امداد حسيني
BRIEF INTRODUCTION
امداد حسيني[/b]
نالو: سيد امداد علي شاهه
پيءُ جو نالو: سيد فضل محمد شاهه
ادبي نالو: امداد حسيني/ سانول
ڄم جي تاريخ: 10 مارچ 1941
ڄم جو هنڌ: ٽکڙ (وسين ملوڪ شاهه)
پرائمري تعليم: کٿاب (مڪتب) ٽکڙ
نوڪري: لوڪ ادب رٿا (پارٽ ٽائيم)، لائبريرين (س اب) ريسرچ فيلو (سنڌ الاجي)، سبجيڪٽ اسپيشلسٽ (سنڌي) سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ، ايڊيٽر ٽه ماهي ”مهراڻ“، سيڪريٽري (انچارج) سنڌي ادبي بورڊ.
صنفون: شاعري، ڪهاڻي، ناٽڪ، ڪالم، گيت، ڪهاڻي، فيچر (ريڊيو).
فلمن لاءِ گيت: ڌرتي لال ڪنوار، حاضر سائين، سهڻا سائين، جانيئڙا.
ترجما: (1) زينت (ناول) جو اردوءَ ۾ ترجمو: اڪادمي ادبيات اسلام آباد پاران ڇپايل.
(2) دودو – چنيسر جو اڙدوءَ ۾ ترجمو، لوڪ ورثه، اسلام آباد پاران ڇپايل.
تصنيفون: ”امداد آهه رول“، ”شهر“، ”هوا جي سامهون“، ”ڪِرڻي جهڙو پل“ 2012ع، ”دهوپ ڪِرن“ 2014ع ۽ ”هوءَ“ 2016ع.
ايوارڊ: ”طلوع پرائيز“، ”پرائيڊ آف پرفامنس“، ”نارائڻ شيام اوارڊ“، KTN لائيف ٽائيم اچيومينٽ اوارڊ“ ۽ ٻيا ڪيترائي.
سوال: جڏهن توهان هوش جي حدن ۾ داخل ٿيو، ته توهان ڇا محسوس ڪيو، هن سلسلي ۾ پنهنجي ننڍپڻ جي باري ۾ ڪجهه ٻڌايو؟
جواب: پڙهڻ جهڙو ٿيس ته مون کي کُٿاب (مڪتب) ۾ ويهاريو ويو، جتي منهنجي پڙهڻ سان دل نه لڳي، ڇو ته اُتي پڙهائي هئي ڪانه، کٿاب ڇوڪرين لاءِ هو. پر اتي سيدن جا ڇوڪرا به پڙهندا هئا. منهنجو ننڍپڻ ڳوٺ جي گهٽين ۾ گهمندي، رانديون کيڏندي، ڏاڏيءَ کان آکاڻيون ٻڌندي - گذري ويو. پرائمري تعليم کان پوءِ انگريزي پڙهڻ لاءِ نور محمد هاءِ اسڪول حيدرآباد سنڌ ۾ داخل ڪيو ويس ۽ هاسٽل ۾ رهايو ويس. اتان ڀڄڻ جي هير پئي. هوٽل تي وڃي رڪارڊنگ ٻڌڻ، حيدرآباد سنڌ جي گهٽين ۾ رلڻ، فلمون ڏسڻ – ڍنڍن، واهن، ڦليلي، جُون واهه، سنڌو ۾ وهنجڻ، جهنگن ۾ رُلڻ- ڳوٺ ۾ سهاين راتين ۾ لڙئي چنڊ تائين ونجهه وٽي کيڏڻ، اونداهين ۾ گراڙا کيڏڻ - ۽ ڳوٺ جي تار کڏ مان وهنجي، ڀت ٽپي گهر ۾ گهڙڻ - ۽ ڏاهي هيٺان کير ڀت کڻي، کائي، سمهي رهڻ – ائين ماءُ مون کي ڄڻيو ۽ فطرت پاليو.
سوال: اُها ڳالهه شاعري سان منسوب ڪئي ٿي وڃي ته شاعري عشق جي پيداوار آهي؟ ڇا اوهان جي شاعري ڪرڻ جو محرڪ به عشق، پيار ۽ محبت آهي؟
جواب: Pain is protoplasm of poetry هاڻي اهو Pain اهو ڏک، اهو سور، اهو درد ڪيئن ٿو پيدا ٿئي؟ ڪٿان ٿو ملي، عشق مان، دنيا کان، دوستن کان، وقت ۽ حالتن کان، ملڪي يا عالمي صورتحال کان! اهو چئي نٿو سگهجي. ”هوا جي سامهون“ جو مهاڳ توهان جو پڙهيل هجي ها ته توهان جي سوال جي نوعيت به مختلف هجي ها، ڇاڪاڻ ته ان ۾ سحر، منهنجي ”شاعريءَ جو Nucleus پورو وچ ”پيار“ کي قرار ڏنو آهي - پر اهو به سچ آهي ته گهڻن شاعرن کي عشق نصيب نه هوندو آهي. بلڪل ائين جيئن گهڻا عاشق به شاعر نه هوندا آهن. مون وٽ عاشقي ۽ شاعري ڌار ڌار نه آهن:
جيستائين عاشقي ٿيندي رهي،
تيستائين شاعري ٿيندي رهي.
۽ انهن سڀني – عاشقي، شاعري ۾ شاعر کي – انهيءَ ڪلا جي پَٽ – تند کي – ڏک جي ”اميري“ جوڙي رکي ٿي، سوال اهو آهي ته انهيءَ عاشقيءَ، انهيءَ شاعريءَ ۽ انهيءَ ڏک مان شاعر ڪم ڪهڙو ٿو وٺي؟ هو انهيءَ ڏک کي طاقت ۾ ڪيئن ٿو تبديل ڪري؟ عاشقيءَ کي شاعريءَ ۾ ڪيئن ٿو اظهاري؟ منهنجي نظم ”روٽس“ (جنهن جو ترجمو سليم نور حسين انگريزيءَ ۾ ڪيو آهي) جي ابتدائي بند ۾ ڏک جو اهڙو ئي ورنن آهي، اهو نظم ”ادب“ جي ”امداد حسين نمبر“ ۾ ڇپيل آهي، نيم ڪلاسيڪي دور جي هڪ ڪافيءَ جو هي ٿل ڪيڏو نه خوبصورت ۽ معنيٰ خيز آهي:
ڇڏي ڏي ملڪ دنيا کي وِيهي ٻڌ عشق جون ڳالهيون!
