آثم ناٿن شاهي
BRIEF INTRODUCTION
آثم ناٿن شاهي
(1937-2006)[/b]
ادبي نالو: آثم ناٿن شاهي
اصل نالو: غلام رسول
ولديت: الله بخش سولنگي
جنم تاريخ: هڪ اسڪولي سرٽيفڪيٽ مطابق 2 جنوري 1937ع اصل ۾ اها تاريخ فرضي آهي، هن وقت منهنجي عمر اندازن 72 سال آهي، انهيءَ حساب سان منهنجو جنم 1933ع ۾ ٿيو هوندو. وفات: 6 آڪٽوبر 2006ع.
جنم هنڌ: ڳوٺ کاٿڙي، ضلعو دادو
تعليم: پنج درجا سنڌي/ فارسي (پورو ڪورس) / ڪجهه دڪانداري، هن وقت هر ڪم کان فارغ.
لکڻ جي شروعات: 10 سالن جي عمر ۾ / باقائدي ادبي ابتدا 1962ع کان
ادبي سڃاڻپ: شاعر / اديب: مضمون نگار
[b]ڇپيل ڪتاب:[/b] 1. ”جڏهن الا اڀ ۾“ (شاعري) 1994ع
2. ”لهرون لهرون لاٽ“ (شاعري) 1998ع
3. ڇا چيس آئين
4. ڇُلڪيا نيڻ ڪٽورا
5. سميرين جي شهر ۾
[b]مڃتا ايوارڊ:[/b] ڪينجهر ايوارڊ 1994ع (واپس ڪيل) ماهوار ڪينجهر حيدرآباد طرفان
مرڪزي سنڌي ادبي سنگت طرفان ايوارڊ سال 1999ع ۾ ڪجهه نقد انعام
[b]تفصيل اڻ ڇپيل ڪتاب
[/b]
1. اداسيون – اڌما (رباعيون –قطعا) شاعري
2. مکڻ – ماکيون (گيت ۽ ڪافيون) شاعري
3. پنکڙيون (قِسم قسم جي) شاعري
4. ڪنڌُ: مقابل ڪاٽ شاعري
5. سپنا منهنجي ساهَه جا شاعري
6. ”شاعري“ (مڪس) شاعري
7. سامرين جي شهر ۾ (مڪس) شاعري
8. گُلن واسيا گس (شاعراڻو نثر) شاعري
9. ڳوڙهن ڀنا ڳلَ (شاعراڻو نثر) شاعري
10. ڪنول ٽِڙَن ٿا (غزل) شاعري
11. هِڪُ نئون خيال مان شاعري
12. سوچون – لوچون (نظم) شاعري
13. نيڻ اوهان جا خواب اسان جا شاعري
14.اُڏارون (اخباري قطعا ۽ ٻي) شاعري
15. ٻه روپ (حافظ شيرازيءَ جي خاص شعرن جو ترجمو) نثر
16. ماٺ ڪيان مشرڪ ٿيان ادبي، تنقيدي مضمون نثر
17. محفل ۾ ذڪر تنهنجو شاعر/ شاعري/ شخصيت نثر
18. سونا گيڙو خط، مضمون وغيره نثر
19. ڪيڏا سمنڊ سمايل آهن خط/ مقالا/ مهاڳ نثر
20. هي جو سنسار جرڪڻو آهي (مختلف قسمن جو) نثر
21. مان به تخليقيان ٿو ڪجهه ويٺو نثر
22. ڪَکَ هيٺان لک (نوٽ بڪ) نثر
23. پنهنجا نيڻ پراوا خواب (نوٽ بڪ) نثر
24. چمڪي ٿو ناءُ مِٽي جو (آثم بابت لکڻيون) نثر
25. چو طرفو چوٻول (آثم بابت لکڻيون) نثر
26. چوڌاري چمڪاٽ (آثم بابت لکڻيون) نثر
27. ڪنهن ڪيئن سمجهيو ڪنهن ڪيئن سمجهيو نثر
28. عتاب آيو خطاب آيو (سنڌ – هند جي اديبن جا خط) نثر
29. سلام آيو پيام آيو (سنڌ – جي اديبن جا خط) نثر
30. مگر خط جو جواب آيو (سنڌ – هند جي اديبن جا خط) نثر
31. ۽ سج لهي ويو (صرف وفا ناٿن شاهيءَ جا خط) نثر
32. الائي ڇا نه ڇا آيو (اوري پري جي دوستن/شاعرن جا خط) نثر
سوال: آثم صاحب پنهنجي ننڍپڻ جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو؟
جواب: ڳوٺ کاٿڙيءَ کان سٽ پنڌ جي اولهه طرف اسان جا گهر هئا، پنهنجو ويڙهو – پنهنجو پاڙو، مان انهيءَ ويڙهي ۾ الائي ڪهڙي سال جي، ڪهڙي مهيني ۾ ڪهڙي تاريخ، ڪهڙي ڏينهن تي پيدا ٿيس، ڪابه خبر ڪانهي، (پوءِ جا جنم ڏڻ/ تاريخون سڀ فرضي آهن)
مان ڄائس ته ٻه نالا رکيائون، هڪ عبدالواسع، ۽ ٻيو غلام رسول، جن مان جلدي ئي عبدالواسع هارائي ويو ۽ غالب اچي ويو غلام رسول، پر مون کي، منهنجي وڏي ڀيڻ (مرحوم)، گِدي سڏيندي هئي، ۽ منهنجو نانو مولوي فيض محمد (مرحوم) پيار مان ”گولو“ چوندو هو، منهنجو نانو پنهنجي وقت جو مشهور حڪيم (معالج) به هئو ۽ شاعر به، هو شاعريءَ ۾ تخلص ”پريشان“ رکندو هئو. منهنجي ڄمڻ کان ٻه سال کن پوءِ منهنجو ڀاءُ غلام قادر ڄائو، هن جي ڄمڻ کان پوءِ ڇهين ڏينهن تي امڙ الله کي پياري ٿي وئي ۽ هو ”ڇٺيءَ جو ڇورو“ ٿي ويو، پوءِ غلام قادر کي ناني سائينءَ کڻي وڃي ٻي گهر واريءَ جي جهوليءَ ۾ وڌو. (سڳي ناني اڳ ۾ وفات ڪري وئي هئي) اسان جي اُن ٻي نانيءَ (ويڳي) غلام قادر کي تاتيو، نپايو، محترمه هن کي پنهنجي ٿَڃُ به پياريندي رهي ۽ مان پنهنجي ابي وٽ رهيس.
امڙ جي نه هجڻ ڪري بابي سان ڏاڍا انگل ڪندوهوس. ڏينهن هجي، رات هجي، اڌ رات هجي ڪيڏي مهل به ”شيءِ“ جي گُهرَ ڪري ويهندو هو. گهر ۾ پيل شيءِ ملندي هئي ته نه وٺندو هوس: ”اها نه، تاري، مل جي دڪان تان هلي وٺي ڏي.“ پوءِ ڀلي رات ڇو نه هجي، بابو کڻندو هو ڪُلهي تي ۽ ايندوهو ”تاري مَلَ جي گهر ۽ ڪندو هو سَڏ، واڻيو (هندو)ويچارو به ايڏي اويلي مهل دَر کولي ٻاهر نڪري ايندو هو: ”الله بخش! ڇاهي، خير ته آهي!؟ ها سيٺ! ڇوڪري ضد ڪيو آهي، هن مهل شيءِ گهرجي“ واڻيو به اهڙوديالو، جو اُن مهل دڪان کولي کَنڊ – ڀڳڙا يا ريوڙيون آڻي ڏيندو هو، يا وري گهران موئڻيون، لڏو يا ٻي ڪا گهر جي ٺهيل شيءِ (مِٺائي) آڻي ڏيندو هو. هڪ دفعي سانجهيءَ ٽاڻي بابو ڳئون ڏهڻ ويٺو ته مون شيءِ جو انگل ڪيو، پر بابو ڳئون ڏهي پوري ڪرڻ کان اڳ اٿيو ڪون، منهنجو تيسو چوٽ چڙهي ويو، کرڙيون پيون لڳن، پوءِ ته بابي اچي کنيو پر مان بس ڇو ٿو ڪيان! ”ڳئون اڳَ ۾ ڇو ڏُڌئي، مون کي شيءِ ڇو نه وٺي ڏنئي، هاڻي اهو کير ڳئون جي ٿڻن ۾ واپس وجهه، پهريان هلي شيءِ وٺي ڏي، پوءِ اچي ڳئون ڏُهه.“
گهر – ڀاتي سڀ پريشان، نيٺ سياڻپ ڪري، اک بچائي کير ڪنهن ٻئي ٿانو ۾ لاهي، خالي گهاگهر اچي مون کي ڏيکاريائون، چي: کير ڳئون جي ٿڻن ۾ وجهي ڇڏيوسين. اڳ ۾ توکي شي وٺي ٿا ڏيون پوءِ ڳئون ڏهنداسين.“ تڏهن وڃي ماٺ ڪئي هئم. اسڪول ۾ انهيءَ عمر ۾ ويهاريو هئائون جو پيشاب جي موڪل وٺڻ ڏانءُ به ڪونه ايندي هئي. هڪ ڀيري ته بئنچ تي وٺي، سُٿڻ ۾ پيشاب خطا ٿي ويو هئو. مان شروع شروع ۾ پنهنجي جنم – هنڌ ڳوٺ کاٿڙيءَ جي اسڪول ۾ داخل ٿيو هوس. اتي ماستر هوندو هئو سائين، ”خوبچنه“ هي هندو ماستر ڏاڍو قابل ۽ مهربان ماڻهو هئو، هن جا کوڙ – سارا شاگرد وڏو مقام ۽ مانُ – مرتبو ماڻي چڪا آهن. اسان جي وڏن کي لڏ – لاهه جو گهڻو شوق هوندو هئو، (شوق نه پر روزگار جون مجبوريون ۽ مسئلا هن کي لڏ – پلاڻ تي مجبور ڪندا هئا) پوءِ کاٿڙيءَ مان لڏي گرڪڻ ڳوٺ ۾ آيا ته اتي جي اسڪول ۾ اسان جو ماستر هوندو هئو سائين ”لوڪو مل“ ۽ اتان پوِ وري جڏهن ”لڏي ڳوٺ ”حاڪم ڏيپر“ ۾ آيا ته ڀرسان ”ڳوٺ الهه رکئي جلباڻيءَ“ ۾ مدرسو به هوندو هئو ۽ سنڌي مُلا اسڪول به، اتي مدرسي ۾ اسان کي محترم مولوي عبدالڪريم جلباڻي فارسي – عربيءَ جي تعليم ڏيندو هو، ۽ اسڪول ۾ سائين عبدالواحد شاهه ماستر هئو، ان کان پوءِ وري سائين محمد حسن بروهي ماستر ٿي آيو. اتي ئي ڳوٺ ”حاڪم ڏيپر “ ۾ منهنجي نانا مولوي فيض محمد صاحب جو انتقال به ٿيو، پوءِ وري اسان جا وڏا موٽي وري گرڪڻ ۾ آيا ته اتي قاضي امان الله چانڊيو جو مدرسو به هئو ۽ مُلا – اسڪول به مون وري اتي به اسڪول ۾ ڪجهه وقت تعليم ورتي ۽ ماستر هوندو هئو سائين ”محمد بخش چانڊيو.“
بابو سائين پورهيت هئو، ٻني – ٻاري جي ڪم تي هليو ويندو هئو، ڀيڻ (عمر ۾ مون کان وڏي ته هئي، پر اڃا ننڍي هئي) سا ناني جي گهر ماسيءَ ڏي هلي ويندي هئي، مان گهر ۾ پيو چدن (بلورن) سان کيڏندو هوس، هڪ ڏينهن ڪنڌيءَ (ڪکاوان گهر – ڇپر هوندا هئا) جي پاڙ ۾ هڪ سوراخ ۾ بلور هليو ويو، اندر آڱر وجهي ان کي ڪڍڻ جي ڪوشش پيو ڪيان، ته اندران ڪنهن ساهدار آڱر ۾ چڪ هڻي ڪڍيو، سَٽ ڏئي هٿ ٻاهر ڪڍيم، ته ٻن هنڌن تي رت جا ٻه ننڍڙا ٽُٻڪا ٺهيل هئا، خبر ناهي ڇا هئو، ڪو ڪُئو/ ڪُئي، ٽنڊڻ ٽنڊڻي، ڪو نانگڙو يا ڪجهه ٻيو!؟ چوندا آهن: ”نانگ کائي، ڏيڏرُ ڏيکاري ڏئي ته ماڻهوءَ تي اثر گهٽ ٿيندو آهي، پر جي ڏيڏر چڪ پائي ۽ نانگ ڏيکاري ڏئي ته اڌ ساهه ماڻهوءَ جو هراس ۾ ئي نڪري ويندو آهي، ايترو اثر ٿيندو اٿس ڄڻ سچ پچ نانگ کاڌو هجيس“ (اهو سڀ نفسياتي خوف جو نتيجو هوندو آ) مون کي به جيئن ته ڪجهه ڏسڻ ۾ ڪونه آيو هئو، سو ٿيو ته ڪجهه به ڪونه، پر اڳتي لاءِ سوراخن ۾ هٿ وجهڻ ڇڏي ڏنا هئم.
