شمشير الحيدري
تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو،
ڄڻ ته سنڌوءَ جي ٻئي ڪناري ويو،
پيار جي گهرج ناهي دنيا کي،
وقت اڄ واڳ پنهنجي واري ويو.
اهڙو مخلص نه ڪنهن ڏٺو هوندو،
هڪ دل سا به ڪٿ وساري ويو.
هڪڙو ”شمشير“ هو زماني ۾،
سو دنيا کان اڄ گذاري ويو.
[b]غزل[/b]
اسين حالَ هيڻا، اوهان جي خُدائي- وڏي ڳالهه آهي،
هلي پئي اڃا زندگيءَ جي لڙائي- وڏي ڳالهه آهي.
انڌيرن ۾ پَلجي پئي روشنائي- وڏي ڳالهه آهي،
اڃا وقت کي پئي ڳولي سچائي - وڏي ڳالهه آهي .
اوهين حسن تي پنهنجي نظرن جا پهرا اڃا تيز ڪريو،
ڪريون پيا اسين عشق جي رهنمائي - وڏي ڳالهه آهي.
اسان عشق وارن جا ارواح آزاد آهن ازل کان،
ابد تائين آهي اسان جي رسائي- وڏي ڳالهه آهي.
زماني جا منصور آهيون اسين، خوب مشهور آهيون،
اسان سُورين تي نه گردن جهڪائي - وڏي ڳالهه آهي.
اِتي ئي هئي منهنجي خوابن جي جنت، ستارن جي ڌرتي،
وڌي ويئي عرش برين جي اوچائي- وڏي ڳالهه آهي.
نگاهون کڻي داد جي لاءِ مُرڪڻ جي ڪهڙي ضرورت،
اوهين آهيو سهڻا، اوهان جي اهائي- وڏي ڳالهه آهي.
[b]
BRIEF INTRODUCTION
شمشير الحيدري
(1931-2012)[/b]
ادبي نالو: شمشير الحيدري
اصل نالو: شمشير علي
ولديت: رسول بخش
جنم تاريخ: 15 سيپٽمبر 1931ع وفات 10 آگسٽ 2012ع
جنم جو هنڌ: ڳوٺ ڪڍڻ، ضلعو بدين، سنڌ
تعليم: بي – اي (آنرس)، ايم – اي، ڊي – آءِ – ايم – ايس (طب).
ڌنڌو: لکڻ (هن وقت) سرڪاري ادبي ۽ صحافتي نوڪريون (اڳي)
ادبي ابتدا: چوڏهن سالن جي عمر ۾
ادبي سڃاڻپ: ادب، شاعري، صحافت، ناٽڪ، تاريخ، ادبي تنقيد
ڇپيل ڪتاب: (1) انسان ڪامل (2) ڪاروانِ ڪربلا (3) سجاڳ سانگهڙ – گذيٽيئر، (4) سنڌي آزاد نظم جي اوسر، (5) سنڌي شاعريءَ جو اڀياس، (6) بهترين سنڌي افسانا – ترتيب (7) تاريخ جو ڪچرو – شاعري، (8) لاٽ – شاعري (9) فلوٽ ائنڊ فليم – ترتيب، انگريزي (10) سوکڙي – ترتيب (11) پيار جا 9 گيت – جرمني گيتن جو منظوم ترجمو.
اڻ ڇپيل ڪتاب: (1) 50 سنڌي ۽ ڍاٽڪي گيتن جو پوربي لهجي ۾ ترجمو (2) لاٽ – شاعريءَ جو مڪمل مجموعو (3) سنڌ اپڊيٽ – ترتيب، سنڌ جو گزيٽيئر انگريزي (4) روشن تارا گيت – ٻارن لاءِ گيت.
اوارڊ: (1) سونو ٻلو – سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئشن (2) صدارتي ٻلو – پرائيڊ آف پرفارمنس (3) پاڪستان ٽيليويزن- 3 اوارڊ (4) سنڌي اڪيڊمي، دهلي (5) مارئي، دهلي، (6) راشتريه سنڌي ڀاشا وڪاس بريشد جئپور (7) سنڌي ادبي سنگت، (8) نئين زندگي، (9) ٽاپ ٽين (99) اورينٽ انٽرنيشنل، پاڪستان (10) سنڌ گريجوئيٽس ائسوسئيشن – شيلڊ (11) سمبارا اوارڊ (12) پاڪستان حُڪماءَ ڪائونسل 2 اوارڊ، طبي خدمتن تي.