”هوا جي سامهون“ جي انر بئڪ ٽائيٽل جي فليپ تي آخر ۾ هي دوهو آهي:
توڙي جو ڪاوا اڀا، توڙي پٿر پُٽ،
اوءِ ڪويتا پريمڪا، هٿ ۾ رکجان هٿُ!
عشق به ڏات وانگر ئي وديعت ٿئي ٿو:
دين دنيا نه ملي ڏات نڪو ڏانءُ مليو،
عشق ئي عشق وديعت ٿيو توکي مون کي.
عشق ذات توڙِي ڏات کي محدود مان ڪڍي لامحدود ۾ ٿو آڻي ۽ سموريون ڪائناتون (داخلي / خارجي) ۽ سمورا عصر (ماضي/ حال/ مستقبل) ان ۾ سمائجي ٿا وڃن. عشق ذات سان، عشق ذات حق سان، عشق (مخالف/ هم) جنس سان، عشق وطن سان، ان جو ڏس ڪنهن به ڪويءَ جي ڪَوِتا مان ئي ملي سگهي ٿو. منهنجي هڪ سٽ آهي:
ميت بنان ڪو گيت نه آهي!
۽ مون کي عشق آهي ڪويتا سان، مون کي عشق جو اهو سروپ وڌيڪ موهي ٿو. مون کي ته لڳندو آهي ته من ميت منهنجي ئي ڪُوِتا مان نڪري منهنجي آڏو اچي ويندو آهي ۽ منهنجو اُن سان عشق ٿي ويندو آهي.
سوال: ڪي ماڻهو جڏهن ڪنهن دوشيزا جي قرب ۾ ڪسجي ويندا آهن ته اهي شاعري جي دنيا ۾ داخل ٿي ويندا آهن، ڇا عشق لاءِ شاعري ضروري آهي يا شاعري لاءِ عشق ۽ عشق بابت اوهان جو Concept ڇا آهي؟
جواب: منهنجي خيال ۾توهان جي هن سوال جو جواب، سوال 2 جي جواب ۾ اچي ويو آهي.
سوال: اوهان باقائدي لکڻ جي شروعات ڪڏهن کان ڪئي، ۽ ان دور جي ادبي ماحول تي به ڪجهه روشني وجهو؟
جواب: ياد نه اٿم ته باقائدي لکڻ ڪڏهن کان شروع ڪيم، هونئن ٻارهن سالن جي ڄمار کان منهنجون لکڻيون (نثر/ شاعري ملن ٿيون اهي لکڻيون پهرين پهرين ٻارن جي ”گلستان“ ۾ ڇپيون، جڏهن مان حيدرآباد انگريزي پڙهڻ آيس. پهرين ته مون کي هاسٽل ۾ رکيو ويو، پر اُتان ڀڄڻ جي ڪري، پڪي قلعي ۾ پنهنجي پڦيءَ جي گهر رهايو ويس. پڙهڻ جي چُوس ته پهرين ئي هئي. ڇو ته بابا وٽ اخبارون، رسالا ۽ ڪتاب ايندا هئا، محمد هاشم ”مخلص“ جي لائبريري به هئي – سو پڪي قلعي کان نور محمد هاءِ اسڪول واريءَ واٽ تي دينوءَ جي پڙ ۾ ”گلستان“ جي آفيس هئي. عبدالله ”خواب“، مقبول ڀٽي سنڌي ادبي سنگت جو سيڪريٽري جنرل) ۽ مرتضيٰ ڀٽي (”گلستان“ جو ايڊيٽر) به دينوءَ جي پڙ ۾ رهندا هئا. اسڪول ڏانهن ويندي، گهر ڏانهن ايندي ”گلستان“ جي آفيس ۾ ضرور وڃبو هو. چوٿين انگريزيءَ ۾ اسان جي ڳوٺاڻي ماستر سر عبدالڪريم ميمڻ (الله مرهيس) وٽ مان، منهنجو سوٽ ۽ ٻيا مائٽ ٽيوشن وٺندا هئاسين. هڪ ڏينهن منهنجي ڪاپيءَ تي سر عبدالڪريم منهنجا لکيل شعر ڏٺا ۽ مون کان منهنجو تخلص پڇيائين. تڏهن مون کي تخلص جي ڪا خبر نه هئي! مئٽرڪ ۾ هڪ ٻيو ماستر (شايد سر احمد!) مون کي حسابن جي ٽيوشن ڏيڻ ايندو هو. اهو منهنجي شعرن جي ڪاپي جيئن پڙهڻ لاءِ کڻي ويو، تيئن اڄ تائين واپس نه ڪيائين. تن ڏينهن ادبي ماحول ماٺو نه پر متحرڪ هو. هڪڙي پاسي قبله طالب الموليٰ جي مڪتبئه فڪر هو ته ٻئي پاسي ڊاڪٽر ابراهيم خليل جو روايتي حلقو هو، ته ٽئين پاسي ترقي پسند لڏو هو. خود ٽکڙ ۾ ان وقت ڪيترائي شاعر ها. جيئن سعيد ٽکڙائي، محمد ابراهيم، محمد شاهه ”مير“ ۽ منهنجا سوٽ حافظ شاهه حسيني (شاعر، ڪهاڻيڪار، ناول نگار)، ڊاڪٽر اسد الله شاهه بيخود حسيني (شاعر ۽ عالم) ۽ شبير هاتف جهڙا شاعر ۽ نثر نگار موجود هئا. سنڌي ادبي سنگت جون گڏجاڻيون ٿينديون هيون، انهن ۾ وڃڻ لڳس. انهن گڏجاڻين ۾ لکڻين تي، ڇتي تنقيد ٿيندي ٿئي. پوءِ جڏهن سنڌي ٻوليءَ جي حقن جي بحاليءَ جي تحريڪ هلي جيڪا اڳتي هلي ون يونٽ مخالف تحريڪ بڻجي وئي، تڏهن ان ۾ ڀرپور بهرو ورتم، حميد سنڌيءَ جي ”روح رهاڻ“ ۾ ٻانهن ٻيلي رهيس. لغت آفيس“ ۾ ”لوڪ ادب رٿا“ ۾ هڪ ڪارڪن رهيس. اهي سڀ سکيا جا مرحلا هئا، جيڪي طئي ڪيم. طالب الموليٰ، سائين ميران محمد شاهه، گدائي، گرامي، شيخ اياز، بردو، نياز، تنوير، شمشير .... مون کان سينئر هئا. پر ان دور ۾ سينئر جونيئر جو ڪو جهيڙو نه هو – نه ئي نئين ٽهيءَ جي نالي ۾ اگهامڻ جي ڪاريت هئي. ان دور ۾ ڌارئين، پاروٿي، اوڳاڇيل بدران پنهنجي، تازي تواني، نئين کي اهميت ڏنئي وئي. ائين لوڪ – ڪلاسيڪل سان ناتو جوڙيو ويو. ائين ادب ۽ شاعريءَ جو هڪ مقصد متعين ٿيو. انهيءَ مقصد ماڻڻ لاءِ ”سنڌيت“ جو نئين سراهاءُ ٿيو. جيڪو وسري چڪو هو ۽ هاڻي وري وسري چڪو آهي!.
