شخصيتون ۽ خاڪا

سوجهرن جا سفير

سنڌ جي 17 برک شاعرن جي انٽرويوز تي مشتمل هن ڪتاب جو مرتب بلوچ صحبت علي آهي.
هن ڪتاب ۾نشتر ناٿن شاهي، نواز رڪڻائي، احمد خان مدهوش، شمشير الحيدري، غالب ملڪاڻي، آثم ناٿن شاهي، محسن ڪڪڙائي، تاجل بيوس، امداد حسيني، تاج بلوچ، وفا ناٿن شاهي، راشد مورائي، انور پيرزادو، بشير سيتائي، جوهر بروهي، سڪندر ”آه“ ۽ عبدالغفار تبسم جي چونڊ شاعري، مختصر تعارف، تصويرون ۽ تفصيلي انٽرويوز شامل آهن.
Title Cover of book سوجهرن جا سفير

راشد مورائي

[b]غزل[/b]

تنهن جي محفل مان اٿي هاڻ هليا وينداسين
ڀونئر آهيون وٺي سرهاڻ، هليا وينداسين
چشم تر آيا هياسون ۽ چمن مان هاڻي
کڻي اکڙين سندي آلاڻ، هليا وينداسين
چنڊ! ڪڪرن ۾ لڪائي ڇو ڇڏيئي چانڊوڪي
تنهن جي چوري ڪري چانڊاڻ، هليا وينداسين
مٺن ماڻهن کان مٺائي نصيب ٿيندي آ
ڪابه محسوس ٿي ڪوئڙاڻ هليا وينداسين
پاڻ محبت جا پوڄاري، توکي نيبهه هِي هجن
تنهن جو ترڪش ۽ تنهنجي مياڻ هليا وينداسين
آسرو آه رڳو رات کُٽي پره ڦٽي
باک جي ڏسنديئي ڳاڙهاڻ هليا وينداسين
پاڻ وڻجارا ٻٽي ڏينهن مسافر ”راشد“
رڳو ڀرجي وهي مهراڻ هليا وينداسين.

[b]
BRIEF INTRODUCTION
راشد مورائي
(1944-2014)[/b]

پورو نالو: سيد راشد علي شاهه
ادبي نالو: راشد مورائي
ولديت: سعيد علي شاهه ”خادم“
جنم تاريخ: 5 مارچ 1944ع وفات: 24 مارچ 2014ع.
جنم جو هنڌ: ڳوٺ جوڻالوءِ تعلقو مورو، ضلعو نوشهروفيروز
تعليم: ايم-اي سنڌي، بي-ايڊ
شاعري جي شروعات: 1957ع
ڇپيل ڪتاب: 1- سنڌڙي جو سوداءُ 2. مينديءَ سندا کيت 3. دل جو شهر 4. شعلا شعلا واءَ ۾ ، 5. ديوان راشد ۽ 6. خط خوشيءَ مان کول.
اڻ ڇپيل ڪتاب: 1. جهڙي آيس جيئن (آتم ڪٿا) 2. اديبن ۽ دوستن جا خط 3. چونڊ غزلن جو مجموعو 4. خاڪن جو مجموعو 5. مقالا ۽ مضمون 6. ڪهاڻين جو مجموعو 7. قومي شاعري 8. ڪليات راشد.

