تاج بلوچ
چيٽ چانڊوڪيون سرخرو ٿينديون
گل پريون جڏهين روبرو ٿينديون
پوپٽن جي اڏام تان صدقي
چاهتون پاڻ جستجو ٿينديون
عڪس ڊهندا ۽ ٺهندا لفظن جا
سونهن ۽ مُرڪ واهرو ٿينديون
چنڊ بي ربط وصل جون راتيون
هجر منهنجي جي آبرو ٿينديون
آءُ تنها ۽ دربدر منظور
تنهنجون رسوايون چارسو ٿينديون
تنهنجي چوڙين جون سڏڪندڙ مرڪون
منهنجي چاهت جي آرزو ٿينديون
زرد چهرن جون پيليون چانڊوڪيون
تاج ڪڏهين ته ماهرو ٿينديون.
[b]
BRIEF INTRODUCTION
تاج بلوچ[/b]
ادبي نالو: تاج بلوچ
اصل نالو: مير تاج محمد خان جتوئي
ولديت: مير نور احمد خان جتوئي
جنم تاريخ: 25 مئي 1942
جنم هنڌ: ڪوٽ بُلا پنو عاقل سکر
تعليم: ايم. اي صحافت
ڪرت: اڳ سرڪاري آفيسر، هاڻ صحافي
لکڻ جي شروعات: 63-1962
ڇپيل ڪتاب: 1. درد جو صحرا 1970ع
2. خوشبو جو زهر 1979ع
3. لفظن جو ماتم 1994ع
4. دل جزيرو اداس سپنن جو 2002ع
5. چچريون چچريون خواب 2011ع
6. جديد ادب جو تجزيو 2014ع
اڻڇپيل ڪتاب: 1. ڇنڊ ڇاڻ تنقيدي مضمون
2. نئون شعري مجموعو
3. انگريزي ترجمو (لطيف نوناري)
مڃتا ايوارڊ: (لطيف ايوارڊ مليل) اڪيڊمي آف ليٽرس طرفان، ايڏا گهڻا جيڪي نه ياد آهن نه سنڀاري رکيم
موجوده پتو: بنگلو 177 گل هائوسز بلاڪ 7 گلستان جوهر ڪراچي
سوال: پنهنجي جنم ۽ تعليمي ماحول ۽ پنهنجي ننڍپڻ جي باري ۾ تفصيل سان ٻڌائڻ فرمايو؟
جواب: ننڍپڻ وڏيرڪي مڳي ۽ بيخودي ۾ گذريو. ڏاڍو ڏنگو ۽ سرڪش ڇوڪرو هوس. ڇهون ڪلاس هاءِ اسڪول پنو عاقل مان پاس ڪيم ته مونکي ڪراچي پڙهڻ لاءِ اماڻيو ڇا ڀڄايو ويو. ڪراچيءَ منهنجي ٽڪ مان وز ڪڍي ڇڏيو. هتي ننڍپڻ ۾ اندر ۾ دٻيل لکڻ پڙهڻ وارو شوق، لائبريرون ۽ ڪتاب ڏسي ۽ پڙهي اوج تي رسيو ۽ پوءِ اڄ تائين ڪتابن سان گهاٽي ياري آهي ۽ جڏهن نوجوانيءَ ۾ پير پاتم ته پهرين عشق جي ناڪامي باده خوار بڻايو ۽ هاڻ خبر نه پوندي آهي ته آءُ شراب پيئان ٿو يا شراب مون کي پيئي ٿو. هاڻ آءُ ۽ شراب جاڙا ڀائر ٿي ويا آهيون. منهنجي دور جو تعليمي ماحول ڏاڍو اتساهيندڙ ۽ ٻار کي بازياب ڪندڙ وايو منڊل هو.