ٻئي دفعي به ائين گهر ۾ اڪيلو هوس، سو اڇي ٺڪرن جي (ڪُنيون، پارا، لوٽا) تلاشي وٺڻ شروع ڪيم، هڪڙي لوٽي ۾ ڳاڙها مرچ (ثابت) رکيل هئا. اهي کنيم، مرچ ڳاڙها چمڪدار وڻن پيا. سو ويهي انهن سان راند ڪرڻ لڳس، ڪجهه گهڙين کانپوءِ اچي ٿا هٿ ڪُرڻ لڳن، ناسون، واڇون، سڄو منهن پيو سڙي، آڱريون ڪرونڍڙيون ٿي ويون، گگ پئي وهي، ٽپن ۾ اچي ويس، وٺي رڙيون ڪيم، ماسي ۽ ادي اچي نڪتيون، ”الائي ڇا ٿي ويو ڇوڪري کي؟ ڪو غيب جو آسيب ٿي ويس، سُڃي گهر ۾ ڪنهن جِنَ ورتس!“ آخر لوٽي ۽ مرچن تي نظر پين، سمجهي ويا، ٿڌي پاڻي سان ڪافي وقت تائين، هٿ، ڪرايون، ٺوٺين تائين ڌوتائون ۽ پوءِ مکڻ جو مَکُ ڏئي ڇڏيائون، تڏهن وڃي هٿ ٺريا ۽ آڱريون سڌيون ٿيون ۽ سامت ۾ آيون، اوهان کي اهو به ٻُڌايان ته، اهو ننڍپڻ وارو گدي، گولو، غلام رسول“ اڳي هلي ”ڏهن سالن جي عمر ۾ ”غلام رسول سولنگي آثم“ بنجي ويو ۽ ان کان 19 کن سال پوءِ (1962ع ۾) آثم ناٿن شاهي“ جي نالي سان مشهور ٿيو، پر اڃا تائين به ”هُو“ پنهنجي هاڻوڪي شهرت، سنجيدگي، سوچ ۽ وڏي عمر کي پاسي تي رکي، پنهنجي ٻاروتڻ جي عجب جهڙين حرڪتن/ شرارتن کي ياد ڪندو رهندوآهي.
مان جنهن ڏينهن ڄائو هوندس، انهيءَ ڏينهن منهنجي ماءُ – پيءُ، منهنجي ٻن ڀينرن (جن مان هڪ وڏي کان ٻي ننڍي ڀيڻ کي جڏهن هوڙ ۾ سُور پوندو هئو، ته ڀڄندي اچي منهنجي مٿان بيهي، مُنهن رکيءَ تي پيل ڪپڙي جو پلئه هٽائي چوندي هئي: ادا – ادا! اڄ مون کي هوڙ“ ۾ ڏاڍو سُور پيو آهي، دعا ڪر ته جلدي ڇڏي وڃي) ۽ ٻين مائٽن کي ڪيڏي نه خوشي ٿي هوندي، سهراچيا هوندائون، تارن جُهمريون هنيون هونديون، هوائن گيت ڳايا هوندا، وڻن جي پنن تاڙيون وڄايون هونديون ۽ پوپٽن رنگ نڇاور ڪيا هوندا، نيٺ ته مستقبل جي هڪ مشهور ڪويءَ جو جنم ٿيو هئو نه!! پر خبر ناهي واقعي ائين ٿيو به هوندو، يا اُن جي اُبتڙ ئي متان ڪجهه ٿيو هجي، ها! ”اُبتڙ يا سُبتڙ“ ڪجهه نه ڪجهه ته ضرور ٿيو هوندو.
فطرت جا ڪم ۽ قانون به عجيب آهن: ٻاروتڻ ۾ هر نظارو وڌيڪ سهڻو لڳندو آهي، وڻ وڌيڪ چُهچ ساوا ڏيکاربا آهن، آسمان وڌيڪ نيرو ڏسبو آهي، تارن جا چمڪاٽ وڌيڪ چٽا نظر ايندا آهن، کاڌو – پيتو (چهرو يا مِٺو) وڌيڪ مزو ڏيندو آهي. مائٽن جي خوشي۽ غم ، تڪليف ۽ راحت جي ڳڻتي ئي ڪانه هوندي آ، پنهنجي بادشاهي/ پنهنجا حڪم هلايا ويندا آهن. پوءِ جوانيءَ جي حد ۾ داخل ٿيندي ئي، هوري هوري هر کاڌي جو سواد گهٽبو ويندو آهي، سڀ رنگ ڌنڌلا ٿيندا ويندا آهن ۽ نظارن مان سونهن ختم ٿيندي نظر ايندي آهي. ڏاهن /عالمن جو چوڻ آهي: ”ننڍپڻ گُناهن کان پاڪ/ معصوم هوندو آهي، تنهن ڪري انسان جون پنجئي حسون (قوتون) پنهنجي پوري اصليت سان ڪم ڪنديون رهنديون آهن، انسان کي سندس خلقڻهار طرفان پنج هواس (حسون) عطا ٿيل آهن:
(1) ڏسڻ جي حس (قوت باصره)
(2) ٻڌڻ جي حِس (قوت سامعه)
(3) سنگهڻ جي حِس (قوت شامه)
(4) چَکڻ جي حِس (قوت ذائقه)
(5) ڇُهڻ جي حِس (قوت لامسه)
پر ڪتابن جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو، هڪڙي 6 ڇهين حِس به ماڻهوءَ ۾ موجود هوندي آهي، جنهن کي ڳُجهي حِس خفيه حِس يا (قوت خفيه) چيو وڃي ٿو، (انهيءَ حِس جو ڪم آهي اڳواٽ ڪنهن خطري، حادثي يا نقصان جي خبر ڏيڻ ۽ هوشيار ڪرڻ) پر جڏهن ماڻهو جوانيءَ ۾ داخل ٿيندو آهي، تڏهن ان کان ٿورا – گهڻا ننڍا – وڏا گناهه ٿيڻ لڳندا آهن. تنهن ڪري انهن قدرتي مليل قوتن جي اصليت، انهن گناهن جي غبار ۾ لٽجڻ لڳندي آهي ۽ پوءِ ڪنهن شيءَ رنگ منظر ۽ کاڌي مان ڪو ساءُ – سواد يا گهٽ ايندو يا بِنهه ڪونه ايندو آهي. ”(انهيءَ کي اصطلاح ۾ حواس بتال ٿي وڃڻ“ به چئبو آهي) ۽ پوءِ جيئن جيئن گناهن ۾ واڌارو ٿيندو ويندو آهي، تئين تئين انهن قوتن (حواسن) جي اصليت ۾ به وڌيڪ گهٽتائي ٿيندي ويندي آهي. مون کي به ننڍپڻ ۾ ڏاڍو مزو ايندو هو. هر ڳالهه مان، هر سوال مان، هر راند ما، هر کهاند (شرارت / کيچل) مان، هاڻي ته اهي مزائي الائي ڪاڏي ويا؟ پر اهي سڀ ته ڳالهه پٺيان ڳالهيون نڪرنديون ويون آهن ۽ مان ان ڪري اوهان کي ٻڌائيندو ويو آهيان جو انهن جو ڪنهن نه ڪنهن طرح ٻاراڻي دنيا سان لاڳاپو آهي.