سوال: پنهنجي ننڍپڻ جي باري ۾ ٻڌائيندا؟
جواب: پرائمري تعليم، پنهنجي ڳوٺ جي اتر طرف هڪ ڪلوميٽر پنڌ تي ”چنيجا“ ڳوٺ جي اسڪول ۾ حاصل ڪيم، هاءِ اسڪول نوان جتوئيءَ ۾ انگريزي تعليم حاصل ڪيم، ڪٻڊي راند ۽ ڪرڪيٽ کيڏيم، ليڪن ننڍي هوندي کان ڪتابن پڙهڻ جي شوق مون کي سٺو رانديگر ٿيڻ نه ڏنو، شام جو جڏهن ٻيا شاگرد راند ڪندا هئا، تڏهن به منهنجي هٿن ۾ ڪو ڪهاڻين يا شاعريءَ جو ڪتاب هوندو هئو. ڪورس جا ڪتاب گهٽ، ادبي ڪتاب ۽ مذهبي ڪتاب زياده پڙهندو هوس. اهو ئي سبب هئو جو امتحانن ۾ ڪڏهن به نمبر ڪونه کنيم، سدائين سيڪنڊ ڪلاس ۾ پاس ٿيندو آيس. ننڍپڻ ۾ پاڻيءَ ۾ ترڻ ۽ گُليل چُٽڻ جي مشق به ڪيم پر ڪا خاص ڪاميابي ڪانه ماڻيم ڇو ته انهن ڳالهين تي به ڀرپور ڌيان ڪونه ڏنم. هاءِ اسڪول جي تعليم دوران، اسڪول جي لئبريريءَ جا اردو ۽ سنڌي ڪتاب سڀ پڙهيم ۽ انهن ۾ سنڌيءَ جا ديوان ۽ ڪليات، وڏي چاهه سان پڙهيم. ننڍي هوندي مون کي پنهنجي والد صاحب، شاهه جو رسالو، فريدڻ جو رسالو ۽ ديوان حافظ فارسي، صحيح تلفظ سان پڙهڻ سيکاريا ۽ گهر ۾ بابا ۽ ٻه ڀائر معصوم علي شاهه نماڻو ۽ روشن علي شاهه ”روشن“ شاعر موجود هئا، جن سان گڏجي مشاعرن ۾ ويندو هوس ۽ بابا وٽ هر وقت شاعرن، سگهڙن ۽ راڳيندڙن جون ڪچهريون قائم هونديون هيون جن کي راتيون جاڳي ٻُڌندو رهندو هوس. نتيجي ۾ مون ۾ شاعري ڪرڻ جو شوق پيدا ٿيو ۽ تيرهن سالن جي عمر ۾ شاعري ڪيم.
سوال: شاعري طرف ڪيئن مائل ٿيا ۽ ڪهڙا محرڪ هئا جن اوهان کي شاعر بڻايو؟
جواب: شاعري ۽ ڊرائنگ اسان جو ورثو رهيا آهن. ماضي بعيد کان اهي ٻئي شيون اسان جي خاندان ۾ رهيون آهن. مان اڳ ۾ عرض ڪري آيو آهيان ته مان ننڍو هوس ته گهر ۾ ٻه قادر الڪلام شاعر موجود هيا، هڪ منهنجو والد صاحب سعيد علي شاهه ”خادم“ ۽ ٻيو ڀاءُ روشن علي شاهه ”روشن“ اڳتي هلي ٻئي منهنجي ڀاءُ به شاعري ڪئي جنهن جو نالو معصوم علي شاهه ”نماڻو“ هيو. وڏي ڀاءُ ۽ والد صاحب سان گڏ مشاعرن ۾ وڃڻ، اُتي شاعرن کي ملندڙ داد ڏسي ٻُڌي، منهنجي دل به چاهيندي هئي ته شاعري ڪيان. ان کان علاوه ننڍي هوندي ڪتابن پڙهڻ جو گهڻو شوق هوندو هئو، ميٽرڪ تائين هاءِ اسڪول جي لئبرريءَ جا سمورا سنڌي ۽ اردو ڪتاب پڙهي ڇڏيا هئم، انهن ڪتابن ۾ ڪيترائي شاعرن جا ديوان ۽ ڪليات هئا. جن جي پڙهڻ سان به شاعريءَ طرف لاڙو ٿيو. ٽين ڳالهه جنهن مون کي شاعر بنايو سا هئي، اسان جي اوطاق، جتي هر وقت شاعرن، سگهڙن ۽ ڳائڻن جون محفلون متل هونديون هيون. مان پنهنجي والد صاحب جي جهوليءَ ۾ سڄي رات ويهي اهڙيون محفلون ڏسندو ٻُڌندو هوس.
بابا جي ڪچهريءَ ۾ ڪنهن شاعر، ڪنهن ڳائڻي وغيره جي ڪلام ۾ ڪو ڏکيو لفظ هوندو هئو ته مان بابا کان ان جي معنيٰ پڇندو هئس ته هو پاڻ رهبري ڪندا هئا. ان مان بابا جو مقصد مون کي ٻوليءَ جي واقفيت ڏيڻ هوندو هئو. 1957ع ۾ جڏهن انگريزي پنجون درجو پڙهندو هوس ته شاعري شروع ڪئي. ابتدا ۾ والد صاحب کان اصلاح وٺندو هوس. حافظ محمد بخش ٽي وزن بحر لکي ڏنا جن تي طبع آزمائي ڪيم. باقي شاعريءَ جو علم ڪتابن پڙهڻ سان حاصل ٿيو.
