احمد خان مدهوش
جڏهن کان اک لڳي توسان تڏهن کان اک لڳي ناهي،
جڏهن کان چاڪ ڪئي دل تو، تڏهن کان چاڪ ٿِي ناهي.
ڪيا غم دل ۾ اوتارا، ٿڪا تارا، تڪي تارا،
سڄڻ بيچين دل کي چَين هڪڙو دم گهڙي ناهي.
ڪرين ٿو وارَ کولي وارَ، سو سو وارَ او سهڻا!
لڳا ٿم ڏنگَ انگ انگ ونگ جنهن جو دنگُ ئي ناهي.
دلاور، دادِلا، دلدار، دلبر، دلربا، دل ڪش،
دل دِلگير کي هر نامَ تنهنجي کان وِٿي ناهي.
ذرا سرڪي، مون کي ڏي مَئي جي سُرڪي مگر مُرڪي،
سرِ محفل سخِي آڏو صدا ايڏي وڏي ناهي.
ڪڍان ڇاڪاڻ ڪنهن جي ڪاڻَ منهنجي ڪاڻَ تون ڪافي،
ڀري ”مدهوش“ کي ڏي جهولَ تو وٽ ڪا ڪمِي ناهي.
[b]
BRIEF INTRODUCTION
احمد خان مدهوش
(1931-2010)[/b]
پورو نالو: احمد خان
ادبي نالو: احمد خان مدهوش
ولديت: حاجي خان سومرو
جنم تاريخ: 5 اپريل 1931ع، وفات 26 جون 2010ع
جنم هنڌ: خيرپورناٿن شاهه لڳ سلطان چانڊيو، ڳوٺ
تعليم: سنڌي فائينل ۽ اديب فاضل
پيشو: رٽائرڊ استاد 1991ع کان
شاعري جي شروعات: 1960ع کان باقائدي شروعات پهريون شعر ”نئين زندگي“ ۾ 1960ع ۾ ڇپيو
ڇپيل ڪتاب: دل جون ڳالهيون 1993ع، نظر ۾ نظر بند 2003ع سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي طرفان ڇپيو ۽ اکين جا سنيها 2010ع.
ڇپائي هيٺ ڪتاب: دل جون ڳالهيون 1993ع سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو.
اڻڇپيل ڪتاب: 1. وطن خاطر شعري مجموعو.
2. پيار ۾ حياتي آ،
3. مقالات مدهوش (نثر)
4. منهنجو عشق آتم ڪهاڻي (نثر).
انعامات يا ميڊل: 1. شاهه لطيف سلور ميڊل 2. قلندر شهباز ايوارڊ 3. استاد بخاري ايوارڊ 4. تنوير عباسي ايوارڊ 5. جهاد ايوارڊ 6. شيخ اياز ايوارڊ 7. مڃتا ايوارڊ 8. دانش ايوارڊ 9. الهندو شاهه ايوارڊ 10. گورک ايوارڊ 11. سچل سرمست ايوارڊ 12. مخدوم بلاول ايوارڊ 13. جلال کٽي ايوارڊ 14. نئين زندگي طرفان ۽ ڪافي ٻيا ايوارڊ.
ڪلام جن فنڪارن ڳايو ان ۾ عابده پروين، تعمير حسين، زيب النساء، حميرا چنا، غلام رباني، صاعمه، منظور سخيراڻي، ٻالڪ سنڌي، شهزادو ڪانڌڙو، قادر ڏاوڇ. مرحوم خورشيد علي خان، وحيد علي خان، ممتاز لاشاري ۽ ٻين فنڪارن.
سوال: اوهان سنڌي ادبي دنيا ۾ ڪيئن آيو؟ اوهان ڪنهن کان متاثر ٿي لکڻ شروع ڪيو يا عاشقيءَ جي جذبي اوهان کي هن دنيا ۾ آندو؟
جواب: ان لاءِ مان ته ائين چوندس ته منهنجي اديب هئڻ جو محرڪ سونهن آهي ۽ سونهن پرستي جي ئي ڪري منهنجو پاڻمرادو شاعري ڏي لاڙو ٿي ويو. انهي دنيا ۾ اچڻ کان پوءِ وقت جي حالتن ڏاڍو تنگ ڪيو ۽ دنيا سڄي حريف ٿي بيٺي، ان جي مزاحمت ۾ جيڪا ”آه“ يا دانهن نڪتي سا شاعري بڻجي ويئي، پوءِ ڪجهه دوستن چيو ته ”جيڪڏهن شاعري ڪيو ته ڏاڍا سٺا شاعر ٿي سگهو ٿا“. ۽ مون ائين ئي لکڻ جي شروعات ڪئي.
