الدين ضامن به شرڪت ڪندو هو. پاڻ مزاح لکندو هو. هو اصل ڳوٺ لونگ تنيو جو رهواسي هو ۽ تنوير عباسي صاحب جو سنڱ ۾ نانو هو. پوسٽ آفيس داودءَ جو ٽپالي هو. اسان جي انهن مشاعرن جو خرچ فقط 25 روپيه هوندو هو. جيڪو هو پاڻ ڀريندو هو.
سوال: شروعاتي ادبي ماحول دوران توهان ڪهڙي ادبي شخصيتن کان متاثر ٿيو؟
جواب: جيئن ته مون اڳ ۾ به عرض ڪيو آهي ته مان پنهنجي ادبي ماحول ۾ جن ماڻهن کان متاثرٿيس، انهن ۾ محترم حافظ احسن چنه صاحب، احمد خان آصف مصراڻي ۽ سائين طالب الموليٰ کان وڌيڪ متاثر ٿيس، مون انهن صاحبن جي شاعري جو مطالعو ڪيو. انهن ڏينهن ۾ اڪثر ڪري طرح تي گهڻو غزل لکيو ويندو هو. جنهن ۾ 10 سيڪڙو کن نظم به شامل هئا.
سوال: ادبي دنيا ۾ اچڻ کان پوءِ ادبي دوستن اوهان کي همٿايو يا مايوسي ڏانهن ڌڪيو؟
جواب: اسان جي ادبي شروعاتي دور ۾ اڪثر ڪري نوجوان اڀرندڙ شاعرن کي، سينئر شاعر همٿائيندا هئا ۽ Guide ڪندا هئا. اسان جي نيڪ نيتي سان اصلاح به ڪندا هئا. جتي تنقيد جي ضرورت محسوس ڪندا هئا ته اتي تنقيد براءِ اصلاح به ڪندا هئا.
سوال: دادو ۾ ڪو اهڙو تاريخي سنڌي اردو مشاعرو جنهن ۾ اوهان به شرڪت ڪئي هجي؟
جواب: اهو 1952ع جو سال آهي، جنهن ۾ هڪ سنڌي اردو مشاعرو دادو ۾ ئي ڪرايو ويو هو. جنهن جي صدارت هري دلگير صاحب ڪئي هئي. جنهن ۾ ڪراچي کان ڪهي آيل مهمانن ۾ محسن ڀوپالي صاحب، بهزاد لکنوي به شامل هئا. انهن ۾ اسان جي محترم سنڌي معزز شاعرن جا نالا، جهڙوڪ حافظ محمد احسن چنه، استاد بخاري، لونگ خان لائق، عابد ابڙو ۽ نشتر ناٿن شاهي به اچي وڃن ٿا جيڪي ان مشاعري ۾ موجود هئا. ان وقت جڏهن مان شعر پڙهي پورو ڪيو ته هري صاحب پنهنجي ڪرسيءَ تان اٿي مون کي ڀاڪر پائي همٿايو هو.
سوال: اهو ڪهڙو شعر هو؟
جواب:
سمايل خنجر قاتل ۾ ڪا بجلي هئي شايد،
جو هر قطر لهو بنجي پيوآتش فشان منهنجو،
جلائين ڪنهن جي گهر کي ٿو، ڦٽائين ڪنهن جي گهر کي ٿو،
مڪان هي ڀي سندءِ آهي، جو سمجهين ٿو مڪان منهنجو.
انهن ڏينهن ۾ ڏاڍا سٺا مشاعره ٿيندا هئا. خاص ڪري ميهڙ مشاعرن جو مرڪز هوندو هو. پر لاڙڪاڻي ۾ به مشاعره عام جام هوندا هئا. محبت هوندي هئي. ماڻهن ۾ شوق هوندو هو. ۽ ڪم ڪرڻ جو جذبو هوندو هو. ڏاڍو مزو ايندو هو. پر افسوس هاڻي ائين نه آهي. اڄ جو ماحول ان ماحول جي ابتڙ آهي.