سوال: شاعريءَ ۾ اوهان جو ڪو باقاعدي استاد؟
جواب: مون پهريائين عرض ڪيو آهي ته شروعات ۾ مون شاعريءَ ۾ پنهنجي والد کان اصلاح ورتي. پر سندن ئي حياتيءَ ۾ مون بحر وزن تي عبور حاصل ڪري ورتو، تنهن ڪري بابا سائين جن آخري عُمر ۾ پنهنجي شاعري، اصلاح لاءِ مون کي ڏيندا هئا. شروعاتي ٽي بحر وزن، حافظ محمد بخش خاصخيليءَ مون کي لکي ڏنا هئا. ان بعد مون شاعريءَ جو علم مطالعي مان پِرايو. ڊاڪٽر محمد ابراهيم خليل جي ”رهنماءِ شاعري“ ۽ حڪيم فتح محمد سيوهاڻيءَ جي ڪتاب ”آفتاب ادب“ منهنجي ڪافي رهبري ڪئي. حافظ محمد بخش، منهنجي شاعريءَ جي اصلاح ڪانه ڪئي آهي. پر شروعاتي ٽي بحر ۽ انهن جا وزن لکي ڏيڻ جي ڪري مان حافظ صاحب کي شاعريءَ ۾ پنهنجو استاد سمجهندو آهيان. منهنجي والد صاحب، منهنجي ننڍپڻ ۾ شاعريءَ جي اصلاح ڪئي ۽ شعر ۾ خيال صحيح يا غلط هئڻ بابت نشاندهي ڪندا هئا، تنهن ڪري اهي منهنجا اوائلي استاد هئا. اڳتي هلي، استاد بخاري ۽ شيخ اياز جي شاعريءَ جو اثر قبول ڪيم ۽ سندس تطبع تي ڪجهه شعر پڻ لکيم.
استاد بخاريءَ کي گهڻو ويجهو رهيس. باقي شيخ اياز سان زندگيءَ ۾ ٻٽي مختصر ملاقاتون ٿيون. پر ساڻس واسطو سندس ڪتابن پڙهڻ سان قائم رهيو. استاد بخاريءَ ۽ شيخ اياز کان اڳ شاهه لطيف ۽ خليفي نبي بخش جو به مون تي اثر رهيو آهي، پر مٿين چئن شاعرن مان منهنجي شاعريءَ تي ڪنهن جو به ڪو نمايان اثر نظر نه ايندو. البت پڙهڻ واري دور ۾ مان انهن کان متاثر ضرور هوس.
سوال: اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي ۽ ان ۾ اوهان ڪيترو لکيو؟
جواب: منهنجي پسند جي صنف غزل آهي. ڇو ته ننڍي هوندي، مون شاعري پڙهڻ شروع ڪئي ته اڪثر شاعريءَ جا ديوان ۽ ڪليات پڙهيم جن ۾ غزل جي شاعري هئي. بابا سان گڏ جن طرحي مشاعرن ۾ ننڍپڻ ۾ شرڪت ڪيم. سي به گهڻو ڪري غزل وارا مشاعرا هوندا هئا. ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ شاعر مسدس وغيره لکي ايندو هئو. نه ته اڪثر غزل گو شاعر هوندا هئا. اسان جي اوطاق تي جيڪي گويا يا ڳائيندڙ عورتون ايندڙ هنيون. سي به اڪثر غزل ڳائيندا هئا. البت يڪتاري وارا صوفي فقير ڪافيون، ڪلام يا وايون ٻڌائيندا هئا باقي پڪي راڳ ڳائڻ وارا يا نچندڙ مايون، گهڻي ڀاڱي اردو غزل تي اڪتفا ڪندا هئا، غزل ۾ جيڪا نفاست، شيريني ۽ شعريت آهي. اها مون کي سدائين ڪشش ڪندي رهندي آهي. جنهن ڪري مون کي غزل جي صنف پسند به آهي ۽ غزل لکيو به گهڻو اٿم.
منهنجي غزلن جو مجموعو ”مينديءَ سندا کيت“ ڇپجي پڌرو ٿي چڪو آهي. ”دل جو شهر“ ۾ به غزلن جو چڱو تعداد آهي. ”ديوان راشد پڻ ڇپجي چڪو آهي.
سوال: سُٺي غزل لکڻ لاءِ ڪهڙين شين جي ضرورت آهي؟