سوال: ون يونٽ جي دور ۾ سنڌي شاعري ۽ سنڌي اديبن جو ڪهڙو ڪردار هيو ۽ اهو به ٻڌايو ته ان ڏس ۾ اوهان ڪهڙي نموني بهرو ورتو؟
جواب: منهنجي خيال ۾ هن سوال جو جواب به سوال نمبر 4 جي جواب ۾ اچي چڪو آهي.
سوال: سڄي زندگي شاعري ڪئي اٿو ۽ ان ۾ به منهنجي خيال ۾اوهان غزل ڪجهه وڌيڪ لکيو، يقينن توهان غزل جي داءُ پيچن، فن فڪر، ۽ هئيت کان چڱي طرح واقف آهيو، پر پوءِ به اوهان جو نظم اوهان جي غزل تي حاوي آهي ائين ڇو؟
جواب: هر صنف جي الڳ اهميت آهي، ڪنهن به صنف کي مٿي ڪرڻ لاءِ ٻي صنف کي هيٺ ڪرڻ صحيح نه آهي، انهيءَ ڀيٽا ڀيٽيءَ جي چڪر مان ٻاهر نڪرو، ڪن دوستن وٽ منهنجي غزل جي مڃتا وڌيڪ آهي، ته ڪِن وٽ نظم جي، بهرحال اهو فيصلو مان نٿو ڪري سگهان. هونئن به شاعريءَ کي مجموعي طور تي ڏسڻ ۽ پرکڻ گهرجي. تخليقي سطح تي جيڪي تجربا ٿي ويا آهن. انهن جي ملهه – ڪٿ ڪرڻ کپي ۽ اهو ڪم نقاد جو آهي - ۽ مان نقاد ناهيان.
سوال: منهنجي خيال ۾ جتي هيئنر سنڌي شاعري ۾ اسان جو سينيئر شاعر غزل لکي ٿو (ٻين صنفن جي ڀيٽ ۾) اتي اڄ جي نئين ٽهي) جو زور به غزل تي آهي توهان اهو ٻڌايو ته غزل جي گهڻي لکڻ جي باوجود اڄ به فقط چند سٺا غزل پڙهڻ لاءِ ملن ٿا ڇو؟ ۽ هر ڪو شاعر غزل ڇو ٿو لکي؟
جواب: تخليقي سطح تي هر صنف ايڏي سولي به ناهي، جيڏي سمجهي وڃي ٿي. هڪڙو ٻيو به ٿورو ڪريو ته تخليقڪارن کي ٽهين ۾ نه ورهايو. اهو مارڪيٽ جو اصول آهي ته جڏهن به ڪنهن جنس جي رسد وڌندي آهي ته ان جي طلب گهٽجي ويندي آهي، ان جو ملهه به ڪري پوندو آهي، شاعريءَ ۾ نه رڳو غزل جو، پر سڀني صنفن جو حال بدحال آهي. مثال طور عروضي وائيءَ جي ڪهڙي اهميت آهي؟ سُر ڪيڏانهن ويو؟ هاڻي ته سسٽم، اصول، لوازمات کان بچڻ لاءِ هر ماڻهو نثري شاعريءَ تي لهي آيو آهي، ڇو ته اها سولي ٿي لڳين، جڏهن ته نثري شاعري سڀني کان وڌيڪ ڏکي آهي. ڳالهه رڳو ڪوي/ اڪوي، شاعر/ اڻ شاعر جي آهي. لاشعوري طور جيڪا سِٽ اچي ٿي، اها ٽيڪنڪ سميت اچي ٿي، پوءِ ڪاسٽ غزل، ڪنهن نظم، وائيءَ، گيت، بيت جي سِٽ ٿي سگهي ٿي، ڪنهن به صنف تخليق ڪرڻ کان پوءِ به ان تي محنت / نظر ثانيءَ جي ضرورت پوندي آهي. جيڪا نٿي پُڄي، غزل جي ٻوٽي کي پنهنجي ڌرتيءَ ۾ هڻڻو پوندو. سهل پسنديءَ ۽ فئشن پرستيءَ کي ٻن ڏيڻو پوندو، وڌيڪ اڀياس، گهٽ لکڻ ۽ گهٽ ڇپائڻ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. تجربي جو ساهس ضروري آهي.
سوال: ڇا اسان جديد سنڌي شاعري جي ڀيٽ ٻين ٻولين جهڙوڪ، اردو، انگريزي ۽ فارسي ٻولين واري شاعري سان ڪري سگهون ٿا؟ ۽ ان موازني سان اسان جي شاعري ڪٿي بيهي ٿي؟
جواب: پهرين اهو واضح ڪريو ته جديد شاعري ڇاکي ٿا چئو؟ ڇو ته اڄڪلهه ته هرڪو جديد شاعر آهي؟
سوال: جڏهن اوهان شاعري جي شروعات ڪئي هئي، ان دور جي غزل ۽ اڄ جي غزل ۾ اوهان کي ڪهڙي نواڻ نظر اچي ٿي ۽ ڇا ان دور جو غزل اڄ جي غزل کان وڌيڪ صحتمند هو يا نه؟
يا وري هڪ ٻيو سوال آهي.
سوال: هڪ سٺي شاعر جي حيثيت سان اوهان کان پڇجي ٿو ته شاعري جي Suitable وصف ڇا هئڻ گهرجي ۽ اوهان جي نظر ۾ ڇا آهي ۽ اوهان وٽ هڪ خوبصورت غزل کي پرکڻ جا ڪهڙا معيار آهن؟
جواب: توهان جي هنن سوالن جا جواب سوال نمبر 7 جي جواب ۾ اچي چڪو آهي. هونئن مجموعي طور تي شاعري زوال پذير ٿي رهي آهي جنهن ۾ غزل به اچي وڃي ٿو. ڪٿي چڱي شاعري به پڙهڻ لاءِ ملي ٿي وڃي، پر اها گهاٽي جهڙ ۾ تارن وانگر آهي.