مان رهندو ته بابا وٽ هوس. پر جيئن ته منهنجو نانو ان وقت جو مشهور طبيب / حڪيم هئو. سو ڪئي ماڻهو هن وٽ مريضن جي علاج لاءِ ايندا هئا ۽نانو جڏهن به پري – اوري مريضن جي علاج لاءِ ويندو هئو ته مون کي به پاڻ سان گڏ گهوڙي تي وٺيون ويندو هو. رستي ۾ ڪنهن وڻ تي يا ٽيليگرام جي ڪنهن تارَ تي ڪا سُهڻن رنگا رنگي کنڀن واري ”چانهه“ (پکي) ڏسندو هوس ته پڇندو هوس: ”نانا! اها ڇاهي؟“ نانو ٻڌائيندو هو: ”اها چانهه آهي“ ائين هر دفعي پُڇندي پُڇندي، هڪ دفعي ناني سائينءَ مذاق ۾ يا بيزاريءَ وچان چئي ڏنو هئو: اها حرام زادي آهي، ان کان پوءِ جڏهن به چانهه ڪٿي ڏسڻ ۾ ايندي هئي ته مان پاڻ ئي چئي ڏيندو هوس: سائين مولوي صاحب! ”اها اٿو حرامزادي“ ان زماني ۾ ڪچا دڳ هوندا هئا، تڏهن به انهن دڳن تي ۽ وڏن واهن ۽ شاخن جي ٽاپ (ڪڙ) تي به پنڌ – ماپ جا پٿر کوڙيل ڏاڍا عجيب لڳندا هئا، ذهن ۾ سوال اُڀرندو هئو، اهي ڇو آهن، ڇا لاءِ آهن!؟ پڇندو هوس: اهي اڇا پَٿر ڪنهن کوڙيا آهن ڇا جي ڪري کوڙيا اٿن؟“ مولوي صاحب جواب ۾ پنڌ – ماپ جي جدول سمجهائيندو هئو:“ اهي ڪوهن – ميلن جا نشان آهن ۽ هر ميل جي وچ ۾ ننڍا پٿر آر – ڊي آهن، انهن مان پَنڌ جي مفاصلي جي خبر پوندي آهي“ مشڪل معاملو هئو، سو ان وقت جي عمر کي سمجهه ۾ نه پيو اچي ۽ منهنجي پُڇا به ختم ڪانه پئي ٿئي، هڪ ڀيري مولوي صاحب ڀوڳ ۾ چئي ويٺو: ”بابا! اها اڇي اڇي آهي بيلدار جي ڳُئي“. جواب ٻڌي مزو اچي ويو. بس پوءِ ته جتي به ڪا اهڙي ”آر – ڊي“ نظر ايندي هئي، شروع ٿي ويندو هوس: سائين مولوي صاحب! اها اٿو بيلدار جي ڳُئي“ ۽ منهنجو نانو سائين مولوي صاحب“ مرڪي پوندو هئو.
صحبت صاحب! مان ان حوالي سان ڏاڍو بد نصيب ماڻهو آهيان، امڙ جيجل منهنجي ان عمر ۾گذاري وئي جو ان جا مُهانڊا به ياد ڪونهن ته اها ڪيتري خوبصورت هئي، رنگ ڪهڙو هوس گوري يا سانوري، بابا سائين جا ڌنڌلا مهانڊا/ نشان ڪجهه ياد پون ٿا، زماني جي سختين ۽ محنتن/ جفا ڪَشين جا نشان چهري تي چٽيل هئس ۽ مولوي صاحب به تڏهن ئي ٻئي جهان ڏانهن راهي ٿي ويو هئو، جڏهن اڃا اسان ٻئي ڀائر بلوغت جي سن کي به ڪونه پهتا هئاسين ۽ پوءِ ”سير جي بلا سر سان“ وارو معاملو بڻيو، اهي ڳالهيون ياد اچن ٿيو ته اکين ۾ پاڻي ڀرجي ٿو اچي!
سوال: ادبي شروعات ڪهڙي عمر ۾ ٿي ۽ شاعري ڪرڻ جا ڪهڙا ڪارڻ هئا؟
جواب: ادبي شروعات ڏهن – کن سالن جي عمر ۾ شروع ٿي هئي. ان عمر ۾ مون ڪجهه بيت لکيا هئا، جيڪي صوفياڻي رنگ ۾ هئا. پوءِ ان وقت جي مشهور سنڌي ڪلامن ۽ ڪافين جي طرزن تي مون به ڪافيون لکيون، جيڪي ان وقت به چڱيون مشهور ٿيون، جيڪي تر جا شوقيه ڳائڻ وارا (ڏنڊي – ٺوڪ)اچي مونکان اهي ڪافيون لکرائي کڻي ويندا هئا ۽ وڃي محفلن / شادين وغيره ۾ ڳائيندا هئا، يا پاڻ ۾ ويهي راتين جو ڪچهريون ڪندي به ڳائينداهئا.
اهو غلط آهي ته شاعري ڪرڻ جا ڪي ”ڪارڻ“ ٿيندا آهن، هي هڪ قدرتي جذبو آهي/ ڏات آهي/ جنهن کي ڏاتار عطا ڪري، اهو هُنر، اهو جذبو، اها ڏات سڀ ڪنهن کي نصيب ڪونه ٿيندي آهي، ڪِن ٻين ماڻهن کي وري ڪي ٻيا هُنر قدرت عطا ڪندي آهي، ڪو ڊکڻ بڻجي ٿو وڃي، ڪو لوهر، ڪو شڪاري بڻجي ٿو وڃي، ڪو ”آهيڙي“، ڪو مصور، ڪو مجسمه ساز، ڪو سنگتراش ته ڪو ڪُنڀار به ٿي ٿو وڃي، ادب، شاعري وغيره ڄمندي کان ئي ڪن ڪن ماڻهن جي خون ۾، ضمير ۾، وجود ۾ قدرت طرفان موجود هوندي آهي ۽ شعور جي واڌ - ويجهه سان گڏ ان ۾ پختگي ايندي ويندي آهي. ڪي ماڻهو چوندا آهن، ”اسان کي عشق لڳو ته شاعر بڻجي پياسين، ته اهو هُو سچ ڪونه ٿا چون، لکين ماڻهو آهن دنيا ۾ جيڪي عشق ڪن ٿا، پوءِ اهي سڀ شاعر ڇو نه ٿا بڻجي پون؟ عشق (هر طرح جو)ڪنهن ڇوڪريءَ سان، ڇوڪري سان، قوم سان، وطن سان، شآعريءَ سان، پنهنجو پاڻ سان يا وغيره وغيره سان، ادب شاعريءَ لاءِ غذا جو ڪم ته ڏئي سگهي ٿو، ڪارڻ نه ٿو بڻجي سگهي، اها الڳ ڳالهه آهي ته هر هُنر، هر ڏانءَ جا ڪجهه ”ڪارج“ ضرور هجڻ گهرجن قوم وطن سان جي سجاڳيءَ ڀلائيءَ لاءِ سوچڻ/ لکڻ انسانيت جي احترام ۽ خوشحاليءِ جو پرچار ڪرڻ، امن ۽ آزاديءَ لاءِ پنهنجي ڏات ۽ فن کي وقف ڪري ڇڏڻ ۽ ٻيا اهڙا ڪم جن مان دنيا ۽ دنيا وارن جي ڀلائي ۽ انهن جي حقن جي حفاظت ٿيندي هجي، شاعريءَ جا اهي ئي/ اهڙا ئي ڪارج هجڻ گهرجن.
مون ڏهن سالن جي عمر ۾ شاعري ڪئي، ته ان عمر ۾ مون ڪهڙو عشق/ ڪيئن ڪنهن آدم – ڄائيءَ سان ڪيو هوندو؟ عشق بعد جي ڳالهه آهي/ جوانيءَ جي خواهش ۽ ضرورت هوندي آهي ۽ اُن وقت جو عشق به شاعريءَ لاءِ رڳو غذا، مواد/ موضوع بڻجندو آهي ۽ بس!
سوال: ادبي دنيا ۾ اوهان جي رهنمائي ڪندڙ يا استاد؟
جواب: شاعر ته مان 10 سالن جي عمر کان هئس، ڪچي – ڦڪي شاعري بيتن، ڪافين ۽ ڪلامن جي صورت ۾ ڪندو رهندو هئس، ادب سان دلچسپي به هوندي هئي، ننڍي عمر کان ئي وٺي، من پسند ڪافيون/ ڪلام پنهنجي بوڪن ۾ نوٽ ڪري رکندو ويندو هئس. پوءِ خيرپورناٿن شاهه ۾ جڏهن اسان اچي آباد ٿياسين، ته اتي سيد نياز علي شاهه مُحسن ڪڪڙائي کي ايندي ويندي ڏسندو رهندو هئس، ان وقت منهنجي عمر 25 – 26 سالن هئي، محسن صاحب جو ڳوٺ ته ”چوکنڊي“ تعلقو خيرپورناٿن شاهه هئو، پر هُو خيرپور جي آس – پاس جي اسڪولن: ڳوٺ فتح پور ۽ ڳوٺ ميوو چانڊيو ۾ پڙهائڻ لاءِ ايندو رهندو هئو. محسن صاحب تڏهن سنڌي ماستر هوندو هئو، پوءِ ته محسن صاحب انگريزي ماستر ٿي ويو هئو. محسن صاحب جي هٿ ۾ اڪثر ڪري ڪونه ڪو ڪتاب هوندو هئو، ۽ ساڳيءَ طرح منهنجي هٿ ۾ به ڪتاب هوندا هئا. انهيءَ حوالي سان اسان جي پاڻ ۾ ڏيٺ – ويٺ ٿي، سڃاڻپون ڪرايون ويون، انهيءَ کان اڳ ۾ مان محسن صاحب جي شاعري مختلف رسالن/ اخبارن ۾ ڇپيل ڏسندو رهندو هئس، ۽ پڙهندو به هئس، محسن کي به خبر پئي ته مان شاعري به ڪندو آهيان، هڪ – ٻن ڪتابن جو ترجمو به (اردوءَ – مان سنڌي) ڪري رهيو هوس، ڪجهه مضمون به ڪن اخبارن ۾ ڇپجندا رهندا هئا، ۽ پوءِ هڪ ڏينهن مون پنهنجي شاعري محسن صاحب کي ڏيکاري، محسن صاحب چيو هئو: يار! تو ۾ ڏاڍا جوهر ٿا ڏيکارجن، پر تنهنجي شاعري عروض جي قائدن مطابق ناهي، ڇُڙواڳ/ بنا نا ڪيليءَ جي اُٺ وانگر آهي، تون جيڪڏهن عروض سکي پوين ۽ ان مطابق شاعري ڪرين ته، وڏو نالو ڪمائي سگهين ٿو. خاص ڪري منهنجي اکرن کان ته محسن صاحب ڏاڍو متاثر ٿيو هئو.