اهو 1960ع جو زمانو هو. استاد بخاري چيو ته، ”توهان اديب فاضل جو امتحان ڏيو“ توهان جي شاعري ۾ سٺا خيال آهن ۽ اهڙي طرح مون شعر لکڻ جو آغاز ڪيو. اصل ۾ منهنجي طبيعت جو لاڙو مشڪل پسنديءَ ڏانهن هو. انهن دوران مون کي هڪ قابل استاد منهنجو رهبر سائين فيض بخشاپوري ملي ويو جنهن مون کي سنئين دڳ لاتو. منهنجوخيال هو ته اهڙو استاد هجي جيڪو عربي ۽ فارسي جو ڄاڻو هجي. منهنجو اهو خواب به پورو ٿي ويو. شروع شروع ۾ مون محترم حافظ محمد احسن چنه کان به اصلاح ورتي. پر مان ڪنهن به شاعر کان متاثر نه ٿيس ۽ شاعريءَ مون کي پاڻ مجبور ڪيو ته لک لک! اٿ لک مون تو لاءِ ڏات جا در کولي ڇڏيا آهن.
سوال: مدهوش صاحب! ڇا شاعري جي باقائدي سکيا اوهان ورتي ۽ اهو به ٻڌايو ته شاعري جو فن سکڻ ڪيتري قدر اهم آهي.
جواب: بلوچ صاحب جيئن ته شعر اصل ۾ هڪڙي فڪر ۽ سوچ جو نتيجو آهي يا کڻي چئجي ته جڏهن ڪا سوچ ۽ ڪو خيال ذهن ۾ سرجي ته ان کي ترتيب (In order) ۾ رکڻ يا ان کي علم عروض يعني وزن بحر ۾ رکڻ لاءِ استاد جي ضرورت پوندي آهي. ڇو ته استاد جو ماڻهو جي ڪردار ۾، اٿڻ ويهڻ ۾، لکڻ پڙهڻ ۾ وڏو هٿ آهي. پر تنهن هوندي به چوڻي آهي ته
Some are born great and Some achieve greatness
ان ڪري مان ته ان نظرئي جو حامي آهيان ته استاد کان سواءِ انسان انڌو آهي ۽ منهنجي شاعري ۾ مهنجو استاد فيض بخشاپوري صاحب جن هئا. جن کان مون ڪافي ڪجهه پرايو.
استاد فيض صاحب جو چوڻ هو ته، ”جيسين ڪو شعر پختو ناهي ته نه او شعر مشاعري ۾ پڙهو ۽ نه ئي ڪنهن فنڪار کان ڳارايو ۽ نه ئي وري ڪنهن رسالي وغيره ۾ ڇپرايو. پر جڏهن اوهان جو ڪو شعر ماڻهن جي انبوهه ميڙ مان داد وٺڻ ۾ ڪامياب وڃي ته پوءِ سمجهو ته اوهان شاعري جي دڳ تائين پهتا آهيو.“
سوال: مرحوم فيض بخشاپوري لاءِ چيو ويندوآهي ته هن جيڪا شاعري ڪئي آهي اها سواءِ فارسي دان شاعرن جي ٻئي ڪنهن جي سمجهه ۾ نه ايندي هئي. اوهان جو ان باري ۾ ڇا چوڻ آهي.
جواب: مان ان حقيقت کي سچي دل سان قبول ڪيان ٿو ڇو ته سچ سچ آهي ۽ فيض بخشاپوري جي شاعري ۾ سواءِ هڪ ٻن اکرن جي جيڪي سنڌي ۾ هئا باقي تقريبن فارسي هوندي هئي. پر سندس خيال تمام اوچا ۽ اونها آهن ۽ جهڙي تهڙي گهٽ پڙهيل جي سمجهه کان سندس شاعري مٿاهين آهي.
سوال: اهڙي شاعري ڪرڻ مان ڪهڙي مراد آهي جيڪا پنهنجي ٻولي کي بگاڙي ۽ پنهنجي ادب سان مذاق سمجهي وڃي؟
جواب: ادا! ادب سان مذاق ته مان نه چوندس ڇو ته منهنجو استاد پاڻ به وڏو اديب هو. ڪو ماڻهو انگريزي ۾ لکي ٿو ۽ ڪو فارسيءَ ۾ لکي ٿو يا وري ڪو اردو ۾ لکي ٿو اهو ادب ۾ شمار آهي. هي سنڌي ادب تي وڏو احسان آهي جو بلوچ قبيلي جو ماڻهو اردو ۾ دسترس رکڻ وارو فارسي زده ئي صحيح، پر سنڌي ادب ۾ اضافو ڪري ويو. ان ڪري مان کيس سٺو شاعر چوندس.
سوال: ماضي ۾ هڪڙو پورو عهد آهي سنڌي شاعري جوجنهن ۾ دانسته طور تي فارسي لفظن جي ڀرمار ڪئي وئي ۽ اها شاعري پنهنجو جڙون قائم ڪري نه سگهي. اها ڳالهه ان وقت جي شاعرن کي به جُکندي هئي ته اسان جي اها شاعري اڳتي هلي مدي خارج ٿي ويندي. پوءِ به اهڙي شاعري جو عزم ڇو ۽ ڇالاءِ هيو؟ ان مان هو پنهنجي علمي ۽ ادبي قد ڪاٺ اوچو ڪري ڏيکارڻ جي شعوري ڪوشش ته ڪونه ڪندا هئا؟
جواب: منهنجا سائين اها ڳالهه به ٺيڪ آهي مڃون ٿا هڪڙو اهڙو زمانو هو جو سنڌ جا ماڻهو پارسي ۾ لکندا هيا ۽ دفتري ٻولي به پارسي (فارسي) هئي جيڪا هاڻي پارسي لهجي کان نڪرندي نڪرندي ٺيڪ سنڌي لهجي تي پهتي آهي. ان ڪري ان ڪڙي کي پنهنجي ادب مان ڪٽي ڌار ڪري نه ٿا سگهون.