سوال: ولي محمد وفا پلي جي شاعري تي اوهان ڀرپور نموني سان تنقيد ڪئي، جيڪا ڪافي حد تائين شخصي، غير ادبي ۽ بي جان هئي. جڏهن ته اوهان پنهنجي دوست اسحاق سميجي جي شاعري جي ڪتاب تي جيڪو مهاڳ لکيو آهي ان جي تنقيدي جائزي کي پاسي تي رکي صرف اوهان ساراهه جائي ڍُڪ ڀريا آهن. جڏهن ته وفا پلي هڪ پخته ڪلام شاعر آهي ۽ توهان جي مهراڻ ۾ ايڊيٽري کان به اڳ ۾ ڇپجندو رهيو آهي. ٻئي پاسي اسحاق سميجي جي شاعري ۾ پڻ ڪيئي ساڪن، متحرڪ ۽ عروض جي حوالي سان غلطيون آهن. جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هو شاعري جي فني لوازمات کان به اڻ واقف آهي. ان باري ۾ توهان جو ڇا چوڻ آهي؟
جواب: وفا پليءَ جي ڪتاب جو مهاڳ به مون لکيو هو. ان ۾ ساراهه جا ڍُڪ ئي ڀريا ويا هئا. مهاڳ ۾ شيخ اياز جي گيڙو ويس غزل جي حوالي سان به ڪجهه چيو هئم. ساڳئي ڪتاب ۾ ان تي مخالفت ۾ لکيو ويو ۽ ڏاڍو اگرن لفظن ۾ لکيو ويو. ”وفا“ سان ان تي ڳالهايم. هن چيو ته اهو هن نه لکيو آهي، جڏهن ته اتي نالو ”وفا“ جو ڏنل هو. ڳالهه آئي وئي ٿي وئي. پوءِ هڪ رسالي ۾ ان ڪتاب تي تبصرو ڇپيو، شايد ”اصلاح“ ۾! ان ۾ ان ڳالهه کي کڻي اڻ سونهائيندڙ لهجو اختيار ڪيو ويو - ۽ مون ان جو جواب ڏنو. توهان شايد اهو جواب پڙهيو به ناهي. توهين ان کي هڪ پاسي ڀرپور تنقيد چئو ٿا ته ٻئي پاسي ان کي ”شخصي“ غير ادبي ۽ بي جان چئو ٿا! ائين توهين پاڻ کي ئي رد ڪيو ٿا. اسحاق سميجو به منهنجو همعصر آهي. اتي به اهو ساڳيو توهان وارو مسئلو هو ته ڪتاب ڪمپوز ٿيو پيو آهي. رڳو مهاڳ لاءِ ترسيل آهي. ان صورتحال ۾ مان ڪجهه شعر بند چونڊيندو آهيان ۽ انهن جي حوالي سان پنهنجي راءِ ڏيندو آهي. مهاڳن ۾ گهڻو ڪري ساراهه جا ڍُڪ ئي ڀريا ويندا آهن. شعر ۾ غلطيون هونديون آهن ته انهن کي سڌارڻ جي ذميواري شاعري جي آهي ته هو انهن تي نظر ثاني ڪري، ”وفا“ پلي به منهنجو همعصر آهي ۽ ان لاءِ منهنجي دل ۾ عزت آهي. اختلاف راءِ رکڻ جو اسان سڀني کي حق آهي.
سوال: اوهان سونهن جي دنيا جي ويجهو رهيا آهيو، سونهن جي ڪهڙن لفظن ۾ تعريف ڪندوء؟
جواب: سُونهن (Balance) جو نالو آهي، جنهن ۾ صورت کان وڌيڪ سيرت جو عمل دخل هوندو آهي.
سوال: اوهان ڪنهن دور ۾ شيخ اياز تي تنقيد ڪئي هئي ۽ ان جو جواب شيخ اياز ته ڏيڻ مناسب نه سمجهيو هو پر هاڻي وري اوهان جي دوست اسحاق سميجي رات پيٽ ۾ وڏن نالن تي تنقيد ڪري شهرت جو شارٽ ڪٽ رستو اختيار ڪيو ۽ اوهان جي تنقيد جي زد۾ پنهنجي ڪتاب ”شاعريءَ سان دشمني“ ۾ تنقيد ڪئي آهي، جنهن ۾ هن جيڪا ٻولي استعمال ڪئي آهي اها بنهه غير معياري ۽ دل آزاريندڙ آهي ڪيتري قدر اوهان تي اها تنقيد بجاءِ آهي؟
جواب: اسحاق سميجي جو اهو ليک منهنجي هڪ ليک جي جواب ۾ هو، جيڪو ”مهراڻ“ ۾ ڇپيو هو. اسحاق جو ليک به مان ”مهراڻ“ ۾ ڇپي رهيو هوس. پر هن کي ڪجهه ڳالهين جي کڙڪ پئجي وئي ۽ هن اهو ليک ٻئي هنڌ ڇپائي ڇڏيو. ان ۾ ڪجهه ڳالهيون درست هيون، جيئن اصغر گونڊوي ۽ رياض حيدرآبادءَ واري ڳالهه، پر ڪيتريون ڳالهيون صحيح نه هيون. جن تي لکڻ کپي، اُهي رڪارڊ تي ضرور اچڻ کپن. اهو ياد رکڻ کپي ته ڪنهن به شاعر کي ٻيو ڪوبه نه، صرف ان جي شاعري ئي بچائي سگهي ٿي. اسحاق سميجي وٽ شيخ اياز جي عظمت جا پنهنجا دليل آهن ۽ مون وٽ پنهنجا! رهي ڳالهه ٻوليءَ جي ته اهو به اسان سڀني جو پنهنجو وڙ آهي.