پوءِ مون کي محسن صاحب عروض جي سکيا ڏيڻ شروع ڪئي، شاعريءَ جي اصلاح ڪئي ۽ تمام ٿوري ئي وقت ۾ منهنجو ادبي دنيا ۾ ناماچار ۽ مشهوري ٿيڻ لڳي، سال کن جي اندر مون علم عروض چڱي طرح سکي ۽ سمجهي ورتو ته محسن صاحب مون کي فارغ التحصيل ڄاڻائي، منهنجي اصلاح ڪرڻ بند ڪئي ۽ ٻار شاعر منهنجي حوالي ڪري ڇڏيائين، چي: ”بابا! هاڻي توهان وڃي آثم کان اصلاح وٺو، اُنهن شاعرن ۾ وفا ناٿن شاهي، رزاق ناٿن شاهي، عاجز ناٿن شاهي، جوهر ناٿن شاهي (ابن ”آزاد“ ميمڻ) ستار ناٿن شاهي، (حڪيم محمد صادق صاحب، طالب عباسي/ جيڪو هڪ پختو ۽ استاد شاعر هئو) جو پوٽو ۽ ٻيا به ڪافي شاعر منهنجي ڪنڌ ۾ وجهي ڇڏيا هئا. اهڙيءَ طرح شاعريءَ ادبي دنيا ۾ منهنجي واڳ وٺندڙ/ استاد سائين محسن ڪڪڙائي بڻيو ۽ مان محسن صاحب جي آخري دم تائين سندس عزت ۽ احترام ۾ ڪابه ڪوتاهي نه ڪئي. محسن صاحب مون سان ڏاڍو پيار ڪندو هئو ۽ هر ميڙاڪي ۾ منهنجي ۽ منهنجي شاعريءَ جي تعريف ڪندو رهندو هئو.
سوال: اوهان شاعري کي پنهنجي سڄي عمر ڏني، واپسي ۾ اوهان کي ڇا مليو؟
جواب: اهو سوال ناهي، طعنو آهي، شاعريءَ کي به شاعر کي به، نيڪيءَ جو صلو (عوض) نه ملڻ چاهبو آهي، نه گهرڻ گهربو آهي، توهان اها چوڻي ته ٻڌي هوندي ”نيڪي ڪر دريا ۾ اڇلي ڇڏ“ ته شاعري به هڪ نيڪي آ، جنهن سان قوم جي سجاڳي، معاشري (سماج) جي اصلاح ۽ وطن سان وفاداري ۽ محبت جو حق ادا ڪرڻ ڪوشش ڪئي ويندي آهي. ۽ هر طرح شاعري جي اڳيان شاعريءَ جا اهي ئي ڪارج هوندا آهن/ هئڻ گهرجن، ان لاءِ ڪنهن صِلي ۽ عوض جي تمنا رکڻ چريائي ٿيندي.
شاعري: ڪنهن ڪمپنيءَ ۾ ناڻي جي سيڙپ به ناهي، جتان وڏو ڪو فائدو ملڻ جي اميد هجي. شاعريءَ: دڪانداريءَ به ناهي جنهن ۾ رڳو نفعو ئي نفعو هجي، شاعري ڪا بئنڪ به ناهي، جتي پنهنجو اڪائونٽ کولڻ سان هر مهيني مُور تي وياج ملندو هجي، شاعري فطرت جي طرفان مليل هڪ فن آهي ۽ ان کي نيڪ ڪمن جي ڪارجن ۾ استعمال ڪرڻ گهرجي.
صحبت بابا! مان ٽئين درجي جي معاشرتي خاندان جو هڪ شخص آهيان، مون وٽ دنياوي ڪنهن به قسم جي ڪا دولت ڪانهي، پر توهان منهنجو نالو ڪهڙي به ماحول ۾ ڪهڙي به چوياريءَ ۾ وڃي کڻندا ته مون لاءِ احترام ۽ عزت سان ڳالهايو ويندو. مان اڪثر وڏين وڏين بيمارين جو شڪار ٿيندو رهيو آهيان ۽ وڏين وڏين اسپتالن جا چڪر لڳائيندو رهيو آهيان ۽ اتي جڏهن به منهنجو نالو ”آثم ناٿن شاهي“ ٻڌايو آهي ته، وڏن وڏن ڊاڪٽرن اٿي بيهي اخلاق ۽ احترام سان منهنجي آجيان ڪئي آهي، پوري توجه ۽ ڌيان سان منهنجا آپريشن ۽ علاج ڪيا اٿن، ته اهو سڀ ڇاهي؟ ان کان سواءِ مون کي پوري سنڌ ۾ بيحد عزت جي نظر سان ڏٺو ٿو وڃي، پُرخلوص پيار ۽ عقيدت سان ياد ڪيو ٿو وڃي. ان کان وڌيڪ ٻي ڪهڙي دولت مون کي گهرجي/ ڪانه گهرجي!
سوال: اوهان محسن ڪڪڙائي جي ويجهو رهيو، محسن جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو؟
جواب: سائين لطيف فرمايو:
”ماڻهو سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنجهه،
ڪنهن ڪنهن ماڻهوءَ منجهه، آهي بُوءِ بهار جي“
ته سائين محسن ڪَڪڙائي (رب سائين کيس جنت ۾ جايون ڏنيون هونديون) اهو ماڻهو هئو جنهن ۾ هميشه بسنت ۽ بهار جي بوءِ (خوشبوءِ) موجود هوندي هئي. شاعريءَ جي سندس شاگردن سان هن جو رويو سدائين دوستاڻو رهندو آيو، خوش طبع، کِل – مُک، خوش لباس ۽ قدري خوش خوراڪ به هوندو هئو ان سان گڏ فقير منش (هن پنهنجي هر تحرير جي آخر ۾ پنهنجو نالو لکندو هئو ”فقير محسن ڪڪڙائي“) صلح پسند – قوت برداشت ۾ پهاڙ، گفتگو (ڳالهه – ٻولهه) ۾ پُر اعتماد، دليل، مثال ۽ حوالا ڏئي پنهنجي موقف کي درست ثابت ڪرڻ چاهيندو هئو.
جڏهن خيرپورناٿن شاهه ۾ اسان ڪجهه دوستن محسن جي نگرانيءَ ۾ ”ادارهء فلاح و بهبود“ قائم ڪيو ۽ ان سان گڏ هڪ لئبريريءَ جو بنياد به رکيو ته، محسن صاحب اڪثر ڪري اتي اداري ۾ ئي ٽِڪي پوندو هئو، پنهنجي ڳوٺ چوکنڊيءَ گهٽ راتيون گذاريندو هئو، خيرپور جي ڀرسان جتي به هن جي ڪنهن اسڪول ۾ ڊيوٽي هوندي هئي، اتان موٽندي خيرپورناٿن شاهه ۾ ئي اچي اداري جي آفيس ۾ رهندو هئو. ۽ مون ڪيترا سال محسن صاحب جي کاڌي – پيتي، هنڌ بستري ۽ لٽن - ڪپڙن جي پنهنجي گهران ڌئارڻ جي خدمت جا فرض فراخدليءِ سان ادا ڪيا. بهر حال محسن صاحب وڏي معيار، مضبوط شخصيت وارو پيارو ماڻهو به هئو ۽ پنهنجي همعصرن شاعرن ۾ وڏو شاعربه، اهڙا ماڻهو ڪي ورلي پيدا ٿيندا آهن، ”خدا بخشش کند اين عاشقانِ پاک طينت را.“
سوال: وفا ناٿن شاهي جي غزل کي سنڌي ادب ۾ سٺي مڃتا ملي، جڏهن ته اوهان وفا جي غزل جي شروع شروع ۾ اصلاح به ڪئي، پر پوءِ به اوهان جي غزل کي ايتري مڃتا نه ملي؟ ان جا ڪهڙا ڪارڻ ٿي سگهن ٿا؟
جواب: بلوچ صاحب! پهرين ڳالهه اها ته جيڪڏهن ”وفا“ جي غزل کي سنڌي ادب ۾ سٺي مڃتا ملي ٿي / ملي آهي، ته اها ٻين کان وڌيڪ مون لاءِ خوشيءَ جي ڳالهه آهي، ڇو ته مون وفا جي شاعريءَ ۾ خود وفا کي غزل جو بادشاهه بڻايو، وفا کي منفرد غزل لکڻ وارو مون چيو. ته پوءِ ان کي جيڪڏهن ڪا مڃتا ملي آهي ته اصل ۾ اها منهنجي مڃتا آهي، باقي اهو توهان کي ڪنهن غلط ٻڌايو آهي، يا خود وفا پنهنجي حيثيت کي ”آثم“ جو محتاج ٺهرائڻ کان بچڻ لاءِ غلط بيانيءَ کان ڪم وٺندي ائين چيو آهي/ هوندو ته آثم سندس ابتدائي شاعريءَ جي رڳو اصلاح ڪئي هئي. سچ اهو آهي ته ”سائين محسن“ ئي وفا جي ابتدا اصلاح ڪئي هئي، ۽ پوءِ منهنجي حوالي ڪري ڇڏيو هئائين وفا کي، ۽ وفا 92- 1990ع تائين مون کان اصلاح وٺندو رهيو، 64-1963ع کان وٺي هن جا کوڙ سارا رجسٽر ۽ ڊائريون مون وٽ اصلاح لاءِ پيل هونديون هيون (ان جو ثبوت وفا جا اُهي ڏيڍ سئو کان مٿي لکيل مون ڏانهن موڪليل خط آهن، جن ۾ هن تقريباَ هر خط ۾ شاعريءَ جي اصلاح لاءِ مون کي لکيو آهي) وفا هن وقت اسان جي وچ ۾ موجود ڪونهي (ڌڻي کيس بهشت نصيب ڪري) پر ان جا خط شاهيءَ طور مون وٽ موجود آهن. پر بلوچ صاحب انسان ايترو ”انا پرست“ ساهوارو آهي، جو پاڻ کي گهٽ ڏسڻ/ گهٽ ڪرڻ نه چاهيندو آهي، ۽ وفا به هميشه ائين ئي ڪندو رهيو. پنهنجي ڪنهن به ”محسن“ (چڱائي ڪرڻ وارو) جي دل سان مڃتا نه ڪندو هئو.