سوال: مدهوش صاحب اوهان اهو ٻڌايو ته اوهان جي پسنديده صنف ڪهڙي آهي ۽ ڇو؟ ان سان گڏ اهو به ٻڌايو ته ان صنف جو خوبيون ڪهڙيون آهن؟
جواب: ڏاڍو دل وٽان سوال ڪيو اٿئو، سچ ته منهنجي پسنديده صنف آهي ئي غزل، جيڪو مون گهڻو لکيو آهي، جيئن ته غزل لکڻ لاءِ، اول ته سڀ کان منهنجي خيال موجب ذاتي مشاهدو هئڻ گهرجي ۽ استاد شاعرن جي ڪلام جو مطالعو ۽ مسلسل مشق ڪرڻ تمام ضروري آهي.
سوال: هڪ سٺي غزل جون خوبيون؟
جواب: سٺو غزل اهو آهي جيڪو جڏهن ٻڌندڙ ن وٽ پيش ڪيو وڃي ته اهي ائين محسوس ڪن ته ڄڻ ته انهن جي دل جو آواز آهي يا انهن جي دل جي ڳالهه پئي ڪئي وڃي ۽ بي ساخته داد حاصل ڪري اهو ٻڌندڙ ائين سمجهي ته ڄڻ هن جي دل جو آواز آهي. هن جي دل جي ترجماني پئي ڪئي وڃي.
شعر جي اسرڻ جو سبب، جڏهن مون تي ڪانه ڪا واردات گذري ٿي، تڏهن ئي ڏات جا ڏيئا ٻري روشن ٿي پون ٿا ۽ مان شعر لکي وٺندو آهيان. منهنجي شاعري منهنجي ئي مشاهدي جو نچوڙ آهي. ڪٿي ڪٿي شاعري ڪنهن شاعر سان هم خيال به ٿي ويندي آهي.
اصل ۾ غزل غزال مان نڪتو آهي، يعني هرڻ جي ننڍي ٻچي جو ڇال، مطلب ڇال ڏيڻ يا ٽپاڏيڻ. ان ڪري غزل به هر بند ۾ ڇال ڏئي ٿو، نتيجن موضوع مٽجندو رهي ٿو، مطلب ته محبوب سان گفتگو، ان لاءِ اهو ئي چوڻ آهي ته اچو ته غزل ڪيون. اصل حرڪت عشق جي آهي، غزل جي وسعت تمام وڏي آهي. غزل ۾ اسلامي موضوعات، بک، بدحالي، بيروزگاري جا حالات، مزاح جو رنگ اهي سڀ ئي موضوع انهي ۾ اچي وڃن ٿا.
سوال: اوهان سنڌي شاعرن جي ڀلوڙ شاعرن واري صف تي بيٺل آهيو ۽ يقينن اوهان شاعري کي سمجهو به ٿا ان کي رت جو ريج به ڏيو ٿا، پر اوهان اهو ٻڌايو ته شاعري اوهان جي نظر ۾ آخر ڇاهي؟
جواب: شاعري اصل ۾ شعور لفظ مان نڪتل آهي ان ڪري شعور جون ڪيئي معنائون ٿين ٿيون. جهڙوڪ سوچ فڪر، غم، خوشي، وصال، هجر اهي سڀ ڪنهن رڌم ۾ پيش ڪجن ته جيئن ڪوئي گنگنائيندڙ يا ڳائيندڙ آساني سان ڳائي سگهي يا وري موسيقي ۾ ئي سمائي سگهي. ٿورن لفظن ۾ مون وٽ اها ئي وصف ٿي سگهي ٿي.
هاڻ ته شاعري منهنجي زندگي ٿي وئي آهي، جيستائين مان پنهنجي اندر جا اڌمان قلم بند نه ٿو ڪيان تيستائين مون کي آرام نه ٿو اچي. آڌي رات جو ڪڏهن ڪڏهن اٿي به لکڻو پوي ٿو. سمجهو ته شاعري ۽ مان هڪ ٿي ويا آهيون. شاعري منهنجي وڌ ۾ وڌ سريت آهي.