سوال: شروعاتي ادبي دور ۾ اوهان جو ڪلام ان وقت جي ڪهڙي ادبي رسالن ۾ ڇپيو؟
جواب: منهنجو سڀ کان اول ڪلام ان وقت جي هڪ اخبار ”المرتضيٰ“ ۾ ڇپيو، جنهن جو ايڊيٽر محترم مرتضيٰ هو. اهو سال 1948ع آهي ۽ ان وقت مون کي عروض جي بنهه خبر به ڪانه هئي. ان کان علاوه منهنجو ڪلام ماهوار ”عام راءِ“، (جيڪو ڪراچي مان نڪرندو هو). ”نئين زندگي“، ”فردوس حال“، ”هالا“ ۽ ”اسان جي منزل“ جيڪو دادو مان نڪرندو هو ۽ ان جي هڪ سالياني نمبر ۾ پهريون انعام ”استاد بخاري“ کي مليو هو ۽ ٻيو نمبر مون کي ۽ ٽيون نمبر محترم نياز همايوني صاحب کي مليو هو.
سوال: اوهان استاد به رهيو، ان ڪري اوهان ماضي جي نظام تعليم جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو؟
جواب: ماضي جي تعليم واري نظام ۾ ڪي نصابي ڪميون پيشيون ضرور هيون به، پر انتظامي لحاظ کان مڪمل مضبوط نظام هو ۽ هاڻي جيڪو تعليم کاتي ۾ غلط رجحان آيو آهي، انهن جو وڏو ڪارڻ، وڏيرا شاهي ۽ آفيسر شاهي آهي. ڇو ته قانون جڏهن کان عمل ۾ نه ٿو اچي، تڏهن کان امن، امان ۽ تعليم تباهه ٿي وئي آهي.
اڳي جا استاد با اخلاق، محنتي ۽ پنهنجي پيشي سان سچا هئا، ۽ هاڻي وارا استاد پنهنجي پيشي، پنهنجي قوم ۽ پنهنجي ديش سان سچا نه آهن. ها پر جي اڄ جا ستاد سچا ملندا ته اهي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا هوندا. مان ڳوٺ پير بخش ميربحر پراڻي رڪڻ ۾ 1948ع ۾ استاد هئس ان وقت 9 روپيه الائونس ۽ 40 روپيه پگهار هئي.
سوال: استاد بخاري اڪيڊمي دادو جا اوهان انچارج/ منتظم رهيو. استاد بخاري اڪيڊمي جي اغراض و مقاصد جا ڪجهه تفصيل ٻڌايو ۽ اهو به ٻڌايو ته هن وقت اڪيڊمي جي ڪهڙي صورتحال آهي؟
جواب: استاد بخاري اڪيڊمي جو بنياد 12 آڪٽوبر 1992ع ۾ استاد جي وفات جي ٽيجي کان پوءِ پيو. بنيادي انهيءَ اڪيڊميءَ جا 16 ميمبر هئا. ان جي مقاصدن ۾
1. استاد جي شاعري ڇپائڻ، سهيڙڻ
2. استاد ماڻهن کي خط لکيا يا جن استاد کي خط لکيا، اهي گڏ ڪري ڇپرائڻ.
3. استاد بخاري جي نالي لائبريري قائم ڪرڻ (جيڪا 2000ع ۾ قائم ڪئي وئي)
4. اڪيڊمي جي ميمبرن جون ميٽنگون ڪرائڻ
هن اڪيڊمي جو چيئرمين ڊاڪٽر الطاف بخاري آهي. هن اڪيڊمي طرفان استاد جا تقريبن ڪافي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جنهن ۾ ولولو ۽ ووڪ ۽ ميلا ملهالا جا مسودا مون پاڻ لکيا هئا.
سوال: سنڌ ۾ ڪيتريون ئي ادبي تنظيمون آيون ۽ ويون. پر انهن مان ڪابه سنڌي ادبي سنگت جيتري مقبوليت نه ماڻي سگهي، هوڏانهن سنڌي ادبي سنگ جو اهو حال آهي جو سنگت باهمي جهڳڙن جو شڪار آهي، اوهان ڪجهه ادبي تنظيمن جي ڪردار بابت ٻڌايو.
جواب: ادا چون ٿا ته سنڌي ادبي سنگت ايشيا کنڊ ۾ وڏي ۾ وڏي تنظيم آهي، پر ڪافي سالن کان هو پنهنجي مقصد کان هٽي وئي آهي. انهي جو مکيه ڪارڻ اليڪشن جي ڇڪتاڻ آهي، ڇو ته اليڪشن هڪ جمهوري عمل نه آهي. پر اسان جا ماڻهو جيڪي ڪرندا آهن سي وري تعاون ئي نه ڪندا آهن. ان کان علاوه ٻيون ادبي تنظيمون به پنهنجن فرضن کان بخوبي واقف آهن پر عهديدارن جي هڪٻئي سان ڇڪتاڻ جي ڪري اسري يا عملي ڪم نه ڪري سگهيون آهن.