سوال: تاج صاحب! شاعري جي شروعات ڪيئن ٿي؟ ڪڏهن ٿي؟ ڇا واقعي اها ڳالهه صحيح آهي ته شاعري اندر جو اوٻر آهي ۽ جذبن جو اظهار آهي؟
جواب: آءُ پئدائشي شاعر آهيان. وڏا چوندا آهن ته ننڍپڻ ۾ ٽرپل فائيو جي خالي دٻي ۾ مٽي ڀريندي ۽ مٽي لاڙيندي آءُ لفظيات کان سواءِ عجيب آهنگ ۽ ردم ۾ جهونگاريندو هوس. شاعري مطالعي ۽ مشاهدي سان، عروج ماڻي ٿي ۽ دل جي ڪچن جذبن ۾ پختگي ۽ رس آڻي ٿي. علم سان، وجدان طاقتور ٿئي ٿو ۽ شاعر جو ادراڪ تيز ٿئي ٿو.
سوال: اوهان شاعري جي باقائدي سکيا ڪنهن کان ورتي؟ علم عروض جو فن اوهان ڪنهن کان سکيو؟
جواب: مون ڪنهن کان به ڪجهه نه سکيو- ڄڻ مون کي سڀ ڪجهه ايندو هو. علم عروض ٻاهرين شيءِ آهي، جيڪو مَنَ جي ترنم مان ڦٽي ٿو.
سوال: اوهان سنڌي ادب جا وڏا نالا آهيو. اوهان جي شاعري عروض جي بندشن ۾ سمايل آهي. ڪجهه دوستن جو خيال آهي ته هن دور ۾ خيال کي اهميت آهي فعولن فعولن ڪجهه ناهي. اوهان صرف ايترو فرمايو ته اوهان عروض کي ڪهڙي نظر سان ڏسو ٿا؟
جواب: متشاعر لاءِ علم عروض لازمي آهي. پئدائشي شاعر علم عروض ۽ ڇند وديا جو ڳيجهو ناهي. خيال کان اڳ، شاعر جو جذبو اهميت جوڳو آهي، جنهن کي پختو خيال ۽ زورائتو ڊڪشن وڌيڪ نمايان ڪري ٿو.
سوال: تاج صاحب! چيو ٿو وڃي ته شاعري عشق جي پيداوار آهي، ڪي وري چون ٿا ته شاعري حالتن جي پيدوار آهي، جيڪڏهن شاعري عشق جي پيداوار آهي ته اوهان پنهنجي شاعري کي ڪهڙو نانءُ ڏيندو؟
جواب: اهي ٻئي شيون شاعريءَ کي هٿي ڏين ٿيون. عشق جي ڪاميابي يا ناڪامي، حالتن جي محتاج آهي، حالتن جو جبر ۽ اندر جي ڀڃ ڊاهه ۽ تڙپ، جيڪو جذبو اُڀاري ٿو، اهو جذبو ئي شاعريءَ جو سرچشمو آهي، جنهن کي مطالعو ۽ مشاهدو شاعر طور سڃاڻ بخشي ٿو.
سوال: اهو وڻ ناهي، جنهن کي واءُ نه لڳو هجي. اها جواني ناهي جيڪا عشق جي آڙاهه ۾ داخل نه ٿي هجي؟ توهان منهنجو مطلب ته سمجهي ويا هوندوء؟!!!
جواب: منهنجي دل جي وڻ کي سو کان مٿي هوائن لوڏيو آهي. مون سو کان مٿي عشق ڪيا آهن ۽ هر عشق، مون پهرين جذبي، جوش، جولان ۽ جنون سان ڪيو آهي. ”عشق هڪ ڀيرو“ واري ٿيوري غلط آهي.
سوال: پنهنجي همعصرن مان ڪهڙين جي شاعري مان متاثر آهيو؟
جواب: ڪنهن کان به نه، منهنجي همعصرن جو الميو اهو آهي ته ڪنهن وٽ طاقتور جذبو آهي ته ان جو خيال موڳو ۽ ڊڪشن جوڳو ناهي. ڪنهن جو ڊڪشن جادو ڪندڙ آهي، جيئن شيخ اياز، پر هن وٽ جذبو پرايو ۽ خيال اوڌارو آهي. هن جي شاعري (گهڻي تڻي)کي سولو ڪنهن به ٻوليءَ جي نثر ۾ پلٽيو ته بي معنيٰ لڳندي. البته نوجوان شاعر ۽ شاعرائون، ڏاڍو سٺو لکي رهيا آهن.