سوال: هڪ سٺي شاعر ۾ ڪهڙيون خوبيون هئڻ گهرجن؟
جواب: سڀ کان اول منهنجي خيال ۾ ته ماڻهو پاڻ سٺو هئڻ گهرجي ۽ جڏهن ماڻهو پاڻ صاف دل هوندو ته هن ۾ آهستي آهستي سڀ خوبيون اچڻ شروع ٿي وينديون. جيئن ته شاعر ويچارڙو زماني جو ڏتڙيل ٿئي ٿو، ان ڪري جيڪي به تڪليفون هن کي ملن ٿيون زماني کان ۽ هو برداشت ڪري ٿو ته اهو ازخود ئي سٺو ٿي وڃي ٿو. شعر چوندڙ ماڻهو ۾ ڳالهائڻ جو سليقو ٿو اچي وڃي. پيار وٽس گهر ڪري وڃي ٿو. ننڍي توڙي وڏي ماڻهو سان محبت سان پيش اچي ٿو ۽ ان ڪري هو پنهنجي ڄاڻ ۽ مطالعي ۾ اضافو به رکي ٿو. کيس لغات جي مهارت حاصل ٿئي ٿي ۽ پنهنجي آس پاس جي ٻهراڙي کان وٺي شهرن تائين ٻولي ۽ ان جا لهجا، استعارا، اصلاح ڪم آڻي هو هڪ وڏو ٻولي جو ماهر بڻجي سگهي ٿو ۽ هئڻ گهرجي. ان ڪري مان ته ائين چوندس ته:
هت روز سبق نئون سکجي ٿو،
۽ پاڻ سبق ٿي رهجي ٿو.
انسان جهان جي مڪتب ۾،
شاگرد ڀي آ، استاد ڀي آ.
سوال: سنڌي اديبن سنڌي ادب کي سنوارڻ لاءِ ڪهڙو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
جواب: اسان جي موجوده سنڌي اديبن وڏي ڪوشش ڪري پنهنجي ادب کي عروج تي پهچايو آهي. البته سنڌي ادبي سنگت ۾ لابين وارو رجحان، سنڌي اديبن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ ۾ مصروف آهي، ان ڪري جيڪي به پنهنجا ابلاغي ادارا آهن. سنڌي ادبي بورڊ کان وٺي، سنڌي لينگويج اٿارٽي، ريڊيو کان T.V تائين ويڙهه لڳئي پئي آهي ۽ ان ۾ اقربا پروري جو اهم ڪردار رهيو آهي جنهن اسان کي ۽ اسان جي ڌرتي کي ڇيهو رسايو آهي. ان سان گڏ ڪيسٽ ڪلچر (ڌنن تي شاعري) به اسان کي ڪٿان جو به نه رهايو آهي. اسان جي Folk کي به نقصان پهتو آهي.
سوال: علم عروض جي اوهان وٽ ڪيتري اهميت آهي؟
جواب: مان ذاتي طرح ته وزن بحر کي وڏي اهميت ڏيان ٿو ڇو ته اها شعر جي تور ۽ ماپ آهي. جيستائين ڪنهن به شعر جو وزن نه وٺبو يا ڪو سانچو نه ٺاهبو ته پنهنجي فڪر کي ان ۾ سمائي نه سگهبو. انهي ڪري علم عروض جي ڄاڻ بيحد ضروري آهي. جيڪڏهن علم عروض جي ڄاڻ نڪري وئي ته پوءِ سمجهو ته شاعري جي به پڄاڻي آهي.
سوال: ادب ڇا آهي؟
جواب: ادب عام طور Literature کي چيو ويندو آهي. ان ۾ هر لکڻي اچي وڃي ٿي پر منهنجي خيال ۾ ادب انهي لکڻي کي چئجي جنهن ۾ فهم، فضيلت ۽ احترام هجي ۽ انسان ذات جي ڀلائي وارو جذبو هجي.
سوال: چوندا آهن ته شاعر عاشق مزاج، حسن پرست ۽ محبتي ماڻهو هوندا آهن. ڇا اها حقيقت تسليم ڪري سگهجي ٿي؟
جواب: اهاڳالهه سو فيصد صحيح آهي ۽ انسان ئي انس مان نڪتل، ان ڪري انس جو مطلب آهي ئي محبت. شاعر ته حق ۽ پيار جون وڏو پرچار ڪري ٿو. انهي ڪري ان کي وقت جو پيغمبر به چوندا آهن.
سوال: تنقيد ڇا آهي ۽ تنقيد جو معيار ڇا هئڻ گهرجي؟
جواب: تنقيد جو اشتقاق ٿيندو نقد ڪرڻ، معنيٰ تارازي جا ٻئي پڙ، خامين وارو خوبين وارو، ٻنهي کي تڪي توري تعصب کان مٿاهون ٿي ڏسڻ، ڪنهن به تخليق يا شخصيت جي باري ۾ جيڪو ڪجهه چئبو ان کي تنقيد چئبو. تنقيد سهڻ جو مادو اسان وٽ تمام گهٽ آهي. جنهن به ليکڪ جائز تنقيد برداشت ڪئي آهي. اهو يقينن سٺن لکندڙ مان ٿي گذريو آهي.
اصل ۾ تنقيد سٺي ماحول ۾ ڪجي ۽ سهڻن لفظن ۾ ڪجي ته جيئن جنهن تي توهان تنقيد ڪيو ٿا ان تي گران به نه گذري، پر پنهنجي ڀلائي محسوس ڪري، تنقيد ڪرڻ مهل ڪجهه ڳالهين جو خيال به ڪيو وڃي. تنقيد ۾ خوبيون، خاميون تعريفي ۽ تنقيدي جملا به محبت ۽ سٺي سهڻي انداز سان چيا وڃن. مزاحيه شاعري ۾ تنقيد مختلف ٿئي ٿي ۽ معاشري تي مزاح وارو تنقيد ڪرڻ تمام وڏي ڳالهه آهي.