سوال: اوهان ماضي ۾ ڪهڙين ادبي تنظيمن سان منسلڪ رهيا آهيو؟
جواب: مان ڪافي، ادبي تنظيمن سان لهه وچڙ ۾ رهيو آهيان. جن ۾ ”بزم ادب“ ضلعي دادو جو جنرل سيڪريٽري رهيس، ”بزم طالب الموليٰ“ شاخ پير بخش جو صدر رهيس، بزم آصف مصراڻي دادو جو صدر، بزم نواز جو سرپرست، جمعيت الشعراءَ، دادو ضلعي جي ڪاروباري ڪميٽي جو ميمبر ۽ سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري پڻ رهي چڪو آهيان.
سوال: سنڌي ادبي سنگت کان اڳ ۾ جمعيت الشعراءَ سنڌ ۾ وڏي ۾ وڏي تنظيم هئي، اوهان وٽ ڪي جمعيت الشعراءَ جون اڻوسرندڙ يادون آهن؟
جواب: جمعيت الشعراءَ سنڌ واقعي سنڌي ادبي سنگت واري تنظيم کان وڏي تنظيم هئي، هن تنظيم سنڌي ادب جي باقائدي خدمت ڪئي، هو هر سال ڌار ڌار ادبي، علمي ڪانفرنس ڪوٺائيندي هئي. جنهن ۾ طرحي مشاعرو هوندو هو. جيڪو 2 يا 3 ڏينهن تائين هلندو هو. اهڙي قسم جو هڪ مشاعرو اسان جي شهر دادو ۾ 1952ع ۾ تنظيم پاران ڪرايو ويو. جنهن جي طرح هئي.
وطن سان گڏ سلامت شل رهي سنڌي زبان پنهنجي
صاحب طرح (عبدالحليم جوش)
هن ڪانفرنس جي صدارت محترم مخدوم طالب الموليٰ ڪئي هئي، ان کان اڳ ۾ يعني سال 1951ع ۾ خيرپور ميرس ۾ پڻ هڪ ڪانفرنس منعقد ڪرائي وئي هئي. جنهن جي طرح هن ريت هئي.
پــنهـنـجـي بــرپــٽ کـي وري گــلـشـن بنائـيندا هلـو
صاحب طرح (هري دلگير) درياڻي صاحب
هن محفل ۾ مشاعري کان پوءِ استاد منظور علي خان ۽ رسول بخش ڀَٽُ ۽ ڪن مقامي فنڪارن پڻ بهرو ورتو هو.
سوال: سنڌي ادبي سنگت جا Senior اديب ۽ شاعر حضرات هينئر فقط ڪناري تي ويهي نظارو ڪري رهيا آهن ۽ ان ۾ عملي طرح حصو نه ٿا وٺن ۽ اها ڏينهون ڏينهن ناتجربيڪار ۽ انا پسند ماڻهن جي ور چڙهندي پئي وڃي. اوهان پراڻن ماڻهن ڪڏهن ان بابت سوچيو آهي ته ان جي واڳ وٺي سنگت کي نئين دڳ لائڻ جو ڪو اتساهه ڏيکاريو وڃي؟
جواب: مون کي ياد آهي ته مرحوم عادل سخيراڻي پاڻ اسان کي ڳوٺ ۾هلي اچي دعوت ڏيئي ويندو هو. سنڌي ادبي سنگت شروع ۾ ته ڪم ڪيو پر پوءِ ڪن دوستن ذاتي مفادن خاطر تنظيم کي غلط استعمال ڪيو ۽ نتيجي ۾ ماڻهو هن تنظيم کان خائف ٿي ويا. مون بذات خود نوجوان دوستن کي ويهي سمجهايو ته ادا وڏن، سينئرن اديبن جي عزت ڪيو، تنظيم کي سٺي نموني تڏهن ئي هلائي سگهون ٿا ۽ توهان وٽ ته جدت پسندي، قدامت پسندي، رجعت پسندي يا ترقي پسندي جا مهڻا نه هئڻ گهرجن، اهي طعنه تنڪا سڀ وساري، سڀن لاءِ هڪڙي پاليسي رکڻ گهرجي، پر ائين نه ٿيو.