سوال: اڄ جي ادبي محفلن/ مشاعرن ۽ ان دور جي ادبي گڏجاڻين جنهن ۾ اوهان جي شاعري پروان چڙهي، ۾ ڪهڙي خامي محسوس ڪيو ٿا؟
جواب: اڳ هرڪو سکڻ چاهيندو هو، ان ڪري خلوص هو، پنهنجائپ هئي. هڪ ٻي لاءِ احترام هو ۽ هاڻ هرڪو آپي خان ۽ عظيم بڻجي پيو آهي. ٽڪو پنجو ۽ اٽڪلون ڪري، هر ڪو ليکڪ وڏو قلمڪار بڻجي پوڻ جي سڌ رکي ٿو. جڏهن ته رڳو سڌ ڪرڻ سان ڪوبه وڏو قلمڪار نٿو بڻجي سگهي، انگريزيءَ جو پهاڪو آهي،
If the wishes would have been horses
the beggers should have ridden.
”جيڪڏهن خواهشون گهوڙا هجن ها ته رڳو فقير ئي سواريون ڪن ها.“
سوال: مان سمجهان ٿو ته اوهان ون يونٽ واري دور کي چڱي طرح ڏٺو، ڇا اوهان اهو ٻڌائي سگهو ٿا ته، ان دور ۾ سنڌي شاعرن / اديبن (ڪهڙن ڪهڙن) ڪهڙو ڪردار نڀايو؟
جواب: اسان ڏٺو ڪٿي، اسان ڀوڳيو، لٺيون کاڌيون سين، لاڪپ ڏٺا سون، مار ۽ موچڙا ڍو تي کاڌاسين، سنڌ جي شاعرن ۽ اديبن، خاص طرح سان سنڌي ادبي سنگت جي دوستن تاريخي ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته هاڻي اها ساڳي سنگت، قوم پرستن جي سياسي نعري بازيءَ جو آرگن بڻجي پئي آهي، اهو سنڌي قوم جو وڏي ۾ وڏو الميو آهي.
سوال: اسان وٽ غزل گهڻو لکيو ويو ۽ لکيو وڃي ٿو، اوهان به سٺو غزل لکيو آهي ۽ لکيو پيا. اوهان وٽ سٺي غزل جو پيمانو ڇا آهي؟ ۽ اهو به ٻڌايو ته ڇا اسان جو غزل حالتن جي پيدوار آهي؟
جواب: سٺو غزل ڪالهه به لکيو ويو. اڄ به لکجي پيو. اڄوڪو غزل وجداني سمجهن تي عروج ماڻي رهيو آهي. غزل ۾ سولي عبارت، غنائيت ۽ چهڪ ڏيندڙ جذبو ۽ جذبي کي ملندڙ سٺو خيال ئي غزل جي صنف لاءِ سڀاويڪ آهي، زمان ۽ مڪان جون ڪيفيتون شاعر جي وجدان ۾ تکائي ضرور پيدا ڪنديون آهن، پر ان جو دارو مدار شاعر جي Conceive ڪرڻ تي آهي.
سوال: آثم ناٿن شاهي ”وفا“ ناٿن شاهي کي غزل جي ”مارشل“ جو خطاب ڏنو. تازو محترم شمشير الحيدري صاحب پنهنجي انٽرويو ۾ چيو آهي ته، ”وفا غزل جو بادشاهه آهي“. جڏهن ته منهنجي ناقص خيال ۾ ته محسن ڪڪڙائي، بشير سيتائي، امداد حسيني، راشد مورائي، تاج بلوچ، تاجل بيوس، ۽ احمد خان مدهوش سٺا غزل لکيا آهن، پوءِ انهن جي غزلن کي ڪهڙي خاني ۾ فٽ ڪيو ويندو؟!!