جواب: زبان جي موسيقي، بحر ۽ وزن جو پوراءُ، سٽن جو موزون سلسلو خيال جي چست بندش، هڪ سٺي غزل لاءِ ضروري آهن.
فن وسيلي زندگيءَ جي ترجماني ڀلي ڪجي، پر فن جي دائري کان ٻاهر نه وڃجي. رام پنجواڻي صاحب چيو آهي، ”مون کي افسوس آهي ته غزل جي نالي ۾ ويچاري غزل سان جيڪي زيادتيون ڪيون ٿيون وڃن، سي فن ۽ ادب جي بي حرمتي ۽ اره زورائيءَ جي برابر آهن.“
ايم ڪمل، غزل بابت راءِ ڏيندي چيو آهي ته، ”نئين غزل ۾ پڻ وزن، قافيي، رديف، ربط، انهن تمام فني پهلوئن جي پورائو، عمدي غزل لاءِ لازمي آهن.“
سوال: غزل جي ارتقا بابت ٻڌايو؟
جواب: غزل، عربستان جي پيداوار آهي، عربستان کان اهو ايران پهتو، ايران ۾ غزل جو موجد رودڪي نالي هڪ شاعر (جيڪو نابين هيو) کي ڪوٺيو ويو آهي، پر حافظ شيرازيءَ اُن کي اؤج وٺرايو آهي. مغل حاڪمن جي دؤر ۾ غزل هندستان ۾ داخل ٿيو ۽ شروعاتي دؤر ۾ جيئن ته مغلن جي زبان فارسي هئي تنهن ڪري غزل به فارسيءَ ۾ لکيو ٿي ويو، پر پوءِ اڪبر بادشاهه جي دؤر ۾ اردو ٻولي ايجاد ٿي ته غزل به اردؤ ۾ لکجڻ ۾ آيو ۽ شاعرن فارسيءَ سان گڏ اردو غزل به چيا. اورنگزيب بادشاهه جي ڌيءَ زيب النساءِ ”مخفي“ ۽ مغل گهراڻي جو آخري بادشاهه بهادر شاهه ”ظفر“ ان دؤر جي ناميارن شاعرن ۾ شماريا وڃن ٿا. هندستان ۾ ٻيا اردو غزل جا شاعر هي هئا. ولي دکني، مير،درد، داغ دهلي، سودا، انشا، ناسخ، آتش ۽ نظير، وغيره.
سنڌ ۾ ٽالپورن جي شروعاتي دؤر حڪومت ۾ فارسيءَ جو رواج اوئج تي هئو. ان دؤر ۾ سچل سرمست جو ”ديوان آشڪارا“ ۽ عطا ٺٽويءَ جو ”ديوان عطا“ سامهون آيا. انگريزن جي اچڻ بعد، فارسيءَ جو رجحان گهٽجي ويو. خليفي گل محمد ”هالائي“ سڀ کان اول سنڌي غزل جو رواج وڌو ”ديوان گل“ سندس غزلن جو مجموعو آهي، جنهن کي سنڌي غزلن جو پهريون ڪتاب چئجي ٿو. ان بعد قاسم، سانگي، قليچ ۽ گدا وغيره به ديوان لکيا اڳتي هلي غزل جديد سنڌي شاعرن جي هٿن تائين پهتو. نارائڻ شيام جو ڪتاب ”بوند لهرون ۽ سمنڊ“ غزلن جو بهترين نمونو آهي. جديد سنڌي شاعرن جا سوين نالا آهن، جن غزل ۾ طبع آزمائي ڪئي آهي ۽ ڪري رهيا آهن. اڄ سنڌي غزل به ٻين ٻولين جي غزل سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملايو بيٺو آهي.
سوال: اوهان جي نظر ۾ تنقيد ڇا آهي؟ ۽ اوهان تنقيد کي ڪهڙي نگاهه سان ڏسو ٿا ۽ جڏهن اوهان تي تنقيد ٿيندي آهي ته اوهان جون ڪهڙيون Feelings هونديون آهن؟
جواب: تنقيد، اهو رندو آهي، جنهن سان ڪاٺ مان ٺهيل ڪنهن شيءِ کي وڌيڪ لسائبو ۽ سهڻو بنائبو آهي، ڪنهن به ٻوليءَ ۾ اگر تنقيد جو عمل دخل نه هوندو ته اها ٻولي آهستي آهستي بگڙڻ شروع ٿي ويندي ۽ نيٺ پنهنجي اصليت وڃائي ويهندي. جيئن هن وقت سنڌي ٻوليءَ سان هاڃو ٿي رهيو آهي. مون تي به ٻين اڪثر ليکڪن وانگر تنقيد گهٽ ٿي آهي. پر جڏهن تنقيد ٿيندي آهي ته منهنجي محسوسات ائين هوندي آهي، جيئن مون پنهنجي هڪ شعر ۾ چيو آهي ته،