سوال: پنهنجي ننڍپڻ جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو؟
جواب: آئون اصل بدين جو آهيان، جيڪو لاڙ جو مشهور ۽ مرڪزي شهر رهيو آهي، منهنجو ڏاڏو محمد هاشم هاري هو، بدين ضلعي جي تعلقي ٽنڊي باگي جي ڳوٺ ڪوڇايون ۾ رهندو هو. اتان پوءِ بدين آيو ۽ پنهنجي ذاتي صلاحيتن جي ڪري هن حڪمت ۾ وڏو نالو پئدا ڪيو، بدين ۾ هن جو تمام وڏو پسارڪو دڪان هو، حڪمت وارو ڌنڌو. پوءِ منهنجي والد صاحب وٽ آيو، پسارڪي دڪان تي ڪم ڪندي والد صاحب ۽ پوءِ پنهنجي مامي نذير حسين حيدريءَ جي ڪري، جيڪو پنهنجي وقت جو وڏو حڪيم، قومي سياسي اڳوڻ، هاري ڪميٽي جو وائيس پريزيڊنٽ هو، هن جون جيڪي علمي لياقتون هيون شاعري ادب، حڪمت، صحافت، اهي سڀ مون کي ڄڻ ته ورثي ۾ مليون، منهنجي والد ٽي شاديون ڪيون، ان ڪري منهنجي پرورش پنهنجي مامي وٽ ناناڻڪي ڳوٺ ۾ ٿي. منهنجو نانو حاجي غلام علي پنهنجي وقت جو وڏو تونگر ماڻهو هو، هن جون چمڙي جون ڪوٺيون ڪڇ ڀڄ ۾ به هيون، “رحمڪي“ بازار ۾ رهندو هو، بعد ۾ هو ننڍي شهر ۾ آيو، جيڪو بدين ضلعي جو چڱو موچارو پڪو ڳوٺ آهي، ان کانپوءِ آءٌ پنهنجي اباڻي گهر آيس، جتي منهنجي ابتدائي تعليم شروع ٿي، اسان جو گهر بدين شهر جي غريب آباد محلي ۾ هو. اتي ئي پاسي ۾ مولوي حاجي احمد ملاح جو مدرسو هو، کٿاب هو، جتي مون کي ڇڏيو ويو ۽ اتان مون قرآن شريف جي تعليم ورتي، ان زماني ۾ تڏن تي ويهي پڙهبو هو. ڪاٺ جي تختيءَ/ پَٽي تي ميٽ هڻي، ڪوئلن جي مس ۽ ڪانهن جي قلم/ڪِلڪ سان لکبو هو.
ان کان پوءِ مون کي پرائمري اسڪول بدين ۾ ويهاريو ويو، جتان مون چار درجا سنڌيءَ جا پاس ڪيا، پوءِ چار درجا انگريزي اسڪول ۾ پڙهي سنڌ مدرسي ڪراچي ۾ داخل ٿيس. پر آءُ ميٽرڪ ڪري نه سگهيس، ڇاڪاڻ ته مون کي اسٽرائيڪ ڪرائڻ جي سزا طور ڪڍي ڇڏيو ويو هو. ان بعد گهڻي دربدريءَ کان پوءِ تعليمي سلسلو ٻيهر شروع ڪري سگهيس. ان وچ ۾ ملازمتون شروع ڪيم. ٽي مهينا ”اين جي وي“ (N.J.V) هاءِ اسڪول ڪراچي ۾ پڙهيس، اسٽرائيڪ جي ڪاوڙ جي ڪري سنڌ مدرسي وارن سرٽيفڪيٽ ڪونه ڏنو، ٽن مهينن تائين وري حيدرآباد جي نور محمد هاءِ اسڪول۾ بنا سرٽيفڪيٽ جي پڙهيس، نيٺ انهن به ڪڍي ڇڏيو، هڪ سال بعد جڏهن سرٽيفڪيٽ مليو ته ٽنڊي باگي جي لارينس اسڪول ۾ PRELIMINARY جو امتحان ڏنم ۽ اڳتي هلي ميٽرڪ جي امتحان ۾ ويٺس، فيل ٿي پيس، وري سلپليمينٽري ڏنم،فيل ٿي پيس، تنهن بعد تعليم ڇڏائجي وئي ۽ مون نوڪريون ڪرڻ شروع ڪيون، پهرين نوڪري مون رائيس مل تي بدين ۾ 60 روپيه پگهار تي ڪئي ان کان پوءِ مامي جي معرفت آبپاشي کاتي ۾ ٽيليفون آپريٽر ملي، ايس ڊي او احمد خان ڀرڳڙي صاحب مهربان هو، جنهن انهيءَ سان گڏ اتي ئي مون کي هوا ماپ شعبي ۾ آبزرويٽر ڪري رکيو، اتي به 60 روپيه پگهار ملندي هئي. ان وچ ۾ ايس ڊي او صاحب روينيو آفيسريءَ جي جاءِ ڏني، ان وقت به مون وٽ اڃان ميٽرڪ جو سرٽيفڪيٽ ڪونه هو، بدين ۾ ان وقت صورتحال اها هئي جو آءُ ميٽرڪ پاس نه هوندي به تعليم يافته سمجهيو پئي ويس، ان کان پوءِ ايس ڊي او صاحب مون کي ڊويزنل ڪلرڪي جي جاءِ ڏياري، جيڪا تنهن وقت ۾ تمام اهم پوسٽ ليکي ويندي هئي. ان وچ ۾ بدين ۾ ايگريڪلچر ڪو آپريٽو ڪريڊٽ بينڪ جي برانچ قائم ڪئي وئي. منهنجو مامو ان جو هڪ ڊائريڪٽر هو، پڙهيل ماڻهو هئا ڪونه، مون کي ان جو مئنيجر ڪري رکيو ويو، ٽن سالن تائين اتي رهيس، 1954ع کان پوءِ حيدرآباد آيس، جتان منهنجي ادبي زندگي جي باقائدي شروعات ٿي.
سوال: سائين توهان کي ادب سان لڳاءُ ڪڏهن پيدا ٿيو ۽ اهو به ته توهان کي ڪهڙن ادبي ۽ صحافتي ادارن ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو ۽ ان دوران ڪهڙن ڪهڙن ماڻهن سان گڏجي ڪم ڪيو؟
جواب: مامي جي سرپرستي ۽ ساڻس گڏ رهڻ جي ڪري ننڍي هوندي کان ئي ادب سان لڳاءُ پيدا ٿيو، جيئن ته منهنجو مامو ڪامريڊ نذير حسين حيدري پنهنجي دور جو تمام وڏو اديب، عالم ۽ مذهبي اڳواڻ، وڏي پايي جو مقرر ۽ صحافي هو. هن تنهن وقت ۾ اعلان حق“ جي نالي سان اخبار ڪڍي هئي، جنهن ۾ آءُ ساڻس ٻانهن ٻيلي هوس، ان ڪري مون کي اها لغار به تڏهن ئي هئي، منهنجا ترجمو ڪيل ليک ۽ طبعزاد لکڻيون تڏهن کان ڇپجڻ لڳيون.