جواب: اهڙي قسم جا لقب القاب ڏيڻ ۽ وٺڻ جاگيرداراڻي سماج جي هيٺاهين قسم جي سوچ آهي، اسين پاڻ کي آزاد خيال ۽ جمهوريت پسند سمجهون ٿا، پوءِ به ”مارشل“، ”بادشاهه“، ۽ ”شهنشاهه“ جهڙا ڌپارا لفظ/ لقب تجويز ڪيون ٿا. اصل ۾ هڪ ٻي سان پيار ۽ محبت ۾ يا هڪ ٻي جي لاءِ ڪا عقلي راءِ ڏيڻ جي سگهه نه ساريندي، اهڙي نوعيت جي ”خرافات“ تخليق ڪري، پنهنجي پنهنجي لاءِ علميءَ کي لڪائي، ٻين کي يا دوستن کي خوش ڪري، ”حلقئه احباب“ ۾ واڌاري واري خوشي محسوس ڪيون ٿا ته اڳلو به اسان کي اهڙي نوعيت جي تعريفي لفظن سان نوازيندو. هر شخص پنهنجي پنهنجي دائري ۾ پنهنجو پنهنجو هنر آڇي ٿو. قبول يار ڪرڻ واري خلق (نقاد) جي غير موجودگي هڪ خلفشار کي جنم ڏنو آهي ان ڪري هر ڪو شخص پنهنجي وات سان، ”مٺو ميان“ ٿيو هلي.
سوال: منهنجي خيال ۾ اڄ جي اديبن وٽ تنقيد براءِ اصلاح جي ڪا شي ناهي رهي، هتي فقط دوستيون ۽ ياريون ٿيون هلن، جيڪڏهن ڪنهن منهنجي غزل جي تعريف ڪئي ته مون تي اهو فرض ٿي ويو ته مان به ان جي غير معياري غزل جي تعريف جا گيت ڳايان، جڏهن ته ڪو ٽولو اهڙو به آهي، جيڪو فقط انڌي منڊي تنقيد ڪري، پاڻ کي نقادن جي لسٽ ۾ زوري فٽ ڪرڻ جي ڪوشش به ڪرندو رهي ٿو. ڇا تنقيد براءِ اصلاح واقعي اڄ به ٿئي ٿي؟
جواب: سنڌ جي شاعرن جي گهڻائي حرف شناس ماڻهن جي آهي. انهن عالمي سطح تي گذريل صديءَ جي ادبي ڌارائن جو مطالعو ئي نه ڪيو آهي. مطالعو ڇا، کين اها ٻولي ئي نه ٿي اچي، جنهن ٻوليءَ ۾، علم جو نور آهي. وڏي ڪهاڻي، وڏو ناول، وڏي شاعري ۽ وڏي تنقيد وڏو فلسفو ۽ ڏاهپ ڀري پئي آهي. بقول اوهان جي رڳو ياريون باشيون ملهائڻ لاءِ مٽ ۾ مانڌاڻي پئي ڦري، ڪنهن سنسني پکيڙيندڙ اخبار جي ايڊيٽوريل پيج جو پروف ريڊر به پاڻ کي وڏو عالم ۽ نقاد ٿو سمجهي، ٽين دنيا جي ننڍي کنڊ ۾ رڳو سنڌ ئي بدنصيب خطو آهي، جتي علم دشمني جو ڪاروبار هلي ٿو، جيڪو شخصي ۽ رياستي سطح تي موجود آهي، جڏهن علم جي روشني عام ٿيندي ته ڊينڊا ماڻهو اهڙي روش شايد تبديل ڪن، پر لڳي نٿو!!