ٻي ڳالهه ته اوهان رڳو ”وفا ناٿن شاهيءَ“ جي غزل جي سنڌي ادب ۾ مڃتا جي ڳالهه ڪئي آهي، جڏهن ته شاعري رڳو غزل جي صنف تائين محدود ناهي، شاعريءَ جون ٻيون به ڪيئي صنفون آهن، جن ۾ وفا کي ڪا گهڻي (بلڪه ڪابه) مڃتا نه ملي آهي. وفا جي غزل جي مڃتا به هڪ مخصوص گروپ جا فرد ئي ڪندا رهيا آهن، ۽ اوهان جو گهڻو اُٿڻ – ويهڻ به شايد رڳو انهيءَ ئي گروپ جي ماڻهن سان هئو/ آهي. سنڌ جي ٻين پاسن (علائقن) تي به نظر وجهي ڏسو ته اُتي منهنجي نه رڳو غزل کي، وفا جي غزل جيترو مڃيو ٿو وڃي، پر منهنجي ٻي شاعريءَ: نظم، وائي، سنڌيجا ۽ ٽه - سِريون کي به گهڻو پسند ڪيو ٿو وڃي ۽ وڏي مڃتا ملندي رهي آهي. اُن جو ثبوت اُهي هزارن جي تعداد ۾ خط آهن، جيڪي سنڌ جي مختلف (سِري کان لاڙ تائين جي) هنڌن تان مون کي پهچندا رهيا آهن ۽ مون وٽ موجود آهن. پر شاعريءَ جي اهڙين ڪي ٻين صنفن ۾ وفا جي مڃتا نه جي برابر آهي، هڪ ڳالهه هي به آهي، ته وفا کي گُهري وٺڻ جي عادت به هئي. هو پنهنجي مڃتا لاءِ پوري سنڌ ۾ خط لکي ۽ روبرو ماڻهن سان ملاقات ڪري، پنهنجي لاءِ مضمون، مقالا لکرائڻ ۽ زباني مڃتا (تعريف) ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو هئو. جڏهن ته مون کي گُهري وٺڻ بُرو لڳندو آهي. بلڪه مان ان کي پنهنجي گهٽائي سمجهندو آهيان. منهنجو هڪ شعر آهي:
”گهمي گُهر، رکي ڪنهن گڏهه تي ٻني،
وتو نانءُ ناهي، مون ڪنهن کان پنَي.“
۽ وڏو سبب اهو به آهي، جو مان 72-1970ع کان تقريباَ 1980ع تائين پنهنجي ڪن گُهرو ۽ سماجي حالات سبب ادبي دنيا کان ڪَٽيل رهيو هوس. مون شاعري لکڻ/ ڇپرائڻ ۽ مشاعرن ۾ وڃڻ بلڪل بند ڪري ڇڏيو هئو، ۽ وفا کي کُليو ميدان ملي ويو، هن مشاعرا اٽينڊ ڪيا، شاعري لکي/ ڇپرائي ۽ ائين هن کي اُڀرڻ جو موقعو ملي ويو. 1980ع کان پوءِ مان وري جڏهن ادبي ميدا ۾ لٿس ته وفا جي اُها پوزيشن برقرار نه رهي، جيڪا وچ ۾ هن کي ملي هئي. بهرحال پوءِ به مان وفا جي مڃتا تي هميشه خوش ٿيندو رهيو آهيان، مون کي ان ڳالهه تي نه ته ڪو اعتراض رهيو آهي، نه ڪوئي حسد، ها هڪ شيءِ اِها به آهي، ته منهنجي غزل ۾ ڪلاسڪ گهڻي آهي، تنهن ڪري پڙهندڙ ان تائين پهچي نه ٿا سگهن، ۽ مان ڀانيان ٿو ته وفا جي غزل ۾ ايتري ڪلاسيڪت ڪانهي، صرف بيانيه انداز آهي جيڪو عام ماڻهن کي سمجهه ۾ اچي ٿو وڃي.
سوال: اوهان ادبي ڪچهريون ۽ ادبي ميڙاڪن کان پاسيرا ٿي ويا آهيو. ان جا ڪهڙا ڪارڻ آهن؟
جواب: انهيءَ سوال جو جواب مان ڪيترن ئي انٽريوئن ۾ ڏئي چڪو آهيان، خاص ڪارڻ اِهي آهن ته مون پنهنجي گهريلو ذميوارين ۽ اولاد جي ڪفالت تي وڌيڪ توجهه ڏنو آهي/ معاشي حالات اهڙا ڪڏهن به نه رهيا آهن، جو ادبي ڪچهريون ۽ ميڙاڪن ۾ وڃڻ جو خرچ افورڊ ڪري سگهجن ۽ تمام ڊگهي عرصي کان مان مختلف وڏين وڏين بيمارين ۾ جڪڙيو رهيو آهيان، ان ڪري مان پنهنجي مشڪوڪ صحت کي ساڻ کڻي، پري – اوري جي ادبي گڏجاڻين/ مشاعرن ۾ وڃڻ ترڪ ڪري ڇڏيو آهي.
هونءَ به مشاعرن ۽ ميڙاڪن ۾ وڃڻ ڪا فرض ڪيل بندگي، يا لازمي واجب ٿيل شيءِ ته ڪانهي، جو ماڻهو ضرور حاضري ڀرائيندو رهي. ان جي بر خلاف مان گُهر ۾ ويهي وڌيڪ ادب جي خدمت ڪري سگهان ٿو/ ڪيان ٿو پيو. ۽ مان پنهنجي اِن عمل کان تمام گهڻو مطمئن آهيان.
سوال: اوهان شاعرجي اک سان هڪ سٺي غزل ۾ ڪهڙيون خوبيون ڏسو ٿا؟
جواب: اکر اکر مان موسيقي ڇَلڪندڙ نظر اچي، جملن جي پوچ ۽ ترتيب نو لکي هار وانگر هجي، رديف ۽ قافيا پاڻ ۾ ائين لاڳاپيل هجن، جيئن رخصتيءَ (نکيتيءَ) وقت، گهوٽ جي بوچڻ سان ڪنور جي پوتيءَ جو پلئه ٻڌل هجي، بي قيمتا ۽ ڀرتي جا لفظ نه ٽُنبيل هجن لهجن ۾ سنڌين جو ساءُ ۽ سڀاءُ هجي، ڪوشش ڪري صاف سُهڻي ۽ بار محاورا پنهنجي سنڌي ٻولي استعمال ڪرڻ گهرجي. جماليات به، ڪَن رَسُ سان گڏ مَنَ رَسُ به هجي ته مان ان کي سُٺو غزل سمجهندس/ چوندس.
سوال: اسان جو اديب پنهنجي ذميوارين کان ڪيترو واقف آهي؟ يا هو رڳو واهه واهه جي ڌٻڻ ۾ گتو پيو آهي؟
جواب: صحبت! اڄ جو اديب پنهنجي ذميوارين کان ڪافي حد تائين واقف ته آهي، پر هو انهن ذميوارين کي نباهڻ ۾ يا سُستيءَ کان ڪم وٺندو رهي ٿو، يا ڪن مصلحتن سبب اُهي پوريون ڪرڻ کان لنوائي ٿو وڃي.
ٻي ڳالهه ته هڪڙا ڪل وقتي ۽ فطرتي اديب/ ليکڪ آهن، اهڙن اديبن/ شاعرن کي هر وقت پنهنجي ذميوارين جو احساس آهي، ۽ ڪنهن حد تائين اُهي پنهنجون ذميواريون پوريون به ڪن ٿا ۽ ٻيا وري نمائشي ۽ ريسارا شاعر آهن، جيڪي رڳو پنهنجي نمائش لاءِ يا وري پاڻ کي شاعرن ۾ شمار ڪرائڻ لاءِ ڪجهه جائز/ ناجائز سٽون لکي وٺن ٿا. اهڙن شاعرن وٽ پنهنجي ذميوارين کي محسوس ڪرڻ ۽ انهن کي پوري ڪرڻ جي ڪا چنتا/ ڳڻتي ڪانه ٿي هجي. اهڙا اديب واقعي به ذميوارين ادا ڪرڻ کان وڌيڪ ”واهه واهه“ جي پويان لڳا پيا وتن.
سوال: تنقيد تي ڪجهه روشني وجهو؟ اڄ جي نقادن کان ڪيترو مطمئن آهيو؟
جواب: ادا سچ اهو آهي ته، تنقيد ادب لاءِ ائين آهي، جيئن سونارو، سون کي ڪوٺاريءَ ۾ ڳاري، انهيءَ مان مِٽِ، مَرَ ۽ ٻي ملاوٽ ڪڍي، ان کي نِجُ صاف بڻائيندو آهي، ٻين ملڪن جي ادب ۾ تنقيد جو وڏو قدر ۽ مانُ آهي. اتان جا تنقيد نگار (نقاد) به انصاف پسند ۽ غير جانبدار هجن ٿا. هو هر شيءِ جي کوٽي ۽ کري جي پَرک، دليلن، ثبوتن ۽ حوالن سان ڪن ٿا/ اوٽ تي ٿاڦوڙا ڪونه ٿا هڻن. غلطين جي نشان دِهي ڪَن ٿا، غلطين کان بچڻ جون هدايتون ۽ صلاحون ڏين ٿا. اُنهن جو پنهنجو توڙي انهن جي تنقيد جو معيار تمام مٿانهون آهي.