تنقيد کي تخليقي سگهه سان ڏٺو وڃي ۽ هر تخليق کي فڪر ۽ فن جي ڪسوٽي ۾ پرکيو وڃي ۽ هروڀرو خوشامدي به نه ڪئي وڃي ۽ نه ئي تعصب رکي تنقيد ڪجي. ان ڪري تنقيد تعصب کان پاڪ هئڻ گهرجي. هڪ جاءِ تي مون لکيو آ ته:
تعصب جو وٺي روپ نه تنقيد ڪندو ڪر،
جي پاڻ اديب آنهه ته اديبن جو ادب ڪر.
تعصب انهي ڪري ٿو مون سان رکي زمانو،
غربت جي ويس ۾ ڀي عزت وڏي رکان ٿو.
سوال: نثري نظم ڇا شاعري جي زمري ۾ اچي ٿو؟
جواب: بلوچ صاحب نثري نظم به شاعري آهي ڇو ته هو شعور سان تعقل رکي ٿو پر مان ذاتي طور ان کي ايڏي اهميت نه ٿو ڏيان. جيڪڏهن ڪو ساڳي ڳالهه نثري نظم ۾ ڪري ٿو پر ڇو نه هُو اها ڳالهه موزون شاعري ۾ ڪري. مون کي اها ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته نثر ۽ نظم ڳالهه ساڳي ڪيئن آهي جو تخليق هڪئي وقت ۾ نثر به هجي ۽ نظم به ......
سوال: سنڌي ادبي سنگت جو ڏينهون ڏينهن پٺتي پوڻ جا ڪهڙا ڪارڻ ٿي سگهن ٿا ۽ اوهان ان لاءِ ڪهڙا Proposals ڏيندؤ؟.
جواب: سچ ته دوست اهو سوال پڇي اوهان منهنجي ڇٽل ڦٽ تي آڱر رکي اٿَو. جيڪڏهن اسان جي ادب ۾ خلوص ۽ نيڪ نيتي هجي ۽ هڪڙي اديب جي ٻئي لاءِ وڏي عزت هجي ته ادبي سنگت وڌيڪ سٺو ڪم ڪري سگهي ٿي ۽ منهنجي خيال ۾ جيڪڏهن هڪڙو اديب ٻئي اديب دوست کي عزت ۽ مان نه ٿو بخشي يا هن لاءِ سٺا لفظ استعمال نه ٿو ڪري ته ان کي اديب چئي ئي نه ٿو سگهجي. ان لاءِ ته اديب سڏرائڻ به خراب آهي ۽ جڏهن ته سنڌي ادبي سنگت ۾ پڙهيل ڳڙهيل طبقو آهي ۽ ان جي باوجود اليڪشن هارائڻ ۽ کٽڻ کان پوءِ به هڪٻئي جا چهرا ڏسڻ به نه ٿا گوارا ڪن. اهڙيون ڳالهيون به سنڌي ادب کي نقصان پهچائن ٿيون. تنهنڪري اسان جي ادب جي محاذ تي ٽولا ٽولا ڀلي هجن پر سڀ هڪڙِي ڌاڳي ۾ پوئل هجن ۽ هڪڙي واڳ ۾، نه ته وڙهي مري وينداسين. انهي معمولي حرڪتن جي ڪري پنهنجو نه رڳو ذاتي نقصان ٿو ٿئي پر پنهنجي وطن ۽ ٻولي جو به نقصان ٿئي ٿو ۽ نتيجي ۾ اسان پنهنجي قومي سڃاڻپ به وڃائي ويهنداسين.
سوال: جيئن ته پيارا سائين اوهان استاد به رهي چڪا آهيو. اوهان اڳين تعليمي معيار ۽ هاڻوڪي تعليم معيار جي باري ۾ ڇا ٻڌائيندو؟
جواب: سائين اڳ ۾ استاد جوابداري محسوس ڪندو هو. ۽ پنج منٽ به ليٽ ڪرڻ برداشت نه ڪندو هو. پر ان جي برعڪس اڄوڪا استاد پڙهائڻ بدران گسائڻ کي ترجيح ڏين ٿا. ڇو ته سندن آفيسر پنهنجي آفيسري جي معيار تي ناهن ۽ پنهنجا فرائض ديانتداري سان سرانجام نه ٿا ڏين ان لاءِ هتي هڪڙو پهاڪو چوڻ چاهيندس ته:
ڪاڻياري ٻلي، ڪوئي سندي جوءِ!
ٻيو ته اڳيان استاد ويچارا پنهنجي ٻولي، پنهنجي وطن ۽ سماج سان اٿاهه الفت ڪندا هئا ۽ شاگردن لاءِ شفقت جو جذبو رکندا هئا. پر هاڻي ته ائين آهي ئي ڪونه. اڄ ته استاد شاگرد گڏجي هڪڙي ڪمري ۾ سگريٽ ٿا پيئن ۽ انهن جو اخلاق بگاڙن ٿا. اڄ جا استاد رڳو ٽائيم پوري ڪرڻ جي چڪر ۾ هوندا آهن ۽ هر مهيني جي پهرئين تاريخ تي اک هوندي اٿن ته رڳو پگهار ملي، ٻار پڙهن نه پڙهن.