منهنجي لاءِ سُڌارو آهي، تعميري تنقيد
تنهنجي گفتن ۾ اوسائين، ڪانهي ڪابه ڪڙاڻ

سنڌي ادب ۾ تنقيد تمام گهٽ ٿئي ٿي. البت ذاتي پسند يا نا پسند تي راءِ ڏني وڃي ٿي. سنڌ ۾ اصولن موجب تنقيد ڪرڻ جو لاڙو گهٽ آهي. اصولن بنا جيڪا به تنقيد ڪبي، اها ناقص ليکي ويندي.
سوال: پنهنجي دؤر جي ادبي ميڙاڪن جو منظر چٽيو؟
جواب: جيئن ته اسان جي جوانيءَ واري دؤر ۾ ڊش انٽينا، ڪيبل System ۽ ڪمپيوٽر جو رواج نه هئو، تنهن ڪري مشاعرا ۽ ادبي ميڙاڪا نه رڳو شاعرن ۽ اديبن جي گُهرج هئا پر عام ماڻهوءَ لاءِ تفريح جو سبب به هئا. تنهن ڪري، سون ۽ هزارن جي تعداد ۾ ٻُڌندڙ موجود هوندا هئا. ون يونٽ واري زماني ۾، ”جشن لطيف“، ”هوشو ڊي“، ”سائين جي ايم سيد جي سالگره“ وغيره اهڙا ڏينهن هوندا هئا، جن تي ماڻهو ميلن ملاکڙن جيتري رش ڪندا هئا ۽ شاعرن، اديبن، سياستدانن، مفڪرن ۽ دانشورن کي سڄيون راتيون جاڳي ٻڌندا هئا، سائين جي ايم سيد، شيخ عبدالمجيد سنڌي ۽ شيخ اياز کي جڏهن اسٽيج تي سڏ ٿيندو هئو ته سڄو پنڊال اُٿي بيهي استقبال ڪندو هئو ۽ نعرا هڻندو هئو. نوابشاهه ۾ شيخ مجيب صاحب جي موجودگيءَ ۾ جلسو هلندڙ هئو ته ون يونٽ ٽُٽڻ جي خبر آئي. ان وقت جلسي ۾ شريڪ ماڻهن جي خوشي ڏسڻ وٽان هئي.
ڪراچيءَ ۾ شيخ عبدالمجيد سنڌيءَ جي صدارت ۾ سائين جي ايم سيد جي سالگره به وساري نه ٿي سگهجي. سنڌ ۾ پهريون هوشو ڊي ڀان سيد آباد ۾ ملايو ويو. ان جلسي جو به عجيب منظر هيو. موري شهر ۾ شيخ اياز، حيدر بخش جتوئي ۽ سائين جي ايم سيد کي اسٽيج تي ٻُڌوسين ۽ عوام جي ان وقت جي سنڌيت واري جوش جذبي کي به ويجهي کان ڏٺوسين. حيدرآباد جي بسنت هال ۾ حميد سنڌي صاحب پاران رچايل ”جشن روح رهاڻ“ جا لطف پرور نظارا وساري نٿا سگهون.
اهڙين وڏين اسٽيجن تي ڀرپور داد حاصل ڪرڻ سبب ڪيترائي مون جهڙا شاعر پوڙها ڪونه ٿا ٿين.
سوال: شاعريءَ لاءِ علم عروض جو سکڻ ضروري آهي ڇا؟
جواب: ٻي شاعريءَ ۾ عروض جي ڀلي ضرورت محسوس نه به ٿئي پر غزل، عروض جي ڄاڻ کان سواءِ بي مزو ٿي ويندو.
قصيدي، رباعي، قطع ۽ مثنويءَ لاءِ پڻ بحر وزن ضروري آهي، غزل ۾ وزن جي خيال کان تجربي جي گنجائش آهي پر ائين ممڪن ڪونهي ته غزل لکجي، پر ان ۾ علم عروض جي ڪاڻ نه ڪڍجي ۽ ان کان زوگرداني ڪجي. تجربي جي معنيٰ ڇڙواڳي نه هئڻ گهرجي، تجربي جو مقصد اهو نه هئڻ گهرجي ته ڪنهن صنف جي وصف کي مروٽي سروٽي خراب ڪري، سندس اصليت کي ئي فنا ڪري ڇڏجي.
سوال: شاعري ڇا آهي؟ ان جي اوهان جي نظر ۾ ڪهڙي وصف آهي؟
جواب: شاعري ڏات آهي، ڪنهن شاعر چواڻي ته، ”هيءَ عشق جي نعمت به ته ڪنهن ڪنهن کي ملي ٿي ”ڀٽ ڌڻيءَ فرمايو ته:
”جي توبيت ڀانئيا، سي آيتون آهين“
فارسيءَ جي هڪ چوڻي آهي ته، ”شاعري جزويست از پيغمبري“ معنيٰ، شاعري پيغمبريءَ جو جزو آهي. شيخ اياز پنهنجي ڊائريءَ ۾ لکيو ته، ”بيشڪ شاعر فرشتو نه آهي پر فرشتو به شاعر نه آهي.“ شيخ اياز پنهنجي شاعريءَ ۾ چيو آهي ته،

آڌيءَ اُٿي ٿا هُو گيت جوڙن
شاعر پکين کان اڳ ۾ پتوڙن

شاعر، اندر جو اهو اُڌمون آهي، جنهن کي روڪڻ چاهجي ته روڪي نه سگهجي. ان جي وصف بيان ڪجي ته پورو حق ادا نه ڪري سگهجي، قلندر جو هڪ شعر آهي جنهن جو ترجمو آهي ته،

سو مُنهن ڏٺو اٿم جو ڌيان ۾ نه ماپي
لذت جمال تنهن جي جهان ۾ نه ماپي

سوال: اوهان جي نظر ۾ سونهن ڇا آهي؟ ۽ اوهان جڏهن ڪا سونهن ڏسندا آهيو ته ڇا محسوس ڪندا آهيو؟
جواب: سونهن جو معيار هر دؤر ۾ هر ماڻهوءَ وٽ الڳ الڳ رهيو آهي. ڪنهن شاعر چواڻي ته،

”شل نه ڪنهن کي ڪو وڻي
ٻيو نٿو ڪو پو وڻي“

حقيقت ۾ ٻاهرين سونهن کان وڌيڪ، انسان جي پنهنجي اندر ۾ سُونهن هوندي آهي، اهي پنهنجي اندر جا جذبا هوندا آهن، جيڪي سامُهين صورت ۾ نروار ٿيندا آهن ۽ ماڻهو، پنهنجي ئي جذبن جي سونهن پسي عاشق ٿيندو آهي ۽ پنهنجن ئي جذبن سان پيار ڪندو آهي.
مان جڏهن به ڪا وڻندڙ شيءِ ڏسندو آهيان، ته غزل لکڻ تي دل چاهيندي آهي جيئن هڪ ڀيري سُونهن پاڻ پسايو ته مون لکيو.