اسان جي ادب ۾ به ڪافي وقت اڳ سُٺيون سُٺيون ۽ با مقصد تنقيدون ٿينديون رهيون. توڙي جو انهن ۾ به گروپ بنديءَ کي بنياد بڻايو ويندو هئو. پر پوءِ به انهن جا ڪجهه چڱا ڪارج به هئا. هاڻي ته بابا! توبهه پيو ڪر، تنقيد جو نالو ورتُئه ته ڄڻ کَکر ۾ کَڙو هنيئه، ڪنهن تي تنقيد ڪيئه ته ڄڻ ان کي لَٺ هڻي ڪڍيئه. مان ڏاڍو ٿڌي دل، دماغ ۽ ڌيرج وارو ماڻهو آهيان، پر سچ پڇين ته مان به تنقيد تي ذري گهٽ ناراض ٿي پوندو آهيان، سنڌي ادب جو جيڪو اڄوڪو دور آهي، ان ۾ ته تنقيد جو نانءُ نشان ئي ڪونهي، تنقيد جي نالي تي يا ته ڪنهن جي غير ضروري تعريف/ حد کان اڳتي وڌي ڪئي پئي وڃي. يا وري ڪنهن جي ناجائز حد تائين تنقيد ۽ هتڪ آميز حد تائين اُن تي طنز ڪئي پئي وڃي. اديب/ شاعر ٽولن/ گروهن ۾ ورهائجي ويل آهن. هر ٽولو پنهنجي گروپ جي ساراهه ۾ پيو لکي ۽ مخالف ڌُر جي گهٽتائي پيو ڪري، ڄاڻ ڪانه پوءِ به تنقيد نگار، تنقيد جي علم کان ڪورو پوبه نقاد، بس وَهي نه وَهي وٺ رينگٽ کي“ هُن جي شيءِ سُٺي آ ته ڪيئن سُٺي آ، نه ان تي ڪو بحث نه وضاحت، جي هن جي شيءِ خراب آ ته ڇو خراب آ؟ ان جي لاءِ نه حواله نه ثبوت، نه تفصيل نه تشريح، مقصد هو اُن کي هيٺ ڪرڻ سو ڪيو ويو. ”الله الله خير صلح!!“ مون تي به ڪن دوستن تنقيدون ڪيون ۽ اڳتي به ڪندا، پر مان اُهي سڀ ڪوڙا/ ڪسارا ڍُڪ صبر ۽ بردباريءَ سان ڳيتي ويو آهيان ۽ ڳيئندو رهندس.
”شپره گر نورِ آفتا نه خواهد،
رونقِ بازارِ آفتاب نه کاهد“
چمڙي کي جي سج جو نُرُ (روشني) نه ٿي گُهرجي، ته سج جي روشنيءَ جي اهميت ۽ رونق گهٽجي ڪانه ويندي! خدا انهن دوستن کي خوش رکي!! پاڻ ته هر انسان لاءِ دعاگو آهيون.
سوال: سائين هيل تائين توهان جي شاعري جا ڪافي مجموعا ٿي ويا آهن. جڏهن ته اوهان جو هڪڙو مجموعو مارڪيٽ ۾ نه آيو آهي ۽ جڏهن ته اوهان جي شاگردن جا ڪيئي ڪتاب به اچي ويا آهن.
جواب: توهان کي شايد خبر ناهي، منهنجا هن وقت تائين شاعريءَ جا ٻه مجموعا: (1) ”جڏهن الا اُڀ ۾“ (1994) ۽ (2) ”لهرون لهرون لاٽ“ (1998ع) ڇپجي مارڪيٽ ۾ اچي چُڪا آهن، جڏهن ته نثر ۽ نظم ۾ منهنجا 32 – 33 مجموعا ڪتابي صورتن ۾ ترتيب ڏنل مون وٽ موجود پيا آهن، منهنجي ٻنهي ڇپيل ڪتابن تي مون کي ايوارڊ به ملي چڪا آهن، پهرين مجموعي اچڻ تي، ماهوار ڪينجهر حيدرآباد جي ايڊيٽر ناز سنائيءِ ”مون کي“ ڪينجهر ڪوتا ايوارڊ ڏنو هئو، جيڪو پوءِ مون ڪِن اختلافن سبب ”ناز“ کي واپس ڏئي ڇڏيو هئو. ۽ ٻئي مجموعي تي مون کي مرڪزي سنڌي ادبي سنگت (سنڌ) طرفان به ايوارڊ ڏنو ويو. ان کان سواءِ منهنجا ٻه – ٽي شعري مجموعا مسودَن جي صورتن ۾ به ڪن دوستن وٽ اٽڪيا پيا آهن.
منهنجا شاگرد، جن جو تعداد ٽيهارو کن آهي ۽ اهي سڄي سنڌ جي ڪُنڊ – ڪُڙڇ ۾ پکڙيل آهن، انهن مان صرف وفا ناٿن شاهيءَ جا ٻه مجموعا، سرور نواز ٻُگهئي جو هڪ مجموعو، ممتاز عباسيءَ (جنهن ڪجهه وقت ”لهرون“ ماهوار رسالو به جاري ڪيو هئو) جو هڪ مجموعو ۽ زاهد راڄپر جو هڪ مجموعو ڇپيو آهي. سو اوهان جو اهو چوڻ ته ”منهنجي شاگردن جا ڪيئي ڪتاب اچي ويا آهن“ محض هڪ وڌاءُ آهي.
اوهان کي خبر آهي ته اڄ ڪلهه ڪتاب (خاص ڪري شعري مجموعا) اڪثر شاعر پنهنجي خرچ تي ڇپائن ٿا. جن ماڻهن وٽ پئسا آهن، اهي پنهنجا ڪتاب آڻيندا رهن ٿا، پوءِ اهي ڪهڙا به هجن، باقي اسان پارا غريب شاعر/ ليکڪ کوڙ وتن ٿا چپٽيون وڄائيندا. ته هاڻي ڪوئي پبلشر/ ڪو ناشر منهنجو ڪو ڪتاب نه ٿو آڻي، ته منهنجہ انهيءَ ۾ ڪهڙو ڏوهه؟ پنهنجي ڀاڳ ۾ ته ڄمندي کان ئي غريبي هئي، ۽ اڃا تائين پئي هلي. تنهن هوندي به بلوچ صاحب! اُميد کان نا اميد ڪانه ٿي آهي، ڪڏهن نه ڪڏهن اُهي ڪتاب ضرور ڇپبا. شڪايت ڪنهن پبلشر کان ڪانهي، صرف افسوس آ ته پَرک ناهي? پارکُو ڪونهن!!.
سوال: عشق، پيار، محبت، جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو، ۽ پنهنجي پريم ڪهاڻي ٻڌايو؟
جواب: فارسيءَجي ڪنهن شاعر چيو آ:
”عشق اَوَل در دِل معشوق پيدا جي شود“
(عشق اڳ ۾ معشوق جي دل ۾ پيدا ٿيندو آهي) سو، جي ڪنهن خوبصورت ماڻهوءَ جي دل ۾ منهنجي لاءِ عشق جو جذبو پيدا ٿيو هوندو، ته يقينن مون به ان سان عشق ضرور ڪيو هوندو. ۽ سائين لطيف فرمايو:
”عشق ناهي راندِ، جيئن کيڏن ڳَڀروُ،
سِسي نيزي پاند، اڇل ته اَڌ ٿئي.“
لطيف جي فڪر ۽ فلسفي مطابق، عشق اهڙو هڪ بي اختيارانه جذبو آهي، جيڪو از خود دل ۾ پيدا ٿي پوندو آهي ۽ پوءِ اهڙي عشق ۾ سر ۽ ساهَه وڃڻ جي پرواهه نه ڪرڻ گهرجي، پر، اتفاق سان ڪلهه ٽي – وي ڏِسندي ته هڪ چينل تان مائي فرزانه پروين“ جي وڊيو ڪيسٽ ٻُڌڻ جو موقعو مليو: هونءَ ته فرزانه ڏاڍي سيبتي ڳائڻي (فنڪاره) آهي، آواز به پيارو اٿس، ته اُن جي واتان هڪ شاعر پنهنجو هي ڪلام ڳائرائي رهيو هئو:
”ڏئي صلاح عشق سندي توکي ڪنهن مارايو آ،
هي جوانيءَ ۾ ڪارو وڳو توکي ڪنهن پارايو آ!“
هاڻي سائين پُڄو! اڄوڪا شاعر/ عاشق چوڻ لڳا آهن ته: ”عشق جي صلاح ڏئي توکي ڪنهن دشمن مارائڻ جي ڪوشش جو ڪردار ادا ڪيو آهي،“ ته اهو عشق ناهي هَوس آهي مطلب پَرستي آهي، ۽ مون اهڙو عشق ڪرڻ نه چاهيو ڪڏهن، نه ڪيو ئي هئو ڪڏهن، عشق ڪيو ضرور، پر اهو ڪنهن هڪ ماڻهوءَ سان ڊگهي عرصي تائين ڪونه هليو هئو. ڪجهه پيارا ماڻهو منهنجي زندگيءَ ۾ آيا، مون کي اُنهن موهيو ۽ مون خاموشيءَ سان انهن جي پوڄا ڪئي ۽ بَس، انهن مان هڪ ماڻهو جيڪو مون کي زور وڻيو هئو، ان زماني ۾ مون هڪ نظم ۾ هي سِٽون لکيون هيون:
”شاعري، سنڌ ۽ هِڪَ سِنڌ جو سُهڻو ماڻهو،
منهنجي دل ۾ ٿا هڪ ئي وقت رهن ٽي محبوب.“
انهيءَ مان توهان اندازو لڳائي سگهو ٿا ته منهنجو عشق رڳو ان هڪ حَسين نازنين سان ڪونه هئو، پر شروع کان وٺي ئي منهنجون ٻه محبوبائون ٻيون به هيون هڪ ”سنڌ“ ٻي شاعري“، صحبت سائين عشق رڳو ڪنهن ڇوڪريءَ يا ڇوڪري سان ئي ڪونه ڪبو آهي عشق قوم سان، ٻوليءَ سان، وطن سان، انسان ذات سان، پنهنجي گهر واريءَ سان، اولاد سان ۽ پنهنجي پاڻ سان به ڪبو آهي ۽ مون انهن سڀني شين سان عشق ڪيو آهي، ڪنهن صِلي جي لالچ ۽ عوض جي تمنا ڪئي بنا پَرخلوص عشق، ۽ اهائي منهنجي پريم ڪهاڻي به آهي.
سوال: پنهنجي دور جي ادبي ميڙاڪن جي خوبصورت ماحول جي عڪاسي ڪرڻ پسند ڪندو؟
جواب: مشاعرن/ محفلن ۾ سنجيدگي هوندي هئي، بردباري هوندي هئي، سانت ۽ سليقي سان مشاعرا ٻڌا ويندا هئا، ننڍي – وڏي شاعر جو هڪ جيترو آڌر ڀاءُ ٿيندو هئو، هڪ ٻئي کي احترام جي نظر سان ڏٺو ويندو هئو، عزت ڪئي ويندي هئي.