سوال: تعليم جي تباهي جا ڪهڙا ڪارڻ آهن؟
جواب: تعليم جي تباهي جا ته تمام گهڻا ڪارڻ آهن، ڳالهائبو ته هي انٽرويو نه پر ڪو ڪتاب ٿي ويندو.
سوال: سنڌي ادب کان علاوه اوهان ٻي ڪهڙي ٻولي جي ادب جو مطالعو ڪيو آهي.
جواب: مطالعو ته پنهنجي جاءِ تي پر مون اردو شاعري به ڪئي آهي، سرائڪي مادري زبان اٿم، پر منهنجي محبت سنڌي ٻولي سان آهي. ان ڪري فقط سنڌي زبان کي ترجيح ڏيان ٿو.
سوال: اوهان جون آسائشون ۽ ارمان پورا ٿيا يا اڻپورا ئي رهجي ويا؟
جواب: ادا ارمان ته پورا ٿيندا ئي ناهن، جيڪڏهن ارمان پورا ٿي وڃن ته مان ايترو لکي ڪڏهن به نه سگهان ها. پر اڃا به ڪجهه ارمان رهيل آهن جيڪي مون کي لکرائڻ تي مجبور ڪن ٿا ۽ 74 سالن جي عمر تائين اڄ به مان پنهنجي ارمانن، سورن ۽ ڏکن کي ساڻ کڻي مرڪندو ماڻهن سان ملندووتان ٿو.
سوال: اوهان جي زندگي جو ڪو يادگار واقعو؟
جواب: زندگي ۾ ته ڪيئي اڻ وسرندڙ واقعا پيش آيا آهن ۽ ڪيئي گهرا نقش ڇڏي هليا ويا آهن، پر هڪ اهڙو واقعو جيڪو طوفان بنجي منهنجي زندگي جي ڏيئي کي وسائڻ پيو چاهي، پر حياتي هئي بچي ويس، توهان کي ٻڌايان ٿو.
اهو سال 1976ع هو. زوردار مينهن وسي رهيو هو. ڪاڇي جي کنڌائي ڳوٺ ۾ ان وقت استاد هئس، مينهن چئي اڄ نه وسان ته ڪڏهن وسان ۽ مان ڳوٺ پيرين پنڌهلي رهيو هئس، ان وقت نيون سڀ سُئا ٿي وهي هليو ويون هيون. مينهن تيز ٿي ويو هو. پاڻي جي جهاڳ پهريائين گوڏي جيتري ٿي۽ پوءِ وري تار ٿي وئي پاڻي مون کي پنجاهين بچاءُ بند کان سڏ پنڌ تي منڇر ڏانهن لوڙهي کڻي هليو، منهنجا ڪپڙا، بوٽ ۽ شاعري جو هڪ ڪتاب مٿي سان ٻڌل هو سوبه غوطا کائيندي لڙهي ويو. اوچتو منهنجو پير هيٺ زمين سان لڳي ويو ۽ ٻه اڇلون ڏيئي بچاءُ بند تي چڙهي پيس، ڪوهه پنڌ جو سڪي تي هليو ئي مس هيس ته منهنجي پٺيان بچاءُ بند ٽن چئن ڪوهن تائين لاڳيتو لڙهي ويو ۽ مون کي الله بچائي ورتو ۽ هڪ نئين زندگي ملي ۽ منهنجا سارا خيال جواني جي ٻوڏ جو نذرانو ٿي ويا.
سوال: ڇا هن ڪائنات جو نظام اوهان جي سمجهه ۾ اچي ٿو؟
جواب: خداوند ڪريم خالق اڪبر آهي هن جيڪو نظام بڻايو آهي، ان کي هو هلائي ڀي پاڻ ٿو ۽ سمجهي به پاڻ ٿو ۽ اسين جيتامڙا حيرت ۾ گم آهيون.
سوال: جدت پسنديءَ ۽ رجعت پرستي مان ڇا مراد آهي؟
جواب: بلوچ صاحب! اصل ۾ ته اهي لفظ قديم ۽ جديد شاعري ۾ ڪتب ئي نه آڻڻ گهرجن، ڇو ته هر شاعر جدت پسند آهي. جدت ۽ قدامت جهڙا لفظ ادب جي ويڙهاند کي مچائڻ وارن جا پيدا ڪيل آهن، ڇو ته اسان سڀئي هڪڙي ئي دڳ جا پانڌيئڙا آهيون.
سوال: اوهان پنهنجي بزرگ/ همعصر شاعرن مان ڪهڙن جا نالا کڻندو، جن کي اوهان Like ڪندا آهيو/ هيو؟
”هر گل را رنگ و خوشبو ديگر است“
جواب: حضرت فيض، شيخ اياز، حامي، گدائي، نياز همايوني، طالب لغاري، مقصود گل، استاد بخاري، بشير سيتائي، وفا ناٿن شاهي، محسن ڪڪڙائي، آثم ناٿن شاهي، نواز رڪڻائي، اسحاق راهي، نشتر ناٿن شاهي، اياز گل، ادل سومرو، امداد حسيني، سرڪش سنڌي، راشد مورائي، آڪاش انصاري، احسن الهاشمي، احمد خان آصف مصراڻي، ناظم منگي، دادن فقير، پيرل قمبر، عبدالغفار تبسم ۽ تاجل بيوس صاحب.