توهان کي هڪ دلچسپ ڳالهه ٻڌايان ته جيتوڻيڪ گهر ۾ ان وقت به سنڌي ٻولي ڳالهائي ويندي هئي. سنڌي امڙ جي ٻولي هئي، ابي جي ٻولي هئي، اسان جو سڄو خاندان اهائي ٻولي ڳالهائيندو هو، تنهن هوندي به منهنجي پڙهائي جو سرچشمو اردو هئي، انگريزي ڪانه ايندي هئي، تمام گهڻا ڪتاب ۽ رسالا پڙهيم، جيڪي لڳ ڀڳ سڀ اردو ۾ هوندا هئا. ان وقت مون کي سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪو گهڻو اون ۽ فڪر ڪونه هو ته اها ڪا وڏي ٻولي آهي. ايتري قدر جو مون شاعريءَ ۾ لکڻ جي شروعات به اردوء سا ڪئي، مون ان وقت تائين شاهه، سچل، سامي يا اسان جي جديد شاعرن کي نه پڙهيو هو، ڪنهن ڪنهن مهل ڪا شيءِ پڙهي وٺبي هئي. اسڪول ۾ انعام طور سنڌي جا ملندڙ ڪتاب منهنجي ذهني سطح کان وڏا هئا، تنهن ڪري ڌيان سان پڙهي ڪونه سگهبا هئا.
1954ع کان ٿورو اڳ ۾ مون سنڌي پڙهڻ لکڻ شروع ڪئي، اهو به مامي جي صحبت جي ڪري ٿيو، مامي وٽ تمام وڏي لئبريري هئي، جنهن ۾ هر قسم جا، مختلف مذهبن ۽ ملڪن بابت وڏن عالمن جا لکيل ڪيترائي ڪتاب موجود هوندا هئا. مولانا مودودي جي ترجمان القرآن جهڙا ڳرا ڳرا ڪتاب مون پڙهيا، هضم ڪيا، سندس لائبريري ۾ ڪارل مارڪس، لينن، هيگل، ۽ ٻين پرڏيهي مفڪرن ۽ عالمن جو وڏو ذخيرو هو. ايلو پيٿيءَ بابت ڪيترائي ڪتاب پڻ سندس لائبريري ۾ هوندا هئا. ان ڪري مون نه رڳو انهن موضوعن تي ڪتاب پڙهيا پر مامي سان گڏ باقائدي پريڪٽس به ڪئي. اهي سڀ شيون مون کي ڄڻ ته ورثي ۾ مليون.
جيتري قدر شاعري جي ڳالهه آهي ته اها مون تمام ننڍي عمر ۾ بدين مان ئي شروع ڪئي. نثر لکندو هوس، ”هلال پاڪستان“ ۾ ان وقت مون باقائدي لکڻ شروع ڪيو ۽ منهنجو وڌيڪ شغف مزاح سان هو. ان وقت آءُ سنڌيءَ ۾ لکڻ جي باقائدي شروعات ڪري چڪو هوس. هلال پاڪستان ۽ ٻين اخبارن ۾ مضمون وغيره ڇپجڻ جي ڪري ماڻهن تائين نالو پهتو، صحافت جي دنيا ۾ منهنجي ٿوري گهڻي واقفيت آهي. اها به ان وقت جي ادبي ۽ صحافتي سرگرمين جو نتيجو آهي، پوءِ آءُ حيدرآباد آيس، بيروزگار هوس، هلال پاڪستان ۾ محترم محمد بخش جوهر ايڊيٽر هوندو هو. پنهنجي هڪ لکڻي کڻي وٽس ويس پر کيس اهو ڪونه ٻڌايم ته آءُ شمشير الحيدري آهيان، بهرحال پوءِ هڪ ٻئي سان ويجهڙائي وڌندي وئي، هڪ ڀيرو اتي مولانا غلام محمد گرامي صاحب آيو، اها 1955ع جي ڳالهه آهي، گرامي صاحب مامي جو گهاٽو دوست هو. پوءِ جڏهن محمد بخش جوهر صاحب ساڻس منهنجو تعارف ڪرايو ته هو تمام گهڻو خوش ٿيو. مولانا صاحب مون کي آفر ڪئي، پوءِ جويي صاحب سان به ملاقات ٿي. هو سنڌ مدرسته الاسلام ۾ منهنجو انگريزيءَ جو استاد هوندو هو. جيئن ته مون سنڌ مدرسي ۾ پهريون ڀيرو بزم سنڌي ادب قائم ڪئي هئي. جنهن جو آءُ سيڪريٽري ۽ جويو صاحب صدر هو، جيتوڻيڪ بزم جي پليٽفارم تان ڪو خاص ڪم نه ٿي سگهيو، پر اسان جي پاڻ ۾ ويجهڙائي پيدا ٿي. نه رڳو جوييءَ صاحب سان واقفيت ٿي، پر هوشيار هجڻ ڪري ٻيا استاد به مون کي تمام گهڻو ڀائيندا هئا ۽ فارسي فقه ۽ سنڌي جا ڪچا پيپر سارڻ (چيڪ ڪرڻ) لاءِ مون کي ڏيندا هئا، عادت منهنجي اها هوندي هئي جو ڪتاب ڪونه وٺندو هوس، هڪڙي ڪاپي رکندو هوس. جنهن ۾ رف فيئر ٻئي ڪم ڪندو هوس. حسن علي هائوس واري هاسٽل ۾ رهندو هوس، پنهنجي هم ڪلاسين کان ڪتاب وٺي رات جو پڙهي امتحان ڏيئي ڇڏيندو هوس ۽ پاس ٿي ويندو هوس.