ان دور ۾ ادبي ڪچهرين ۾ الغوزن وارا، نڙ – بيتن وارا ۽ راڳي به گهرايا ويندا هئا. ٻُڌڻ وارا سڀ ڪنهن کي هڪ جهڙي چاهه ۽ شوق سان ٻڌندا هئا. واه واه ٿيندي هئي، تاڙيون وڄنديون هيون شاعر کي ”داد“ صرف معياري شعر تي ملندو هو، نه ته خاموشي هوندي هئي، وڏو رنگ لڳندو هئو، پري پري مشاعرن تي (جوءِ – تر جي مشاعرن کان علاوه) به وڃبو هئو. جيڪب آباد/ خيرپور ميرس کان وٺي ڪراچي/ حيدرآباد تائين جي وچ وارن شهرن ۾ به مشاعرا/ ادبي گڏجاڻيون اٽينڊ ڪندا هئاسين، مون کي خانگي نوڪري هوندي هئي، مشاعرن تي وڃڻ جي موڪل نه ملندي هئي، ته بنا موڪل هليو وڃبو هئو، ائين پنهنجون ٻه – ٽي نوڪريون به وڃائي ويٺو هوس، مشاعرن تي ويندي سائين مُحسن ڪَڪڙائيءَ جو خصوصاَ ۽ وفا ناٿن شاهيءَ جو به ڪڏهن ڪڏهن ڀاڙو خرچ مان ڀريندو هوس.
هاڻي جي مشاعرن ۾ اهو ساءُ، اُهو نظم ۽ ضبط ڪونهي. ماڻهو رڳو مشاعرن ۾ گهرايل راڳين جو راڳ ٻُڌڻ اچن ٿا، شاعر کي ته صرف مجبوريءَ کان برداشت ٿا ڪن. گروپ بنديون آهن. هڪ ٻئي جي مخالف شاعر/ گروپن جا حامي/ حمايتي مخالف ڌُر جي شاعر لاءِ اهڙا رَوَيا ٿا رکن ۽ اهڙا ريمارڪس ڏيندا آهن جو شاعر کي مائيڪ ڦٽي ڪري اسٽيج تان لهي وڃڻ تي مجبور ٿيڻو ٿو پوي، اڄ مشاعرن جي اها اهميت نه رهي آهي. دل کَٽي ٿي وئي آهي.
سوال: سنڌي ادبي سنگت جي ڪارڪردگي کان ڪيتري قدر مطمئن آهيو؟
جواب: نَهڪر ۾ ڪَنڌ جي ڌوُڻ/ صرف ٻه جُملا (انٽرويوئر) صحبت سائين! وات نه کولراءِ منهنجو.
"پردے میں رہنے دو.....................
سوال: اوهان جيترو لکيو، اوهان جو سنڌي ادب ۾ هڪڙو وڏو نانءُ آهي، پر پوءِ به سنڌي اديبن اوهان کي ايتري مڃتا نه ڏني، جنهن جا توهان مستحق آهيو؟
جواب: مون هينئر تائين، توهان جي سوالن جا جيڪي جواب توهان کي ڏنا آهن. انهن ۾ ڪوبه تڪلف ۽ تڪليف مون ڪانه ڪئي آهي. نه انهن ۾ پنهنجي ڪا علمي لياقت ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي نه مصنوعيت کان ڪم ورتو آهي، نه پاڻ پسنديءَ جو اظها رڪيو آهي. مون پنهنجي ٻوليءَ جي روزمره جي ڳالهه ٻولهه مطابق تُز ۽ سڌا سنوان جواب ڏنا آهن، ڪابه هيرڦير انهن ۾ نه ڪئي آهي، جيئن عام طرح سان پنهنجي گهر/ پنهنجي دوستن ۾ فري ٿي ڳالهائبو آهي، ائين ئي اوهان سان به ڳالهايو آهي. ۽ اوهان جي اڳلن سوالن جا جواب به ساڳي طرح بلڪل سچائيءَ ۽ حقيقت پسنديءَ سان ڏيڻ جي ڪوشش ڪندس، خبر ناهي منهنجي ڳالهائڻ جو اِهو انداز توهان کي وڻندو يا نه/ قبول ڪندءُ يا نه! پر منهنجي مجبوري اِها آهي ته:
”ڏينهُن: جنهن ۾ نه سچ چيم ڪنهن کي،
مون تي آثم! عذاب ٿي گذريو“
مڃوتي (مڃتا) اوهان الائي ڇاکي ٿا چئو؟ مان ته سمجهان ٿو/ بلڪ مان مطمئن آهيان ته منهنجي پوري سنڌ ۾ ”گجو (لاڙ) کان وٺي گهوٽڪي“ (سيرو) تائين کوڙ ساري مڃتا آهي. مون کي پيار سان پڙهيو وڃي ٿو ۽ عزت جي نگاهه سان ڏٺو ٿو وڃي. اوهان دادوءَ جا رهاڪو آهيو، ته ڇا دادوءَ جا سڀ اديب/ليکڪ مون کي/ منهنجي شاعريءَ کي ڪونه ٿا مڃن؟ اهڙي طرح توهان سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ وڃو، منهنجي شاعريءَ بابت معلومات وٺو/ ادبي برادريءَ کان راءِ وٺو. مون کي يقين آ ته سڀ اوهان کي مون بابت بهترين راءِ ڏيندا. انفرادي طور تي اوهان شمشير الحيدريءَ کان پُڇو/ امداد حسينيءَ وٽ وڃو/ تاجل، تاج بلوچ، سرڪش سنڌي، ادل سومرو، اياز گل وغيره جهڙن اديبن کان به راءِ وٺي ڏسو، سڀ منهنجي شاعريءَ بابت مثبت راءِ ڏيندا. ۽ هيءُ جو سنڌ جي ڪُنڊ ڪُڙڇ کان مون وٽ هزارن جي تعداد ۾ خط پهتل آهن/ پهچندا رهن ٿا، ته اُهي ڪي اجايا ته نه هوندا نه! انهن ۾ به منهنجي شاعريءَ لاءِ سُٺا رايا ئي ته آهن، ته ڇا اِها مڃوتي ناهي؟ باقي اديب ويچارا (ڪن ٿورن کان سواءِ) سڀ غريب لڏو آهن، سي مون کي ڪار يا بائيڪ ته ڪونه وٺي ڏيندا نه، بنگلو يا ماڙي، ته نه ٺهرائي ڏيندا نه! هونءَ به ڪنهن شخص يا ان جي فن جي سُٺي – ڪسي هجڻ جي خبر ته تڏهن پوندي نه، جڏهن ان بابت ڪو ماڻهو/ ڪن ماڻهن کان پڇي ڏِسندو. ائين ته ماڻهو/ اديب شهر ۾ منادي (پڙها) ته ڪونه ڏيندا وتن نه.
ها! البت هڪ مخصوص ٽولو آهي، جن جو هڪ نانيءَ ويڙهو ٺهيل آهي، اهي پنهنجي لکيڻين ۾ رڳو هڪ ٻئي جي تعريف لکندا آهن، پر انهن کان به اوهان زباني طرح منهنجي لاءِ/ منهنجي شاعريءَ لاءِ پُڇندا ته اُهي به سُٺن خيالن سان/ سهڻن لفظن ۾ منهنجو ذڪر ضرور ڪندا، ته صحبت صاحب! مون کي ان طرف کان ڪابه کوٽ محسوس ڪانه ٿي ٿئي، باقي جيڪڏهن مڃتا مان اوهان جي مراد آهي ڪتابن جو ڇپجڻ ته پوءِ ان پاسي کان مان اڃا تائين واقعي به محروم آهيان.
سوال: وفا جا اوهان وٽ خط آهن، ان لاءِ مون به اوهان کي پيشڪش ڪئي ته اهي خط ڏيو ته جيئن سڀ سهيڙي هڪ هنڌ گڏ ڪري ڇپائجن، توهان جو وفا سان اختلاف به رهيو. ان تي ڪجهه نظر ثاني ڪيو؟
جواب: مون اوهان کي ان ڏينهن ٻڌايو هئو ته مون وٽ وفا جا تقريباَ 150 خط آهن ۽ اُهي وفا جي انهن خطن مان چونڊيل آهن، جيڪي ڪافي تعداد ۾ مون کي پهتا هئا. انهن کي مون تاريخ ۽ مهيني وار ترتيب ڏئي هڪ ڪتاب (مسودي) ۾ اُتاري رکيا آهن، انهيءَ ڪتاب جو نالو به مقرر ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان تي مهاڳ به لکيو آهي.
مون اوهان کي چيو هئو ته سڀ خط، جيئن ڪتابي صورت ۾ مون وٽ موجود آهن، تئين ئي اوهان بيشڪ کڻي وڃي ڇپرايو، انهن ۾ مان گهٽ – وڌائي ڪرڻ جي اجازت ڪنهن کي نه ٿو ڏئي سگهان، پر اُهو ڪتاب لڳ ڀڳ ساڍا ٽي – يا چار سو صفحن جو آهي، اکر ڪاغذ جي ٻنهي پاسي لکيل آهن، ۽ انهن ۾ اختلافي ڳالهين تي مون به وڏا وڏا فُٽ نوٽ لکيا به آهن، انهن خطن مان ڪي خط وفا جي هٿ اکرن ۾ لکيل 15 کان 25 صفحن جا به هئا، جن کي مون پنهنجي اکرن ۾ سميٽي/ سوڙهو ڪيو آهي، نه ته اهو مسودو پنج- ڇهه سو صفحن جو ٿي وڃي ها. مان اهو مسودو توهان کي ڇپائڻ لاءِ ڏيڻ کان انڪار نه ڪيو هئو/ نه ڪيان ٿو پر اهو جيئن ترتيب ڏنل آهي، تيئن ئي ڇپجڻ گهرجي، هڪ تجويز اها به آهي ته اهو ڪتاب ٻن حصن ۾ ڇپرائي سگهجي ٿو.
وفا هينئر اسان ۾ موجود ڪونهي، خدا مرحوم کي جنت نصيب ڪئي هوندي! ان سان اختلاف پنهنجي جاءِ تي، پر مون کي وفا سان ڪابه ذاتي رنجش يا ڪدورت اڄ به ڪانهي/ اڳ ۾ به ڪانه هئي، باقي جيتري قدر اختلافن جو سوال آهي ته، اُهي ته وفا جا خط پڙهڻ ۽ انهن تي منهنجي اختلافي/ وضاحتي نوٽن جو مطالعي کان پوءِ، ڪنهن کي (اوهان کي به) پتو پوندو ته معاملو (معاملا) ڪهڙو هئو (۽ ڇو هئا). بهرحال اهو ضخيم ڪتاب ڇاپڻ چاهيو اٿم، جي بسم الله.