سُونهن تنهنجيءَ تي سڀئي تشبيهه جا دفتر کُٽا
عشق جن توسان ڪيو سي دين دنيا کان ڇُٽا

سونهن، ساوڪ ۽ سرهاڻ منهنجون ڪمزوريون آهن ۽ جڏهن به اهي چيزون منهنجي سامهون هونديون آهن ته مان بي خود ٿي ويندو آهيان ۽ بي خود ٿي چوندو آهيان ته، ”راشد پنهنجي جنت آهي، ساوڪ ۽ سُرهاڻ،
سوال: يقيناً اوهان عشق ڪيو هوندو، جيڪڏهن ها ته، پنهنجي ماضي جي يادن جي باري ۾ ٻڌايو؟
جواب: مارئي جڏهن آزاد پنهنجي وطن ۾ هُئي ته سندس عشق فقط هڪ فرد، پنهنجي مڱيندي ”کيت“ سان هئو، پر جڏهن عمر بادشاهه جي قيد ۾ پئي ته سندس عشق وسيع ٿي ويو، سڀني ماروئڙن سان ڇيلن جي ڇانگن سان، ٻڪرين جي ڌڻن سان مطلب ته ٿر جي ذري ذري سان سندس عشق ٿي ويو.
اهو سندس عشق مجازيءَ کان عشق حقيقيءَ ڏانهن سفر هئو، منهنجي ڪيفيت به ڪجهه اهڙي رهي آهي. پهرين ڳالهه ته اوهان سمجهندا هوندا ته مان عشق ڪرڻ کان پوءِ شاعر ٿيو آهيان، سو ائين نه آهي، مان شاعر تڏهن کان آهيان، جڏهن ٻالڪپڻ ۾ مون کي عشق جي ڪا خبر ئي نه هئي، مون ابتدا ۾ مذهبي شاعري ڪئي، جيڪو اسان جو ورثو هئو، مون اهو سنڀاليو. اڳتي هلي ڪي ناڪام عشق به ڪيم. جيئن حضرت ابراهيم نبي تارو ڏسي چيو ته ”اهو منهنجي خدا آهي“، تارو گم ٿي ويو ته چيائين ته، ”گم ٿيندڙ منهنجو خدا ٿي نٿو سگهي“. ائين مون به بهتر کان بهتر جي تلاش ۾ ڪجهه ڊوڙ ڊُڪ ڪئي ۽ مجازي عشق جي پيچرن تي هلڻ شروع ڪيو پر سُتت ئي ونيونٽ دؤر جو سرجيل ادب پڙهيم ته قومي رنگ ۾ رنگجي ويس ۽ هڪڙي محبوب بدران سڄي سنڌ ۽ سنڌ جو هر ٻچو منهنجو محبوب بنجي پيو. سچل سرمست چيو ته، ”يار ڏٺم ڪک پن ۾ الله“ اڄ منهنجي به اها حالت آهي جيئن شاهه لطيف چيو آهي ته،

مون کي اکڙين وڏا ٿورا لائيا
تا پڻ پرين پسن، جان کڻان کر سامهون

سوال: اوهان واري کيپ ۾، هينئر اوهان جي نظر ۾ ڪير ٿو سٺو لکي اوهان منصفانه فيصلو ڏجو؟
جواب: همعصر هڪٻئي لاءِ حقيقت پسندانه فيصلو نه ڏئي سگهندا آهن، ايندڙ دور ئي صحيح فيصلو ڪندو ته ڪير ڪيتري پاڻيءَ ۾ هئو. ان کان علاوه ڪن ليکڪن کي حالتن جو موافق هئڻ راس اچي ويو ۽ حالتن مان ڀرپور فائدو وٺي پاڻ کي خوب چمڪايائون، گهڻو ڇپيا ۽ گهڻو عوام آڏو آيا، ڪن ڏات ڌڻين کي حالتن پٺتي ڌڪي ڇڏيو، نه ايترو ڇپجي سگهيا نه وري وري وڏن شهرن جي وڏن ميڙاڪن ۾ شرڪت نصيب ٿين. فيصلو تڏهن ڪري سگهجي ٿو. جڏهن هڪڙي دور جا لکندڙ، هڪ جيترو ڇپيا هجن، ڇپجڻ ته پري جي ڳالهه آهي، هتي ته ڪيترا اهڙا غريب ليکڪ آهن، جيڪي سڀ ڇپجندڙ ڪتاب خريد ڪري پڙهي به نه ٿا سگهن. ظاهر آهي ته سڀ ڪتاب نظر مان نه گذرندا ته انهن بابت راءِ ڪيئن ڏئي سگهبي.
منهنجي نظر ۾ پُراڻا ليکڪ يا نوان ليکڪ سڀ برابر آهن، محترم صرف اهو ليکڪ آهي، جيڪو سوچي سمجهي، ٻوليءَ جي دامن ۾ ڪي چار گل وجهڻ چاهي ٿو يا پنهنجي ادب وسيلي ڀٽڪيل ماروئڙن کي ڪا واٽ ڏيکارڻ چاهي ٿو. باقي جيڪڏهن ڪوبه ليکڪ پنهنجي ذاتي جذبن جي تسڪين لاءِ لکي ٿو ته پاڻ ڄاڻي، اسان ان بابت ڇو ويهي پنهنجو وقت وڃايون:
سوال: دوستي اوهان جي نظر ۾؟
جواب: دوستي هڪ سنهي ڌاڳي مثل آهي، اهو ڌاڳو اگر داناءُ ماڻهن جي وچ تي هوندو ته ڪڏهن به ڪونه ڇڄندو پر نادانن جي وچ تي هوندو ته هُو ڇڪي ڇني وجهندا. ڀٽ ڌڻيءَ فرمايو آهي ته،