سوال: شاعري جي ابتدا ڪيئن ٿي؟ ۽ اهي ڪهڙا محرڪ هئا جن اوهان کي لکڻ تي مجبور ڪيو؟
جواب: پنهنجي مامي مرحوم ڊاڪٽر نذير حسين حيدريءَ جي پرورش هيٺ ننڍي هوندي کان ادب ۽ شاعريءَ جو ذوق پيدا ٿيو. چوڏهن – پندرهن سالن جي ڄمار ۾ اڙدو تان ترجمان ڪرڻ ۽ پنهنجي ڪچي ڦڪي شاعري ڪرڻ لڳس، سنڌ مدرسي ڪراچيءَ ۾ شاگرديءَ دوران پهريون ڀيرو وڏو اصلوڪو نظم سنڌ مدرسته الاسلام تي لکيم، جيڪو مدرسي جي 1949ع واريءَ ڪرانيڪل ۾ شايع ٿيو.
سوال: اوهان علم عروض جي باقائدي سکيا ڪنهن کان ورتي؟ ۽ علم عروض تي روشني وجهڻ فرمايو؟
جواب: عروض جي باقائدي سکيا ڪنهن کان به نه ورتم، شاعريءَ جي مطالعي سان عروض سمجهه ۾ آيو. گهڻو پوءِ عروض بابت ڪتاب پڙهيم، ابتدائي دور ۾ ڪراچيءَ جي دوست، غلام عباس ”قيصر“ قزلباش کان اصلاح ورتم، جيڪو سنڌيءَ جو سٺو شاعر، فارسيءَ جو وڏو ڄاڻو ۽ عروض جو ماهر هو.
عروض عربي علم آهي، جنهن مان شاعريءَ ۾ وزن ۽ بحر پيدا ٿئي ٿو. اسان وٽ اهو فارسيءَ ۽ پوءِ اڙدو ٻوليءَ ذريعي رائج ٿيو. اڳي اسان وٽ ڪلاسيڪي شاعريءَ جو موسيقيءَ تي ٻڌل ۽ هنديءَ جو ڇند تي ٻڌل وزن رائج هو. عربي عروض جي رواج سان اسان وٽ وزن سان گڏ ”بحر“ جو نظام به رائج ٿيو. اهو نظام اسان وٽ پهرين غزل سان شروع ٿيو، ۽ اڳتي هلي اهو هاڻي ٻين صنفن ۾ به رائج آهي، عروض جي علم تي سنڌيءَ ۾ ڪجهه ڪتاب ڇپيل آهن، جيڪي نئين ٽهيءَ جي شاعرن کي ضرور پڙهڻ کپن.
سوال: توهان امداد جو غزل به پڙهيو هوندو ۽ يقينن وفا جي غزل کان به آشنا هوندا؟ توهان کي امداد جي غزل ۽ وفا جي غزل ۾ ڪهڙو فرق محسوس ٿئي ٿو.
جواب: فرق فن جو به آهي، خيال ۽ موضوع جو به آهي، امداد منهنجي نظر ۾ نظم جو خاص شاعر آهي، جيتوڻيڪ هن غزل به تمام سٺا لکيا آهن. پر وفا غزل ئي لکيا آهن، تمام گهڻا لکيا آهن ۽ منهنجي خيال ۾ هو سنڌي غزل جو بادشاهه آهي.
سوال: توهان اڄ جي غزل کي ڪيئن ٿا محسوس ڪيو – ڇا اڄ جو غزل رومانس ڏانهن جهڪي نه ويو آهي؟
جواب: اول ته رومانس جو مطلب محدود ڪونهي، ۽ ان جي معنيٰ رڳو عشق محبت نه آهي، هڪڙي شاعر لاءِ ڪنهن سُڪل وڻ يا ڪنهن پوڙهيءَ عورت جي نراڙ تي وقت جي پيدا ڪيل گهنجن ۾ به رومانس آهي. هونئن بنيادي طرح غزل ته آهي ئي عورت سان يا ان بابت بيان ڪرڻ جي صنف، ۽ شاعرن انهيءَ ئي موضوع تي گهڻي ۾ گهڻو لکيو آهي، قدرت جي سونهن، فطرت جي اسرارن ۽ سماجي معاملن جا موضوع غزل ۾ گنجائش حاصل ڪندا رهيا آهن، ۽ اسان وٽ هاڻي قومي موضوع به غزل۾ آندا پيا وڃن. پر منهنجي خيال ۾ اهي ڳالهيون غزل جي ”نازڪ خياليءَ“ کي ڇيهو رسائين ٿيون. غزل ۾ اهڙين ڳالهين لاءِ وڏي مهارت کپي، ته جيئن غزل جي مزاج ۾ بگاڙو نه پيدا ٿئي. نئين ٽهيءَ ۾ غزل جا ڪي سٺا شاعر پيدا ٿيا آهن، پر اڪثريت سطحي شاعري ڪري ٿي، جيڪا فن توڙي خيال جي لحاظ کان غزل جي ضرورتن کان پري آهي.
سوال: توهان ڪهڙن ادبي نالن کان متاثر آهيو يا هيو ؟
جواب: متاثر ٿيڻ لاءِ سڄي دنيا جو شعر ۽ ادب پيو آهي، اثر وٺڻ جا ٻه طريقا آهن. هڪ طرح، ڪنهن اديب يا شاعر جي خيال، فن ۽ انداز کي پاڻ تي حاوي ڪرڻ، ۽ ٻيءَ طرح ان جي فقط رمز کي جذب ڪرڻ، چڱو فنڪار اهو آهي، جيڪو تنقيد کان پاسو ڪري، عظيم تخليقڪارن جي تجربن کي ساڻ کڻي، پنهنجا نوان گس گهڙي ۽ پنهنجي الڳ سڃاڻپ پيدا ڪري.