سوال: اوهان ڪافي عرصي کان بيمار آهيو - ڇا، ان سلسلي ۾ ثقافت کاتي وارن، سنڌي لينگويج اٿارٽي وارن، سنڌي ادبي بورڊ وارن يا وري سنڌي ادبي سنگت وارن اوهان جي ڪا سار لڌي آهي؟
جواب: آءُ پاڻ ڪنهن جي دَر تي سوالي بڻجي ڪونه ويو آهيان، ته منهنجي مدد ڪئي وڃي، منهنجي دوستن/ همدردن/ قدردانن اهڙيون ڪوششون پنهنجي مرضيءَ سان ازخود ئي ڪيون آهن: سنڌي ٽي – وي چينل K.T.N جي مهربان دوستن (خاص ڪري صفدر کوهاري) ڏاڍي ڪوشش ورتي ٻه – ٽي دفعا منهنجي بيماريءَ جي خبر نشر ڪيائون. هڪڙو اٺن – ڏهن منٽن جو پروگرام به ان حوالي سان ٽيليڪاسٽ ڪيائون، روزاني سنڌي اخبار ”خبرون“ جي ايڊيٽر محترم ظهير ميراڻيءَ، اخبار ۾ تصويرن سان خبرون هلايون، ايڊيٽوريل لکيا، اديبن، شاعرن ڪالم به لکيا، خط به پهتا، هڪ مڪمل فائيل بڻيو ۽ اهو سنڌ جي وزير اعليٰ جناب ارباب غلام رحيم وٽ پيش به ٿيو، وزير اعليٰ سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ لاءِ سول اسپتال ۾ موڪلڻ به چاهيو، پر منهنجو جيئن ته جناح اسپتال ۾ ڇهن – ستن مهينن کان علاج ٿي رهيو آهي، ان لاءِ مون کي مالي امداد جي ضرورت آهي، ٻي اسپتال ۾ منتقل ٿيڻ سان وري ٻه ٽي مهينا نيون ٽيسٽون ڪرائڻيون پونديون ۽ انهن جون رپورٽون حاصل ڪرڻيون پونديون، جناح مان به نڪري اچجي هتي به وقت لڳي وڃي تيستائين منهنجو الائي ڪهڙو حال ٿئي. K.T.N وارا ويچارا ته ميڊم مهتاب اڪبر راشدي صاحبه سان به مليا ۽ مون لاءِ مالي مدد جي درخواست به ڪيائون، انهن ثقافت کاتي وارن ته پُڇيو ئي ڪونه ته ڪيئن آهين.
هوڏانهن منهنجي پياري ساٿي، اياز جانيءَ، منهنجي بيماريءِ سان لاڳاپيل سڄي فائيل جون فوٽو ڪاپيون ڪرائي، سنڌي ادبي سنگت (مرڪزيءَ) جي سيڪريٽري جنرل محترم تاج جويي جي حوالي ڪيون، تاج به جانيءَ کي دلاسا ڏنا، پر ٿيو اڄ تائين ڪجهه به ڪونه، انهي سال جي عرصي ۾ بيماريءَ تي پنهنجا اندازَ ٻه لک کن رپيا خرچ اچي ويا آهن، گهٽ ۾ گهٽ ٽي سؤ روپيا روزانه خرچ آهي، هاڻي ته ٿڪجي پيا آهيون/ کُهجي پيا آهيون، سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌي لينگويج اٿارٽيءَ وارن جي ته ڪَن تي جُون ئي ڪانه چُري آهي، توڙي جو اخبارن ۽ ٽي ويءَ چينلن تان اهڙيون خبرون به نشر ٿي چڪيون آهن. پر هو جو چوندا آهن ته:
”ڀَر ۾ مَري ڀاءُ ته ٻاجهه نه ٻُرڙي کي پوي.“ واري ڪارِ آهي يا ٻين لفظن ۾ ائين ته: هَڻُ ته گُٿو آنءِ!“
سوال: اوهان پنهنجي بيماري جي سلسلي ۾ ڪنهن ڊاڪٽر سان مشورو ڪيو آهي. اوهان کي ڪهڙي بيماري آهي ۽ ان تي ڪيترو خرچ ايندو؟
جواب: مون هڪڙي ڊاڪٽر سان نه، لياري جنرل اسپتال ۾ ڪُتيانه ميمڻ اسپتال/ سول اسپتال کان ويندي جناح اسپتال جي ڊاڪٽرن کان چيڪ اپ/ ٽيسٽون ڪرايون آهن. آخر جناح اسپتال جي ريڊيو ٿراپي (برقي شعا) واري شعبي ۾ ڊاڪٽرن ڳلي جو ڪينسر ڪنفرم ڪيو آهي ۽ اُن جو علاج ڪن پيا، اهو علاج ٿي سگهي ٿو عام/ سادو علاج هجي، ۽ ڪنهن شاهوڪار ماڻهوءَ لاءِ ڪو ٻيو علاج هجي، بهرحال مون چيو نه ته هينئر تائين ٻه – اڍائي لک رپيا خرچ ٿي ويا آهن. اڳتي لاءِ جو ڪو اندازو ڪونهي ته ڪيترو عرصو علاج هلندو ۽ ان تي اڃا ڪيترو وڌيڪ خرچ لڳندو؟ شفا نصيب ٿيندي يا راهه رباني وٺڻي پوندي! هونءَ اها واٽ ته روان – دوان آهي، هڪڙي ڏينهن وڃڻو ته پوندو ئي پاڻ کي به!
مَرڻ ناهي مِهڻو، پرڻو ناهي گار،
ڌڻي نگهبان!
سوال: اوهان جي زندگي جو اڻ وسرندڙ واقعو؟
جواب: مينهوڳيءِ جي مُند ۾، مينهن وسي بس ٿيڻ کان پوءِ جهرڪڙيون ويچاريون، وڻن مان اٿي اينديون هيون، گهرن ۾ چوڻو – پاڻي تلاش ڪرڻ. گهرن جي چوڌاري ڏنل لوڙهي تي جهرڪين جا ولرن جا ولر اچي ويهندا هئا. (ٻهراڙي ۾ گهرن جي چوڌاري پناهه ۽ حفاظت لاءِ ڊنگهرن جا لوڙها ڏنل هوندا آهن). هڪ دفعي گهر – آڳُر تي جهرڪين جو ولر چُڳي رهيو هئو، ته مٿان ”باز“ جهاٽو هنيو، هڪ جهرڪيءَ جي مُنڍي پٽجي وئي اها چنبن ۾ کنيون هليو ويو (باز جي چنبن ۾ تمام طاقت هوندي آهي) ۽ هيٺ ڌَڙُ ڏَڪي ڏَڪي چپ ٿي ويو. مون کي ڏاڍو ايذاءُ پهتو ۽ رحم آيو ان جهرڪيءَ تي، سوچيم، ويچاريءَ جا ٻچڙا هوندا الائي ڇا! انهن جو ڇا ٿيندو!؟ اهو واقعو مون کان اڃا تائين نه وسريو آهي/ نه وسري سگهندو.
هونءَ ان کان اڳ: هڪ ڪانو به هڪ جهرڪيءَ جو اڻ – اڏامڪ ٻچڙو جهٽيو هئو ۽ ان ٻچڙي ڏاڍيون دانهون ڪيون هيون، پر مان يا ڪو ٻيو به ان ٻچڙي کي بچائي نه سگهيو هئو. تڏهن مون هڪ غزل ۾ هيءُ شعر لکيو هئو:
”ڪانو جَهَٽيو جهرڪئي جو ٻچڙو،
چير ڏئي وئي ”چين – چين“ هُنجي.“
سوال: هيئنر سنڌي ٻولي سان هٿ چراند ڪئي پئي وڃي، ان سلسلي ۾ ڇا ٿيندو؟
جواب: سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ سان ڪابه جاڙ برداشت ڪرڻ واري هر شخص کي مان حلالي ٻار نه چوان ته ڪنهن کي به ڪاوڙ نه لکڻ گهرجي. سنڌي ٻولي اسان جي امڙين جي، اسان کي ٻاروتڻ جي عمر ۾ ڏنل لولي آهي. اها لولي ڪهڙو نڀاڳو ماڻهو وساري ويٺو هوندو؟ ڪوبه نه! جي وساريندو ته خدا ان کي پنهنجو نه ڪندو!! هونءَ سنڌ ڌرتيءَ تي اڳ ۾ به غدار جنم وٺندا رهيا آهن، هاڻي به منهنجي اک ڏسي پئي ته:
”سنڌ سُهاڳڻ! توکي ڀي، ڪي –
سسئيءَ وارا ڏير مليا هِن“
الله سائين ڪندو، سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جا مندا ڪڏهن به سُک نه ماڻيندا!
سوال: پڙهندڙ لاءِ پيغام
جواب: امن ۽ آزاديءَ لاءِ پاڻ پتوڙِو، ايٽمي اوزارن جي ايجادن ۽ جنگين/ جهيڙن جي مخالفت ۾ سر – ڌڙ جي بازي لڳائي ڇڏيو. پاڻ به خوش رهو، ٻين کي به خوش رهڻ ڏيو. ڪنهن به آدميءَ جي حقن تي ڌاڙا نه هڻو، ڪنهن به جيون/ ۽ جيو کان خوشيون کسڻ لاءِ ڪڏهن به نه سوچيو/ نه سوچجو!! مسڪينن/ محتاجن جي سار – سنڀال لهندا رهو، دعائون کَٽو/ کٽندا رهو!.
[b]ترائيل[/b]
ڪنهن جي معصوم دل جي اجڙي ٿي،
هو مٿان آسمان ڦاٽي ٿو،
۽ هتان هي زمين اجڙي ٿي،
ڪنهن جي معصوم دل جي اجڙي ٿي.
هاڻي ڇاٿو ڳولهين رک ۾؟
باهه لڳائي منهنجي گهر کي،
دم نه رهيو آ ڪنهن به ڪک ۾،
هاڻي ڇاٿو ڳولهين رک ۾؟
تون سياڻي مان چريو آهيان،
منهنجو توسان مقابلو نه آهي،
تنهنجي کارڻ تي مان خريو آهيان،
تون سياڻي مان چريو آهيان.