سوال: اسحاق سميجي جو ڪتاب ”شاعري سان دشمني“ آيو آهي، جنهن ۾ اوهان تي به هو تنقيد ڪري ويو آهي. اوهان ان ڏس ۾ ڇا چوندو؟ ۽ ان کان علاوه اوهان نوجوان ڪهڻايڪار مشتاق ڀرڳڙي جو ڪتاب ”لفظ نه آهن کيڏوڻا“ به ڏٺو هوندو، جنهن ۾ هن اهو مضمون نالي ”خدارا منافقت ڪرڻ بند ڪريو“ هلايو آهي جيڪو اوهان جي ”سوجهري“ ۾ هلي چڪو آهي. هن جو چوڻ آهي ته اوهان ان مضمون ۾ وڌاءُ ڪيو آهي؟
جواب: جنهن ماڻهوءَ کي پنهنجي ذات لاءِ Complex هجن!! يعني ”مهاڻي“ مان ”ميربحر“ ۽ ”ميربحر“ مان ”سميجو“ بڻجي ويو ۽ جيڪو هڪ سنڌي خواندو آهي. جنهن جو مطالعو ٻڙي ۽ تجربو Nil جيڪو تازو سنڌيءَ جو ليڪچرار بڻيو آهي، سو به پرچي سسٽم جي بنياد تي، ان جي تنقيد، ايمڻا جو مٽ آهي، جيڪو تيل نه ٿو بڻجي سگهي، باقي مشتاق ڀرڳڙي کي ته سنڌي به لکڻ نه ٿي اچي. هو ان ڪري به مون تي ڪاوڙيل آهي جو مون سندس چوڻ نه ڪيو. هن نسيم کرل جي فن بابت پنهنجي مضمون اچڻ کان پوءِ مون کي چيو ته، ”آءُ هن بابت به اهڙي تناظر ۾ مضمون لکان“، حالانڪ هن جو فن يا لکڻيون اڃا ٻاراڻي اوستا ۾ آهن. ياري دوستي نه نڀائڻ به مون لاءِ نقصانده ثابت ٿيو آهي.
سوال: منهنجي خيال ۾ ڪجهه اديب وڏن ناليوارن اديبن کي تنقيد جو نشانو بڻائي، رات پيٽ ۾ ادب جي آڪاش تي اڏرڻ چاهين ٿا ۽ اهي شايد شارٽ ڪٽ ڪري جلدي منزل ماڻڻ چاهين ٿا، ڇا ڪنهن وڏي اديب جو پٽڪو ڌوڙ ڪري، پاڻ اهو پٽڪو پائي سگهجي ٿو؟
جواب: ان جو زنده مثال، اهو ٽين پيج جو پروف ريڊر آهي، ڪم علم ماڻهو، هڪ وڏي نالي جي اجائي سجائي واکاڻ ڪري، پاڻ کي نيشانبر ڪرڻ چاهيندو آهي. يا ڪنهن وڏي ماڻهوءَ جي پٽڪي ۾ هٿ وجهي به ڀائيندو آهي ته مون سوڀ ماڻي آهي. حالانڪه ڪنهن جي علمي ساک يا رتبو، زمان ۽ مڪان ئي مقدر يا رد ڪندا آهن، ڊينڊا ماڻهو يا گهٽتائي جي احساس جا ماريل ماڻهو پيرن هيٺيان وڏين کڙين وارا بوٽ پائي وقتي طور تي قداور ڏيکارجي سگهجن ٿا، پر هلي يا ڊوڙي نٿا سگهن، فطرت جا نيم اورانگهڻ سان، ماڻهو معتبر نٿو بڻجي سگهي.
سوال: هينئر ”سوجهرو“ سڄي سنڌ ۾ پڙهيو وڃي ٿو، هر ڪو سوجهري جي معيار کان به واقف آهي، پر پوءِ به ڪن جو چوڻ آهي ته سوجهرو تاج بلوچ ۽ سندن دوستن يارن جي اردگرد گهمي ٿو. جن مان ته ڪي اهڙا شاعر به آهن جيڪي شاعري جي ”ش“ مان به واقف ناهن، پر اهي سوجهري ۾ ڇپجندا رهيا آهن؟
جواب: ڪالهه به ڪيئي لکندڙ هئا، جيڪي ادب جي ”الف“ ۽ شاعريءَ جي ”ش“ کان واقف نه هئا. پر انهن کي پرچن ۾ جوڳي يا اجوڳي جاءِ ملي. انهن جي همت افزائي ٿي ۽ انهن به مطالعي جي سگهه ۽ مشاهدي جي قوت سان اڳڀرائي حاصل ڪئي ۽ اڄ پهرين قطار جا لکندڙ چيا وڃن ٿا.