مون جيڪو به عظيم ڪلاسيڪي ادب ۽ شعر مطالعو ڪيو آهي، ان جي فقط خوشبو سان پنهنجي ذهن کي تازو ڪيو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ ڪي به خاص نالا نٿو ڳڻائي سگهان، ڇو ته مون سنڌي، انگريزي، فارسي ۽ اڙدو جي گهڻن اديبن ۽ شاعرن کان ڪجهه نه ڪجهه پرايو آهي، ۽ منهنجي ذهني پرورش ۾ انهن سڀني جو حصو آهي.
سوال: اسان وٽ ڪيترائي شاعري جا ڪتاب روز ڇپجن ٿا ۽ اڄ جي نوجوان جو لاڙو به تحقيق ۽ تاريخ کان هٽي ڪري شاعري ڏانهن وڌيڪ آهي، ان جو ڪهڙو ڪارڻ آهي؟
جواب: ڪنهن به شعبي ڏانهن لاڙو، مطالعي ۽ مشاهدي توڙي ذاتي رغبت ۽ طبيعت تي مدار رکي ٿو. تنهن کان سواءِ، تحقيق جو شعبو وقت ۽ محنت گهري ٿو. اسان جون تمام تيزيءَ سان بدلجندڙ سماجي حالتون به اثر رکن ٿيون. جن اسان جي نوجوانن کي نفسياتي انتشار ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. اسان جا اخلاقي قدر ۽ روايتون تيزيءَ سان تبديل ٿي يا وڃائجي رهيا آهن. اهڙيءَ گڏيل صورتحال ۾، اسان جو نوجوان ”ذوق“ بدران ”شوق“ جو شڪار ٿي رهيو آهي، ادب ۽ شعر جي عالمي اُپت ۽ قدرن جو اڀياس هو خير ڪو ڪري ٿو. ڪائنات جي اسرارن، فطرت جي قائدن۽ اصولن جو مشاهدو، انساني نفسيات جو اڀياس، عالمي ۽ مڪاني معاملن جي ڇنڊڇاڻ، سنجيده ادب جي اُپت ۽ اوسر لاءِ ضروري آهن. حالتن جي تيزيءَ سان تبديلن اسان جي نوجوان جي ذهنن تي اڻڄاڻائيءَ جو ڪوهيڙوچاڙهي ڇڏيو آهي. نتيجي ۾ هو سهل پسند ٿي پيو آهي. رواجي شاعريءَ جا موضوع هن جي آس پاس، ويجها پکڙيل آهن، پر تحقيق لاءِ پري جي نظر کپي، هزارين سالن جي پاڻ اوندهه جي اگهور کي اورانگهڻ لاءِ ڄاڻ جي برقي نگاهه کپي، تنهن ڪري، انهيءَ ميدان ۾ اسان وٽ کوٽ نه آهي، پر ڪي جوان پڙ ۾ پير پائي رهيا آهن، جن کان مايوس نه ٿيڻ کپي.
سوال: توهان شيخ اياز جي ويجهو رهيو، توهان شيخ اياز جي پوئين/ پڇاڙي واري پلٽي کي ڪهڙو نانءُ ڏيندو ۽ اوهان جي نظر ۾ اهي ڪهڙا ڪارڻ هيا. جن جي ڪري اياز پنهنجي شاعري تان دستبردار ٿيو؟
جواب: منهنجي ڄاڻ ۾، اياز کان سواءِ ٻيو ڪوبه شاعر دنيا ۾ ڪونهي، جيڪو پنهنجي تخليق جي هڪ وڏي حصي کان دستبردار ٿيو هجي، تنهن هوندي به، اهو هڪ شاعر جي ذهني ۽ شعوري اوسر جو هڪ مرحلو آهي، جيڪو شيخ اياز جي حالت ۾ عمر جي آخري ڏينهن ۾ پيش آيو. سوچ جون اهي منزلون اسان کي ڪيترن ئي وڏن اديبن، شاعرن، انقلابين ۽ سياستدانن ۾ نظر اچن ٿيون، جن ۾ اصولن ۽ نظرين کان هٽڻ جا مثال ملن ٿا. جيتوڻيڪ پنهنجيءَ تخليق کي پاڻ رد ڪري ڇڏڻ جو مثال رڳو اياز وٽ ڏسون ٿا. پوءِ به سندس رد ڪيل تخليقي ڪارناما اسان وٽ هڪ تمام قيمتي سرمايي جي صورت ۾ محفوظ رهجي ويا آهن. اها وڏي ڳالهه آهي.
اياز جيڪي ڪجهه پوءِ لکيو، سو اختلافن هوندي به، فني ۽ فڪري لحاظ کان شاهڪار آهي، ۽ اياز ان ۾ به ڀرپور نموني نظر اچي ٿو.
اياز پنهنجي ذاتي زندگيءَ ۾ مضبوط حواسن جو مالڪ نه هو، عمر جي وڌندي رهڻ سان، هو موت جي ڊپ ۾ وٺبو ٿي ويو، ڪيترا ڀيرا هن موت کي ڌمڪين جا جيڪي نظم لکيا، سي انهيءَ احساس جو نتيجو هئا. سندس شعور جو آخري ڦيرو به موت کي وجهڙائپ جو روپ هو.