ڇِــنـن تـــوءِ مَ ڇـــن، پـــاءِ امــيـرِي ان ســـان
جــي هُــو اوڳـڻ ڪنئي سسئي، ته تون ڳڻ ڏيئي ڳنهه

دوستيءَ لاءِ ڪنهن شاعر جي سٽ آهي ته.
رکڻ آه سولي، نباهڻ ڏکي آ
سڄڻ يار ياري هلائڻ ڏکي آ

ماڻهن سان دوستي رکڻ کان بهتر آهي ته ڪتابن سان دوستي رکجي، ڇو ته انهيءَ دوستيءَ مان ڪڏهن به دوکو نه ملندو. ڪوبه نقصان نه پوندو، رڳو فائدو ئي فائدو ملندو.
سوال: سنڌي ادبي سنگت جي ڪارڪردگي مان ڪيترا مطمئن آهيو؟
جواب: س-ا-س جو ڪم ڪڏهن تيز ۽ ڪڏهن ماٺو ٿو رهي. ڪنهن دؤر ۾ سنگت گهڻو سرگرم ته ڪنهن دؤر ۾ وري گهڻو خاموش ٿي رهي. پوءِ به سنگت جو وجود اسان لاءِ وڏي اتساه جي ڳالهه آهي. سنڌي ماڻهو ڪوبه ادارو يا تحريڪ مستقل هلائن، سو ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. پر پوءِ به سنگت چڱي خاصي حياتي ماڻي آهي ۽ اسان جون دعائون آهن ته شال سنگت جو پاڇو اسان جي سِرَ تي دائمي رهي. سنگت کي ڪل وقتي ڪارڪن ۽ عهديدار ڪونه ٿا ملن. اڪثر سرڪاري نوڪريءَ وارا ماڻهو هِن تنظيم جا عهديدار چونڊجن ٿا، جيڪي جز وقتي ڪارڪن ٿي ڪم هلائين ٿا. جيڪڏهن سنگت کي ڪل وقتي عهديدار ملن ته سنگت وڌيڪ ڪم ڪري سگهي ٿي. في الحال اديب ۽ شاعر پيدا ڪرڻ جي سٺي فيڪٽري آهي. سنڌ جي مجموعي حالتن کي ڏسندي، سنڌي سياستدانن جي ڪردار کي ڏسندي ۽ سنڌ ڏانهن ۽ سنڌ جي مسئلن ڏانهن سنڌ جي سياستدانن جي رويي کي ڏسندي مان سنگت جي ڪردار مان مطمئن آهيان. گهٽ ۾ گهٽ سياستدانن وانگر، هي سنگت غدار ته پيدا ڪانه ٿي ڪري.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾؟
جواب: زندگي منهنجي نظر ۾ مسلسل جدوجهد جو نالو آهي.
اردو چواڻي موجب.
موج جب مضرب ہے زندہ ہے
قرار پایا مرگئی

اسان جي عوامي شاعر استاد بخاريءَ به چيو آهي ته.

زندگي آهي ته آهي ڊوڙ ڊُڪ
مُئي پڄاڻا لحد ۾ هونداسين سُڪ
ڏسُ متان همت جي دامن کي ڇڏين
ڏِسُ متان اهڙي ڪرين، ”استاد“ چُڪ

سوال: مذهب اوهان جي نظر ۾؟
جواب: مذهب معنيٰ رستو، هر ماڻهوءَ کي رستي سان هلڻ گهرجي، رستو ڇڏيندو ته اوجهڙ ۾ ڦاسندو. مذهب ڪيترائي آهن، جيئن لطيف سائين چيو ته،
”واٽون ويهه ٿيون، ڪهه ڄاڻان ڪيهيءَ ويا“
اهي ويهه ئي واٽون نيٺ هڪ ئي منزل تي پهچنديون ۽ سڀ جُز هڪ ڪُل ۾ سمائجي ويندا. مذهب ۾ رواداري هئن گهرجي. انتها پسنديءَ کان پاسو ڪجي. حافظ شيرازيءَ چيو آهي ته،