سوال: جمعيت الشعراءَ جا موجوده ڪارنده جمعيت الشعرا کي پنهنجي ذاتي ملڪيت سمجهي ان کي سميٽي، سوڙهو ڪري، هڪ ڳوٺ ۽ شهر تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي، موجوده وقت ان جي ڪارڪردگي ٻُڙي برابر آهي، ائين سمجهو ته اها مري چڪي آهي. ان کي جيارڻ جي لاءِ اڄ جا پراڻا نوجوان اديب ڪوشش ڇونه ٿا ڪن؟
جواب: جيئن ته توهان صحيح چيو آهي ته جمعيت الشعراءَ ڄڻ مري چڪي هئي. پر ان کي نيئن سر جيارڻ لاءِ اسان جي مرشد گيلاني نشتر ناٿن شاهي ۽ ٻين چند دوستن ڪوشش ڪئي پر انهن برابر ان کي پنهنجي ملڪيت سمجهي ۽ اها ڳالهه انهن جي ڪنڌ ۾ پئجي وئي ۽ پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب نه ويا. اڄ به جيڪڏهن پراڻي جمعيت الشعرا جي منشور مطابق سڄي سنڌ ۾ ادبي ڪم هلائڻ چاهن، ته ممڪن آهي ان ۾ ساهه پئجي وڃي.
ذاتي طور تي ته مان اهوئي عرض ڪندس ته مان جڏهن کان عروضي ڄاڻ ۽ استادي ڄاڻ جهڙو ٿيو آهيان تڏهن کان مون کي ياد ناهي ته مون ڪنهن نوجوان کي مايوس ڪيو هجي، باقي تنظيم کي ذاتي ملڪيت سمجهڻ بلڪل غلط آهي. مان اهڙن اديبن کي اديب ئي نه ٿو مڃان.
سوال: شاعري جي وصف يا Definition اوهان جي نظر ۾ ڇا آهي؟
جواب: شاعري انسان جي اڌمن ۽ جذبن جوعڪس آهي. جيڪو اڳتي هلي عشق، محبت، ديس ۽ قوم جي امنگن جو پورائو ڪري ٿي.
سوال: اڄ ڪلهه نوجوان اديبن جو چوڻ آهي ته نثري نظم به شاعري جي زمري ۾ اچي ٿو. جڏهن ته گهڻا سينئير شاعر ان کي شاعري نه ٿا مڃن، توهان ڇا چوندوء؟
جواب: جيئن ته نثري نظم ۾ به جذبن، اڌمن، امنگن جي ڳالهه ڪري سگهجي ٿي ۽ ان ۾ شاعرپنهنجي امنگن ۽ جذبن جي ڳالهه ڪري ٿو، ان ڪري مان به ان کي شاعري تسليم ڪيان ٿو.
سوال: توهان موجوده سنڌي شاعري کان واقف آهيو. توهان اهو ٻڌايو ته نئين ٽهي ۾ ڪهڙا شاعر سٺو لکي رهيا آهن؟
جواب: نوجوانن ۾ گهڻا شاعر مٿانهون لکي رهيا آهن، جن ۾ امتياز عادل، وسيم سومرو، سعيد ميمڻ، خيال سنڌي، عبدالحميد آس ٻٻر، ابل اداس ٻٻر ۽ وفا ڪوڙل چنه وغيره اچي وڃن ٿا.
سوال: شاعر جو معاشري ۾ ڪهڙو ڪردار آهي؟
جواب: شاعر لاءِ يوناني ٻولين ۾ هڪ لفظ ”Vehetz“ نبي لاءِ ڪم ايندو هو ۽ اهو ساڳيو ئي لفظ شاعر لاءِ به ڪتب آندو ويندو هو. مان ته ائين چوندس ته شاعر اهو آهي جيڪو پنهنجي ڌرتي سان لاڳاپيل رهي ۽ پنهنجي زندگي ۾ انسان ذات جي چڱائي لاءِ لکندو رهي ۽ هو عاشق ۽ سونهن پرست هجي ڇو ته مجاز سونهن ۽ عشق انساني قدرن سڃاڻ پيدا ڪري سگهي ٿو.