سوال: شمشير الحيدري پنهنجي انٽريو ۾ چيو آهي ته هو شاعر ناهي، ماڻهن کي غلط فهمي آهي؟ ڇا اها ان جي ڪسرنفسي آهي يا سچ آهي، اوهان جي ان سلسلي ۾ ڪهڙي راءِ آهي؟
جواب: اهو سوال ته شمشير کان ڪرڻ گهرجي. جنهن کان توهان انٽرويو به ورتو آهي. اڄ جڏهن ڪيترائي ”اڪوي“ پاڻ کي ”ڪوي“ سڏي/ سڏائي رهيا آهن، تڏهن هڪ ”ڪوي“ پاڻ کي ”اڪوي“ ئي سڏيندو نه. هونئن ان بابت به مان ”پيغام“ ۾ لکي چڪو آهيان، جنهن ۾ شمشير جو اهو انٽرويو ڇپيو هو. جنهن ۾ هن اهڙي ڳالهه ڪئي هئي. شمشير تي گهٽ، بلڪ لکيو ئي نه ويو آهي، اسان وٽ حالت اها آهي ته جڏهن اسحاق سميجو غزلن جو ڪتاب ”دل جو رستو“ سهيڙي ٿو ته ان ۾ شمشير جو غزل نٿو ڏئي! ڪارڻ؟ اهو ته (1) اها هن جي پسند جي چونڊ آهي، (2) ته شمشير غزل گهٽ لکيو آهي. جڏهن ته منهنجي راءِ ۾ اهو ڪتاب شمشير جي غزل کان سواءِ مڪمل نه آهي. اعليٰ شاعري جي جڏهن به ڳالهه نڪرندي تڏهن شمشير جي فن ۽ فڪر جي ڳالهه به ضرور نڪرندي:
سدا ظلم جي مات چوندا رهياسين
سرِ عام هر بات چوندا رهياسين
اوهان ڪيتروئي دٻايو ڌتاريو
اسين رات کي رات چوندا رهياسين
(شمشير)
سوال: ادب ڇا آهن. ادب جا سياسي ۽ سماجي ڪهڙا ڪارج هئڻ گهرجن، اسان جو اڄ جو ادب ڇا ڪالهه جي ادب کان وڌيڪ سگهارو آهي؟
جواب: اسين سماج ۾ رهون ٿا. ان کان اثر وٺون ٿا. ساڳئي وقت ان تي اثر ڇڏيون به ٿا. ادب ۽ شاعري سماج ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ ئي آهي، خلا ۾ پيدا نٿي ٿئي. ان ڏس ۾ ٽي ايس ايليٽ جو شاعريءَ جو سماجي ڪارج ”پڙهڻ کپي، جيڪو ”مهراڻ“ ۾ ڇپجي چڪو آهي.
سوال: سنڌي ادبي سنگت جي ڪارڪردگي مان ڪيتري قدر مطمئن آهيو، سنگت ڇا پنهنجو ڪردار صحيح ادا ڪري پئي. جڏهن ته سنگت جي حياتي وڏي آهي ۽ تنهن جي باوجود سنگت فقط پنهنجي تاريخ سهيڙي ان کي ڪتاب صورت به نه ڏيئي سگهي آهي؟ ۽ اڄ ڏينهن تائين ان جي ڪا مرڪزي آفيس ڪانه آهي ۽ سالن جو رڪارڊ هر سيڪريٽري پنهنجي ذاتي ملڪيت سمجهي ٿو.
جواب: ڇا توهين سنڌي ادبي سنگت جا ميمبر آهيو؟ جي ها، ته پوءِ اهڙو سوال س ا س جي پليٽ فارم تان ڪريو، جي نه، ته پوءِ اهڙو سوال به نه ڪريو. س ا س وري به سنڌ جي مسئلن تي ڪجهه نه ڪجهه ڪري رهي آهي. س ا س جو رڪارڊ سيڪريٽري جنرل جي قبضي ۾ نه رهندو ته ڇا توهان جي قبضي ۾ رهندو؟ س ا س تي ادل سومري ڊاڪٽوريٽ جي ڊگري ورتي آهي.
سوال: امداد صاحب: پيار ڇا آهي؟ ۽ وڇوڙي هجر ۾ ڪهڙو مزو آهي؟
جواب: هن سوال جو جواب به مٿي ڪٿي ڏئي آيو آهيان، جنهن ۾ Pain جي، ڏک جي، درد جي ڳالهه ڪئي اٿم ۽ پنهنجي هڪ نظم ”رُوٽس“ جو حوالو ڏنو اٿم، هتي ان نظم جون صرف ٻه سٽون ڏيان ٿو:
ڏکُ ته آهي پارس ڪوئي
جنهن سان ماڻهو سون ٿئي ٿو
شرط اهوئي آهي ته اهو ”ماڻهو“ هجي، ”ڪُماڻهو“ نه هجي، شايد اهو ڏک، اهو درد، اها پيڙ – ان وڇوڙي، ان هجر مان ئي پيدا ٿئي ٿي - ۽ روح جي الاءِ ڪهڙي پاتال مان سٽ ڏئي نڪري ٿي ۽ پين تي سِٽ جي سروپ ۾ پلٽجي وڃي ٿي.
سوال: اوهان جو تازو ڪتاب ”هوا جي سامهون“ منظر عام تي آيو آهي، جنهنجو طويل مهاڳ ذري گهٽ ڪتاب جي شاعري جيترو آهي ۽ جيڪو اوهان جي گهر واري محترمه سحر امداد لکيو آهي. ان ۾ ادبي ڇنڊ ڇاڻ گهٽ پر تعريفي پهلو وڌ ۾ وڌ آهي، ان لاءِ ادبي حقن ۾ ڪافي چوٻول اٿيو ته، اها امداد جي نئين ٽيڪنڪ آهي جنهن ۾ هن پنهنجي پذيرائي ڪئي آهي؟ ايڏو طويل مهاڳ سوبه پنهنجي گهرواري کان لکرائڻ جو ڪهڙو جواز هو؟
جواب: ساهت ۾ ٻُڌ سُڌ تي ڪم ٽپائڻ ڪار نه آهي. توهان انهن ”ادبي حلقن“ جي ”ڪافي چوٻول“ تي ڳنڍ ٻڌي، ساڳيو فيڊ ڪيل سوال ٻيهر پڇيو آهي، جنهن جو جواب ”ادب“ (امداد حسيني نمبر) ۽ ”اڏام“ ۾ ڏئي چڪو آهيان، اهي جواب توڙي ”هوا جي سامهون“ جو مهاڳ/ اڀياس توهان جو پڙهيل هجي ها ۽ ان حوالي سان پڇو ها ته بهتر ٿئي ها – گهٽ ۾ گهٽ مون لاءِ به، ته پڙهندڙن لاءِ به، مهاڳ/ اڀياس نه پڙهڻ جو ثبوت خود توهان جو هي جملو آهي ”طويل مهاڳ ذري گهٽ ڪتاب جي شاعريءَ جيترو آهي“ جڏهن ته مهاڳ/ اڀياس 15 کان 91 صفحي تائين آهي. ڪل 76 صفحا! شاعري 93 کان 346 صفحي