سوال: چون ٿا ته شاعري عشق جي پيداوار آهي ته پوءِ اوهان به شاعري ڪئي آهي. ٿورو محبتن جي باري ۾ ٻڌايو؟
جواب: چوڻ وارن کي چوڻ ڏيو. منهنجي شاعري عشق جي پيداوار نه آهي، شاعريءَ جو ڍانچو اڳ موجود ٿيو ۽ عشق پوءِ ٿيا.
محبتن جا معاملا ذاتي ٿين ٿا، انهن تي ڳالهائڻ سان واسطيدارن جي عزت مجروح ٿئي ٿي، هونئن به محبت جو پهريون اصول رازداري آهي تنهن ڪري معافي.
سوال: توهان مهراڻ ۾ به رهيو. ان جو ڇا ته معيار هو، اڄ جڏهن وري هڪ دفعو مهراڻ جو واڳون سنڌي ادب جي ڀلوڙ شاعر امداد حسيني جي حوالي ڪيون ويون آهن، پر اڄ جو مهراڻ ايترو معيار برقرار رکي نه سگهيو، جيڪو، غلام محمد گرامي، طالب الموليٰ يا وري اوهان جي دور ۾ هو، ڇو؟
جواب: ”ڇو“ جو جواب ڏاڍو ڏکيو آهي، اها هڪ دور جي ڪهاڻي آهي. ايتري تفصيل جي هتي گنجائش ڪانهي، حياتي آهي ته اهو چٺو آءُ پنهنجيءَ آتم ڪٿا ۾ پيش ڪندس.
سوال: زندگيءَ مان ڪيتري قدر مطمئن آهيو؟
جواب: بيحد مطمئن آهيان.
سوال: اوهان جي اهڙِي خواهش جيڪا چاهڻ جي باوجود پوري نه ٿي هجي؟
جواب: مون اهڙيءَ ڪنهن به خواهش کي دماغ ۾ نه رکيو آهي، جيڪا پوري نه ٿيڻ سان ڏک ڏئي.
سوال: سنڌي ادبي سنگت جي ڪارڪردگي کان ڪيترو مطمئن آهيو؟
جواب: اهي ڏينهن، اهي شينهن!
سوال: توهان سگريٽ تمام گهڻا ٿا پيئو! سگريٽ ڪڏهن کان شروع ڪيو ۽ “Smoking” جو ڪهڙو ڪارڻ هو؟
جواب: سگريٽ جو آءُ ”چين سموڪر“ آهيان، تمام ڪچيءَ ڄمار ۾ پتي جي ٻيڙي پيئڻ ياد آهي. منهنجي ناناڻڪي ڳوٺ ۾ هڪڙي پوڙهي مائٽياڻي گهر ۾ پتي جون ٻيڙيون وڪڻندي هئي. ڪيترا ننڍا ٻار به ان کان ٻيڙيون وٺي، لڪي لڪي پيئندا هئا. آءُ به، هڪ ٻن دوستن سان، پوڙهيءَ کان ٻيڙي وٺي پيئندو هو، ڪنهن جي اچڻ جي ڊپ کان، پويان گهوڙي ٻڌڻ واريءَ جاءِ ۾ وڃي پيئندا هئاسين.
گهڻو پوءِ، 1947ع ۾، آءُ ڪراچيءَ سنڌ مدرسي ۾ پڙهڻ آيس، ٽي دوست، هڪڙي دوست جي گهر رات جو امتحان جي تياري ڪندا هئاسين، ٻڌو هوسون ته سگريٽ پيئڻ سان ننڊ نٿي اچي، سو هڪڙو هڪڙو سگريٽ وٺي اچي پيئندا هئاسين، اهو ”پليئرس نيوي ڪٽ“ سگريٽ هو. جيڪو اڄ ”گولڊ ليف“ جي نالي سان اوچو سگريٽ آهي. تڏهن، ”گولڊ ليف“ واري هاڻوڪي پاڪيٽ تي ”پليئرس“ جي لڳل گول ٽڪلي، سڄي پاڪيٽ تي ڇپيل هوندي هئي. هوريان هوريان عادت پئجي وئي. پوءِ ڳوٺ موٽي آيس ته پتي جي ٻيڙي شروع ڪيم. 1965ع جي جنگ ۾ انڊيا کان ٻيڙي جو پتو اچڻ بند ٿيو ۽ ڦاڙون ۽ گيدوڙيءَ جا پتا استعمال ٿيڻ لڳا ته وري سگريٽ پيئڻ لڳس، جيڪو اڄ تائين ساهه سان سانڍيندو اچان.
سوال: سونهن ڏسندي ڇا محسوس ڪندا آهيو؟
جواب: پاڻ کي سهڻو محسوس ڪندو آهيان.
سوال: عشق ۾ جيڪو ڏک، رنج، الم، پيڙاءُ محبوب طرفان ملي ٿو، ان کي ڪيئن ٿا ڏسو؟
جواب: مڙئي مٺائي، پريان سندي پار جي!
سوال: سنڌ ڌرتي ۾ خاص ڪري ڪراچي ۾ ڌارين جي ڪاهه وڌي وئي آهي، پر اسان جو سياستدان ان کان بي خبر ٿي ڪن لاٽار ڪيو، پيجارو ۾ گهمي ٿو. ان جا ڪهڙا منفي اثر پوندا - ۽ اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي؟
جواب: اثر ته ڏاڍا بُڇڙا هينئر ئي پئجي رهيا آهن، اسان کي سنڌ لاءِ قومي حيثيت حاصل ڪرڻ کپي، پر ”اسين“ ڪير؟ اچو ته پهرين پاڻ کي ڳوليون.
سوال: جيڪا شاعري ڇپجي ٿي ڪتابن ۾، رسالن ۾، اخبارن ۾، انهن جي ڇنڊ ڇاڻ، ٿيڻ گهرجي؟ جي ها ته پوءِ اهو اسان جي سينيئر اديب جو فرض ٿو ٿئي ته هو نوجوانن کي علم عروض سيکاري سڌي دڳ لائي. پر اڄ جو سينئر اديب گوشه نشين ٿي گهر ويٺو ننڊون ڪري.