سوال: شاعري جي صنف غزل لاءِ چيو ٿو وڃي ته هيترن هزار غزلگو شاعرن جي هوندي غزل لکڻ جو صحيح حق ادا نه ٿو ٿئي اوهان ٻڌايو ته غزل ۾ اهڙيون ڪهڙيون انفرادي خوبيون هئڻ گهرجن ۽ اوهان جي نظر ۾ غزل جي صنف سان ڪهڙا شاعر صحيح نباهه ڪري رهيا آهن؟
جواب: اسان وٽ سنڌ ۾ هينئر ڪافي سٺا شاعر آهن جيڪي سٺو غزل لکن ٿا ۽ غزل جي فني لوازمات سان سچائي سان نباهه ڪري رهيا آهن، باقي ڪافي اخبارن ۽ رسالن وارا ته نظم، بيت، گيت کي به غزل جو عنوان ڏيئي هلائي رهيا آهن.
ڪلاسيڪل غزل ان کي چئبو آهي جنهن جي قافئي ۽ رديف جو صحيح نموني سان نباهه هجي، سٺي غزل جون ته ڪيئي خوبيون آهن پر هيٺيون شيون ان لاءِ ضروري آهن.
1- غزل ۾ رڳو قافيو به ڪم ايندو آهي ۽ قافيه ۽ رديف وارو غزل به سٺو هوندو آهي.
2- سٺو غزل اهو آهي جنهن ۾ رديف سٺو، نئون ۽ قافئي سان ٺهڪندو هجي.
3- ڪلاسيڪل غزل ۾ سلسلي سان نباهه ناهي رکڻو بلڪه ان جو هر بند منفرد خيال پيش ڪري.
4- فڪري اوسر کان سواءِ غزل اڻپورو آهي پوءِ اهو ته وري ڪافي نما غزل ٿي ويندو.
غزل مختلف موضوعن تي لکي سگهجن ٿا، جنهن ۾ عشق جي ڳالهه هجي، مزاحمت جي ڳالهه هجي ۽ ان ۾ دنيا جا سمورا مسئلا سمائي سگهجن ٿا.
سوال: اوهان خيال کي اهميت ڏيندا آهيو يا وزن بحر کي؟
جواب: اسان عروض کي اهميت ڏيون ٿا ۽ خيال سٺي ڳالهه آهي ۽ جيڪڏهن اهو وزن ۾ پورو ناهي ته عروضي شاعر کي مزو نه ايندو، جڏهن ته ساڪن متحرڪ جون غلطيون به اسان برداشت نه ڪندا آهيون.
سوال: ”سونهن“ ‘Beauty’ اوهان جي نظر ۾ ڇا آهي؟
جواب: شاعر اصل ۾ مجاز يا رومانس کي ذهن ۾ آڻي شاعري ڪري ٿو. ان ڪري شاعر کي سونهن پرست به سڏي سگهجي ٿو. مون به سڄي زندگي سونهن جي ثنا ڪئي آهي. سونهن کي توريت، انجيل، زبور ۽ قرآن ۾ الله جي جلون جو عڪس سڏيو آهي. انهن آسماني ڪتابن ۾ ڪائنات جا اهي سڀ وڻندڙ نظارا سونهن ۾ شمار ڪري سگهجن ٿا.
”الله سهڻو آهي ۽ سونهن کي پسند ڪري ٿو“
به اوهان ضرور ٻڌو هوندو.
سوال: اوهان جو پڙهندڙن لاءِ ڪو پيغام؟
جواب: منهنجو هر انسان ذات کي اهو پيغام آهي ته جيڪو دم جيئي ٻين لاءِ جيئي ۽ امن ۽ محبت جي پرچار ڪري، خاص ڪري پنهنجي سنڌي، نوجوانن کي اهو عرض آهي ته هو سنڌ جيجل ڌرتي لاءِ پاڻ مان ويڇا ۽ وير وساري هڪ ٿي وڃن.
[b]غزل[/b]
تن ۾ تنهنجي تاڻ وڌي وئي،
ڏاڍي آ ڇڪتاڻ وڌي وئي.
ڳوڙهن جي روڪڻ سان اُٻري،
اکڙين جي ڳاڙهاڻ وڌي وئي.
مجبورين مايوسين گهوگهيو،
چهري جي پيلاڻ وڌي وئي.
تون جو مُرڪين گلشن ٻهڪيو،
سرهائي سرهاڻ وڌي وئي،
روح وساڻو هانءُ ڊهي پيو،
طلب تتي توڪاڻ وڌي وئي،
اچ اچ ساهه نه دير سهي ٿو،
سڪ جي ڇڪ آ هاڻ وڌي وئي.
جسم ”نواز“ ٿڌو ٿيو، ڌڪ ڌڪ،
دل جي پو ڇاڪاڻ وڌي وئي،