حافظا! گر وصل خواهي، صلح ڪُن باخاص و عام
بامسلمان الله الله، بابرهمن رام رام

معنيٰ: حافظ! جيڪڏهن ميلاپ چاهين ٿو ته سڀني سان صلح ڪر مسلمانن سان الله الله ڪر ۽ برهمڻن سان رام رام ڪر.
سوال: هي ڪائنات اوهان جي نظر ۾ ڇا آهي؟
جواب: ڪڏهن گل جهڙي حسين نظر اچي ٿي، ته ڪڏهن خار ٿي چڀي ٿي، ڪنهن پل جنت جي هير جهڙي محسوس ٿئي ٿي ته ڪنهن گهڙيءَ دوزخ جي دونهين جهڙي ٿي لڳي. ڪنهن وقت شاديءَ جي محفل جهڙي آهي ته ڪنهن کن ۾ وري ماتامين جي مجلس جهڙي ٿي محسوس ٿئي. ڪنهن کي خوشين جا خزانا ٿي آڇي، ته ڪنهن تي وري غمن جا پهاڙ ڪيرايو ڇڏي. مطلب ته،
ڏيکاري دؤر ٿي دنيا، ڪڏهن ڪهڙا ڪڏهن ڪهڙا.
سوال: اياز ۽ استاد اوهان جي نظر ۾ ؟
جواب: اياز ۽ استاد، سنڌي ٻوليءَ جي گلزار جا ٻه گل آهن. ٻنهي جي پنهنجي پنهنجي جاءِ تي اهميت آهي. هڪڙي ڪيسٽ جي حوالي سان وڌيڪ شهريت ماڻي آهي ۽ ٻئي ڪتابن وسيلي مشهوري ماڻي آهي. ٻنهي جي لکڻ جو محور سنڌ ۽ سنڌي ٻولي هئو. ٻنهي شاعرن اسان کي لفظن جا انبار ڏنا آهن. ٻئي ساهه سان سانڍڻ جهڙا آهن. هنن کي هڪٻئي کان جيڪو گهٽ وڌ ڄاڻائي سو سنڌي قوم ۾ ويڇا وجهڻ ٿو چاهي. اهڙو ماڻهو سنڌي قوم جو سڄڻ ناهي.
سوال: عشق بابت اوهان ڇا چوندؤ ؟
جواب: عشق به ٻين جذبن وانگر انسان جي اندر جو هڪ جذبو آهي، عربيءَ ٻوليءَ ۾ هڪ چوڻي آهي ته، ”العشق نارالله“ يعني عشق الله تعاليٰ جي باهه آهي. سنڌ جي ڪنهن صوفي شاعر چيو آهي ته،
”عشق عشق هر ڪو چوي، عشق نه ڄاڻي ڪو.“
شاعر جي اندر ۾ جيترو عشق پڪو پُختو هوندو، اوتري ان جي شاعري پڪي پختي هوندي. هونئن ته شاعري لفظن جو ميلاپ آهي. هڪ سگهڙ به سُٺي شاعري ڪري سگهي ٿو. پر عشق جو آلاپ جيڪو اثر رکي ٿو. اهو هُنر وارو ماڻهو ڪٿان حاصل ڪندو؟ دنيا جو ڪوبه ڪم اگر دل لڳائي ذوق عشق سان ڪبو ته اهو سهڻي نموني سان پائيه تڪميل تي پهچندو ۽ ڏسندڙ ۽ ٻُڌندڙ کي سهڻو ۽ سُريلو لڳندو پر ڀڳي دل نموني سان ڪبو ته نه اهو پورو ٿيندو نه وري ڪنهن کي پاڻ ڏانهن متوجهه رکڻ جي قوت هوندس. اهڙي نموني سان شاعري به عشق سان ڪئي ويندي ته، اها وڌيڪ پرڪشش هوندي، جي بنا عشق جي رڳو لفاظي هوندي ته ان ۾ ڪابه ڪشش نه هوندي. شيخ اياز چيو آهي ته،

شاعري جي روح گرمائي نٿي،
منزل – مقصود کي پائي نٿي.

سوال: پنهنجو پسنديده غزل ٻڌايو ؟
جواب: جيئن هر ماڻهوءِ کي پنهنجو سمورو اولاد هڪجهڙو پيارو هوندو آهي، تيئن شاعر کي پنهنجي سموري شاعري پسند هوندي آهي، اهو ته نقادن جو ڪم آهي ته ڇنڊ ڇاڻ ڪن. بهرحال اوهان جي فرمائش موجب مان پنهنجو هڪ غزل عرض رکان ٿو،

[b]غزل[/b]

تنهن جي محفل مان اٿي هاڻ هليا وينداسين
ڀونئر آهيون وٺي سرهاڻ، هليا وينداسين
چشم تر آيا هياسون ۽ چمن مان هاڻي
کڻي اکڙين سندي آلاڻ، هليا وينداسين
چنڊ! ڪڪرن ۾ لڪائي ڇو ڇڏيئي چانڊوڪي
تنهن جي چوري ڪري چانڊاڻ، هليا وينداسين
مٺن ماڻهن کان مٺائي نصيب ٿيندي آ
ڪابه محسوس ٿي ڪوئڙاڻ هليا وينداسين
پاڻ محبت جا پوڄاري، توکي نيبهه هِي هجن
تنهن جو ترڪش ۽ تنهنجي مياڻ هليا وينداسين
آسرو آه رڳو رات کُٽي پره ڦٽي
باک جي ڏسنديئي ڳاڙهاڻ هليا وينداسين
پاڻ وڻجارا ٻٽي ڏينهن مسافر ”راشد“
رڳو ڀرجي وهي مهراڻ هليا وينداسين.

سوال: اوهان جو پڙهندڙن لاءِ پيغام ؟
جواب: زندگي تمام مختصر آهي. انهي مختصر عرصي ۾ اهڙو ڪو ڪارگر ڪم ڪري وڃو، جو اوهان هِن دنيا ۾ موجود نه هجو تڏهن به توهان جي ڪيل ڪم جي ڪري، اوهان کي ياد ڪيو وڃي.