تائين آهي. ڪل 254 صفحا. ائين شاعري مهاڳ/ اڀياس کان ٽِيڻ کان به وڌيڪ آهي. ائين هڪ ته توهان اهو ”سچ“ نه چيو آهي، ٻيو ته اهو ڪهڙي ڪتاب ۾ لکيل آهي ته مهاڳ/ اڀياس هيتراڪي هيترا صفحا هئڻ کپي! ايم ڪمل جي مجموعي ”باهه جا وارث“ جو مهاڳ لال پشپ هڪ شعر کي کڻي لکيو آهي. ”هوا جي سامهون“ کان به ٿوري ڪلام تي مونو گراف، ٿيسز ۽ ڪتاب لکيا ويا آهن. سحر، شيخ اياز (”توجا سمجهي سِٽ سا“ شاهه عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي اياز چيئر پاران ڇپايل ڪتاب ۾ ڇپيل)، نارائڻ شيام (”سرجڻهار شيام ”سنڌ يونيورسٽيءَ پاران سڏايل بين الاقوامي ۽ ”ڪونج“ ۾ ڇپيل)، هري دلگير (”هري دلگير“ ٽه – ماهي ”مهراڻ“ اونهارو 2004 ۾ ڇپيل جيڪو هند ۾ ”سنڌو جوت“ ۾ ٻيهر ڇپجي رهيو آهي)، تنوير عباسيءَ”اصل ڏانهن مراجعت“ ۾ ٻيهر ڇپجي رهيو آهي) تنوير عباسيءِ (”اصل ڏانهن مراجعت“ سنڌي ڊپارٽمنٽ، سنڌ يونيورسٽيءَ جي ريسرچ جنرل ”ڪينجهر“ ۾ ڇپيل)، ايم ڪمل (”ايم ڪمل – باهه جو وارث ”جيڪو ”ڪونج“ جي ”ايم ڪمل نمبر“ ۾ ڇپجي رهيو آهي تي ته لکي سگهي ٿي، پر امداد حسينيءَ تي نٿي لکي سگهي! سحر منهنجي همعصر ليکڪ، شاعر ۽ عالم آهي، رهي ڳالهه پذيرائيءَ جي ته سحر نه ته مون کي ”لطيف ثاني“ چيو آهي، نه ئي هن مون کي ”شهنشاهِه غزل“ يا ”گيتن جو بادشاهه“ چيو آهي، نه وري سحر منهنجي هڪ defective شعر تان ”سانگيءَ جي سڄي ديوان قربان ڪري ڇڏڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، بهرحال ”پذيرائي“ جو هڪ اڌ مثال ڏيڻ کپندو هو توهان کي، ادبي ڇنڊ ڇاڻ جو توهان وٽ ڪهڙو تصور آهي اهو به لکڻ کپندو هو، سحر ته منهنجي شاعريءَ بابت سڀ کان پهرين بيگم زينت عبدالله چنا، غلام محمد گرامي، حميد سنڌي، ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي ۽ تنوير عباسيءَ جي راءِ ڏئي پوءِ پنهنجي راءِ ٿي ڏنئي. ساڳئي وقت سحر عالمي ادب جا به حوالا ڏئي، معاف ڪجو مان ٻولڙين پيدا ڪرڻ واري ٽيڪنڪ ۾ يقين نٿو رکان، نه ئي پاڻ تي فرمائشي ليک لکرائيندو آهيان. توهان جي نيڪ اطلاع ”هو اجي سامهون“ جو مهاڳ/ اڀياس Neo-Classical جُڳ جو، بلڪ پنهنجي جاندار شاندار لوڪ، ڪلاسيڪل، ان مهاڳ/ اڀياس کي سنڌ – هند جي ساهتڪارن ساراهيو آهي، هتي اوهان کي نه پڙهندڙن کي (مونکي ڇونه) اها ڄاڻ ڏيڻ ٿو چاهيان ته ”هوا جي سامهون“ جي مهاڳ/ اڀياس جي انفرادي اهميت آهي ۽ ان اهميت جو ڪاٿو ان مان لڳائي سگهجي ٿو ته هند جو هڪ ساهتڪار ان مهاڳ/ اڀياس کي ڌار ڪتابي صورت ۾ ڇپائي رهيو آهي.
بهرحال، توهين پاڻ يا توهان جا اهي ادبي حلقا ڪجهه به چون، مون کي ان سان ڪوبه فرق نٿو پئي! ڇاڪاڻ ته مون کي پنهنجو ڪم ڪرڻو آهي ۽ هڪ ڪويءَ جو ڪم / ڪرتوبه وِهُه کي امرت ڪرڻ ۽ لوڪ کي آڇڻ آهي، پوءِ ڪير ان کي ٿُڪي ٿو ڇڏي ته اُهو ان جو وڙ آهي؟
امرت سمجهي ڪنهن وِهُه پيتو،
وِهُه سمجهي ڪنهن امرت هاريو.
هوا جي سامهون جي مهاڳ/ اڀياس ۾ منهنجي شاعريءَ جي جيڪا ڇنڊ ڇاڻ، ويا کياڻ ۽ ملهه ڪٿ ڪئي وئي آهي، اُها يقيناَ توهان يا توهان وارن ادبي حلقن کي نه آئڙڻ کپي، ڇاڪاڻ ته اهو هالو چالو ناهي، ڇاڪاڻ ته اها هالو چالو شاعريءَ تي به ناهي!
سوال: توهان مهراڻ ڇڏي ويو ۽ وري آيو ۽ اعزازي ايڊيٽر ٿيا، مگر اڄ به جڏهن اوهان جي زير ادارت نڪتل پرچن جو موازنو غلام محمد گرامي جي دور ۾ نڪتل پرچن سان ڪجي ٿو ته ان جي ڀيٽ ۾ اڄ جو مهراڻ انتهائي غير معياري ٿو لڳي. ان ڏس ۾ توهان رسالي جي پڙهندڙن کي خواب ته وڏا ڏيکاريا پر ان جو معيار اتي جو اتي آهي ۽ ان ۾ به ساڳي اقربا پروري نظر اچي رهي آهي؟ ائين ڇو؟
جواب: پهرين توهان جي سوال تي ٿا اچون، پهريون جملو آهي: ”توهان (توهين مهراڻ ڇڏيو ويو ويو ءِ) ۽ وري آيو (آيو ءِ) ۽ اعزازي ايڊيٽر ٿيا. جڏهن ويو (ويو ءِ)، آيو (آيو ءِ) ٿا لکو ته پوءِ ٿيو (ٿيو ءِ) لکڻ کپي. جيڪڏهن ٿيا، لکو ٿا ته پوءِ ويا آيا لکڻ کپي، جڏهن ويو (ويو ءِ) يا آيو (آيو ءِ) لکو ٿا ته پوءِ توهين به نه لکڻ کپي. ائين توهان جي ٻولي، صورتخطي، سٽاءُ، لهجو ....... درستي گهري ٿو.