جواب: نه رڳو شاعري، پر سموري ادب جي وقت بوقت ڇنڊڇاڻ ٿيڻ گهرجي، پر اهو ڪم نقادن جو آهي، سينئر اديبن ۾ سڀ نقاد نه آهن. رڳو علم عروض سيکارڻ به سينئر اديبن جو ڪم ڪونهي. ڪنهن به سينئر اديب باقائدي علم عروض جي تعليم نه ورتي هئي. نوجوانن کي کپي ته هو شاعريءَ جي فن جا ڪتاب پڙهن. اهي سنڌي ۽ اڙدو ۾ موجود آهن، کين پاڻ سينئر اديبن کان صلاحون وٺڻ کپن. ڪوبه سينئر اديب گوشي نشين نه ٿي ويٺو آهي: امر جليل، قمر شهباز، امداد حسيني، ابراهيم جويو، سراج، عبدالجبار جوڻيجو، غلام علي الانا، ڪامريڊ سوڀو، تاج بلوچ، آغاسليم يا اڃا ڪي ٻه ٽي نالا ٻيا به هوندا، پر جيڪي به سينئر اديب يا شاعر اڱرين تي ڳڻڻ جيترا موجود آهن، اهي سڀ اڃا لکي يا ڳالهائي رهيا آهن. گهر ته هرڪو ننڊون ڪري ٿو، پر انهن مان ڪوبه ڇپ هڻي لڪي نه ويٺو آهي.
سوال: شمشير صاحب نئين ٽهي جي شاعري تي روشني وجهو ۽ اهو به فرمايو ته سگهاري شاعري ۾ ڪهڙيون خوبيون هجڻ گهرجن؟
جواب: اسان جو نوجوان جيڪو شاعري ڪري پيو، ان کان جيتوڻيڪ اسين پوري طرح سان مطمئن نه آهيون، ڇاڪاڻ جو ان جو ڪو متعين رخ ڪونهي، هونئن ته شاعري شاعر جي پنهنجي ذاتي ملڪيت آهي، جيڪا هو پنهنجي مشاهدي، مطالعي، تجربي ۽ فڪري لاڙن سان پيدا ڪري ٿو، پر تنهن جي باوجود اسان جي سماج ۾ ان جا جيڪي شروعات کان وٺي بنياد رهيا آهن اهي ٿورڙي وقت کي ڇڏي ڪري هميشه مزاحمتي رهيا آهن، جيئن ته سنڌ شروع کان وٺي ٻاهرئين جبر ۽ دٻاءُ هيٺ رهندي آئي آهي، تنهن ڪري جيئن هت بزم جا وڏا داستان سرجيا ويا آهن. تيئن اسان وٽ رزم جا به وڏا سلسلا رهيا آهن. اسان وٽ شعر جو جيڪو اڳاٽو ذخيرو آهي، جيئن دودي چنيسر جو داستان، اسان جا ڪلاسيڪي شاعر صوفي بزرگ ته هئا، روحانيت جو درس به هنن ڏنو آهي، اندر اجارڻ جي تلقين به ڪئي اٿن پر ساڳئي وقت تي هنن مزاحمت جو به ڀرپور مظاهرو ڪيو آهي، فارسي زده شاعري جي روايتي دور کان سواءِ جديد دور تائين شاعرن جو وڏو مزاحمتي ڪردار رهيو آهي، اهڙي ريت اوهين ڏسندا ته شاعري جي هر دور ۾ ان جو مقرر رخ رهيو آهي ۽ جيڪي به شاعر آهن تن جيئن مون اڳ ۾ چيو ته ڪنهن نه ڪنهن نظريي جي ماتحت تخليقون ڏنيون آهن. جديد دور جي شاعري به حالتن جي پيداوار آهي. هر مسئلي تي هر دور ۾ شاعرن ماڻهن جي رهنمائي ڪئي آهي. هن وقت جيڪو ادب تخليق ٿي رهيو آهي. اهو ڏاڍو سٺو آهي، نون شاعرن جون ڪاوشون ساراهڻ جوڳيون آهن. کين سلام پيش ڪريان ٿو. جو هنن سٺو پورهيو ڪيو آهي، پر تنهن جي باوجود سندس شاعريءَ ۾ ڪو خاص ربط ناهي. مقرر رخ ناهي ۽ اهو جيڪڏهن مقرر ٿي وڃي ته ڏاڍو سٺو.
سوال: توهان ڇا ٿا چوڻ چاهيو؟ ۽ اهو به ٻڌايو ته سگهاري شاعريءَ ۾ ڪهڙيون خوبيون هجڻ گهرجن؟
جواب: مقصد اهو آهي ته سموري شاعري جو مجموعي لاڙو يڪجا هجي ته جيئن ان ۾ زور ۽ پائداري پيدا ٿي سگهي، جيئن ون يونٽ ۾ هو. توهان ڏسندوء ته ڪيترن سالن کان اسان وٽ ناول، شاعري، افساني ۾ ڪا اهڙي شيءِ نه آئي آهي، جيڪا هن دور جي تاريخ ۾ نمائندگي ڪري، جيڪا اڄ کان ڏهه پندرهن سال پوءِ پڙهجي ته ان ۾ هاڻوڪي دور جو آئينو نظر اچي، اهڙي ڪابه شيءِ نه آئي آهي. جنهن جي باري ۾ چئي سگهجي ته اها هن دور جي نمائنده شاعري آهي. نمائنده ناول آهي يا اهڙي ڪابه شيءِ پيدا نه ٿي سگهي آهي. ان کي آءُ رخ ٿو چوان. ان رخ سان اسان جي اجتماعي نمائندگي وارو ڪو ڪم نه ٿيو آهي، اسان جا شاعر ڀلا آهن. ڪم ڪن پيا. انهي سلسلي ۾ انهن جو ڏوهه به ڪونهي، ڇاڪاڻ ته حالتن جي تيز رفتاري کي گرفت ۾ آڻڻ ڏکيو آهي.