”سوجهرو“ ۾ گهٽ معيار جو مواد ضرور آيو هوندو. پر اهي اسان جا دوست ته ٺهيو واقف به ناهن، اسان ته همت افزائيءَ جي لحاظ کان انهن جون ڪچيون ڦڪيون شيون ڇاپيون ٿا جيئن اهي جاکوڙي اڳتي وڌن، ڊيندي پروف ريڊر هڪ غزل ۾ ”جهونگارڻ“ بدران ”گنگنايو“ هو. اهو لفظ سڌاريون سون ته همراهه ڏمرجي پيو. اهڙي تجربي کان پوءِ ڪڏهن ڪڏهن سنگين غلطين کان سواءِ، گهڻو تڻو اصلاح نه ڪندا آهيون ۽ مامرو پڙهندڙن تي ڇڏيندا آهيون، جنهن جا سٺا نتيجا آڏو آيا آهن ۽ همراهن ۾ تبديلي جا امڪان پيدا ٿيا آهن،
سوال: اوهان شيخ اياز جي ويجهو رهيا آهيو، اياز صاحب جي فن ۽ فڪر جي حوالي سان ڪجهه ٻڌايو؟
جواب: شيخ اياز جو علم محدود ڏيکاءَ وارو آهي، هن دنيا جي مختلف علمي ۽ ادبي تحريڪن جو مطالعو ڪيو هجي ها ته اهڙن تضادن ۽ گند جو مظاهرو نه ڪري ها، هن جو فن ٻوليءَ جي ردميٽڪ جادوءَ کان سواءِ، ڪنڀار جو ڪچو دلو آهي. هن وٽ ڪنهن وڏي شاعر جيان موضوع ئي ڪين آهن، رڳو ”سنڌ“، ”سنڌ“ ڪئي اٿس، جنهن سان به سچو نه رهيو. جڏهن جيئي سنڌ جي قومي تحريڪ عروج تي هئي ۽ تنهنجو آواز منهنجو آواز – شيخ اياز“ جو نعرو پئي گونجيو، تڏهن، شيخ اياز، ڀٽو جي معمولي رشوت تي تحريڪ کي نگهوسار ڪيو ۽ ان وقت جي ظالم ڀٽو جي قدمن ۾ ڪري پيو ۽ سنڌ جي پٺيءَ ۾ خنجر لاهي ڇڏيو.
جڏهن ظالم ڀٽو مظلوم ٿيو ته ساڳيو شيخ اياز، ظالمن جي شهنشاهه آمر ضياءُ الحق، بزدل ماڻهو هو، فيشن ۽ شوق خاطر لکيل ڪيترين شين کي ان ڪري disown ڪيائين ته طالبان مون کي گهر ويٺي ڪهي ويندا. مذهب ڏانهن، مولوي غلام مصطفيٰ خان ۽ موسيٰ ڀٽو جي معرفت موٽ به قتل ٿي وڃڻ جي ڊپ کان هئي، هو اول درجي جو ٻٽاڪي، ڊاڙي، ڪوڙو ۽ ڪم ظرف شخص هو، جيڪو ماڻهو پنهنجي ٻچن سان سچو نه هجي، ان جي وفاداري ٻيو ڪنهن سان ٿي سگهي ٿي، هن جي بدڪرداريءَ جو شڪار، سندس هڪ پٽ، سرمد، ان جو زنده مثال آهي.
سوال: چون ٿا ته اياز موت جي ڊپ کان پنهنجي شاعري (اڳين) کا دستبردار ٿي ويو ۽ آخري ڏينهن ۾ ته هو مذهبي ٿي ويو هو ۽ ”شاعري جو سجدو“ جهڙن ڪتابن ۾ دعائون لکيون هئائين. توهان هن جي پوئين لاڙي/ ڦيري کي ڪهڙون نانءُ ڏيندو؟
جواب: مون ان جو اڳ توهان کي مفصل جواب ڏنو آهي، اصل ۾ ڪم علم ماڻهو، ايندڙ وقت جي هر قسم جي حالتن جو ادراڪ ڪرڻ کان وانجهيل هوندو آهي. جيڪو ماڻهو وقت جي هنگامي لهر ۽ فيشن ۾ گرفتار رهندو آهي يا خاص حلقه احباب جي ڪري گليمئر ۽ مڳي ۾ ورتل هوندو آهي، اهو اعتدال پسند نه هوندو آهي. جڏهن ته جنهن کي فنڪار چيو ٿو وڃي اهو ته ڀت جي پوئين پاسي واري ماجرا کي سمجهي وٺندو آهي. ميلان ڪنڊيرا، گنٿر گراس، فيض احمد فيض، نديم قاسمي يا احمد فراز جو ئي مثال وٺو. اهي خراب سياسي حالتن ۾ به بازياب ۽ سوڀارا ٿيا ۽ پڙهندڙ وٽ اڄ به ڪيترن تضادن ۽ سياسي ڪوتاهين جي هوندي به انهن جي عزت آهي.