درست لفظن، ٻولي، لهجي جو لاڳاپو، ”بهترين خيالن“ سان آهي ۽ اُهي ظاهر آهي ته توهان کي پاڻ درست ڪرڻا پوندا. هاڻي پڇاڻي جي ورندي: ”توهان مهراڻ ڇڏيو ويو ۽ وري آيو ۽ اعزازي ايڊيٽر ٿيا“ اهو توهان ڪهڙي آڌار تي چيو؟ صحيح هيئن ٿيندو ته مون کي سڏيو ويو ۽ هڪ ذميواري ڏني وئي، توهين ”اڄ جي مهراڻ“ کي ”غلام محمد گراميءَ جي دور جي نڪتل پرچن جي ڀيٽ ۾ ”انتهائي غير معياري هئڻ“ جو ٺپو ٿا هڻو، اها راءِ انتهائي بدنيتيءَ تي ٻڌل آهي. توهان ته ”اڄ جو مهراڻ“ پڙهيو ئي ناهي، ان جو ثبوت اهو آهي ته مان ”مهراڻ“ جو اعزازي ايڊيٽر“ نه پر ”چيف ايڊيٽر (اعزازي) آهيان گرامي صاحب جي دور ۾ ”مهراڻ“ مان تخليقي ادب (شاعري/ ڪهاڻي) جو ڀاڱو ئي ختم ڪيو ويو هو! مون ان بابت 1977ع ۾ ”مهراڻ“ جي ڪنهن پرچي ۾ ايڊيٽوريل لکيو هو ۽ جنهن تي ”مهراڻ“ مون کان ڇڏايو ويو هو. 1992 ۾ س ا ب ۾ سيڪريٽريءَ جي ذميواري ڏني وئي. تڏهن ”مهراڻ“ جو ڪوبه ايڊيٽر نه هو، ان ڪري سنڀالڻو پيو ۽ سال ۾ بهترين چار پرچا ڏنم. ان کان علاوه گرامي صاحب جي دور ۾ ”مهراڻ“ مان خطن وارو ڀاڱو به ختم ڪيو ويو آهي! پڇڻ تي ان جو ڪارڻ اهو ٻڌايو ويو ته خطن ۾ تنقيد هوندي آهي، جنهن تي اديب سڳورا ناراض ٿا ٿين. توهين اڄ جي مهراڻ کي، بنان ڪنهن دليل، ثبوت ، مثال ۽ حوالي جي انتهائي غير معياري سڏيو ٿا ته ساڳئي وقت ته ”ان جو معيار اتي جو اتي آهي، گرامي صاحب جي دور جي مهراڻ جي يقيناَ اهميت آهي. هتي اهو سوال به ڪري سگهجي ٿو ته خود توهان وٽ پرک جو ڪهڙو معيار آهي؟ توهان کي جهٽ لاءِ به اهو احساس ٿيو ته ” اڄ جي مهراڻ کي انتهائي غير معياري ”سڏي توهان سنڌ، هند ۽ دنيا جي اديبن، ڪهاڻيڪارن، شاعرن ۽ عالمن جي انتهائي اعليٰ معيار جي تحريرن کي غير معياري سڏيو آهي! اهو ته ائين آهي جيئن اکيون ٻوٽي چوڻ ته سج ناهي! هاڻي ”مهراڻ“ باقادگيءَ سان نڪري رهيو آهي. ان جو ڪوبه ٻٽو پرچو نه نڪتو آهي. ”مهراڻ“ جي پڙهندڙن جو حلقو وڌيو آهي. ان ۾ خطن جو ڀرپور ڀاڱو اختلاف راءِ، کي اهميت ڏيڻ جو ثبوت آهي. اڄ جي مهراڻ جي اعليٰ معيار جو ڪرئڊٽ به اديبن، شاعرن، ڪهاڻيڪارن ۽ عالمن کي وڃي ٿو. پڙهندڙ توڙي عالمن، اديبن، شاعرن ۽ ڪهاڻيڪارن جي اڄ جي ”مهراڻ“ بابت راءِ، توهان جي ابتڙ راءِ جي بلڪل سُبتڙ آهي، انهن ”مهراڻ“ کي ساراهيو آهي، هاڻي اچون ٿا توهان جي هڪ ٻي تهمت تي، توهان جي سڄي پلٽي جي تان اقربا پروريءَ تي اچي ٽُٽي ٿي. اسان جي هڪ ”اديب برادري آهي، جيڪا سڄي دنيا ۾ آهي ۽ سموري دنيا جا سمورا اديب منهنجا اقربا آهن، منهنجا مٽ آهن، ذاتيات تي لهي آيا آهيو ته توهان جي ملاحظي لاءِ ”مهراڻ، اونهارو 2005 ۾، حميد شهيد هالائيءَ (جيڪو موجوده دور جو هڪ اهم شاعر آهي) جي ڇپيل خط مان هي سٽون ڏيان ٿو:
”سحر امداد به هڪ اهم باشعور شاعر آهي، مگر شايد امداد جي گهروريءَ هئڻ باعث امداد جي اقربا ۾ شمار ٿئي ٿي، جڏهن ته سحر جي پنهنجي الڳ حيثيت آهي.“
ان خط جون هي سٽون:
”امداد جي اقربا ۾ شايد شبير ”هاتف“ به اچي سگهي ٿو، جيڪو هڪ خوبصورت جمالياتي شاعر آهي، مگر شبير ”هاتف“ ته گذريل 50 سالن کان لکندو اچي ٿو ۽ سالن کان ”مهراڻ“ ۾ ڇپجندو اچي ٿو.“
(ص 195)
جيڪڏهن شبير ”هاتف“ ۽ سحر امداد، گرامي صاحب جي دور جي ”مهراڻ“ ۾ ڇپجن ته اهو ٿيو معياري، پر جي منهنجي دور جي ”مهراڻ“ ۾ ڇپجن ته اهو ٿيو غير معياري ۽ اها ٿي ”اقربا پروري“ اهو ته عجيب منطق آهي. اڃا ته منهنجي ڳوٺ جا شاعر ”مهراڻ“ ۾ نه ڇپيا آهن، جيڪي گهڻن ”صاحبان ڪتب“ کان سٺو ٿا لکن. ڇا انهن کي رڳو ان ڪري نه ڇپجي ته اهي منهنجا ڳوٺائي آهن؟!