سوال: نئين ٽهي ۾ ڪيترائي نوجوان شاعر ۽ شاعرائون آهن، جن پنهنجي فن کي منظر عام تي آندو آهي، اوهان ڪهڙن شاعرن ۽ شاعرائن کي پڙهو ٿا؟
جواب: نئين ٽهي ۾ ڪافي ساٿي سٺو لکن ٿا، پر سڀ کان اول ته مان پنهنجي تر جا نالا ٻڌائيندس. انهن ۾ عبدالحميد آس ٻٻر، مير محرم لغاري، خليل عارف سومرو، يامين غمگين، تابش بخاري، اسحاق سميجو، عاشق دادوي، ابل اداس ٻٻر، مظهر لغاري، ساڀيا سانگي، رخسانه پريت چنڙ، فضه غزل، ساحر راهو، همدرد کوسو، مارو جمالي، منصور سيتائي، معصوم بخاري، علي دوست عاجز، ياسمين چنه، سڪندر سرواڻ، روبينه ابڙو، ٻاجهي خان لغاري، غلام حيدر گهايل ۽ بينظير عادل سخيراڻي ۽ جانب ناز غوري وغيره.
سوال: ادب ۾ نئين ٽهي جي حوالي سان اوهان ڪجهه چوڻ چاهيندو؟
جواب: هينئر به نوان ننڍا شاعر سٺي معياري شاعري ڪن ٿا. وٽن فڪر جي آمد ٿئي ٿي ۽ ڪو ڪو خيال ڪنهن سٺي شاعر کان به وڌيڪ پيش ڪري سگهن ٿا. پر اصلاح نه هئڻ ڪري ۽ ٿورڙي خامي جي ڪري سندن ڪلام جي ڪچائي محسوس ٿئي ٿي، جيڪڏهن هو حجاب نه ڪن يا پڇڻ ۾ عيب نه سمجهن ته نئين ٽهي به سٺي معيار تائين پهچي سگهي ٿي. ڇو ته انهن ننڍن وٽ به اهڙي ئي دل آهي جيڪا وڏن وٽ آهي، انهن جا به اهي ئي جذبا آهن جيڪي اسان جا آهن.
سوال: زندگي اوهان جي نظر ۾ ڇاهي؟
جواب: زندگي هڪ انمول تحفو آهي، حسين اتفاق آهي، زندگي کي مان هڪ ناياب شي سمجهندو آهيان جي هڪ ڀيرو ملي آهي ۽ باربار نه ملندي، ان ڪري ان جو لمحو لمحو صحيح طريقي سان سٺي نموني سان ڪتب آڻڻ گهرجي، جو به جنهن جي حصي ۽ ذمي جو ڪم هجي پاڻ تي فرض ۽ قرض سمجهي، زندگي دوران ئي ادا ڪيو وڃي ۽ پنهنجي پويان هڪ امر تاريخ ڇڏي وڃي، ته جيئن هو زندگي کان پوءِ به ماڻهن جي دلين ۾ زندگي ماڻي سگهي.
سوال: دوستي جي باري ۾ ڪجهه ٻڌائيندا؟
جواب: دوستي هڪ رشتي جو نالو آهي مگر اها پر خلوص ۽ بي لوث آڌارن ۽ بنيادن تي ٻڌل هجي دنيا جي عظيم دانشورن ۽ اسلام جي عظيم مفڪر حضرت علي عه جو قول آهي ته ”دنيا ۾ شاهوڪار اهو آهي جنهن جا دوست گهڻا آهن.“ دوستي جي ڀرم ۽ نباهه جي لاءِ ساڳيءَ عظيم شخصيت ٻي هنڌ فرمايو آهي، ”ته ماڻهو کي کپي ته هو پنهنجي دوست کي آزمائش ۾ نه وجهي“ ان ڏس ۾ مان دوستي جي باري ۾ اهو به چوندس ته دوستي ڪچي تند آهي ۽ اها اعتمادن جي بنياد تي هلندي آهي. ان ڪري هڪٻئي جي اعتمادن کي ڪڏهن به ٺيس نه پهچائجي، هڪٻئي جي جذبن جو احترام ڪرڻ ئي دوستي جو نالو آهي.
سوال: شيخ اياز جي آخري شاعري ۽ ان جي نظرياتي طور تي پوئتي موٽي وڃڻ جي باري ۾ ڪجهه ڳالهائيندا.
جواب: شيخ اياز جي پوئين شاعري جو لڙهو، اسلامي نوعيت ڏانهن نظر اچي ٿو. پر هونئن به شيخ اياز صاحب تصوف جي سمورين معاملن کان بخوبي واقفڪار ۽ سٺي ڄاڻ رکندڙ هو. مگر پوئين عرصي واري سندس شاعري فقيراڻي نوعيت جي لڳي ٿي. اصل ۾ هر شاعر يا عاشق جو رستو مجاز کان حقيقت ڏانهن رهيو آهي. اهوئي سبب آهي جو پوئين شاعري ۾ فرق محسوس ٿئي ٿو.