سگهاري شاعري جي خوبين بابت بحث تمام ڊگهو آهي، ان باري ۾ منهنجو نقط نظر اهو آهي ته شاعري ٻن قسمن جي ٿيندي آهي، هڪ داخلي، اندر جي اڌمن جي - ۽ ٻي آهي خارجي، جيڪو ڪجهه نظر اچي ٿو ان کي بياني طور جيئن آهي تيئن بيان ڪري ڇڏجي. دائميت داخلي شاعري کي آهي ۽ جيڪڏهن داخلي ۽ خارجي ٻنهي کي ملائي پيش ڪجي ته اهڙي تخليق وڌيڪ جٽادار هوندي، جيئن شاهه لطيف جي شاعري آهي، جنهن ۾ داخلي جذبا به آهن ته خارجي اثرات به آهن، ٻاهرين صورتحال کي ڏسي ان کي ڪئميرا وانگر چٽي ڇڏڻ واري اظهار ۾ جٽاءُ نه آهي. اسين جيڪا صورتحال ڏسون ٿا. ان کي جذب ڪري پنهنجي انداز ۾ پيش ڪريون ته پوءِ ان کي شاعري چئبو ۽ اهڙي اظهار کي ئي جٽاءُ هوندو آهي.
سوال: شيخ اياز لطيف ثاني آهي، اياز کان پوءِ وڏو شاعر ڪير آهي؟
جواب: هن وقت اهو چوڻ ته اسان وٽ شيخ اياز کان پوءِ وڏو شاعر ڪهڙو آهي؟ اهو بحث ئي اجايو آهي. ايليٽ جو چوڻ آهي ته ڪو شاعر پنهنجي وقت ۾ گهڻو مقبول آهي، کيس پڙهيو ۽ پسند ڪيو وڃي ٿو. پر اهو اڳتي هلي نا مقبول به ٿي سگهي ٿو. ڇاڪاڻ ته سماج جيئن اڳتي وڌي ٿو، ترقي ٿئي ٿي، تيئن ان جو ذهن وڌي ٿو. آئيندي جي ترقي ڪيل ۽ سڌريل ذهن جي پنهنجي وڌيڪ سڌريل ۽ نئين گهرج هوندي. تنهن ڪري ٿي سگهي ٿو ته اڄ جو مقبول شاعر اڳتي هلي نامقبول ٿي وڃي. مقبوليت معيار ناهي. هن وقت، مثال طور ڪئسٽي شاعري ڏاڍي مقبول آهي، پر سنجيده طبقو ان کي پسند نٿو ڪري ۽ اهو سنجيده طبقو اڳتي هلي اڃا به وڌندو. ممڪن آهي ته شيخ اياز ٻڏي وڃي ۽ اهو به ٿي سگهي ٿو ته ڪيسٽ جا شاعر مشهور ٿي وڃن. هي سڀ معاملا ايندڙوقت طئي ڪندو. اسين طئي نٿا ڪري سگهون. هن وقت اهڙا بحث شروع ڪري شيخ اياز، استاد بخاري، تاجل بيوس، غفار تبسم يا ٻين شاعرن کي مٿي چاڙهيندن جي سوچ ئي غلط آهي.
سوال: نئين ٽهيءَ کي سينيئر اديبن کان شڪايت آهي ته اهي سندن صلاحيتن ۽ اهليت تي آڱريون ته کڻن ٿا، پر جونيئرن کي پڙهن ڪونه ٿا. توهان ٻنهي مان ڪنهن کي حق بجانب ٿا سمجهو؟
جواب: پنهنجي جاءِ تي نئين ٽهي جي شڪايت جائز آهي ته اسين کين پڙهون ڪونه ٿا، آءُ پاڻ مڃان ٿو ته ڪيترن نون شاعرن کي پڙهي نه سگهيو آهيان. ڪڏهن رسالي، اخبار وغيره ۾ پڙهون ٿا پر باقائدي پڙهي، انهن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪرڻ، کين رستو ڏيڻ جو فرض سينيئر اديب ادا نه ڪري سگهيا آهن. مون جيترو پڙهيو آهي ته نئين ٽهيءَ ۾ تمام گهڻا سٺا شاعر اديب آهن. شاعر رياضت ۽ مطالعي سان وڌندو آهي. مشاهدي ۽ تجربي سان وڌندو آهي. اسين پر اميد آهيون، نئين ٽهيءَ مان ئي اسان کي وڏا شاعر، عالم، اديب ۽ دانشور ملندا، وقت هميشه ماڻهو ڏيندو رهي ٿو، ان ڳالهه کان ڪوبه انڪار ناهي.
سوال: زندگي جو يادگار واقعو؟
جواب: منهنجو موت هوندو، جڏهن آءُ زنده نه هوندس.
سوال: پڙهندڙن لاءِ پيغام؟
جواب: پڙهندڙن لاءِ پيغام ”پڙهڻ“ جو، ۽ لکندڙن لاءِ پيغام ”لکڻ“ جو.
تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو،
ڄڻ ته سنڌوءَ جي ٻئي ڪناري ويو،
هڪڙو ”شمشير“ هو زماني ۾،
سو دنيا کان اڄ گذاري ويو.
شمشير الحيدري.