سوال: شيخ اياز جي اڳين شاعري ۽ آخري دور واري شاعري جي وچ ۾ چڱو خاصو تضاد آهي. ان لاءِ ادبي حلقن مان مختلف رايا ۽ ويچار ايندا رهندا آهن، ان باري ۾ اوهان جي پنهنجي ذاتي راءِ ڪهڙي آهي؟
جواب: ان/ اهڙي سوال جو جواب به مان ”اڏام“ ۾ ڏئي چڪو آهيان. وري وري ساڳئي سوال پڇڻ جو ڇا مطلب آهي؟ ڇا شيخ اياز جهڙي سرجڻهار لاءِ توهان وٽ ٻيو ڪوبه سوال ناهي؟! مختصر توهان جي پڇاڻي جي ورندي اها ئي آهي ته شيخ اياز اسان جي دور جو هڪ وڏو ساهتڪار آهي، هن نثر/ نظم ۾ ڪيترائي ڪتاب ڏنا آهن، هن گهڻو ڪجهه لکڻ/ ڏيڻ ٿي چاهيو. جڏهن به ڪنهن شاعر پاران، گهڻي لکڻ جي شعوري ڪوشش ڪئي ويندي آهي ته پوءِ اهو ”ورجاءُ“ جو شڪار ٿي ويندو آهي. ان ورجاءُ کان بچڻ لاءِ هو مختلف صنفن، موضوعن ۽ هيئتن ڏانهن ويندو آهي، ان عمل ۾، اصل تخليق جي ظهور پذير ٿيڻ تائين، گهڻو ڪجهه Trash هوندو آهي، شيخ اياز سان به ائين ٿيو آهي. هڪ وڏو شاعر زندگيءَ جي مختلف مرحلن مان گذرندو آهي ۽ انهن جو اولڙو هن جي شاعريءَ ۾ اچي ويندو آهي. ناستڪ کان آستڪ ٿيڻ تائين اياز جي شاعريءَ جا مختلف Shades آهن، جن کي توهين تضاد ٿا سڏيو. انهن Shades انهن تضادن تي گهڻو ڪجهه لکيو ويو ۽ اڃا به لکيو ويندو.
سوال: جيئن ته سنڌي ليکڪن کي عام رسالن طرفان ته ڪو اعزازيو نه ٿو ملي پر مهراڻ جهڙي زخيم سرڪاري رسالي طرفان به نه ٿو ڏنو وڃي، اديبن جي ان حقير سهائتا لاءِ اوهان ڪي اپاءُ ورتا يا نه؟
جواب: اصولي طور تي مان ان سان سهمت آهيان ته ”مهراڻ“ ۾ ڇپجندڙ لکڻين تي اجورو ملڻ کپي.
سوال: جيئن ته اوهان سنڌي ادبي بورڊ جي اختيارن وارن جي ويجهو رهيا آهيو ۽ اوهان ان ڳالهه کان به واقف آهيو ته سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ڪيترن ئي نالي وارن اديبن ۽ ٻين جا مختلف موضوعن تي لکيل ڪتاب، ڪلمي صورت ۾ اڏوهين جو کاڄ بڻجي رهيا آهن ۽ ڇپائي جا ڳاٽي ٽوڙ خرچ هئڻ ڪري اهي پنهنجا ڪتاب نه ٿا ڇپائي سگهن. ڇا اوهان اختياري وارن کي ڪو اهڙو پروپوزل ڏنو آهي، ته جيئن ان ادبي اثاثي جي طباعت لاءِ ڪا رٿا بندي ڪئي وڃي ۽ اهڙو قيمتي اثاثو بچايو وڃي؟
جواب: ڇپجڻ جوڳا اسڪرپٽ ڪنهن وٽ به آهن ته ان کي س ا ب جي پبليڪيشن ڊپارٽمينٽ سان لهه وچڙ ۾ اچڻ گهرجي.
سوال: تنقيد کي کولي سمجهايو؟
جواب: تنقيد ڪنهن به فنپاري جي ملهه – ڪٿ آهي، اها ئي ان جي مختصر ۽ جامع ويا کياڻ آهي، ڄاڻ، ايمانداري ۽ اڻ ڌُريائپ تنقيد لاءِ بنيادي اصول آهن،
سوال: اوهان شاعر آهيو ۽ يقينن اوهان محبت به ڪئي هوندي؟
جواب: محبت ڪئي نه ويندي آهي، پر ٿي ويندي آهي ۽ مون کي به ٿي وئي آهي.
سوال: علم عروض کي اڄ جي نئين ٽهي جا ڪجهه دوست فضول سمجهن ٿا، اوهان جي ڪهڙي راءِ آهي؟
جواب: ”ڪجهه دوست“ مان ڇا ملطب آهي؟ توهان کي نالا کڻڻ کپن، ڇا اهي دوست/ ادبي حلقا .پرده نشين“ آهن؟ ساڳئي وقت اهو به ٻڌائڻ کپيو ته اهو هنن لکت ۾ چيو آهي يا زباني؟ هونئن منهنجي راءِ اها آهي ته عروض/ ڇنڊ/ مِيٽر/ ردم/ لئه/ سُر .... فضول ناهي، ڪيرائين سمجهي ٿو ته اها ان جي اڻڄاڻائي آهي ۽ ان جي اهڙي سمجهه جي ادب ۾ ڪابه اهميت ناهي.
سوال: اوهان جو ڪو پيغام؟
جواب:..........................
وري ياد آئي اها ئي گهٽي،
اسان سون ڀانئي ٿي جنهن جي مٽي.
***
نماشام گهر گهر ٻريا جيئن ڏيا،
کليا ياد جا ريشمي تاڪيا.
[b]امداد حسيني جي
طويل نظم ”روٽس“ جو هڪ بند[/b]
روٽس ڏسي محسوس ٿئي ٿو
ڏک به آهي ڄڻ ڪو ڏيئو
جنهن ۾ رت جو تيل ٻري ٿو
سنڌ به آهي ڄڻ ڏک ڪوئي
ان ڏک ۾ آ ڄڻ سک ڪوئي
ڏک آ جوئي سک آ سوئي
ڏک جهڙي ان سُک ڪارڻ
سک جهڙي ان ڏک ڪارڻ
چار ڏسائون، تاڻيل آهي،
لاک رتي، مارل جي لوئي،
توڙي ليڙون ليڙون لوئي
پوءِ به ان جو رنگ اهو ئي
جن من جو اتحاث انهيءَ کي
پيرن هيٺان ڀوري ڌرتي
سر ڇٽ نيل، آڪاش انهيءَ کي
پولارن ۾ چيخ انهيءَ کي