سوال: تاج صاحب شاعري اصل ۾ آهي ڇا؟
جواب: شاعري اٿاهه جذبن جو ساگر آهي، جيڪو علم جي ادراڪ جي ڇولين ۾ نکري نروار ٿئي ٿو. ان جو زنده ۽ پائينده مثال، ڀٽائي آهي، صرف ڀٽائي.
سوال: ادب جي سهڻي وصف ڇا ٿي ٿي سگهي؟
جواب: جيڪو ماڻهن جو ۽ ماڻهن لاءِ هجي.
سوال: زندگي مان ڪيتري قدر مطمئن آهيو؟
جواب: ايترو، جيتري قدرت
سوال: زندگي جو ڪو يادگار واقعو؟
جواب: هوءَ مون وٽ آئي، مون کي چيائين، ”پاڻ ائين نه ملي سگهنداسين، هل ته ڀڄي هلون،“
مون چيو، ”اهڙي ريت ملڻ سان، هن سماج ۾، پنهنجي زندگي دوزخ جو نمونو بڻجي ويندي ۽ پنهنجي محبت کي ڪو سائبان نه ملي سگهندو، ڏتڙجي وينداسين.“
هوءَ سو مهڻا ۽ سو گاريون ڏئي ڪاوڙجي هلي ويئي، پر هوءَ اڄ پنهنجي ور ۽ گهر سان ڏاڍي خوش آهي. مون کي ڏاڍيون دعائون ڏي ٿي ۽ منهنجي حد کان وڌيڪ عزت ڪري ٿي.
ٽيهه سال اڳ، پنهنجي اهڙي فيصلي تي سرهائي محسوس ڪندو آهيان.
سوال: نئين ٽهي جي شاعري کان ڪيترو مطمئن آهيو؟ ۽ ڇا ڪي نالا کڻڻ پسند ڪندو؟
جواب: نئين ٽهيءَ ۾ غزل، نظم ۽ ڪهاڻي ۾ سٺا ۽ وڏا نالا آهن، ڪراچي، دادو، سکر، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، خيرپور، قنمبر، سڪرنڊ، گهوٽڪي، روهڙي، پنو عاقل، نواب شاهه ۽ ٻيا انيڪ شهر ڳوٺ ۽ واهڻ آهن، جتي خوبصورت تخليقي پورهيو ٿئي پيو. نالا نه کڻندس. ڇاڪاڻ ته ڪو رهجي ويو ته دوست ڏک ڪندا.
سوال: ڪالا باغ ڊئم جي خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻجي وئي آهي، اوهان جو ڪهڙو موقف آهي؟
جواب: اوهين جيڪڏهن سوجهرو پڙهندا هجو ها ته اهڙو سوال نه ڪيو ها، ”سوجهرو“ انهيءَ اشو تي جنهن سچائي، بيباڪي سان حقائق کي پيش ڪيو آهي، ڪنهن روزاني اخبار به اهڙي جرئت نه ڏيکاري هوندي.
سوال: پڙهندڙن لاءِ ڪو پيغام؟
جواب: پيغام وڏا ماڻهو ڏيندا آهن، آءُ اڄ به هڪ قومي ڪارڪن آهيان، دوستن کي گذارش آهي ته جنهن به فيلڊ ۾ هجو، ان بابت مڪمل ڄاڻ رکي، پاڻ ارپڻ واري جذبي سان ڪم ڪيو.