سوال: اوهان استاد بخاري جا همدر ساٿي/ دوست رهيو، بخاري صاحب جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو؟
جواب: استاد بخاري اسان جي سنڌ جو سرموڙ شاعر آهي. سندس ٻولي سليس، عام فهم، هاري ناري جي سمجهڻ جهڙي آهي، جيئن ته دادو ضلعو اهڙي جاءِ تي آهي، جنهن کي اسان سنڌ جي وچ وارو علائقو چئي سگهون ٿا ۽ ان لحاظ کان وچ واري ٻولي سڌريل ليکي ويندي آهي، جيڪا اتر توڙي لاڙ تائين سمجهي سگهجي ٿي. وزن بحر ۾ استاد بخاري پڪو پختو شاعر ٿي گذريو آهي ۽ خاص طرح سان اسٽيج تي شعر پڙهڻ جو کيس وڏو ملڪو حاصل هو. پاڻ قربائتو ماڻهو هو ۽ مون کي پڻ اديب، عالم، فاضل ٿيڻ لاءِ استاد بخاري ئي همٿايو هو.
سوال: جيئن ته اسان وٽ اڄ به اهو رجحان آهي ته شاعري ۾ فارسي لفظن جي ڀرمار ڪجي ۽ ان ڏس ۾ اسان وٽ ڪجهه اهڙا شاعر آهن جن کي پارسي زبان بنهه ڪونه ايندي آهي ۽ نه ئي اهي ڪو فارسي ادب پڙهيا آهن پر پوءِ به اهي فارسي لغت مان وڏا وڏا ڳرا ۽ دير حضم لفظ چونڊي پنهنجي سنڌي شاعري ۾ ٽنبي رهيا آهن، ٻئي پاسي اسان وٽ فارسي زبان جا ڄاڻو ۽ فارسي لٽريچر جو وڏو مطالعو ڪندڙ شاعر به موجود آهن. جهڙوڪ نياز همايوني، مشتاق سچاوري، جوهر بروهي، بشير سيتائي، مگر انهن جي نج ۽ ٺيٺ سنڌي شاعري پڙهي ائين محسوس ٿيندو آهي ته اهي ڄڻ فارسي پڙهيا ئي ڪونهن، اسان وٽ سنڌي شاعري ۾ دانسته طور تي فارسي الفاظ استعمال ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو ٿو پوي؟ ڇا ان عمل پويان ڪجهه شاعر پنهنجي مصنوعي علميت ته نه ٿاجتائن؟
جواب: جي بلڪل نه! مان انهن ڳاليهن سان اتفاق نه ٿو ڪيان، اسان جي ٻولي ۾ جيڪي ڀي الفاظ ٻين ٻولين جا مروج آهن، انهن جي استعمال ڪرڻ ۾ ڪهڙو حرج آ يا دقت محسوس ڇو ٿئي؟. شاهه عبداللطيف پاڻ به عربي ۽ فارسي جا لفظ ڪتب آندا آهن. انهي تي اعتراض ڪنهن کي ڪونهي پر هاڻي وارن تي اعتراض ڇو؟ شاعري ۾ جڏهن ڪو سنڌي جو لفظ وزن ۾ نه ٿو اچي سگهي ته ان جي جاءِ تي عربي يا فارسي لفظ عام فهم آڻجي ته شعر جو تخيل برقرار رهي سگهندو.
سوال: اوهان سنڌ ليول تي ڪم ڪندڙ آڳاٽي ادبي جماعت جمعيت الشعراء جي ڪارڪردگي کان ڪيترو مطمئن هيو. ڇا اڄ سنڌي ادبي سنگت ان جيترو ادبي ڪم ڪري ٿي يا ان کان به وڌيڪ، اوهان ٻنهي ادبي جماعتن جو ٿورڙن لفظن ۾ موازنو ڪندوء؟
جواب: سائين منهنجا جمعيت الشعراء جي پليٽ فارم تان ٿورڙي عرصي ۾ تمام چوٽي جا شاعر مشاعرن ۾ بهرو وٺي اڀري آيا. پر سنڌي ادبي سنگت جي ڪلاسن ۾ تفرقي ۽ انا سبب، اديب اڀري نه سگهيا آهن ٻيو اهو به سبب آهي جو سنڌي ادبي سنگت ۾ ”تون مون کي قاضي چئو ۽ مان توکي حاجي چوان“ وارو رجحان عام آهي جنهن کي اسان لابي سڏيندا آهيون ۽ اسان پاڻ ۾ اڃان تائين وڙهندا پيا اچون. جڏهن ته جمعيت الشعراء اهڙين حرڪتن کان پاڪ هئي ۽ خالص علم ۽ ادب جو ڪم هلندو هو.
سوال: آخر ۾ منهنجا سائين! ديس واسين کي ڪهڙو پيغام ڏيندؤ؟
جواب: مان تمام نماڻو عرض ڪندس ته نفرتون ڇڏي محبتون ملهائي، انسانيت کي جياري ڇڏيو.
انسان جي تعظيم ڪرڻ آهي عبادت،
هن ڳالهه کي تسيلم ڪرڻ آهي عبادت،
احمد خان مدهوش